Ad 468 X 60

Wednesday, April 26, 2023

عيب ڪڍڻ ۽ چغلخوري ڪرڻ

 عيب ڪڍڻ ۽ سخن چين

تحرير: راشد علي چانڊيو 

http://Wa.me/989107723779

مقدمو: زبان اهڙي شئي آهي جنهن سان هر مشڪل ڪم انجام ڏيئي سگهجي ٿو، هن جو ڪم ته انسان جي ڀلي لاء آهي پر انسان ان کي برن ڪمن ۾ استعمال ڪندو آهي، اڪثر انسان جن گناهن ۾ مبتلا ٿيندو آهي


انهن جو تعلق به زبان سان هوندو آهي انسان زبان سان ڪوڙ، غيبت، تهمت، عيب ڪڍڻ ۽ سخن چيني جهڙا گناه آساني سان انجام ڏيندو آهي پر انسان ڪڏهن به ان جي طرف  سوچيندو ناهي ته منهنجي الفاظن جو اثر ڪيترو ٿيندو ؟ ڇا منهنجا چيل لفظ ڪنهن جي جان وٺڻ لاء ڪافي ته نه آهي ؟ بلڪل اسان جي معاشري ۾ ايئن ئي ٿئي ٿو اوهان اڪثر جاين تي ڏسو ٿا ته ماڻهو هر هڪ شخص چاهي اخلاق جي لحاظ سان ڀلو هجي يا خراب ان جي غيبت ڀري محفل ۾ ڪئي ويندي آهي يا ان ۾ جيڪي عيب هوندا آهن انهن کي ٻين ماڻهن جي سامهون بيان ڪري هڪ قسم جي تفريح ڪئي ويندي آهي ۽ اڪثر ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ٻڌي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا آهن ۽ بيان ڪندڙ کي شاباس به چوندا آهي پر اهي ماڻهو ان ڳاله کان بلڪل به آگاه نه هوندا آهن ته هن شخص وڏو گناه ڪيو آهي ۽ اسان ان جي ڳاله تي کلي راضپو ظاهر ڪري اسان به ان سان گناه ۾ شريڪ ٿي ويا آهيون، هي عيب بيان ڪري مزو ٿو وٺندو آهي پر فتني کي اڀارڻ لاء ڪافي ماڻهو غلط ڳالهيون ٺاهي ٻي وٽ بيان ڪندا آهن جيئن اڄ ڪله اسان جي وڏيرن جا چمچا وغيره وڏيرن کي خوش ڪرڻ لاء ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ خاطر ڪنهن به انسان ڏانهن غلط نسبت ڏيئي ڇڏيندا آهن ان سان هي ٿيندو آهي ته وڏيري جي ذهن ۾ ان شخص جي خلاف انتقام جي باه ڀڙڪي پوندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن اسان هن مقالي ۾ اهڙن قسم بابت بحث ڪنداسين 


عيبن تي پردو وجهڻ

هون ته اسلام ۾ هي بيان ٿيو آهي ته جڏهن به اوهان ڪنهن جو عيب ڏسو ته ان تي پردو وجهو ڇو ته جيڪو ٻين جي عيبن تي پردو وجهندو آهي الله سائين ان جا به عيب ڍڪي ڇڏيندو آهي ٻين لفظن ۾ الله وٽ احسان جو بدلو احسان سان آهي اگر ڪو شخص الله جي مخلوق جا عيب ڍڪي ٿو ته الله سائين وري ان مٿان احسان ڪندي ان جا عيب ڍڪرائي ٿو ۽ روايات ۾ ايتري قدر وارد ٿيو آهي ته اوهان پنهنجي مومن  ڀاء جي گناه ڪبيره تي به پردو وجهو جيئن اسان جي پنجين امام جو ارشاد آهي : يجب للمومن علي المومن ان يستر عليه سبعين کبيرة“ 

ضروري آهي هڪ مومن تي ته هو ٻي مومن جا ستر گناه ڪبيره کي ڍڪي ۽ انهن کي ظاهر نه ڪري( اصول ڪافي ج 2 ص 207) 

هي ڳاله ياد رکڻ گهرجي ته ان جي گناه لڪائڻ سان فساد جو خطرو نه هجي جيئن اگر ڪو شخص ڏسي ته هڪ ماڻهو شراب وڪڻي ٿو اگر ان عيب کي ڪڍڻ جي صورت ۾ معاشري ۾ شراب خور پيدا ٿيندا ته ان صورت ۾ امربالمعروف واجب ٿي ويندو ۽ لازمي طور تي ان ڳاله کي بيان ڪرڻ گهرجي هتي اسان فقط انهن گناهن يا عيبن جي ڍڪڻ جي ڳاله ڪريون ٿا جيڪي معاشري ۾ فساد جو سبب نه آهي اهي خود هڪ شخص سان تعلق رکن ٿا. 

امام صادق ع فرمائن ٿا:  منهنجا بهترين دوست اهي آهن جيڪي منهنجا عيب مون کي ٻڌائن (مستدرڪ الوسائل ج 8 ص 329)

يعني جڏهن ڪو انسان ڪنهن ۾ عيب ڏسي ان کي عيبدار سان بيان ڪري ٻين ماڻهن وٽ بيان نه ڪري يا هيئن ته انهن عيبن کي پاڻ تائين محدود رکي . 


مومن مومن جو آئينو آهي 

اسان ڪافي روايتن ۾ پڙهندا آهيون ته مومن مومن جو ڀاء آهي چاهي اهو ڪنهن به قوم ۽ قبيلي جو ئي ڇو نه هجي ان جي رنگ ۽ نسل سان ڪوبه واسطو نه آهي بس مومن هجي ته مومن لاء آئينو ٿيندو يعني جيڪا شئي نظر اچيس اها پنهنجي مومن ڀاء سان بيان ڪري ۽ ٻي مومن کي به گهرجي ته ان ڳاله تي ڪاوڙ جو اظاهر نه ڪري رسول اڪرم ص کان روايت آهي : المومن مرآة لاخيه المومن ينصحه اذا غاب عنه“ مومن پنهنجي مومن ڀاء لاء آئينو آهي پر جڏهن مومن (ان محفل ۾) موجود نه هجي ته (هي مومن) ان لاء خير خواه هوندو آهي. (مستدرڪ الوسائل ج 8 ص 320. ) 

هن حديث مان اسان کي ٻه ڳالهيون ملن ٿيون هڪ ته مومن جي اصلاح ڪجي ۽ جڏهن مومن ڪنهن محفل ۾ موجود نه هجي ۽ ان جي باري ۾ ڪو به ڳالهائي ته مومن کي گهرجي ته ان جي خيرخواهي ڪندي ان جو دفاع ڪري ايئن نه ٿئي جو ٻين جي ڳالهين ۾ اچي مومن ڀاء جي عيبن يا گناهن کي بيان ڪندو رهي. 


ٽن ڪمن جي تمام گهڻي فضيلت آهي 

هڪ ڏينهن رسول خدا ص وٽ حضرت جبرئيل آيو ۽ اچي ڪري عرض ڪيائين: جيڪڏهن اسان کي الله سائين زمين تي اچي عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏي ها ته اسان ٽن ڪمن کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪيون ها 1: مسلمانن کي پاڻي پيارڻ 2: پنهنجي خاندان وارن جي مدد ڪرڻ 3: ماڻهن جي عيب کي ڍڪڻ (نصايح ص 159)


ڪنهن به مومن کي ان جي گناه جي ڪري سزا نه ڏيو

اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسون ٿا ته اگر ڪو به شخص ڪنهن به وقت ڪا غلطي ڪري ٿو ته ان کي ڦورن سزا ڏني وڃي ٿي اگر پٽ غلط ڪيو پيء چماٽ هڻي ڪڍي ٿو، ڀاء غلط ڪيو وڏو ڀاء سزا ڏي ٿو يا گهرواري کان خطا ٿي ڪري ته مڙس ڏمرجي پوي ٿو انهن سڀني شين جي اسلام ۾ منع ٿيل آهي هي ته اهي ڳالهيون آهن جن تي گناه صدق نٿو اچي پر روايات ۾ ملي ٿو اگر ڪو گناه ڪري به وجهي ته انهن کي گناه جي ڪري سرزنش نه ڪيو بلڪه انهن کي پيار سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته ممڪن آهي اوهان جي سرزنش جي ڪري ضد ۾ اچي اڃان وڌيڪ گناه ڪري وجهي. 

رسول خدا ص کان روايت آهي : جيڪو به شخص الله ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو ان کي حق نه آهي ته هو ڪنهن مسلمان کي ڊيڄاري، جيڪو به شخص ڪنهن به مومن کي ان جي گناه جي ڪري سرزنش ڪري ٿو الله سائين ان انسان جو روح بعد ۾ قبض ڪندو پهريان ان کي ان ئي گناه ۾ مبطلا ڪرايندو . (نهج الفصاحت ص 559) 

هي ڇا جي ڪري آهي ؟؟ هڪ شخي گناه به ڪري ٿو پوء به ان شخص کي ڪجه نه ڪجي اهو ان ڪري ته الله سائين نٿو چاهي ته ان شخص جي عيب جي خبر ٻي انسان تائين پهچي ڇو ته رسول الله ص جو فرمان آهي : مومن جي عزت ستر ڀيرا ڪعبه جي حرمت کان وڌيڪ بهتر آهي “ ( معراج السعاده ص 159) 

انهن روايات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مومن جو مقام ڇا آهي ۽ اسان مومن سان ڇا ٿا ڪريون ؟ 

امام سجاد ع فرمائن ٿا: کان آخر ما اوصي به خضر ع موسي ع انه قال: لا تعيرن احدا بذنب “ حضرت خضر ع حضرت موسي ع کي آخري وصيت هي ڪئي ته ڪنهن به شخص کي ان جي گناه جي خاطر سرزنش نه ڪجو (مستدرڪ الوسائل ج 9 ص 234) 

عقبه بن عامر کان روايت آهي ته رسول خدا ص فرمايو: جنهن به شخص ڪنهن به مومن ڀاء جو عيب ڍڪيو ان ڄڻ ته موعوده کي زنده ڪيو آهي ( موعوده انهن ڇوڪرين کي چيو ويندو هيو جن کي عرب زنده دفن ڪندا هئا ۽ عيب ڍڪڻ جو ثواب ايترو آهي جو ڄڻ ته انهن کي زنده ڪيو ) 

جيڪو به شخص پنهنجي ديني ڀاء جو عيب ڍڪيندو الله سائين آخرت ۾ ان جا عيب ڍڪيندو(نهج الفصاحت ص 571) 

اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته آخرت ۾ گناه گار چٽا هوندا پر جيڪي عيب ڍڪڻ وارا هوندا الله سائين انهن کي انهن شخصن سان محشور نه ڪندو جيڪي ساڳي عيب ۾ مبطلا هوندا. 


سخن چين جي سزا 

سخن چين ان انسان کي چيو ويندو آهي جيڪو هڪ جاء جي خبر ٻي جاء تي پهچائي چاهي سچي هجي يا ڪوڙي، اسلام ۾ منع ڪئي وئي آهي ته اهڙيون ڳالهيون جيڪي فساد جو سبب ٿين ٿيون يا ٻي جي عزت کي مجروح ڪن ٿيون انهن کي ٻي جاء تي بيان نه ڪيو وڃي. 

رسول خدا ص فرمايو: جيڪو شخص ٻن مومن کي ويڙهائڻ لاء قدم کڻي ٿو خداوند عالم ان جي مرڻ کان بعد ۾ ان جي قبر کي باه سان ڀري ڇڏي ٿو ايستائين ان جي قبر باه سان ڀريل هوندي جو قيامت اچي اڇي ويندي پر جڏهن قبر کان ٻاهر ايندو ته الله سائين ان جي مٿان هڪ بلا کي مقرر ڪندو جيڪا ان کي ڏنگ هڻندي رهندي ايسيتائين جو هو جهنم ۾ وڃي پهچي. ( اصول ڪافي ج 3 ص 502'؛ عقاب الاعمال ص 608)

يعني انسان ڪوشش ڪري ته ٻين ۾ صلح ٿئي اِتان اُتان جون خبرون ڪري فساد نه ڦهلائي

رسول خدا ص فرمائن ٿا: ٽن شخصن تي عذاب قبر نازل ٿيندو: 1. غيبت ڪرڻ وارو 2. سخن چين 3.۽ جيڪو پيشاب جي نجاست جو خيال نٿو رکي .


هڪ غلام جو قصو.

هڪ شخص بازار ۾ ويو ته پنهنجي ڪمن ڪارن لاء غلام خريد ڪري اچان، بازار ۾ هڪ جسم ۾ قوي ۽ طاقتور غلام کي پسند ڪيائين غلام جو سوڌو ٿئي پيو ته وڪڻڻ واري چيو هي غلام ڪم ڪار جو ته ڀلو آهي پر هن ۾ هڪ عيب آهي اهو هي ته هي سخن چين آهي اتان جون ڳالهيون ٻي هنڌ ٻڌائيندو آهي وٺڻ واري چيو ڀلا ڪنهن کي لاچار آهي جو غلام جون ڳالهيون ويهي ٻڌندا ۽ ان تي يقين ڪندا ؟ سوڌو ٿي ويو ڪجه عرصي کان بعد ۾ غلام پنهنجي عادت مطابق پنهنجي مالڪ جي زال وٽ اچي ۽ ڇيو تون صفا سادي آهين تنهنجو مڙس تو کي ڏسي ئي نٿو هي ته ٻين عورتن جي پويان آهي عورت پريشان ٿي وئي چيائين پوء ڇا ڪيان غلام چيو مان آهيان ته غلام پر ٿورو عمل ڪندو آهيان جيڪڏهن تون هڪ ڪم ڪرين ته مان توکي عمل ڪري ڏيندس تنهنجو مڙس تنهنجي قبضي ۾ هوندي ۽ پوء ٻي ڪنهن عورت ڏي خيال ئي نه ٿيندس عورت چيو ڇا ڪرڻو آهي غلام چيو پنهنجي مڙس جي مٿي جا ڪجه وار ڪٽي اچ ته مان انهن تي دم ڪندس مڙس تنهنجي قبضي ۾ اچي ويندو عورت چيو اڄ ئي رات ايئن ڪندس هي غلام وري مالڪ وٽ آيو اچي ڪري چيائينس آهيان تنهنجو غلام نمڪ تنهنجو کانوان ٿو هڪ سازش ٿئي پئي اگر يقين ڪرين ته ٻڌايان ؟ مالڪ چيو تون ڳاله ڪري غلام چيو تنهنجي عورت جي چال چلت مان صحيح نٿو ڏسان تنهنجي نڪرڻ کان بعد هي ٻين مردن سان ملندي آهي ۽ مون ان کي ڪنهن کي چوندي ٻڌو آهي ته اڄ رات مڙس کي ماري ڇڏيندس مالڪ ٻڌندي ئي غصي ۾ اچي ويو چيائين هڪ ٻين سان ملي ٻيو وري مونکي قتل ڪري منهنجي ملڪيت جي وارث بڻجي وڃي اڄ رات ڏسان ته ڪئين ٿي ماري 

عورت غلام جي چوڻ ۾ اچي مڙس کي حاصل ڪرڻ چاهي پئي پر ٻي طرف مڙس آماده آهي ته اچي ته مان ڏسان ٿو ڪيئن ٿي ماري هڪ وقت ٿيو مالڪ ڏٺو ته گهر واري اچي ٿي ۽ ان جي هٿ ۾ خنجر آهي هن به هٿ ۾ خنجر  ڪيو عورت وار ڪٽڻ جي ارادي سان هٿ مٿي جي طرف وڌايو ته مڙس خنجر هڻي قتل ڪري ڇڏيو ڇو ته هن سمجهو ته هي مونکي ڪهي پئي ان ڪري مان اڳ ۾ ئي ماري ڇڏيانس صبح  جو هي خبر عورت جي قبيلي ۾ پهتي انهن قصاص طور تي عورت جي مڙس کي ماري وڌو نتيجي ۾ ٻنهي قبيلن ۾ جنگ لڳي ۽ سخن چين آزاد ٿي ويو 

هن قصي مان هي مطلب واضح ٿئي ٿو ته سخن چيني سان فتنو اٿي ٿو ۽ الله سائين فتني کي قتل کان به وڌيڪ گناه قرار ڏنو آهي آخر ۾ الله سائين کان دعا آهي ته اسان سڀني کي انهن گناهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين 

التماس سورت فاتحه براي والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو ولد امام علي چانڊيو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: