Tuesday, January 16, 2018
”زماني جا ٻه ڏينهن “
حضرت اميرالمؤمنين امام المتقين علي ابن ابي طالب عليه
السلام جن فرمائن ٿا ته زماني جا ڪل ٻه ڏينهن آهن هڪ ڏينهن تنهنجي فائدي جي لاءِ ۽
هڪ ڏينهن تنهنجي نقصان جي لاءِ آهي بس رڪجي وڃ باالآخر ٻنهي جي لاءِ حسرت ئي حسرت
آهي، لهذا اي انسان ڄاڻي وٺ ته هن دنيا ۾ جيڪو پنهنجي زبان تي قابو ناهي اهو نادم
هوندو آهي ۽ جيڪو علم حاصل ناهي ڪندو جاهل ئي رهندو آهي
جيڪو بردباريءَ کان ڪم نٿو
وٺي حليم نٿو ٿي سگهي،جيڪو غور وخوض کان ڪم نٿو وٺي اهو عاقل ناهي هوندو، ۽ جيڪو
عقل مند ناهي هوندو اهو ذليل هوندو آهي، ۽
جيڪو ذليل هوندو آهي اهو ٻئي ڪنهن جي عزت ناهي ڪندو، ۽ جيڪو ٻين جي عزت نٿو رکي
انهي جي به عزت ناهي ڪئي ويندي، جيڪو تڪليف سان مال ناحق حاصل ڪندو آهي انهي جي
صرف ڪرڻ ۾ ڪوئي اجر ناهي پائيندو، جيڪو بغير حق جي عزت طلب ڪندو اهو ذليل ٿيندو،
جيڪو حق سان گڏ غالب ايندو آهي، اهو غالب آهي، جنهن حق جي مخالفت ڪئي اهو ضرور
ذليل ٿيو، جنهن علم فقه حاصل ڪيو انهي عزت پاتي، جنهن تڪبر ڪيو حقير ٿيو، جيڪو
احسان ناهي ڪندو انهي جي عزت ناهي ڪئي ويندي .
وڌيڪ فرمايائون _
اي انسانون ! يوم جزا کان پهريان موت برحق آهي عقل کان ڪم وٺو انهي جي شل
ٿيڻ کان پهريان، ۽ پنهنجو حساب ڪري ڇڏيو عذاب قبر کان پهريان، اکين جو انڌو هجڻ
اڪثر صاحبان بصارت کان بهتر آهي،
” ڪتاب نهج الاسرار جلد اول صفه 159 تا
163 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: