Ad 468 X 60

Sunday, October 15, 2023

عورت جي اهميت پيغمبر اڪمر ص جي نگاه ۾

 

مهاڳ:

رسول خدا ص جنهن زماني ۾ پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو تنهن زماني ۾ مرد عورتن جو احترام نه ڪندا هئا، انهن کي پنهنجي فائدي طور استعمال ڪندا هئا، جنهن به شخص



کي نياڻي پيدا ٿيندي هئي ته اهو شخص پنهنجي لاءِ ندامت، پشيماني ۽ فقر سمجهندو هيو، انهن مان ڪجھ اهڙا به هئا جيڪي پنهنجين نياڻين کي زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا، پر پيغمبر اڪرم ص پنهنجي رفتار، ڪردار ۽ گفتار سان عورت جي حقيقت شخصيت، معيار ۽ مقام کي بيان ڪيو ۽ عورتن سان انهن جي مرتبي وارو سلوڪ ڪيو، گهرواين سان محبت ۽ بالخصوص پنهنجي نياڻي سان محبت جنهن لاءِ شيعه توڙي اهل سنت سڀني جو چوڻ آهي ته پاڻ ص پنهنجي نياڻي حضرت فاطمه زهرا س تمام گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ ان جي والده حضرت خديجه س جي پنهنجن ٻين گهروارين سان ذڪر ڪندا هئا.

عورت کي ڪيئن هجڻ گهرجي.

رسول الله ص جيڪو عورتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هيو، انهن جي حقوق ۽ احترام جي سفارش ڪندو هيو، عورت کي سلام ڪندو هيو ۽ تڪرار سان هميشه هي جملا ارشاد فرمائيندو هيو: مونکي ٽي شيون تمام گهڻيون پسند آهن: 1. عطر، 2. عورت ۽ 3. نماز، نماز منهنجي اکين جي روشني آهي. (روش خوشبختي، ص 89.)

پاڻ ص عورت جي لاءِ هي فرمان ان ڪري ناهي فرمايو ته پاڻ ص نعوذ بالله شهوت حاصل ڪرڻ لاءِ فرمايو هجي بلڪه جنهن زماني ۾ عورت جي ڪا حيثيت نه هوندي هئي ڪائنات جو رسول سلطنت مدينه جو سردار عورتن کي اهميت ڏيڻ لاءِ هي ارشاد فرمائيندو رهندو هيو، هن ارشاد تي اگر توجه ڪجي ته نماز سان گڏ عورت کي قرار ڏنو اٿس ان جو مطلب هي آهي ته عورت جو مقام عربن جي نظريه جي مخالف تمام وڏو آهي، عرب عورتن کي اهميت نه ڏيندا هئا پر پاڻ ص عورتن جي عزت ڪندا هئا.

حضرت ميمونه رضه جيڪا رسول الله ص جي گهرواري هئي چوي ٿي: مون رسول الله ص کان ٻڌو هيو ته پاڻ ص فرمائيندا هئا: منهنجي امت مان بهترين شخص اهو آهي جيڪو پنهنجي گهرواري سان سٺي اخلاق سان پيش اچي ۽ منهنجي امت مان بهترين عورتون اهي آهن جيڪي پنهنجي مڙس سان بهترين اخلاق سان پيش اينديون هجن، جنهن عورت کي ٻار ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ته الله سائين ان عورت کي ڏينهن ۽ رات جي بدلي ۾ هزار شهيدن جيترو ثواب عطا ڪندو آهي.

منهنجي امت مان بهترين عورت اها آهي جيڪا گناه جو ڪم نه ڪري ۽ پنهنجي مڙس جي رضايت کي حاصل ڪري وٺي ۽ بهترين مرد منهنجي امت مان اهي آهن جيڪي پنهنجي خاندان سان لطف ۽ مهرباني سان پيش اچن ۽ انهن جون تڪليفون ختم ڪن، اهڙي مرد لاءِ الله سائين طرفان هر ڏينهن جي بدلي ۾ سئو شهيد جيترو ثواب لکيو ويندو آهي. اِها ڳالھ ٻڌڻ کان بعد ۾ عمر ابن خطاب رسول الله ص کان سوال ڪيو ته يا رسول الله ص : اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ عورت پنهنجي مڙس جي رضايت کي حاصل ڪري ۽ ان کي هزار شهيدن جيترو ثواب ملي ؟ جڏهن ته مرد لاءِ گهٽ ثواب بيان ڪيو اٿو جڏهن مرد پنهنجي خاندان جي لاءِ آسائش فراهم ڪري ٿو، ان کي فقط هڪ سئو شهيدن جيترو ثواب ملي؟ ايترو فرق ڇو؟ پيغمبر اڪرم ص فرمايو: ڄاڻي وٺ ته عورت جو اجر الله سائين وٽ مردن کان وڌيڪ آهي، مونکي الله جو قسم آهي ته مڙس جو عورت مٿان ظلم ڪرڻ الله وٽ ايترو ته گناه آهي جو شرڪ کان بعد الله وٽ هي سڀني کان وڏو گناه آهي، ڪمزور (عورت ۽ يتيم ) تي ظلم ڪرڻ کان پهريان خدا کان ڊڄو ڇو ته الله سائين انهن جي ڪري توهان کان حساب وٺندو، جيڪو به انهن ٻنهي (عورت ۽ يتيم ) سان نيڪي ڪندو الله سائين جي رحمت ان جي لاءِ نصيب ٿيندي، جيڪو به انهن سان برائي ڪندو الله سائين جي سخت عذاب جو شڪار ٿيندو. ( روش خوشبختي، ص 78 تا 79)

جوان مرد

اسان پنهنجي سنڌي زبان کي جوان مرد ان کي چوندا آهيون جيڪو بهادر هجي طاقتور هجي يا وري ان شخص کي چوندا آهيون جيڪو ظالم جي مقابلي ۾ بيهي رهي پر اسان ڪڏهن به ان جي گهر جي باري ۾ ناهي سوچيو ته هو گهر جي معاملي ۾ ڪيئن آهي جوان مرد بابت رسول الله ص جو فرمان هن ريت آهي: جوان مرد اهي آهن جيڪي عورتن جي عزت ڪن انهن جو احترام ڪن پست ۽ ڪريل مرد اهي هوندا آهن جيڪي عورتن جي توهين ڪندا آهن (ما اکرم النساس الا کريم و ما اهانهن الا لئيم( آيين همسرداري، ص 6)

توهان منجهان نيڪ شخص اهو آهي جيڪو پنهنجي خاندان وارن سان سٺو سلوڪ ڪري، مان به پنهنجي خاندان سان ايئن ئي (سٺو سلوڪ) ڪندو آهيان .( خيرکم خيرکم لهله و انا خيرکم لاهلي (حقوق و حدود زن در اسلام، ص 44_ 47)

ڌيءَ جي فضيلت

ابن عباس رسول الله ص کان روايت ڪن ٿا : جنهن به شخص کي ڌيءَ هجي ۽ هو ان جي اهانت (توهين يا بيعزتي) نه ڪندو هجي ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي پٽ کي وڌيڪ اهميت به نه ڏيندو هجي الله سائين ان کي جنت ۾ داخل ڪندو. (محمد ص خاتم پيامبران، ج 1 ص 183.)

رسول الله ص وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪو به شخص بازار کان ڪو سامان يا تحفو پنهنجي خاندان جي لاءِ آڻي ته هو پهريان پنهنجن ڌيئرن کي ڏي ان کان بعد ۾ پنهنجي پٽن کي، توهان مان جيڪو به پنهنجن ڌيئرن کي خوش ڪندو ڄڻ هو الله کي ڊڄي ڪري رنو آهي يعني ان کي الله سان قريب ٿيڻ جو اجر ۽ ثواب ڏنو ويندو. ( محمد ص خاتم پيامبران ج 1 ص 183)

رسول الله ص جو عورتن جي حقن بابت سفارشون ڪرڻ

جنهن وقت معاشره ۾ عورت جو ڪو مقام ۽ منزلت نه هئي ان وقت پاڻ ص عورت کي معاشره جي اندر اها عزت ۽ مقام ڏنو جيڪي ان کان پهريان عورت کي نه ملندا هئا، ماڻهڻ کي سفارش ڪندا هئا ته عورت جي حقن جو خيال رکيو وڃي، پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم عورتن جي مثال ان هڏي وانگر ڏني آهي جيڪا جهڪيل هوندي آهي ۽ ان جا ڏندا نڪتل هوندا آهن، فرمائيندا هئا ته توهان اها ڪوشش نه ڪيو ته ان جهڪيل هڏين کي سڌو ڪيو جيڪا الله سائين عورت جي فطرت ٺاهي آهي ان مطابق ئي ان کي هلڻ ڏنو وڃي، اوهان عورت کي مرد برابر ڪم نٿا وٺي سگهو ڇو ته ان جي صلاحيت مرد وانگر نه آهي مطلب ته ان جي بناوٽ مرد وانگر نه آهي جو هر ڪم توهان عورت کان وٺندا رهيو، پاڻ ص تمام گهڻي سفارش ڪندا هئا ته پنهنجي خاندان سان سٺو سلوڪ ڪريو جنهن به پنهنجي خاندان کي ضايع ڪيو ان کان بيزار جو اعلان ڪندا هئا، ۽ پاڻ عورتن جا حقوق بيان ڪندا هئا جنهن جاءِ تي پاڻ ص عورتن جا حقوق بيان ڪندا هئا ان جاءِ تي پاڻ ص عورتن کي ڪجھ ڪمن جي سفارش به ڪندا هئا جهڙوڪ: بهترين عورت اها آهي جيڪا نعمت جي وقت شڪرگزار هجي، ۽ جنهن وقت ڪا مصيبت اچي وڃيس ته ان وقت صبر ۽ بردباري سان ڪم وٺي (کشکول ج 2 ص 50)

ڇو ته هر جاءِ تي عورت کي ان جي منشاءَ مطابق گهر ناهي ملندو، جڏهن هو پنهنجي والدين جي گهر کان ٻي گهر ۾ منتقل ٿيندي آهي ته ان کي ڪڏهن ان جي تمنا کان وڌيڪ گهر ملندو آهي، يا تمنا جي بلڪل بر خلاف گهر ملندو آهي، ڇو ته عورت لاءِ ايمان کان بعد ۾ سڀ کان وڏي نعمت سٺو مڙس آهي جيڪو هم فڪر هوندو آهي (آيين همسرداري ص 47)

عورتن کي مار ڪٽ ڪرڻ کان منع ڪرڻ:

رسول خدا ص فرمائن ٿا: مونکي جبرائيل هميشه عورتن جي باري ۾ سفارش ڪندو آهي مان ان مان ايئن ٿو سمجهان ته مڙس جو عورت کي اف چوڻ به جائز نه آهي. عورتن سان برو سلوڪ ڪرڻ کان ڊڄو، ڇو ته هي الله سائين جي عهد ۽ پيمان مطابق توهان جي لاءِ حلال ٿيون آهن ۽ توهان وٽ الله جي امانت طور تي توهان جي گهر ۾ زندگي گذارين ٿيون، اهي توهان جي گهر ۾ گهرواري جي صورت ۾ ۽ اوهان جي اولاد جي مائن جي صورت ۾ توهان جي ڪاميابي جو سبب آهن، انهن کي پنهنجو دشمن نه رکو انهن کي مار کٽ نه ڪيو جيڪو ڪجھ توهان انهن کي مهريه جي طور تي ڏنو آهي ان بابت انهن تي ڏاڍ ۽ زبردستي نه ڪريو. (آيين همسرداري، ص 48)

 پيامبر ص فرمائن ٿا: توهان جي بهترين اولاد توهان جون نياڻيون آهن، توهان جي لاءِ سڀ کان ڀلي ۽ ڀاڳ وارو هجڻ جي علامت هي آهي ته توهان جي سڀ کان پهرين اولاد نياڻي هجي. توهان منجهان جيڪو به ٽن ڌيئرن کي پالي يا ٽن ڀيڻن کي پالي ان تي جنت واجب آهي (آيين همسرداري، ص 9) ان جو مطلب هي آهي ته اگر توهان جي ٽي نياڻيون نه آهن ته اوهان پنهنجن ٽن ڀينرن سان پنهنجي نياڻين وانگر پيش اچو انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ رهو، هر مشڪل ۾ انهن لاءِ ايئن رهو جيئن اوهان پنهنجي نياڻين جي لاءِ مهربان هوندا آهيو.

هڪ ڏينهن رسول الله ص وٽ هڪ شخص ويٺو هيو جنهن کي گهران خبر ملي ته ان جو رنگ تبديل ٿي ويو،، رسول الله ص ان کان سوال ڪيو ته تنهنجو هي رنگ تبديل ڇو ٿي ويو آهي ؟ هن عرض ڪيو يا رسول الله مان جنهن وقت گهر کان نڪران پيو ته ان وقت منهنجي گهر واري وضع حمل سان هئي ۽ ٻار جي اچڻ جو وقت بلڪل قريب هيو، هاڻي جڏهن مان مسجد ۾ پهتو آهيان ته مونکي گهران اطلاع ملي آهي ته تنهنجي گهر ۾ نياڻي جي پيدائش ٿي آهي ان ڪري مان غمگين ٿي ويو آهيان، رسول الله ص فرمايو: زمين الله جي ان کي جڳھ ڏي ٿي، آسمان ان جي مٿان سايو ڪري ٿو، خداوند عالم ان کي روزي ڏي ٿو، هو خوشبو جو گل آهي ان کان خوشبو سونگهيندو ره (آيين همسردار، ص 405_409) ان مان پيغمبر اڪرم ص هي فرمائڻ چاهن ٿا ته ڌيءَ جي ولادت تي پريشان نه ٿيو ڇو ته ڌيءَ جي مثال خوشبوءَ ڏيندڙ گل جيان آهن جيڪو توهان کي خوشبو ڏيندو رهندو، ان جي روزي جو ذمو الله سائين کنيو آهي هو الله جي زمين تي آئي آهي آسمان ان مٿان سايو ڪري ٿو اوهان ڇو ايترا پريشان ٿيو ٿا. ؟

رسول الله ص جو پنهنجن گهر وارين سان پيش اچڻ جو طريقو:

پيغمبر اڪرم ص پنهنجي گهر وارين سان تمام وڏي مهرباني، محبت ۽ عدالت سان پيش ايندو هيو، هن جي پنهنجي تمام گهر وارين تي هڪ جهڙي نظر هوندي هئي هو ڪنهن لاءِ به وڌيڪ جا قائل نه هئا، جڏهن به پاڻ سفر تي ويندا هئا تڏهن به ڪنهن هڪ جي انتخاب لاءِ قرعه اندازي ڪندا هئا، هو پنهنجن عورتن جي بد زباني، تيز طبيعت کي برداشت ڪندا هئا، انهن سان ڪڏهن به غصي جي حالت ۾ پيش نه آيا، جڏهن ته ڪجھ اهڙيون به گهر واريون هيون جيڪي پيغمبر اڪرم ص ۽ ٻين گهروارين سان سٺي نموني سان پيش نه اينديون هيون ۽ پيغمبر اڪرم ص جي گهر جون ڳالهيون ايسيتائين جو خاص ڳالهيون به ٻاهر بيان ڪري ڇڏينديون هيون. (محمد ص خاتم پيامبران ج 1 ص 183)

ڳجهون ڳالهيون فاش ڪندڙن گهر وارين جا نالا اتي ذڪر ڪرڻ مناسبت نٿو سمجها البته قرآن مجيد ۾ انهن لاءِ توبه ڪرڻ جو حڪم به موجود آهي، ايتري تند زباني رکندڙ، پيغمبر ص توڙي ٻين گهر وارين سان تعصب رکندڙ زالن کي به پاڻ برداشت ڪيو ۽ انهن سان به نرمي سان پيش ايندو رهيو. (خصايص فاطميه، ص 237))

هي ڳالھ اتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته جڏهن رسول الله ص بني نضير ۽  بني قريضه وارن سان جنگ ڪئي مطلب انهن کي مدينه کان نڪرڻ جو حڪم ڏنو ته رسول الله وٽ تمام گهڻو مال جمع ٿيو جنهن تي رسول الله ص جي ڪجھ گهروارين (جن جا نالا ڪافي ڪتابن ۾ موجود آهن) سوچيو ته هاڻي اسان شاهن وانگر زندگي گذاريون، ان ڪري انهن رسول الله ص کان زيورن جي فرمائش ڪئي ۽ پاڻ ص صاف انڪار ڪيو ۽ انهن جو ان ڳالھ تي اصرار وڌنڌو ويو، ايسيتائين جو هو تند لهجي ۾ اچي پيغمبر ص سان هم ڪلام ٿيون، جڏهن انهن جي والدين کي خبر پئي ته اسان واريون ڌيئرون رسول الله ص کي زيورن جي ڳالھ تي اذيت ڪن ٿيون ته انهن پنهنجين ڌيئرن کي تنبھ حتي مارڪٽ تي به آماده ٿي ويا پر ان جي باوجود به پاڻ انهن کي منع فرمايو ۽ انهن زالن جي رويه اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو.

نتيجو:

پيغمبر اڪرم ص عورت سان سٺي سلوڪ ڪرڻ جي تمام گهڻي سفارش ڪئي آهي، پاڻ هميشه عورتن جو احترام ڪندا هئا انهن مٿان سلام ورائيندا هئا، جنهن زماني ۾ عرب عورت جي پيدائش تي غمگھين ٿيندا هئا ان جاءِ تي پاڻ انهن کي تلقين ڪندا هئا ته الله سائين ان شخص کي ڀاڳ ۽ بخت وارو بڻائيندو آهي جنهن جي گهر ۾ نياڻي اچي ان شخص کي الله سائين جنت ۾ داخل ڪندو جنهن وٽ ٽي نياڻيون هجن، پاڻ عورت جو احترام ڪندا هئا ۽ ٻين ماڻهن کي به عورت جو مقام ۽ منزلت ٻڌائيندا هئا، عورتن کي آزار ۽ اذيت ڪرڻ کان منع فرمائيندا هئا جيڪي ماڻهن گهڻيون شاديون ڪن ٿا انهن جي لاءِ رسول الله ص جي زندگي نمونه عمل آهي ڇو ته رسول الله 11 شاديون ڪرڻ جي باوجود به عورتن جي درميان عدالت کي قائم رکيو، ڪنهن به هڪ کي ڪنهن ٻي عورت تي فضيلت نه ڏني، جڏهن به پاڻ سفر تي ويندا هئا ته ڪنهن هڪ گهر واري کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا، پر ان جي لاءِ به قرعه اندازي ڪندا هئا، ان مان هي ڳالھ صاف ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪي به رسول الله ص جا امتي آهن انهن کي گهرجي ته رسول الله ص جي دين مطابق عورتن سان سلوڪ ڪن، انهن جي حقوق جو خيال رکن، انهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچن.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: