Ad 468 X 60

Monday, May 29, 2023

 

سُليم بن قيس هلالي ( متوفي حدود 76 ه.ق)


تحرير: راشد علي چانڊيو

پهرين صدي هجري جوشيعه مورخ

سُليم بن قيس هلالي

ابو صادق، سُليم بن قيس هلالي عامري، هي هلال بن عامر جي قبيله مان آهي، هلال بن عامر کي حضرت اسماعيل بن ابراهيم خليل الله (ع) جي فرزندن منجهان سمجهيو ويندو آهي،

هي قبيلو پهريان حجاز جي اطراف ۾ هيو ان کان بعد ۾ شام ۽ عراق جي طرف هجرت ڪري ويا هئا. سُليم بن قيس جي ولادت جي باري ۾ اختلاف آهي البته جيڪو ان جو ڪتاب آهي ان جي بنا تي ابان بن ابي عياش جي بقول هي هجرت کان ٻه سال پهريان ڪوفي جي اطراف ۾ پيدا ٿيو، هي ڳالھ ان بيان مان ورتي وئي آهي جيڪو ڪتاب سُليم بن قيس ۾ موجود آهي ته جنهن وقت جنگ صفين لڳي هئي ته ان وقت سُليم بن قيس جي عمر 40 سال هئي ان ڪري اهيو اندازو لڳايو ويو آهي ته سُليم بن قيس هجرت کان ٻه سال پهريان متولد ٿيو.(1) جڏهن ته ان جي وفات جي باري ۾ به اختلاف آهي ان ڪري عنوان ۾ ئي حدودا 76 هجري جو لکيو آهي.

سيلم بن قيص هلالي جو شمار پهرين هجري جي امامي (شيعه) مورخن ۾ ٿئي ٿو کتاب اسرار آل محمد (ص) جي مطابق هي حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام جي اصحابن منجهان هيو جڏهن حجاج بن يوسف طرفان حضرت علي عليه السلام جي شيعن کي ڳولي مارڻ يا قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ته هي ڪوفي کان نوبندجان ايران جي اترين علائقه ڏانهن هليو ويو ۽ حجاج جي زماني ۾ ئي وفات ڪري ويو.

سُليم بن قيس بابت علماء رجال جو بيان

علماء رجال سُليم بن قيس جي لاءِ مختلف نظريه بيان ڪيا آهن انهن مان پهريون نظريو هي آهي ته سُليم بن قيس هڪ مورد اعتماد، تمام بهترين شخصيت ۽ حضرت علي عليه السلام جو صحابي هيو (2) شيخ طوسي جو موقف آهي ته هي حضرت علي عليه السلام جي خاص صحابه منجهان هيو(3)

رجال برقي جي صفحه 4 تي لکيل آهي ته سُليم بن قيس هلالي حضرت علي عليه السلام جي برجسته صحابين منجهان هيو، هڪ دفعه اصبغ بن نباته (جنهن جو ذڪر ايندڙ قسطن ۾ ايندو) کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته توهان جي لاء مشهور آهي ته توهان شرطة الخميس منجهان آهيو هي شرطة الخميس ڇا آهي؟ هن جواب ۾ چيو اسان حضرت علي عليه السلام سان شرط (عهد) ڪئي هئي ته اسان امام عليه السلام سان گڏ جهاد ڪنداسين ايستائين جو شهيد ٿي وينداسين پر امام اسان جي ڪاميابي جي ضمانت ڏني ( قال: انا ضمنا له الذبح و ضمن لنا الفتح (يعني اميرالمومنين ) يعني اسان شرط ڪئي ته جهاد ڪندي شهيد ٿينداسين پر اسان جي لاءِ امام عليه السلام طرفان ڪاميابي جي بشارت ڏني وئي (4)

اهڙي طرح ان جي لاءِ يقين ڪيو ويو آهي ته هي امام حسن، امام حسين، امام سجاد ۽ امام محمد باقر عليهم السلام جي اصحاب منجهان هيو (5)

 سُليم بن قيس هلالي لاءِ ٻيو نظريو:

ٻيو نظريو هي ته سُليم بن قيس هلالي جي وجود کي به تسُليم ڪون ٿو ڪيو وڃي، انهن جو چوڻ آهي ته سُليم بن قيس جو ڪوبه وجود نه آهي بس خيالي نالو آهي حقيقت ۾ سُليم بن قيس انهي تاريخ ۽ صدي ۾ مورخ هيو ئي نه.(6) انهن مان ڪجھ اهڙا به آهن جن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ هن جو ڪو به وجود نه آهي پر انهي زماني ۾ اموين طرفان شيعيان حضرت علي عليه السلام تي تمام گهڻا ظلم ۽ ستم ڪيا ويا، ان زماني ۾ انهن هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو مولف سُليم بن قيس هلالي کي قرار ڏنائون مطلب هڪ خيالي نالي سان ڪتاب تيار ڪيائون جنهن ۾ آل محمد عليهم السلام جا فضائل بيان ڪيا ويا ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص جو نالو لکيو وڃي ها ۽ اهو هجي ته ان خلاف حڪومت طرفان ڪاروائي ڪئي وڃي ها ان ڪري انهن هڪ فرضي نالي سان ڪتاب تيار ڪيو(7)

سُليم بن قيس هلالي لاءِ ٽيون نظريو:

انهن ٻنهي نظرين کان علاوه هڪ ٻيو به نظريو آهي جيڪو پهرين ٻن نظرين کي جمع ڪري ٿو اهو هي  ته سُليم بن قيس ڪو وڏو شخص نه هيو، نه وڏن اصحابن ۾ نه وڏن موخن ۾ ۽ نه برجسته شخصيتن ۾ ۽ نه وري ايئن چئي سگهجي ٿو ته اصلا هيو ئي نه، فرضي نالو آهي، سُليم بن قيس هلالي هيو پر هڪ معمولي روايت نقل ڪندڙ شخص هيو جنهن کي ڪوفي جا اڪثر ماڻهو سڃاڻيندا ئي ڪون هيا.

هن وقت تائين ٽي نظريه اسان وٽ اچي ويا، هڪ هي ته هو تمام وڏو صحابي ۽ برسجته شخصيت هيو ٻيو هي ته هن جو وجود ئي نه آهي ٽيون هي ته هن جو وجود ته آهي پر برجسته شخصيت ڪون هئي ان مان ٻه نظريه اهڙا آهن جيڪي سُليم بن قيس جي هجڻ جي گواهي ڏين ٿا ۽ اتي هڪ ڳالھ به ذڪر ڪجي ته جيڪي چون ٿا هيو ئي نه اهي اصل ۾ تاريخ نويس آهن ۽ جيڪي چون ٿا هيو اهي علم رجال جا ماهر آهن جن راوين تي چنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ۽ انهن ان کي رجال ۾ پات آهي ان ڪري اسان کي انهن ڳالھين تي يقن ڪرڻو آهي جيڪي رجال شناس چون ٿا ڇو ته تاريخ دان ان کي تسُليم ئي ڪون ٿا ڪن پر رجال شناس ان کي تسُليم ڪن ٿا.

اسان لاءِ جيڪا ڳالھ واضح ٿئي ٿي اها هي ته ان جو وجود هيو ۽ هي ڪوفي جو رهواسي هيو هن هڪ ڪتاب به لکيو جيڪو ابان بن ابي عياش ذريعي ظاهر ٿيو.

 

سُليم بن قيس هلالي جو ثقه هجڻ

هن ڳالھ جو به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سُليم بن قيس جي باري ۾ شيعه توڙي اهلسنت ٻنهي جا موقف موجود آهن ڪجھ شيعه عالم ان کي ضعيف قرار ڏين ٿا؛ جهڙوڪ، ابن غضائري، رجال ۾ ص 26 تي ان کي ضعيف قرار ڏنو آهي، شيخ طوسي، رجال جي ص 126 ۽ 144 تي ان کي ضعيف قرار ڏنو آهي، ابن داود رجال جي ص 302 تي ان کي ضعيف ۽ هٿ سان حديثون ٺاهڻ وارو قرار ڏنو آهي.

جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ برقي، رجال برقي ۾ ۽ آقاي خوئي معجم الرجال ۾ هڪ کي ثقو قرار ڏنو آهي البته هي تمام ڳالهيون رجال جو حصو آهن ان ڪري ان جي صداقت ۽ ضعف جي باري ۾ اهل رجال پنهنجي راءِ ڏني آهي. پر آخر ۾ آقاي خوئي جي راء ذڪر ڪريان ٿو: ”ثقة جليل القدر عظيم الشان“ (8)

 

سُليم بن قيس جا استاد:

سُليم بن قيس هلالي جي استادن جي باري ۾ ڪجھ نالا ڪتابن ۾ ذڪر ڪيا ويا اهن اصول کافي ۾ شيخ کليني، المقنعه ۾ شيخ مفيد ۽ المعتبر ۾ علامه حلي ان کي حضرت عليه السلام کان روايت نقل ڪندڙ قرار ڏنو آهي (9)

 شيخ صدوق ان جي ذريعي سان سلمان ، ابوذر مقداد ۽ اسامه کان روايت نقل ڪئي آهي (10)

شيخ کليني ڪجھ روايتون نقل ڪيون آهن جيڪي هن عبدالله بن جعفر بن ابي طالب کان نقل ڪيون آهن (11) ڪجھ جو چوڻ آهي ته هن جناب حذيفه بن يمان کان به روايتون نقل ڪيون آهن.

 

سُليم بن قيس جا شاگرد:

جن جناب سُليم بن قيس کان روايتون نقل ڪيون آهن انهن جا نالا هن ريت آهن ابراهيم بن عثمان،(12) علي بن جعفر حضرمي،(13) جابر بن عبدالله انصاري، عبدالله بن عباس،(14) عبدالله بن شريڪ عامري،(15) حذيفة بن يمان، سُليمان اعمش، عمر بن خطاب (16) ۽ ابان بن ابي عياش. (17)

هي ڳالھ واضح ڪجي ته جن کان هن روايتون اخذ ڪيون آهن انهن کي استاد چيو ويو آهي ۽ جن هن کان روايتون اخذ ڪيون آهن انهن کي شاگرد چيو ويو آهي

 

سُليم بن قيس هلالي جا آثار:

سُليم بن قيس ڏانهن منسوب ڪتاب جا ڪافي نالا آهن پر ٻه نالا تمام گهڻا مشهور آهن ”اسرار آل محمد (ص)“ ۽ ”ڪتاب سُليم بن قيس هلالي“. هي ڪتاب شيعن جو تمام پراڻو ڪتاب آهي جيڪو اموي حڪمرانن جي دور ۾ لکيو ويو ۽ اسان تائين پهتو هي ڪتاب ڪجھ اهم موضوعن تي مشمل آهي جهڙوڪ اهلبيت عليهم السلام جي فضيلت، نبي (ص) کان اهي روايتون جيڪي حضرت علي عليه السلام جي ولايت ۽ خلافت بلافصل کي بيان ڪن ٿيون، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم طرفان پنهنجي اهلبيت جي معرفي ڪرڻ ۽ اهيو بيان ڪرڻ ته حسين عليه السلام جي نائين نسل مهدي عليه السلام هوندا، حادثه سقيفه جو بيان، خلفاء جي مخالفت حضرت علي ع ۽ ان جي باوفا ساٿين طرفان، تمام اصحاب جو مرتد ٿي وڃڻ سواء چار اصحاب، سلمان ابوذر، مقداد ۽ زبير جي، خلفاء جون بدتون، صحيفه ملعونه جو بيان، عقبه جو قصو ۽ حديث تابوت جو بيان، شيخين جو ايمان تي نه هجڻ، انهن جو بت پرستي تي باقي رهڻ، حضرت علي عليه السلام طرفان قرآن مجيد جي جمعه آوري ۽ حضرت علي عليه السلام لاءِ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جون پيشن گويون جن ۾ اموي ۽ عباسي حڪمرانن جا ظلم بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق تي مشمل حديثون موجود آهن.

 هلندڙ...

 

حوالا:

(1)  سُليم بن قيس، اسرار آل محمد (ص) ص 18

(2) برقي، رجال، ص 4

(3) شيخ طوسي، رجال.، ص 66

(4) برقي، رجال، ص 4 شيخ مفيد، الاختصاص، ص 67.

(5) شيخ طوسي، رجال، ص 66 اصحاب امام علي (ع) ص 94 (اصحاب امام حسن ع) ص 101، (اصحاب امام حسين ع) ص 114، (اصحاب امام سجاد ع) ص 136، (اصحاب امام باقر ع)

(6) بهبودي، معرفة الحديث، ص 259_260؛ جلالي، ”پزوهش در باره سُليم بن قيس هلالي“ مطالعات اسلامي ش 60، ابن ابي الحديد شرح نهج البلاغه، ج 12 ص 217.

(7) مدرسي، ميراث مکتوب شيعه، ص 125.

(8) خويي، معجم الرجال الحديث، ج8 ص 220

(9) کليني. کافي، ج 1 ص 46؛ شيخ مفيد المقنعه، ص 277؛ علامه حلي، المعتبر، ج 2 ص 630.

(10) شيخ صدوق، عيون اخبار الرضا ع ج 1 ص 48 ح 630

(11) کليني، کافي، ج 1 ص 46

(12) شيخ حر عاملي، وسايل الشيعه ، ج 1 ص 258.

(13) شيخ مفيد، الغيبه،  ص329.

(14) شيخ طوسي، الغيبه.، ص 334

(15) کوفي، تفسير فرات کوفي، ص 169.

(16) بخاري، تاريخ کبير، ج 4 ص 131؛ حاکم نيشابوري، المستدرک ج 4 ص 451.

(17) کليني، کافي، ج 1 ص 46.

 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: