Ad 468 X 60

Sunday, October 15, 2023

حضرت قاسم بن الحسن


راشد علي چانڊيو

مقدمو:

امام حسن مجتبي عليه السلام جي فرزندن منجهان هڪ فرزند جو نالو قاسم هيو جيڪو ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي لشڪر سان گڏ آيو هيو ۽ پنهنجي چاچا


جي حمايت ۾ ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو، جناب قاسم جي لاءِ لکيو ويو آهي ته پاڻ اڃان بالغ نه ٿيا هئا پر پنهنجي چاچا جي حمايت ۾ دشمنن مٿان زبردست حمله ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ شهيد ٿي ويو، ڪربلا جي واقع ۾ ڪجھ اهڙيون ڳالهيون به ذڪر ڪيون ويون آهن جن کي قبول ڪرڻ ۾ علماءِ جو اختلاف موجود آهي، ڪجھ ڳالهيون جناب قاسم سان به منسوب آهن جن کي ڪجھ علماءِ قبول نٿا ڪن پر ان جو هي مطلب هرگز نه آهي ته جناب قاسم جي فضيلت انهن ڳالهين جي ڪري آهي، نه هي هرگز نه آهي جناب قاسم امام حسن عليه السلام جا فرزند آهن، امام حسين عليه السلام جا ڀائٽيا آهن ۽ ڪربلا جي مقدس سفر ۾ امام حسين عليه السلام گڏ اچي اسلام تي قربان ٿي ويا.

جناب قاسم بابت

حضرت قاسم امام حسن عليه السلام جو ٻيون پٽ آهن جيڪو ڪربلا جي ميدان شهيد ٿيو ڇو ته حضرت قاسم کان علاوه امام حسن عليه السلام جا ٻه ٻيا پٽ به ڪربلا ۾ شهيد ٿيا آهن هڪ جو نالو ابوبڪر بن الحسن هيو جيڪو جناب قاسم کان وڏو هيو ( تاريخ طبري ج 5 ص 468 ) جنهن جي عمر مبارڪ 35 سال لکي وئي آهي البته نالي جي لحاظ کان اختلاف موجود آهي ته امام حسن عليه السلام جي هن فرزند جو نالو ابوبڪر هيو يا ڪنيت هيس ؟ البته هي اختلافي نالو آهي پر امام حسن عليه السلام جو وڏو پٽ جناب قاسم کان بعد ميدان ڪربلا تي شهيد ٿيو ( ابن فندق لباب الانساب و الالقاب والاعقاب ج 1، ص 400 ) جڏهن ته ٽيون پٽ جناب عبدالله بن الحسن امام حسين عليه السلام جي ميدان ۾ کان پوءِ جڏهن امام حسين عليه السلام کي ميدان ۾ اڪيلو ڏٺائين ۽ برداشت نه ڪري سگهيا ته چاچا اڪيلا جنگ ڪن، ميدان جي طرف آيو جڏهن ته ان جي عمر لاءِ ڪا دقيق اطلاع نه آهي پر هي جناب قاسم کان عمر ۾ ننڍو هيو ۽ مولا امام حسين عليه السلام پنهنجي ڀيڻ جناب زينب سلام الله عليها کي ان جا باري ۾ وصيت ڪئي هئي ته ان کي ميدان ۾ اچڻ نه ڏجو پر هي جناب زينب کان زوري ميدان ۾ اچي پنهنجي چاچي جي مدد لاءِ حاضر ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو .( تاريخ طبري ج 5 ص 451، ارشاد مفيد ج 2 ص 111)

جناب قاسم جي تاريخ ولادت بابت ڪا معتبر روايت نٿي ملي البته ڪجھ ڪتابن ۾ 5 رمضان وارد ٿي آهي سال ولادت ۾ به اختلاف آهي ڪجھ جناب قاسم کي 16 سالن جو لکن ٿا ( لباب الانساب بهقي ساڳيو ) ڪجھ 14 سالن جو پر اڪثر مورخ 13 سالن جو لکن ٿا ان ڪري جناب قاسم امام حسن مجتبي عليه السلام جي شهادت کان ٻه سال پهريان مدينه منوره ۾ پيدا ٿيو ۽ 13 سالن جي عمر ۾ ڪربلا ۾ شهيد ٿيو،

جناب قاسم جي والده لاءِ به اختلاف موجود آهي ڪجھ جو چوڻ آهي ته جناب قاسم جي والده جو نالو نجمه هيو شيخ مفيد جو چوڻ آهي ته پاڻ هڪ ڪنيز منجهان هئا (الارشاد ج 2 ص 30 ؛ ابوالفرج اصفهاني ، مقات الطالبين ص 57) ابن فندق جو چوڻ آهي ته ان ڪنيز جو نالو نرجس هيو (ابن فندق ج 1 ص 342)

واقعه ڪربلا ۾ حاضر ٿيڻ

جناب قاسم لاءِ ڪربلا کان پهريان کا خاص اطلاع نٿي ملي ڪربلا ۾ پهچڻ کان بعد ۾ جڏهن عاشور جي رات ٿي تڏهن امام حسين عليه السلام پنهنجي تمام انصارن کي گهرايو ۽ انهن کي سڀاڻي لاءِ شهيد ٿي وڃڻ جي خبر ڏني ته ان وقت جناب قاسم عرض ڪيو ته ڇا سڀاڻي وارن شهيدن ۾ منهنجو نالو به آهي ؟ تڏهن امام حسين عليه السلام فرمايو: موت کي ڪيئن ٿو ڏسين ؟ ان وقت جناب قاسم  جواب ۾ فرمايو: احلي من العسل، مان ان کي ماکي کان به وڌيڪ شيرين ٿو ڏسان، ان وقت امام حسين عليه السلام فرمايو: تنهنجو چاچو تو تان قربان ٿئي تون انهن منجهان آهين جيڪي سڀاڻي مصبتن سان شهيد ٿي ويندا. (بحراني، هاشم، مدينه المعاجز ج 4 ص 214 ؛ قمي عباس نفس المهموم ، ص 208)

امام حسين عليه السلام کان جنگ جي اجازت وٺڻ

عاشور جي ڏينهن ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن امام حسين عليه السلام جي لشڪر وارا شهيد ٿيندا رهيا تڏهن جناب قاسم بار بار اجازت گهرندو رهيو پر آخر ڪار اجازت وٺڻ لاءِ ڪامياب ٿي ويو امام حسين عليه السلام جناب قاسم کي ان حال ۾ رخصت ڪيو جو ٻئي گريو ڪري رهيا هئا ۽ جناب قاسم جي والده هي نظار پنهنجي اکين سان ڏسندي رهي جناب قاسم خاندان جي عورتن، والده ۽ ڦڦي جناب زينب ڪبري عليها السلام کان رخصت ٿي ميدان جنگ ۾ ويو .

جناب قاسم جو ميدان جنگ ۾ رجز ۽ حملا

عرب بهادر هميشه ميدان جنگ ۾ مد مقابل حريف کي پنهنجي شان ۽ شوڪت کان آگاه ڪرڻ لاءِ رجز خواني ڪندا آهن، جناب قاسم ننڍي عمر هوندي به بهادر سان رجز پڙهيو

انْ تَنْكُرونى‌ فَأَنَا فَرْعُ الْحَسَنْ ••• سِبْطُ النَبىُّ المُصْطَفى وَالمؤتَمَنْ‌

هذا حُسينٌ كَالاسيرِ الْمُرتَهَنْ ••• بين أناسٍ لا سَقَوا صُوْبُ المَزَنْ‌

جيڪڏهن مون کي نٿا سڃاڻيو ته مان پٽ آهيان حسن (عليه السلام) جو، نواسه رسول جو ۽ امين آهيان

هي حسين آهي جيڪو ماڻهن جي وچ ۾ گرفتار ( يعني ماڻهن جو هجوم ان جي ٻاهريان) آهي جن (ماڻهن ) کي الله سائين برسات جي پاڻي سان سيراب ( اُڄ) نه ڪندو . (مجلسي بحار الانوار ج 45 ص 34.)

شهادت

ابوالفرج اصفهاني حضرت قاسم بن حسن عليه السلام جي قاتل لاءِ لکيو آهي ته جناب قاسم کي عمرو بن سعد بن نفيل ازدي قتل ڪيو هيو (ابوالفرج اصفهاني، مقاتل الطالبين 1414ق، ص 93. ) جڏهن ته ابو مخنف حميد بن مسلم کان روايت نقل ڪئي آهي: نوجوان جنهن جو چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هيو، جنهن جي هٿ ۾ تلوار هئي، خميس ڍگهي پاتل هيس جنگ جي ميدان ۾ داخل ٿيو، هن پنهنجي چپلن جون ڪينهون هنيون، تمام گهڻي تعداد ۾ فون ان جي چارن طرفن کان بيٺل هئي پر ان کي ڪنهن به قسم جو خوف نه هيو، ان دوران ابن نفيل چيو ته مان ان نوجوان مٿان زور سان حملا ڪندس، جيڪو لشڪر جناب قاسم جي چارن طرفن کان هيو انهن پنهنجي طرفان زور سان حملا ڪرڻ شروع ڪيا جناب قاسم انهن سان جنگ ڪئي ڪجھ کي قتل ڪيو  ابن نفيل جنهن چيو هيو ته مان هن نوجوان کي قتل ڪندس هو موقع جي تلاش ۾ هيو ۽ موقعو تلاش ڪندي جناب قاسم جي پويان سر مبارڪ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ امام حسن مجبتي عليه السلام جي نوجوان پٽ جو سر مبارڪ تلوار جي زخم سان ڦاٽي پيو (وقعة الطف، ص 244.)

جناب قاسم جي شهادت تي امام حسين عليه السلام جو روئڻ

سيد بن طاووس لهوف ۾ هن طرح سان نقل ڪيو آهي : جنهن وقت ابن فضيل (يا ابن نفيل) ازدي جناب قاسم جي سر مبارڪ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سر مبارڪ ڦاٽي پيو ۽ منهن ڀر زمين تي ڪريو، جنهن وقت زمين تي ڪريا ته ان وقت پنهنجي چاچا کي سڏ ڪيائين يا عمّاه! اي منهنجا چاچا، امام حسين عليه السلام جناب قاسم جي وٽ ايئن پهتو جيئن شڪاري باز شڪار تي جهاپٽي پوندو آهي ۽ ان شير وانگر حمله آور ٿيو جيڪو تمام گهڻي غصي ۾ هجي، ابن فضيل تي تلوار جو وار ڪيائين هن پنهنجي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڍال اڳيان ڏني ان جي باوجود به امام حسين ع  جي تلوار ان جي هٿ کي وڍي ڇڏيو جيئن ئي ان جو هٿ وڍيو ته هن وڏي آواز سان رڙ ڪئي جنهن کي تمام لشڪر وارن ٻڌو، هن جي مدد لاءِ ڪوفين جو لشڪر وڏي تعداد ۾ آيو پر هو لعين انهن جي گهوڙن جي ٽاپن جي هيٺان اچي واصل جهنم ٿي ويو، راوي چو ته ته جڏهن ڪوفين جي لشڪر جي گردگبار لٿي ته مون ڏٺو ته حسين ابن علي ع جناب قاسم جي سيراندي کان بيٺل آهن ۽ قاسم جو روح پرواز ٿيڻ وارو آهي، حسين ع فرمايو الله جي لعنت هجي ان گروه تي جنهن توکي قتل ڪيو، قيامت جي ڏينهن تنهنجو جد ۽ تنهنجو بابو انهن کان تنهنجي خون جو حساب وٺندا، ان کان بعد ۾ فرمايو الله جي قسم تنهنجي چاچي لاءِ تمام سخت آهي جو تون سڏ ڪري مدد گهرين ۽ هو تنهنجي مدد لاءِ نه پهچي سگهي يا اگر پهچي به وڃي پر ان جو توکي ڪو فائدو نه ڏيئي سگهي، خدا جي قسم اڄ اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي تنهنجي چاچي جا دشمن گهڻا ۽ مدد ڪرڻ وارا گهٽ آهن، ان کان بعد ۾ ان جوان کي پنهنجي سيني سان لڳايو ان جي لاش کي ان جاءِ تي کڻي آيا جنهن جاءِ تي باقي بني هاشم ( سيد ابن طاووس، اللهوف، ص 68_69) جا لاش پيل هئا ۽ جناب علي اڪبر ع جي ڀر ۾ جناب قاسم جو لاش رکيائين ( ابوالفرج اصفهاني، مقاتل الطالبين ص 93.) لاش مبارڪ کي بني هاشم جي جوانن جي لاشن سان گڏ رکڻ کان بعد ۾ پاڻ عليه السلام آسمان جي طرف رخ ڪري فرمايو: اي منهنجا پالڻهار! انهن سڀني کي نابود ڪر ان طرح سان انهن کي نابود ڪر جو انهن مان هڪ ماڻهو به نه بچي سگهي، انهن سڀني کان مغفرت ۽ بخشش هميشه لاءِ وٺي ڇڏ اي منهنجا رشته دارو صبر ڪريو مونکي خدا جي قسم آهي اڄ ڏينهن کان بعد ۾ توهان لاءِ ڪڏهن به ناراحتي نه ايندي ( مقرم، مقتل الحسين، ص 332؛ خوارزمي، مقتل الحسين ، ج 2 ص 28)

هي امام حسين عليه السلام جي بد دعا جي لاءِ وضاحت ڪرڻ لازم ٿو سمجهان ته امام حسين عليه السلام جي هي بد دعا قبول ٿي ۽ مختار ابن ابو عبيد ثقفي انهن سڀني شخصن کان بدلو ورتو ۽ انهن مٿان اهڙا ئي دردناڪ عذاب ڏياريا جو هو سڀ پنهنجي اصلي جاءِ جهنم تائين پهچي ويا ۽ مختار هر ان شخص کان انتقام ورتو جيڪو ڪربلا ۾ موجود هيو ابن زياد لعين جهڙو طاقتور شخص به مختار ابن ابو عبيد جي هٿن کان بچي نه سگهيو، شمر ۽ عمر ابن سعد لعين به مختار جي هٿان واصل جهنم ٿي جيڪي به ڪوفي کان ٻاهر لکي ويا انهن کي به مختار ڳولي قتل ڪرايو ۽ جيڪي زبيرين ۽ مروانين جي لشڪر ۾ شامل ٿيا اهي به مختار جي مقابلي ۾ ماريا ويا.

عاشور جي ڏينهن جناب قاسم جي شادي

ملا حسين واعظ ڪاشفي ( متوفي 910ق) پنهنجي ڪتاب روضة الشهدا ۾ لکيو آهي ته جنهن وقت امام جناب قاسم امام حسين عليه السلام کان جنگ جي اجازت ورتي ۽ امام حسين عليه السلام جنگ جي اجازت ڏني، ۽ وڃي وقت امام حسين عليه السلام جناب قاسم کي فرمايو: مونکي تنهنجي بابا وصيت ڪئي هئي ته مان توکي پنهنجي هڪ نياڻي سان شادي ڪرايان، ان کان بعد امام حسين عليه السلام جناب عباس عليه السلام، جناب عون ۽ جناب زينب ڪبري سلام الله عليها کي فرمايو: جناب قاسم جي شادي لاءِ انتظام ڪريو، ان کان بعد ۾ جناب قاسم جي شادي 10 محرم سن 61 هجري ۾ ڪربلا جي ميدان تي جناب قاسم جي شهادت کان ڪجھ ئي لمحه پهريان ڪرائي وئي ۽ جناب قاسم شادي ڪرڻ کان فورن بعد ميدان جنگ ۾ ويو .(کاشفي، روضة الشهداء، نويد اسلام ص 401.)  هن طرح جو ڳالهيون ان کان بعد ۾ عزاداري جي محفلن ۽ تعزين جي صورت ۾ پيدا ٿيون ( مطهري حماسه حسيني، صدرا، ج2 ص 69)

جڏهن ته ڪافي وڏن  شعيه عالمن سڳورن جهڙوڪ علامه مجلسي (جلاءِ العيون ص 676) محدث نوري (لولو و مرجان، ص 193) شيخ عباس قمي (منتهي الاعمال، ج 1 ص 889) ۽ مرتضي مطهري (حماسه حسين صدرا ج 2 ص 69، 70، ۽ 198 ) ان شادي جي واقعي کي قبول ناهي ڪيو ۽ فرمايو اٿن ته ان لاءِ اسان کي ڪابه دليل ناهي ملي جنهن جي بنياد تي اسان چئي سگهون ته جناب قاسم جي شادي 10 محرم سن 61 هجري ۾ ٿي هجي.

جڏهن ته شعراني پنهنجي ڪتاب دمع السجوم لکيو آهي ته چاهي شادي جي ڪا دليل موجود نه به هجي تڏهن به اسان ملا حسين ڪاشفي جي قول کي قبول ڪريون ٿا ڇو ته هو هڪ وڏو عالم هيو اگر هن چيو آهي ته شادي ٿي هوندي ۽ لازم به نه آهي ته ان لاءِ ڪا خاص دليل به هجي ڇو ته هي آئمه جي مصلحتن منجهان هڪ مصلحت آهي جيڪا اسان لاءِ معلوم نه آهي. (شعراني، دمع السجوم، ص 278_ 277)


  

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: