Ad 468 X 60

Wednesday, April 20, 2016

مولود ڪعبه ڪير آهن؟



موضوع شروع ڪرڻ کان پهريان سڀني مسلمانن کي امير المومنين، قاتل المشرڪين فاتح بدر، خندق، خيبر، مولود ڪعبہ، جانشين پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولادت با سعادت جي موقعي تي سڀني مسلمانن کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.
مقدمو:
ڪعبة الله جي تاريخي حيثيت
ڪعبة الله تمام قديمي عبادت گاه آهي جنهن جي بنياد حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جون ديوارون حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام تعمير ڪيون هيون، جيتوڻيڪ هي گهر بناوٽ جي لحاظ سان تمام سادو آهي ۽ ظاهري آرائش ۽ خوبصورتي کان خالي آهي ۽ پٿرن جي هڪ سدهي ۽ سادي عمارت آهي پر ان جو هڪ پٿر برڪت ۽ سعادت جي سرچشمي سان گڏ عزت ۽ حرمت جو مرڪز ۽ محور به آهي.[1]
خداوند عالم جو فرمان آهي:


” جَعَلَ اللّٰہُ الکعبۃ البیت الحرام“[2]
الله تعالي خانه ڪعبه کي تعظيم وارو گهر قرار ڏنو آهي
خانه ڪعبه جي عزت ۽ حرمت هميشه ۽ ابدي آهي، ايئين نه آهي ته هن گهر جي عزت ۽ حرمت پهريان هئي ۽ هاڻي نه آهي ، بلڪه جنهن وقت هن جي بنياد رکي وئي اُن وقت کان ان کي قيمتي ، با عظمت ۽ غير معمولي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ اڄ به ان جي مرڪزيت ۽ اهميت اهڙي طرح قائم ۽ دائم آهي.
خدا جي حڪم سان حضرت ابراهيم عليه السلام حجاز جي هڪ ويران علائقي ۾ خانه ڪعبه جي تعمير شروع ڪئي، حضرت اسماعيل عليه السلام به پنهنجي والد سان ان ڀلي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، اهڙي ريت پيءَ پٽ ملي ڪري خانه ڪعبه کي مڪمل ڪيو، هي پاڪيزه نيت ۽ پرخلوص عمل جو نتيجو  هو جو خانه ڪعبه کي عرب جي تمام جزيرن تي مرڪزي عبادتگاه جي حيثيت حاصل ٿي وئي ۽ هر ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اتي پهچڻ لڳا.
” اِنَّ اَوَّلَ بَیتٍ وُضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِی بِبَکَّۃَ مُبَارَکاً وَ ھُدیً لِلعٰالَمِینَ“ [3]
(عبادت جو) پهريون گهر جنهن کي ماڻهن لاءِ بڻايو ويو سو اهو ئي آهي جيڪو برڪت وارو آهي ۽ عالمين لاءِ هدايت آهي.
اسان کي هاڻي معلوم ٿيو ته ڪعبة الله اُها پاڪيزه ۽ مقدس عبادت گاه آهي جنهن جو انتخاب خداوند عالم ڪيو ۽ اُن جي تعمير به الله جي مقدس ۽ پاڪيزه بندن(حضرت نوح، حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل عليهما السلام) ڪئي، اُن سان گڏ وگڏ الله پنهنجي بندن جي ٻاجھ ڪندي ان ئي مقدس جڳھ کي عالمين لاءِ هدايت جو مرڪز ۽ امن ،امان ۽ سڪون واري جڳھ قرار ڏني،.


ڪعبه ۾ ڪير پيدا ٿيو؟
ڪعبة الله هي اهو محترم ، پاڪ ، پاڪيزه ۽ با غظمت گهر آهي جنهن ۾ مولاء متقيان حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام پيدا ٿيو، تمام مڪاتب جي علماء ۽ مورخين ،( اهل سنت ۽ اهل تشيع ) اتفاق سان لکيو آهي ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا، حاڪم نيشاپوري جيڪو اهل سنت جو بزرگ عالم دين آهي هو پنهنجي ڪتاب مستدرڪ ، ج 3 ص 483 تي ان حديث کي سند ۽ تواتر سان لکيو آهي:
” وَقَد تَوَاتِرَتِ الاَخبٰارُ اَنَّ فَاطِمَۃَ بِنتِ اَسَد (ع) وَلَدَت اَمِیرَ المُومِنِینَ عَلِی ابنُ اَبِی طَالِبٍ کَرَّمَ اللّٰہُ وَجہَہُ فِی جَو فِ الکَعبَۃ “
اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه ، فاطمه بنت اسد جي بطن اطهر مان خانه ڪعبه جي اندر (سينٽر)  ۾ پيدا ٿيا،
عربي ٻولي ۾ ”جوف“ ڪنهن شيء جي وچ، مرڪز ۽ سينٽر کي چئبو آهي، جوف ڪعبة الله، جو لفظ استعمال ڪري حاڪم نيشاپوري علي عليہ السلام جي ان فضيلت جي منڪرن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته حضرت علي عليه السلام ڪعبة الله جي ڪنهن ڪنڊ ۽ پاسي ۾ پيدا ناهي ٿيو پر علي عليه السلام جي اُها ذات آهي جنهن جي ولادت ڪعبة الله ۾ جيڪو عالمين لاءِ مرڪز آهي اُن مقدس مرڪز جي به مرڪز ۽ سينٽر ۾ ٿي آهي.
شاه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي ڪتاب ”ازالة الخفاي“ جي صفحه 251 تي هن حديث کي اڃا واضح طور تي تحرير ڪيو آهي ته حضرت علي عليه السلام کان پهريان ۽ نه وري بعد هي شرف ڪنهن کي به نصيب ناهي ٿيو ، لکن ٿا:
” تواتر الاخبار ان فاطمۃ بنت اسد ولدت امیر المومنین علیاً فی جوف الکعبۃ فانہ ولد فی یوم الجمعۃ ثالث عشر من شہر رجب بعد عام الفیل بثلاثین سنۃ فی الکعبۃ و لم یولد فیھا احد سواہ قبلہ ولا بعدہ“
متواتر روايت سان ثابت آهي ته حضرت علي (عليه السلام) جمعي جي ڏينهن 13 رجب سن 30 عام الفيل(هاٿين واري سال) فاطمه بنت اسد جي پيٽ مان پيدا ٿيا ۽ هن (مقدس جاءِ خانه ڪعبہ ) ۾ علي (عليه السلام) کان پهريان ۽ نه ئي بعد ۾ڪو خانه ڪعبہ ۾ پيدا ٿيو آهي.“
حافظ گنجي شافعي پنهنجي ڪتاب ”ڪفايت الطالب“ جي صفحه 260 تي حاڪم کان نقل ڪندي لکن ٿا:
” اميرالمنين علي ابن ابي طالب (عليه السلام) مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر جمعي جي رات 13 رجب  30 عام الفيل تي پيدا ٿيا، ان کان علاه ٻيو ڪير به بيت الله ۾ پيدا ناهي ٿيو  نه ان کان پهريان ۽ نه ان کان پوءِ، هي مقام ۽ منزلت فقط حضرت علي (عليه السلام ) کي حاصل آهي“
” لم یولد قبلہ و لا بعدہ مولود فی بیت الحرام “
حضرت علي (عليه السلام) کان پهريان ۽ نه پاڻ (عليه السلام) کان بعد ۾ ڪير به خانه ڪعبه ۾ پيدا ناهي ٿيو.
علامه ابراهيم اميني پنهنجي ڪتاب ” الغدير“ جلد 6 ص 21 تي حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولادت خانه ڪعبه ۾ ٿي ان کي اهل سنت جي 20 ڪتابن کان وڌيڪ ۽ شيعن جي 50 ڪتابن مان نقل ڪيو آهي.

بهر حال اصل واقعه کان ٿوري گهڻي اختلاف سان اهل سنت جي علماء ۽ مورخين ان طرح بيان ڪيو آهي: فاطمه بنت اسد تي وضح حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته هن جناب ابو طالب (عليه السلام) کي ٻڌايو، جناب ابو طالب (عليه السلام) ان جو هٿ پڪڙي خانه ڪعبه جي اندر وٺي ويا ۽ چيائين” اجلسی علیٰ اسم اللّٰہ “  خدا جو نالو وٺي ڪري اتي ويهي رھ.
ان کان پوءِ هڪ تمام خوبصورت ٻار پيدا ٿيو جنهن جو نالو جناب ابو طالب (عليه السلام) ”علي“ (عليه السلام) رکيو، هن حديث کي ابن مغازلي پنهنجي ڪتاب مناقب ۽ ابن صباغ ”فصول المهمه“ ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ ٻين ڪافي مورخن ان حديث کي نقل ڪيو آهي.
تبصرو:
هن حديث مان به علي عليہ السلام ۽ ان جي بابي جي عظمت ثابت ٿئي ٿي ، اها هن ريت ته حضرت ابو طالب عليہ السلام پنهنجي زوجہ کي ان مشڪل وقت ۾ ڪنهن ڪوڙي خدا جي گهر نه وٺي ويو؟ ڪنهن ڪافر کان صلاح نه ورتائين، بلڪه پنهنجي زوجہ کي ڪعبة الله ڏانهن وٺي اچي ڪري اهو ٻڌايو ته ابو طالب پهريان به مومن ۽ موحد هيو ۽ هاڻي به مومن ۽ خدا پرست آهي ۽ رهندو..

ان سان ملندڙ جلندڙ واقعو ڪجھ شيعه مورخن به لکيو آهي، پر علماء شيعه رضوان الله عليهم ڪجھ هن طرح لکيو آهي.
جنهن وقت جناب فاطمه بنت اسد تي وضح حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته هو پاڻ خانه ڪعبه جي قريب آئي ۽ خدا تعالي کان دعا گهريائين ته: يا الله منهنجي هن مشڪل کي آسان فرماء، اڃا دعا ختم ئي نه ٿي هئي ته خانه ڪعبه جي ديوار ڦاٽي ۽ پاڻ( سلام الله عليها) خانه ڪعبه جي اندر هلي وئي ۽ خانه ڪعبه جي اندر حضرت علي عليه السلام جي ولادت ٿي.

بريده بن قعنب کان روايت آهي:
بريده چوي ٿو ته مان عباس ۽ بني هاشم جي هڪ جماعت سان گڏ مسجد الحرام ۾ خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري ويٺا هئاسين ته اچانڪ فاطمه(عليها السلام) بنت اسد آئي ۽ خانه ڪعبه جي طواف ۾ مشغول ٿي وئي طواف دوران ان تي حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته خانه ڪعبه جي قريب اچي فرمايائين:
 ”رب انی مومنۃ بک و بما جاءمن عندک من رسل و کتب ،انی مصدقۃ بکلام جدی ابراھیم الخلیل ، و انہ بنی البیت العتیق ، فبحق الذی بنیٰ ھٰذا البیت ، و بحق المولود الذی فی بطنی لما یسرت علی ّ ولادتی“
خداوند! مان تو تي ۽ تنهنجي تمام پيغمبرن تي ۽ تنهنجي ڪتابن تي ايمان  رکان ٿي جيڪي تنهنجي طرف کان آيا آهن ۽ پنهنجي ڏاڏي جناب ابراهيم خليل جي تصديق ڪيان ٿي جنهن هن پاڪ گهر کي ٺاهيو ، خداوند! ان شخص جو واسطو جنهن ان گهر جي بنياد رکي ۽ ان ٻار جي واسطي جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي ان جي ولادت منهنجي لاءِ آسان فرما.

بريده بن قعنب چوي ٿو:
اسان ڏٺو ته اچانڪ خانه ڪعبه جي پُٺ واري ديوار جدا ٿي ۽ فاطمه(عليها السلام) بنت اسد ڪعبه جي اندر داخل ٿي ڪري اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويون، پوءِ ڪعبہ جي ديوارون پاڻ ۾ ملي وئي، اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته خانه ڪعبه جي دروازي جو تالو کولي اندر داخل ٿيون پر تالو اسان کان نه کليو ، تالي جي نه کلڻ مان اسان تي هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته هي الله تعالي جو معجزو آهي ان کان علاوه ڪجھ به ناهي، جناب فاطمه بنت اسد(سلام الله عليها) چوٿين ڏينهن حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي هٿن تي کڻي خانه ڪعبه کان ٻاهر نڪتيون.

 روايت ۾ آهي : فاطمه بنت اسد( عليها السلام) فرمايو : علي (عليه السلام) جي ولادت کان پوءِ جڏهن مان خانه ڪعبه کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته هاتف غيبي جي آواز آئي:
” یا فاطمۃ سمیہ علیا فھو علی واللّٰہ العلی الاعلیٰ یقول : انی شققت اسمہ من اسمی و ادبتہ بادبی ، و وقفتہ علی غامض علمی۔۔۔۔“
اي فاطمه (سلام الله عليها) هن ٻار جو نالو علي(عليه السلام) رکجان ڇو جو هي علي آهي ۽ خدا علي اعلي آهي : مون هن ٻار جو نالو پنهنجي نالي کان مشتق ڪيو آهي ۽ پنهنجي ادب سان ان کي مودب ڪيو آهي ۽ ان کي پنهنجي علم جي باريڪين کان آگاه ڪيو آهي.[4]

ولادت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي بابت مختلف علماء ۽ مورخين جا بيان.

اهل سنت جي موخين ۽ محدثين جو نظريو:
1: حاڪم نيشاپوري
اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه خانه ڪعبه ۾ فاطمه بنت اسد جي بطن اطهر مان پيدا ٿيو، هي روايت تواتر جي حد تائين آهي.[5]

2: حافظ گنجي شافعي
اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام مڪي معظمه، خانه ڪعبہ جي اندر جمعي جي رات 13 رجب، 30 عام الفيل تي پيدا ٿيو، ان کان پهريان ۽ نه بعد ۾ ڪو به فرد بيت الله ۾ پيدا ناهي ٿيو هي مقام، منزلت ۽ شرف فقط علي عليه السلام جي ذات کي حاصل آهي.[6]

3: علامه ابن صباغ مالڪي
علي ابن ابي طالب عليه السلام جمعه جي رات 13 رجب، سن 30 عام الفيل . 23 سال هجرت کان پهريان مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيو ، حضرت علي عليه السلام جي جلالت ، بزرگي ۽ ڪرامت جي ڪري خداوند عالم ان فضيلت کي فقط مولاءِ ڪائنات لاءِ مخصوص ڪيو آهي .[7]

4: احمد بن عبدالرحيم دهلوي :
شاه ولي الله احمد بن عبدالرحيم، معروف محدث دهلوي نقل ڪن ٿا:
بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي هي روايت متواتر آهي ته علي ابن ابي طالب عليه السلام جمع جي رات 13 رجب، 30 عالم الفيل، هجرت کان 23 سال پهريان مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر فاطمہ بنت اسد جي پيٽ مان پيدا ٿيو ، ان کان پهريان ۽ نه وري بعد ۾ ڪو به شخص خانه ڪعبه ۾ پيدا نه ٿيو آهي ، حضرت علي (عليه السلام) جي جلالت، بزرگي ۽ ڪرامت جي ڪري الله جل جلاله ان فضليت کي فقط علي عليه السلام لاءِ مخصوص ڪيو آهي.[8]

5: علامه ابن جوزي حنفي چوي ٿو ته حديث ۾ آهي :
جناب فاطمہ بنت اسد(سلام الله عليها) خانه ڪعبه جو طواف ڪري رهي هئي ته وضح حمل جا آثار ظاهر ٿيس، انهي وقت خانه ڪعبہ جو دروازو کليو ۽ جناب فاطمہ بنت اسد (سلام الله عليها) ڪعبہ جي اندر داخل ٿي، خانہ ڪعبہ جي اندر حضرت علي ( عليه السلام) پيدا ٿيو.[9]

6: ابن مغازلي شافعي زبيده بنت عجلان کان نقل ڪن ٿا:
جنهن وقت جناب فاطمہ بنت اسد( سلام الله عليها) تي وضع حمل جا آثار ظاهر ٿيا ۽ سور تمام گهڻو ٿي ويس ، ته جناب ابو طالب ( عليه السلام) تمام گهڻا پريشان ٿيا، انهي دوران حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم اتي پهتا ۽ پڇا ڪيائين: چاچا جان توهان ڇو پريشان آهيو! جناب ابو طالب( عليہ السلام) جناب فاطمہ بنت اسد( سلام الله عليها جو قصو بيان ڪيو، آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم وٽ ويا، ۽ پاڻ (صلي الله عليه وآله وسلم) جناب ابوطالب (عليه السلام) جو هٿ پڪڙي خانه ڪعبه جي طرف روانا ٿيا، فاطمہ بنت اسد( سلام الله عليها) به انهن سان گڏ هلي، اتي پهچي ڪري پاڻ فاطمہ بنت اسد(سلام الله عليها) کي خانه ڪعبه جي اندر موڪلي فرمايو: ”اجلسي علي اسم الله“ الله جو نالو وٺي انهي جاءِ تي ويهي رهو، بس ڪجه دير کان پوءِ خوبصورت ۽ پاڪيزه ٻار پيدا ٿيو، ايترو خوبصورت ٻار اسان ڪڏهن به نه ڏٺو هو، جناب ابوطالب(عليه السلام) انهي ٻار جو نالو” علي“ رکيو، حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم انهي ٻار کي سفيد کپڙي ۾ ويڙهي فاطمه بنت اسد سان گڏ گهر آيا.[10]

7: علامه سڪتواري بسنوي:
اسلام ۾ هو سڀ کان پهريون ٻار هيو جنهن جو تمام صحابه جي درميان ” حيدر“ يعني شينهن جو نالو رکيو ويو، هو اسان جو مولا ، سيد ۽ سردار حضرت علي ابن ابي طالب (عليه السلام) آهن، جنهن وقت حضرت علي (عليه السلام) پيدا ٿيو ان وقت حضرت ابوطالب (عليه السلام) سفر تي ويل هئا، حضرت علي (عليه السلام) جي ماءُ هن جو نالو ”اسد“ رکيو ڇو جو ”اسد“ ان جي والد جو نالو هيو.[11]

8: علامه محمد مبين انصاري حنفي لکهنوي (فرنگي محلي):
حضرت علي (عليه السلام خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، حضرت علي ( عليه السلام) کان علاوه ٻيو ڪير به هن پاڪ، پاڪيزه ۽ مقدس جاءِ تي پيدا نه ٿيو، خداوند عالم هن فضيلت کي فقط علي (عليه السلام ) لاءِ مخصوص ڪيو آهي ۽ خانه ڪعبه کي به هن شرف سان مشرف ڪيو.[12]

9: صفي الدين حضرمي شافعي لکهن ٿا:
حضرت علي ابن ابي طالب (عليه السلام) جي ولادت خانه ڪعبه جي اندر ٿي، پاڻ(عليه السلام) پهرين ۽ آخري شخصيت هئي جيڪا اهڙي پاڪ ۽ مقدس  جاءِ تي پيدا ٿي.[13]

10. حافظ شمس الدين ذهبي:
حافظ شمس الدين ابو عبدالله محمد بن احمد ذهبي ” تلخيص مستدرڪ“ ۾ تحرير ڪيو آهي: هي خبر تواتر جي حد تائين آهي ته حضرت علي ابن ابي طالب( عليه السلام ) خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا.[14]

11: آلوسي بغدادي:
هي واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح ۽ بهتر آهي ته خداوند عالم ارادو ڪيو ته اسان جي امام ۽ پيشوا کي اهڙي جاءِ تي پيدا ڪري جيڪو تمام عالم اسلام جي مومنن جو قبلو هجي، پاڪ ۽ پاڪيزه آهي پروردگار جيڪو هر شئي کي پنهنجي بهتر جاءِ تي رکندو آهي ۽ هو بهترين حاڪم آهي.[15]
هو اڳتي لکهي ٿو:
جيئن ته ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي ته حضر ت علي (عليه السلام) به چوندا هئا ته جنهن خانه ڪعبه ۾ مان پيدا ٿيو آهيان انهي جي خدمت کي پنهنجي لاءِ باعث افتخار سمجهان ٿو، اها ئي وجه آهي جو ان بتن کي بلندي کان هيٺ ڪرايو، حديث جي هڪ حصي ۾ آيو آهي خانه ڪعبه خداوند عالم جي بارگاه ۾ شڪايت ڪندي چيو، يا الله ڪستائين ماڻهو منهنجي چارن طرفن کان بتن جي پوڃا ڪندا رهندا؟ خداوند عالم ان سان وعدو ڪيو ته توکي انهن بتن کي پاڪ ڪندس.[16]

12: عبدالحق دهلوي:
فبدالحق بن سيف الدين دهلوي پنهنجي ڪتاب” مدارج النبوة“ ۾ لکهن ٿا: جناب فاطمہ بنت اسد امير المومنين عليه السلام جو نالو حيدر رکيو، ان ڪري ته پيءَ (اسد) ۽ پٽ جو معني جي لحاظ سان هڪ ئي نالو هجي. پر جناب ابو طالب (عليه السلام) ان نالي کي پسند نه ڪيو ، اها ئي وجه آهي جو امام جو نالو ” علي “ رکيائين، ۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ کي ”صديق“ چئي ڪري پڪاريو، پاڻ (عليه السلام) جي ڪنيت ”ابو ريحانتين“ رکهي.
۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ (عليه السلام ) کي امين ، شريف، هادي، مهتدي، يعسوب الدين وغيره جي القابن سان نوازيو، ان پوءِ عبدالحق بن سيف الدين دهلوي تحرير ڪن ٿا :
حضرت علي (عليه السلام) جي ولادت با سعادت خانه ڪعبه جي اندر ٿي.[17]

13.اخطب خوارزمي:
موفق بن احمد جو اخطب خوارزمي جي نالي سان مشهور هيو پنهنجي ڪتاب ”مناق“ ۾ لکهن ٿا: ” علي ابن ابي طالب (عليه السلام) جمعه جي رات 13 ،30 عام الفيل، هجرت کان 23 سان پهريان ۽ بعث کان 10 يا 12 سال پهريان مڪه معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا.[18]

14: شيخ مومن بن حسن شبلنجي:
شيخ مومن بن حسن شبلنجي چوي ٿو ته حضرت علي ابن ابي طالب (عليه السلام) رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي چاچي جا پٽ ۽ خداوند عالم جي اگهاڙي تلوار آهن، جيڪا مڪه معظمه ۾ 13 رجب المرجب جمعه جي ڏينهن 30 عام الفيل، هجرت کان 23 سال پهريان خدا وند عالم جي گهر خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا.[19]

15: عباس محمود عقاد:
عقاد چوي ٿو ته حضرت علي( عليه السلام) خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، خداوند عالم حضت علي( عليه السلام) جي چهري کي پاڪ ، پاڪيزه، ۽ بلند قرار ڏنو ته جيئن بتن کي سجدو نه ڪري، لهذا الله جو هي ارادو هيو ته هو ڪنهن نئي جڳه تي هڪ نئي انداز سان ان جي ولادت ڪرائي، پوءِ الله خانه ڪعبه کي حضرت علي (عليه السلام) جي جاءِ ولادت لاءِ منتخب ڪيو،” قريب هيو ته علي (عليه السلام) مسلمان پيدا ٿئي “ بلڪه هي حقيقت آهي ته حضرت علي( عليه السلام) مسلمان ئي پيدا ٿيا، جڏهن اسان ان جي ولادت تي غور ۽ فڪر ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿي ويندو ته علي( عليه السلام) فطرف اسلام تي پيدا ٿيا ڇو جو هو بتن جي عبادت کان بلڪل نا واقف هئا ۽ نه وري هن ڪڏهن بتن جي عبادت ڪئي، هو مبارڪ  ترين جاءِ تي پيدا ٿيا جتان کان اسلام جي ابتدا ٿي.[20]

16: علامه صفوري:
علامه صفوري چوي ٿو ته حضرت علي (عليه السلام) پنهنجي والده جي بطن مبارڪ مان خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، حضرت علي (عليه السلام) جو هن مقدس جاءِ تي پيدا ٿيڻ تمام وڏي وضيلت ۽ شرف آهي جيڪو خداوند علام فقط ان سان ئي مخصوص ڪيو .[21]

17: علامه برهان الدين حلبي شافعي:
علامه برهان الدين حلبي شافعي، حضرت علي (عليه السلام) جي ولادت جي سلسلي ۾ ڪافي طولاني بحث ڪئي آهي ، مختصر هي ته حضرت علي (عليه السلام) خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، ان وقت حصرت رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم جي عمر مبارڪ ٽيهه(30) سال هئي.[22]

18: عبدالحميد خان دهلوي
عبدالحميد خان دهلوي لکهن ٿا: اڪثر مورخين جو اتفاق ۽ اعتقاد آهي ته حضرت علي (عليه السلام) مڪه معظمه ۾ جمعه جي ڏينهن 13 رجب المرجب 30 عام الفيل تي خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيو، ان کان پهريان ڪير به بيت الله ۾ پيدا نه ٿيو هو.[23]

19: باکثير حضرمي:
” علي ابن ابي طالب (عليه السلام) 13 رجب ٽي عام الفيل، هجرت کان 23 سال پهريان مڪه معظمه ۾ خداوند عالم جي گهر خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا.[24]

20: مولوي اشرف:
” علي ابن ابي طالب (عليه السلام) 13 رجب ٽي عام الفيل، هجرت کان 23 سال پهريان مڪه معظمه ۾ خداوند عالم جي گهر خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا“.[25]

21: علامه سعيد گجراتي:
علامه سعيد گجراتي جو شمار اهل سنت جي بزرگ علماء ۾ ٿيندو آهي، هو پنهنجي ڪتاب” الاعلام با علام مسجد الحرام“ ۾ هن روايت جي جواب ۾ تحرير ڪيو آهي: حضرت علي (عليه السلام) ابو قبيس نامي پهاڙ جي هيٺان،(ڀرسان) پيدا ٿيا، جنهن کي اهلبيت عليهم السلام جي دشمنن لکيو آهي.
” خدا يا! تو بهتر ڄاڻي ٿو ته هي بهتان دشمنان اهلبيت (عليهم السلام) جي طرف کان آهي، علي (عليه السلام) جي دشمنن هن واقعي کي گهڙيو(بهتان هيو) آهي، جڏهن ته متواتر روايتون دلالت ڪن ٿيون ته حضرت علي ( عليه السلام) خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيو ، خدايا ! تو مونکي رسول خدا (صلي الله عليه وآله وسلم) جي سنت تي باقي رکه ۽ ان جي اهلبيت جي دشمني کان پري رکه.[26]

22: عبدالسميع انطاڪي مصري:
عبدالسميع انطاڪي مصري شاعر، مولاي متقيان حضرت علي (عليه السلام) جي ولادت جي باري ۾ تقريبا پنج سئو(500) شعر چيا آهن ته حضرت علي (عليه السلام) خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا ، مان انهن تمام شعرن کي هتي ذڪر نٿو ڪري سگهان شاهد جي طور تي ۽ پڙهندڙن کي آگاه ڪرڻ جي لاءِ هتي پيش ڪيان ٿو:
فی رحبۃ الکعبۃ الزھراءقد انبثقت
انوار طفل وضائت فی منافیھا[27]

نتيجو:
حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جيڪو شيعن جي نگاھ ۾ حضرت رسول الله جو فلا فصل خليفو ۽ جانشين آهن ۽ اهل سنت جي نگاھ ۾ چوٿون خليفو آهن، جن  جي جاءِ ولادت جي باري ۾ تمام مورخن(شيعه ۽ سني) جو اتفاق آهي ته پاڻ عليه السلام الله جي وڏي گهر خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا، پاڻ عليه السلام کان پهريان ۽ نه پوءِ ڪو خانه ڪعبہ ۾ پيدا ناهي ٿيو.
خدا وند عالم اسان سڀني کي هن امام جي اصلي پيروڪارن ۽ شيعن مان قرار ڏي . آمين.


[1] . سيره اميرالمومنين، 114، تاليف علامه مفتي جعفر حسين صاحب (ناشر اماميه ڪتب خانه لاهور)
[2] . سورہ مائدہ ۹۷
[3] . سورہ آل عمران ۹۶
[4] .  زندگاني اميرالمومنين(ع) ،ص 72، مصنف سيد هاشم رسولي محلاتي ( ناشر دفتر فرهنگ اسلامي قم)
[5] .  مستدر حاڪم نيشاپوري، ج 3 ص483، 550( حڪيم ابن حزام جي شرح ۾ ) ۽ ڪفاية الطالب، ص 260.
[6] . کفاية الطالب ، ص۴۰۷                       
[7] . الفصول المہمة ،ص۳۰.
[8] . ازالة الخلفاء،ج۲، ص۲۵۱ .
[9] . ۹۔ تذکرة الخواص ،ص۲۰
[10] . مناقب ابن مغازلي ،ص ۶، ح۳ ۔الفصول المہمة ،ص۳۰ .
[11] . حاضرة الاوائل ،ص۷۹
[12] .وسلية النجاة، محمد مبين حنفي، ص 60، (چاپ گلشن فيض لکهنو)
[13] .وسيلة المآل، حضرمي شافعي، ص 282.
[14] . تلخيص مستدرک ج۲ص۴۸۳۔
[15] . غالية المواعظ، ج 2 ص 89، ۽ الغدير ،ج 6 ص 22.
[16] . ازاحة الخلفاء عن خلافة الخلفاء، ص 215.
[17] . مدارج النبوہ ج۲ص۵۳۱
[18] . کفاية الطالب ، ص۴۰۷۔
[19] . نور الابصار ، ص۸۵
[20] . عبقرية الامام علي(ع) ،ص۴۳
[21] . نزهة المجالس ،ج۲ص۴۵۴
[22] . السيرة الحلبية ،ج۱ص۱۳۹و ج۳ص۳۶۷
[23] . سيره خلفاءج ۸ ص ۲
[24] . وسيلة المال ،ص۱۴۵
[25] . رياض الجنان ،ج۱ص۱۱۱
[26] . الاعلام الا ¾ علام مسجد الحرام خطيبہ نقل علي و کعبہ،ص۷۶
[27] . قصيده علويه، ص۶۱

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: