Ad 468 X 60

Thursday, February 12, 2015

اسلام ۾ شادي ۽ ان جي اهميت

اسلام ۾ شادي ۽ ان جي اهميت
اسلام ۾ شادي ڪرڻ سنت موڪده آهي ان جي تاڪيد ۾ پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اهلبيت عليهم السلام کان تمام گهڻيون روايتون نقل ڪيون ويون آهن،
نڪاح اسلام جو هڪ بهترين قانون آهن جنهن قانون جي تحت مرد ۽ عورت جيڪي پهريان ته هڪ ٻئي جا نا محرم هوندا آهن نڪاح جي صورت ۾ محرم
ٿي ويندا آهن ۽ هڪ بهترين گهر ۽ خاندان وجود ۾ ايندو آهي، شادي ڪرڻ فقط سٺو ڪم ناهي، پر هي الله تعاليٰ جي نزديڪ تمام سٺو عمل آهي، نڪاح کي رسول الله جي سنت قرار ڏنو ويو آهي جهڙي نموني سان حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:
تَزوّجوا، فَانّ التّزويج سُنّه رسول الله(صلي الله عليه و آله وسلم)، فانّهُ کان يقول: من کان يُحبّ أن يتّبع سُنّتي، فانّ من سُنّتي التّزويج [1]  نڪاح ڪيو تحقيق نڪاح ڪرڻ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت آهي، اُن جي لاءِ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو آهي: جيڪو ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ته اُهو منهنجي سنت جي پيروي ڪري ته بيشڪ منهنجي سنت منجهان نڪاح ڪرڻ به آهي.
نڪاح ڪرڻ رسول الله جي سنت آهي رسول الله پاڻ پنهنجي سنت تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جيتوڻيڪ هي حڪم واجب نه آهي پر ان جي انجام ڏيڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي ان جي انجام ڏيڻ سان انسان جو اڌ دين مڪمل ٿيندو آهي ان ڪري پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم تمام گهڻين جاين تي شادي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، شادي ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي آهي.
دنيا جي ڀلائي چئن شين ۾ آهي
 أَرْبَعٌ مَنْ أُعْطِيَهُنَّ فَقَدْ أُعْطِيَ خَيْرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ: قَلْبٌ شَاكِرٌ، وَلِسَانٌ ذَاكِرٌ، وَبَدَنٌ عَلَى الْبَلَاءِ صَابِرٌ، وَزَوْجَةٌ لَا تَبْغِيهِ خَوْفًا فِي نَفْسِهَا وَلَا مَالِهِ [2]  پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا: جنهن کي چار شيون عطا ڪيون ويون ان کي دنيا ۽ آخرت جو خير عطا ڪيو ويو. شڪر ڪندڙ دل، ذڪر ڪندڙ زبان، مصيبتن تي صبر ڪندڙ جسم ۽ اهڙي زال جيڪا پنهنجي نفس ۽ سندس مال جي حفاظت ڪندڙ هجي
خدا جي رحمت جا دروازا چئن موقعن تي کلن ٿا:
1_ جڏهن برسات پوندي آهي،2. جڏهن اولاد محبت ڀريل نگاهن سان پنهنجي پيءَ جي طرف ڏسندو آهي 3. جڏهن ڪعبة الله جو دروازو کوليو ويندو آهي.4. جڏهن نڪاح ڪيو ويندو آهي.
يعني الله تعالي جي نزديڪ شادي اهڙو ته بهترين عمل آهي جو جڏهن انسان اسلامي قانون تحت نڪاح ڪندو آهي ته خداوند عالم انهي جي لاءِ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي ۽ يقيناً جيڪو خدا کان گهرندو خداوند عالم قبول ڪندو .
شادي ڪرائڻ ۾ هڪ ٻي جي مدد ڪريو
امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا: مَن زَوَّجَ عَزباً تَوَّجہُ اللهُ بِتَاجِ المُلکِ[3] جيڪو شخص ڪنهن شخص جي شادي ڪرائي ٿو، خداوند عالم قيامت جي ڏينهن انهي شخص(جنهن شادي ڪرائي) جي سر تي  بادشاهي وارو تاج رکندو .
هن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اگر ڪو شخص ڪنهن ٻئي شخص جي شادي ڪرائي ته ان جو رتبو خداوند عالم جي نزديڪ ڪيترو آهي.
هزار حورالعين هزار محلن ۾
پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا:
مَن عَملَ فِي تزويجَ بَينَ مُومِنِينَ حَتٰي يجمَعَ بَينهُما زَوجَہُ اللهُ عزوجل اَلفَ اِمرَاةِ مِن الحُورالعِينِ کُلُّ اِمراةِ في قَصرِ مِن دُرِّ و ياقُوتِ[4] جيڪو شخص ٻن مومنن (مرد ۽ عورت) جي شادي ڪرائڻ ۾ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اُن جي ڪوشش سان انهن جي شادي ٿي وڃي ٿي ته خداوند عالم اُن شخص جي  جنت ۾ هزار حورن سان شادي ڪرائيندو، هر هڪ حور لاءِ الڳ الڳ محل هوندو، اُهي محل درّن ۽ ياقوت سان ٺاهيل هوندا .
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا؛
جيڪو شخص ٻين جي شادي جي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو خداوند عالم اُنهي شخص کي هر قدم ۽ هر لفظ جي بدلي ۾ هزار سال جي عبادت جو ثواب ڏيندو جنهن ۾ ڏينهن جو روزا ۽ رات جو عبادت ۾ گذاريا ويا هجن[5]
شادي نه ڪرڻ وارو خدا جي طرف سوءِ ظن ڪري ٿو
رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مَن تَرک التَّزويجَ مَخالفةَ  العَيلَةِ اساء الظَّنَّ بِاللهِ عزوجل [6] جيڪو شخص ان ڪري شادي نه ڪري ته مان فقير(غريب) آهيان، بس اُن شخص خداوند عالم جي طرف سوء ظن ڪيو آهي .
هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انسان شادي لاءِ غربت کي رڪاوٽ نه سمجهي ۽ خداوند عالم تي اميد رکي، اُهو ئي سندس روزي جو ضامن آهي، جڏهن ڪو شخص شادي ڪندو آهي ته خداوند عالم اُنهي شخص جي مال ۾ برڪت وجهندو آهي، مال ۾ برڪت جي متعلق رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي:
 تَزَوَّج فانَّ في التَزويجِ بَرَکَةً[7]  شادي ڪيو ، ڇو جو شادي ۾ برڪت آهي
يعني انسان کي ڪڏهن به هي سوچڻ نه گهرجي ته مان غريب آهيان ان ڪري مان شادي نٿو ڪيان ڇو جو شادي کان پوءِ اهل و عيال کي  پالڻو پوندو ۽ مون وٽ ايترا وسائل ناهن جو مان شادي ڪيان ۽ بعد ۾ اولاد کي پالي سگهان، ته پوءِ هي شخص خدا جي طرف سوءِ ظن رکي ٿو ٻين لفظن ۾ هن شخص جو پنهنجي پاڻهار تي ڪو به يقين ناهي، بس ضروري آهي ته انسان کي پنهنجي خدا تي ڀروسو رکڻ گهرجي.
بهترين قانون
 پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: ما بُني بِناءً في الاسلام أحبّ إلي الله عزّوجلّ من التّزويج[8] اسلام ۾ اهڙو ڪو به قانون موجود ناهي جيڪو خداوند عالم جي نزديڪ نڪاح(شادي) کان وڌيڪ پسنديده هجي.
يعني خداوند عالم جي نزديڪ شادي بهترين عمل آهي
بهترين ۽ بد ترين امت
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي: شِرارُکُم عُزّابُکم والعُزّابُ اِخوانُ الشَّياطِينِ[9] توهان منجهان بدترين اُهي آهن جيڪي شادي نٿا ڪن ۽ اُهي شيطان جا ڀاءُ شمار ٿيندا.
جيڪي شادي نه ٿا ڪن يا شادي کي ڪا به اهميت نٿا ڏين اهي بدترين امت آهن ۽ اُهي شيطان جا ڀاءُ آهن بس انسان جي لاءِ ضروري آهي ته هو جلد کان جلد پنهنجي پاڻ کي خدا ۽ دين جي قريب ڪري جڏهن انسان ڇڙو هوندو اُن جي دل ۾ مختلف خيال پيدا ٿيندا ۽ اُهو انسان جلدي شيطان جي وسوسن جو شڪار ٿي ويندو آهي.
بهترين ۽ بدترين امت جي باري ۾ ارشاد آهي : خِيارُ اُمَّتي المتاهلون و شِرَارُ اُمَّتِي العُزَّابُ[10] بهترين امتي اُهي آهن جن شادي ڪئي ۽  بدترين امتي اُهي آهن جن شادي نه ڪئي.
بس شادي ڪرڻ وارا بهترين امتي آهن ۽ شادي نه ڪرڻ وارا بدترين امتي آهن.
هڪ ٻئي حديث آهي: لَو خرج العُزابُ من موتا کم الي الدنيا لتزوجوا[11] جيڪي شخص بغير شادي جي مري وڃن ٿا اُهي تمنا ڪندا ته اسان دنيا ۾ واپس وڃون ۽ شادي ڪريون.
اُها تمنا انسان کي ڪم نه ايندي ڇو جو خداوند عالم شادي ۾ تمام گهڻا فائدا رکيا آهن ۽ اهي فائدا ڇڙن کي نصيب نٿا ٿين، ڪافي روايتون موجود آهن ته شادي شدهه ۽ ڇڙي جي عبادت ۾ به فرق آهي شادي شده جي عبادت ڇڙي جي عبادت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي ان جي لاءِ حديث آهي:
رکعتَانِ يُصلِّيهِما المتزوج ، افضل من سبعين رکعةً يُصَلِّيهَا العَزَبُ [12] شادي شده انسان جون ٻه رڪعتون غير شادي شده جي ستر رڪعتن جي برابر آهن.
ڪيترو فرق آهي؟ شادي شده ٻه رڪعتون پڙهي ۽ ڇڙو ستر رڪعتون پڙهي پوءِ به شادي شده جون ٻه رڪعتون ڇڙي جي ستر رڪعتن کان افضل آهن.
اسلام ۾ نڪاح ڪرڻ مستحب آهي، پر نڪاح جي لاءِ ڪجهه لوازمات آهن جهڙوڪ مهر معين هجي، مرد جي لاءِ ضروري آهي ته هو نڪاح کان پهريان عورت جو مهر مقرر ڪري، مهر عورت جو حق آهي پر ان جي لاءِ به اسلام ۾ ڪافي سفارش آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي مهر کي گهٽ رکيو وڃي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا؛ افضل نساء امتي اقلهن مهراً و احسنُهن وجهاً منهنجي امت منجهان بهترين عورتون اُهي آهن جيڪي خوبصورت هجڻ جي باوجود به مهر کي گهٽ رکن . يعني پنهنجي مڙس کان گهٽ مهر طلب ڪن .
ان بابت به اسلام ۾ هڪ بهترين وجهه ذڪر ڪئي وئي آهي، حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: عورتن جو مهر تمام گهڻو نه ڪيو وڃي ڇو جو تمام گهڻو مهر مقرر ڪرڻ سان عداوت ۽ دشمني پيدا ٿيندي آهي؛[13] 
بس جيترو ٿي سگهي عورت پنهنجو مهر گهٽ رکي ۽ بهترين عورتن منجهان ٿئي.

رشتو ڪرڻ جا شرط
اڄڪلھ جي ماحول ۾ رشتو اُن شخص کي ڏنو ويندو آهي جيڪو تمام گهڻو پيسي وارو هجي جنهن وٽ تمام گهڻي دولت هجي، جنهن وٽ تمام گهڻي شهرت هجي، ڪنهن ڳوٺ يا قوم جو وڏيرو هجي هو ان شئي کي ناهن ڏسندا ته دين اسان کي ڪهڙي جاءِ تي رشتو ڪرڻ جي سفارش ڪري ٿو ڇا دين ۾ خوبين جو معيار دولتمند هجڻ آهي؟ ڇا دين ۾ خوبين جو معيار ڪنهن قوم قبيلي جي سرداري آهي؟ هر گز نه، دين ۾ خوبين جو معيار سٺو اخلاق آهي .
امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا : اذا خطب اليکم رجل فرضيتم دينه و امانتہ فزوجوه و الا تفعلوه، تکن فتنةً في الارض [14]  جڏهن توهان جي نياڻي جي لاءِ ڪو رشتو اچي ته اُن ۾ دين ۽ امانت داري کي ڏسو اگر اُن ۾ هجي ته پنهنجي نياڻي جي لاءِ پسند ڪريو اگر نه هجيس ته (پوءِ قبول ڪرڻ جي صورت ۾) زمين تي فتنو ۽ فساد پيدا ٿيندو
يعني جيڪو رشتي جي لاءِ اچي سڀ کان پهريان ڏسڻ گهرجي اُن ۾ دين داري ڪيتري آهي اُن کان بعد ڏسو هو امانتن ۾ خيانت ڪرڻ وارو ته ناهي اگر هو امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارو يا دين جي پراوه نه ڪرڻ وارو هجي ته ان کي رشتو ڏيڻ سان فساد پيدا ٿيندو.
ان کان بعد ۾ اُن جي اخلاق کي ڏٺو وڃي . امام رضا عليه السلام فرمايو:
ان خطب اليک رجل رضيت دينہ ص خلقہ فزوجہ ولا يمنعک فقره و فاقتہ قال الله تبارڪ وتعالي : ان يکونوا فقرآءَ يغنيهم الله من فضله والله واسع عليم[15] جڏهن توهان جي نياڻي جي لاءِ رشتو اچي ته اُن ۾ دين ۽ اخلاق کي ڏسو اگر اخلاق سٺو هجيس قبول ڪريو، ان لاءِ رشتو نه موٽايو ته هو غريب آهي ڇو جو الله تعالي جو ارشاد آهي: جيڪڏهن فقير هوندا مان انهن کي پنهنجي فضل سان غني ڪندس ۽ خداوند عالم ئي آهي جيڪو وسعت ڏيڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهي.
فاسق ۽ شرابي کي رشتو نه ڏيو
پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مَن زَوَّج کريمته من فاسق نزل عليه کل يوم الف لعنة[16] جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڪنهن فاسق شخص کي ڏيندو ته اُن تي هر ڏينهن هزار لعنتون نازل ٿينديون.
۽ اڳتي فرمايو: من زوَّجَ کريمته من شارب الخمر فکانما ساقها الي الزني؛[17] جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪنهن شرابي سان ڪرائيندو ته هن ڄڻ پنهنجي ڌيءَ کي زنا جي لاءِ موڪليو آهي.
سادگي واري شادي
اسلام ۾ جنهن جاءِ تي شادي جي تاڪيد ڪئي وئي آهي اُنهي جاءِ تي سادگي سان انجام ڏيڻ جي به تاڪيد ڪئي وئي آهي.
اسان جي لاءِ واضح مثال حضورپاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نياڻي سيده فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شادي آهي
جڏهن سيده جي شادي امام علي عليه السلام سان ڪئي وئي ته ڪيتري سادگي سان شادي اختتام پذير ٿي. ان کان علاوه اسان جي علماءِ ڪرام به شادي کي سادگي سان انجام ڏنو آهي ان جاءِ تي هڪ عالم دين جي نياڻي جي شادي جو مثال پيش ڪجي ٿو
 شيعه مذهب جو مشهور عالم دين مرحوم آيت الله شيخ جعفر ڪبير جيڪو ڪاشف الغطاء جي نالي سان مشهور آهي.
هن عالم دين جو معاشري ۾ تمام گهڻو اثر و رسوخ  هيو ۽ پنهنجي معاشري جي ماڻهن جي حد کان وڌيڪ مدد ڪندا هئا، پاڪ دل ، صاف ۽ سادي طبيت جا مالڪ هئا.
هڪ ڏينهن درس ڏئي فارغ ٿيو ته پنهنجي هڪ شاگرد کي پريشاني واري حالت ۾ ڏٺائين ته سمجهيائين ضرور ڪا حاجت رکي ٿو پر لڄ کان چئي نٿو سگهي ان ڪري پاڻ اُن طالب علم جي قريب ويا ۽ اُن سان اهڙي انداز سان ڳالهيون ڪيائون ته جيئن هو پنهنجي حاجت ٻڌائڻ ۾ پشيمان نه ٿئي، آخر هن عرض ڪيو پنهنجي ڌيءَ جي شادي مون سان ڪرايو. جيئن جو هن شاگرد عرض ڪيو ڪاشف الغطاء اُن شاگرد جي هٿن ۾ هٿ وجهي سڌو پنهنجي گهر آيا ۽ بغير ڪنهن دعوت، وليمي ۽ رسومات جي پنهنجي ڌيءَ جو عقد هن شاگرد سان پڙهيائون.
جڏهن اڌ رات جو وقت ٿيو جناب ڪاشف الغطاء پاڻ اچي ڪري انهن جو دروازو کٽڪايو ۽ چيائون: مان اوهان لاءِ گرم پاڻي کڻي آيو آهيان،ته جيئن توهان غسل ڪري نماز تهجد پڙهو.[18]
هن واقعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هن عالم دين  پنهنجي نياڻي جي شادي هڪ عام ۽ غريب طالب علم سان ڪرائي، نه اُن شاگرد کان ڪنهن شيءَ جي تقاضا ڪيائين ۽ نه ئي ڪا شرط رکيائين، فقط اِهو ڏٺائين ته هي طالب علم آهي معرفت وارو آهي ديندار آهي نماز ،روزي جو پابند آهي .
ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيئن ئي ڪنهن جو فرزند  سن بلوغ تي پهچي ته اُن جي والدين کي گهرجي اُن جي مدد ڪن ته جيئن هو شادي ڪري سگهي.
امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ وسعت آهي ته هو پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو  پر اُن جي باوجود  نٿو ڪري، پوءِ جڏهن اُها اولاد غلط ڪم ڪندي ته اُن وقت اُن جي والدين جي نامه اعمال ۾ اڌ گناه لکيو ويندو[19]
رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: حَقُّ الوَلَدِ علي وٰالِدِه ان يُحسِّنَ اسمهُ، و يُزَوّجهُ اذا ادرَکَ وَ يُعَلِّمه الکتابَ[20] اولاد جو والدين تي حق آهي ته اُن جو سٺو نالو رکيو وڃي، اُن جي مٿان احسان ڪيو وڃي، جڏهن هو بالغ ٿئي ته اُن جي شادي ڪرائي وڃي ۽ اُن کي قرآن جي تعليم ڏني وڃي.

ستر هزار برڪتن جو نازل ٿيڻ
روايت ۾ آهي: جڏهن ڪنوار پنهنجي مڙس جي گهر ۾ داخل ٿئي ته اُن جي پيرن جي هيٺان وڏو ٿاءُ رکي اُن جي پيرن کي ڌوئجي جيڪو پاڻي اُن ٿانءُ ۾ پوي اُن کي گهر جي ڪنڊن ۾ ڇڙڪجي ته ستر هزار محتاجيون اُن گهر کان ٻاهر ٿي وينديون، ۽ ستر هزار برڪتون اُن گهر تي نازل ٿينديون، هزار رحمتون اُن ڪنوار جي سر تي نازل ٿينديون اُن ڪنوار کان ديوانگي ۽ ٻيون بيماريون دور ٿي وينديون.[21]






[1]  وسايل الشيعه: ص 4.

[2]  : مستدرڪ الوسائل :ج 14 ص 168
[3]: عوالي اللئالي:ج 3 ص 251

[4] :وسائل الشيعه: ج 20 ص 47
[5] :وسايل الشيعه، ج 14 ص 27
[6] : مستدرڪ الوسائل ج 14، ص 172
[7] : مستدرڪ الوسائل؛ج14 ص 172
[8] : بحارالانوار:ج 13 ص 222

[9] : مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 156
[10] : مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 156
[11] :مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 157
[12] : وسائل الشيعه:ج 14 ص 6
[13] :وسائل الشيعه:ج14  ص 6
[14] مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 189
[15] مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 188
[16] : مستدرڪ الوسائل ؛ج 14 ص 192
[17] :ساڳيون؛ص 191
[18] : ٻڌيل حقيقتون ؛ص 207. محمد محمدي اشتهاردي.
[19] : لئالي الاخبار:ج 3 ص 221.
[20] : مستدرک الوسائل:ج15 ص 128
[21] : جامع الاخبار ،ص 276، وسائل الشيعه،ج20 ص 249


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: