Ad 468 X 60

Monday, February 4, 2019

جناب فاطمه زهرا سلام الله عليه جي سيرت


تحرير : محمد ياسين محسني 
مقدمو

ڪائنات جي عورتن جي سردار، صديقه طاهره حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها هڪ اهڙي نمايان شخصيت جي مالڪ آهن جو سڀني مذهبن جي ڏاهن به حضرت زهراء  (س)  جي عظمت جي آڏو پنهنجا سرجھڪائي ڇڏيا آهن. هن عظيم بي بي، جيڪي نبوت جي جھولي ۾ پليون آهن ۽ جنهن جي ذاتي شخصيت به انساني ڪمال جي ان اوج تائين پهتل هجڻ خاطر ،دقت،محنت، ڪوشش ۽ ايمان ڀري اصولن کي عملي جامو پهرايو آهي، ته جئين هڪ طرف کان خدا جي بندگي کي ڪامل نموني انجام ڏئي ۽ ٻئي طرف کان معاشري
جي لاء قرآني اصولن تي عمل ڪندي ٻين جي لاء هڪ بهترين نمونو ۽ مثال ڇڏي وڃن،اگر اسان چاهيون ٿا ته هن عظيم بي بي جي زندگي تي نظر ڪريون ته اسان کي اهو چوڻ ۾ ڪو عار محسوس نٿو ٿئي ته حضرت زهراء (س) اهڙي ته عورت آهن جيڪا پنهنجي عقيدي ۽ ايمان ۾ سوچ ۽ فڪر ۾ پنهنجي فردي ۽ گڏيل زندگي ۾، قرآن مان روشني حاصل ڪري پنهنجي پوري زندگي کي عملي قرآن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. اسان هن لکڻي ۾ بي بي جي زندگي ۾ قرآني لاث ۽ جھلڪن مان ڪجھ جھلڪون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين .

رسول الله (ص) جي مدد

رسول اڪرمﷺ ٽن سالن جي لڪيل دعوت کان پوء پنهنجي دعوت کي چٽو ۽ آشڪار نموني سان شروع ڪيو ۽ حڪم ٿيس ” فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَأَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِينَ “ ” جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ“ان آيت جي بنياد تي رسول اڪرم (ص) کي حڪم ٿيو ته بغير خوف ۽ ڊپ جي پنهنجي تبليغ کي ظاهر ڪر. نتيجي ۾ مشرڪن ۽ مخالفن جي طرفان اذيتون ۽ آزار به وڌندا ويا .هڪ نادان شخص رسول اڪرم تي هڪ ڏينهن گند اڇلايو ان حالت ۾ پاڻ جڏهن گھر پهتا ته حضرت زهراء  (س) انهن کي صاف به ڪن پيون ۽ روئن به پيون ۽ رسول الله حضرت زهراء  (س) کي آٿت ڏيندي فرمائن پيا: ته ڌيء رو نه خدا تنهجي بابي جو حامي ۽ مددگار آهي

ابن عباس چوي ٿو :”هڪ ڏينهن قريش جا ڪجھ ماڻهو حجر اسماعيل ۾ گڏ ٿي قسم کڻن ٿا ته پيغمبر ﷺ کي جتي ڏسون اتي قتل ڪنداسين، ان وقت حضرت زهراء  (س) جيڪا اڃا هڪ ٻار هئي ان کي جئين ئي ان سازش  جي خبر پئي ته پاڻ ڦورن رسول الله ﷺ وٽ پهتيون ۽ دشمنن جي سازش کان کين آگاه ڪيو ۽ ان نموني سان  حضرت زهراء  (س) دشمنن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.“

شايد اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به رسول الله ﷺ دشمنن جي هٿان تڪليف سهندا هئا ۽ گھر ايندا هئا ته حضرت زهراء  (س) اهڙي ته سندن تيمارداري ڪنديون هيون جو پاڻ فرمائيندا هئا ” الفاطمة ام ابيها‏‏“ ‏فاطمه پنهنجي بابي جي خدمت ڪرڻ ۾بابي جي به ماء آهي.  جڏهن بعثت جي ڏهين سال رسول  اللهﷺ جو چاچو حضرت ابو طالب ۽ سندس دلسوز گھرواري حضرت خديجه هن دنيا تان هليا ويا ته حضرت زهراء  (س) کان سواء ٻيو ڪو به نه هوندو هيو جيڪو رسول الله ﷺ کي آٿت ۽ سندن دل کي چين ۽ راحت بخشي .

شادي مبارڪ

قرآن ڪريم شادي جي ٻنڌڻ  کي «ميثاقا غليظا» () يعني مضبوط ٻنڌڻ سان تعبير ڪيو آهي. رسول اللهﷺ  حضرت زهراء  (س) جي شادي جي معاملي ۾ شادي کي آسماني حڪم ۽ خدائي الهام سمجھندي  ڪيترا ئي رشتا مناسب نه هجڻ جي ڪري رد ڪري چڪا هئا ،۽ جڏهن حضرت امام علي عليه السلام جي طرفان رشتي جي گھر ڪئي وئي ته پاڻ عورت جي ڪرامت ۽ آزادي کي نظر ۾ رکندي کائين پڇائون ته تنهنجي ان جي باري ۾ ڇا نظر آهي،ان کان پوء اها هڪ نهايت ۽ سادي نمونه سان شادي ٿي وئي ته جئين قرآني اصطلاح ۾ ” محبت۽ پيار جو رشتو“ وجود ۾ اچي، ۽ ٻيا پڻ ان پيار ڀري رشتي کي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان عزت واري طريقي سان عملي جامو پهرئن .

شادي کان پوء واري زندگي

قرآن ڪريم  سوره نساء جي 34 آيت ۾صالح ۽ ڀلاري عورتن جي ٻن صفتن کي بيان ڪندي فرمائي ٿو :”. فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِّلْغَيْبِ “صالح عورتن جون ٻه اهم خاصيتون آهن” هڪ خاصيت مڙسن جي سامهون ۽ ٻئي انهن جي موجود نه هجڻ جي صورت“ ۾ يعني اهي عورتون پنهنجي مڙسن جي سامهون نرم ۽ جھڪيل هونديون آهن ۽ مڙسن جي غير موجودگي ۾ مڙسن جي رازن ۽ انهن جي مادي ۽ معنوي حقن جون حفاظت ڪرن واريون هونديون آهن.

حقيقت ۾ هي اهڙيون ته صفتون ۽ خوبيون آهن جيڪي پاڻ ۾ ٻين ڪيترن ئي ڀلين صفتن کي سمايون ويٺيون آهن ،جيڪي زندگي جي رحمت ، سڪون ۽ دلي لڳاء جو سبب ٿين ٿيون . حضرت زهراء  (س) به انهن صفتن جون مالڪ هيون ۽ ڪوشش ڪنديون هيون ته زندگي جي سخت مشڪلاتن جي هوندي ڪڏهن به امام علي عليه السلام جي پريشاني جو سبب نه بڻجن ،ايستائين جو سڄي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪا هڪ ننڍي ۾ ننڍي فرمائش به پنهنجي شوهر کان نه ڪيائون .

جي ها دنيا جي رنگينن ۽ بيهودين کان پاڪ ايتري تائين جو زندگي جي ضروريات کان به پرهيز بي بي کي انساني ڪمال جي بلندين تائين پهچايو آهي ۽ عظيم شخصيت جي مالڪ قرار ڏنو آهي. تاريخ جي گواهي جي مطابق هڪ ڏينهن حضرت زهراء  (س) بيمار هيون ته امام علي عليه السلام کين قسم ڏئي چون ٿا ته زهراء ڪا فرمائش ڪر، امام علي عليه السلام جي گھڻي اصرار کانپوء حضرت زهراء  (س) فرمائن ٿيون: اگر تنهجو ايترو اصرار آهي ته منهنجي لاء هڪ ڏاڙهون آڻ، امام علي عليه السلام گھران نڪرن ٿا ته جئين حضرت زهراء  (س) جي لاء ڏاڙهون آڻن.....“  بهر حال امام علي عليه السلام ۽ حضرت زهراء  (س) جي زندگي پيار ۽ خلوص سان ڀريل هئي،ايتري تائين جو زندگي جي سخت گھڙين ۾ به هڪ ٻئي جي لاء دل جو سهارو ۽ آٿت هيا.

عبادت ۽ شب بيداري.

اگر عبادت کي عام معنا ۾ وٺون يعني” خالص خدا خاطر معاشري جي ڀلائي ڪرڻ“ ته  حضرت زهراء  (س) ان ميدان ۾ قرآني نمونو نظر اينديون.۽ اگر عبادت کي پهنجي خاص معنا ۾وٺون يعني ”عاجزي ۽انڪساري واري نماز ۽ شب بيداري“، ته ان ميدان ۾ به بي بي پنهنجي بابا حضرت رسول اڪرم جي سيرت تي ڪامل نموني عمل ڪندي شب بيداري ۽ عبادت ڪندي نظر اچن ٿيون.
قرآن مجيد عبادت کي عقلمندي جي علامت قرار ڏيندي فرمائي ٿو؛الذين يذکرون الله قياما و قعودا و علي جنودهم و يتفکرون في خلق السماوات الارض“” آلعمران 191“ عقلمند اهي آهن جيڪي اٿندي،ويهندي ،سمهندي يعني هر حال ۾ خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ خدا جي خلقت ۾ غور ڪن ٿا .
حسن بصري (جيڪو پنهنجي زماني جو مشهور زاهد هيو)چوي ٿو:”ما کان في هذه الامه اعبد من فاطمه،کانت تقوم حتي تورم قدماه“ هن امت ۾ حضرت زهراء جيتري عبادت ڪرڻ وارو ڪير به نه هيو، بي بي ايترو ته عبادت ۾ بيهندي هئي جو سندس پير سڄي ويندا هئا.. بي بي جڏهن عبادت جي لاء مصلي تي ايندي هئي ته خوف خدا ۾ سندس جسم تي لرزو تاري ٿي ويندو هئن.

ايثار ۽ قرباني .
حق جي وصيت ۽ نصيحت ڪرڻ،معاشري جي ڀلائي ۽سعادت جو اهم رڪن آهي. قرآن مجيد به ان طرف اسان جي رهنمائي ڪندي فرمائي ٿو: ”وتواصو بالحق وتواصوا بالصبر “ اها خير خواهي ۽ ٻين جي ڀلائي گھرڻ واري خصلت جڏهن  ڪمال ۽ اوج تي رسندي آهي ته اتان ”ايثار ۽ قرباني “ يعني ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيڻ وارو جذبو وجود ۾ ايندو آهي .

اهي ٻئي خوبيون( يعني حق جي وصيت ڪرڻ ۽ ايثار ۽ فداڪاري وارو جذبو ) حضرت زهراء جي زندگي ۾ چٽيون ۽ نمايان نظر اچن ٿيون.اسان هتي بي بي جي زندگي جي ڪجھ واقعن کي بيان ڪريون ٿا .
امام حسين عليه السلام پنهنجي ڀاء امام حسن عليه السلام کان روايت ڪن ٿا ته :”هڪ رات مان امان زهراء کي ڏٺم ته محراب عبادت ۾ عبادت ۾ مصروف آهن ،ڪڏهن قيام جي حالت۾، ڪڏهن رڪوع ته ڪڏهن سجدي ۾ آهن، ايستائين جو صبح جي اڇاڻ ظاهر ٿي، مان ٻڌم پئي ته امان لڳاتار مومن مردن ۽ عورتن ۽ پاڙي وارن جي لاء دعا پي ڪيائون.۽ پنهنجي لاء ڪا به دعا نه گھريائون، ته مان چيامانس : امان اوهان ٻين جي لاء ته دعا ڪيو پر پنهنجي لاء ڪا به دعا نه گھريو ڇو؟ ته امان فرمايو : الجار ثم الدار“ پٽ پهريان پاڙي وارا پوء پاڻ ء گھروارا

         هن واقعي ۾حضرت زهراء جي  ايثار ۽ قرباني جوعملي نمونو ڏ سڻ ۾ اچي ٿو .ابن جوزي روايت ڪري ٿو :”جنهن رات حضرت  زهراء جي  شادي هئي ۽ بي بي کي اڃا شادي وارو نئون  وڳو پهريل  هيو  ته  ايتري  ۾ هڪ  فقير سندن در تي صدا ڏني ته اي اهلبيت نبوت مونکي ڪو پراڻو لباس عطا ڪريو . حضرت زهراء  ان کي پراڻو لباس ڏيڻ جو ارادو ڪيو ليڪن  سندن  فڪر قرآن مجيد  جي هن  آيت  تي پيو”  لَن تَنَالُواْ الْبِرَّ حَتَّى تُنفِقُواْ مِمَّا تُحِبُّونَ ( العمران 92 )ته بي بي  پنهنجو شادي واري  نئو وڳو فقير  کي ڏنو ۽ پاڻ پراڻو وڳوپهريو. جڌهن رسول خدا کائين پڇو ته ڇو اوهان نئون وڳو فقير کي ڏنو ۽ پاڻ پراڻو  وڳو پهريو اٿو؟ ته بي بي فرمايو  بابا  مان چاهيم ته  قرآن مجيد جي  هن آيت” تَنَالُواْ الْبِرَّ ....“   کي عملي جامو پهرايان ۽  ان تي عمل  ڪيم  .            
3 زمخشري تفيسر  ”الکشاف“ ۾ ابن عباس کان روايت ڪري ٿو:
جڏهن امام حسن (ع) ۽ امام حسين (ع) بيمارٿي پيا ته حضرت رسول اڪرم ڪجھ صحابين  سان گڏ سندن عيادت ڪرڻ آيا ته پاڻ  مولا علي (ع) کي  فرمايائون : اگر  هنن جي شفا جي لا  باس باسيندين ته خدا هنن کي شفا ڏيندو،  ان وقت حضرت علي(ع) ، حضرت زهرآء ۽حضرت  فضه  نذر  ڪئي  ته اگر  حسنين (ع)  صحتمند  ٿيا ته اهي ٽي ڏينهن روزا رکندا،جڏهن  حسنين ڪريمين (ع) شفاياب ٿيا  ته انهن روزو رکيو، اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ مولا علي جي گھر ۾ کائڻ لاء ڪجھ به هيو ، مولا  ٽي ڪلو جَوَ اوڌر تي وٺي آيا  ۽ حضرت زهراء انهن کي پيسي اٺو ڪيو،نماز مغرب کان پوء جڏهن افطاري لاءدسترخوان تي ويٺا ته هڪ مسڪين سندن دروازو کڙڪايو ۽ ماني جي گھر ڪئي ،ان وقت سڀ ماني فقير کي ڏنائون ۽ پاڻ فقط پاڻي سان روزو افطار ڪيائون. ٻئي ڏينهن به افطاري جي وقت هڪ يتيم دروازو کڙڪائي ماني جي گھر ڪئي ته انهن پنهنجو کاڌو ان يتيم کي ڏئي پاڻ بک  تي سمهي پيا .۽ ٽئين ڏينهن وري افطاري جي ٽائيم تي هڪ اسير سندن دروازي تي ماني لاء صدا هنئي ، ته انهن پنهنجو کاڌو اسير کي ڏئي ڇڏيو.ان وقت پرودگار عالم جي طرفان حضرت جبرائيل  انهن جي خلوص ۽ ايثار کي بيان ڪندي سوره ”هل اتي..“ کڻي نازل ٿيو.
جي ها پاڻ تي ٻين کي ترجيح ۽اهميت ڏيڻ لاءخلوص، محبت الاهي ۽انسانيت جي ضرورت هوندي آهي،۽ اهي ٽئي خوبيون حضرت زهراء ۾ موجود هيون.

ٻين کي تعليم ڏيڻ.
رسالت جي اهم ڪمن مان هڪ اهم ڪم ”ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيڻ “آهي ،پروردگار منان رسالت جي ان ڪم کي بيان ڪندي فرمائي ٿو: هُوَ الَّذِي بَعَثَ فِي الْأُمِّيِّينَ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ. (الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر موڪليو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي،

حضرت زهراء به رسالت جي ان ڪم ۾پاڻ ڪريمن  سان شريڪ هيون، پاڻ عورتن ۽ مردن جي سوالن جا جواب ڏينديون هيون ۽ عورتن کي شرعي حڪمن جي تعليم به ڏينديون هيون،
حضرت امام حسن عسڪري (ع) روايت ڪن  ٿا :
هڪ عورت حضرت زهراء وٽ آئي ۽ عرض ڪيائين ته منهنجي ماء بيمار آهي ۽ نماز جي باري ۾ڪجھ سئوال پڇڻ جي لاء مون کي اوهان جي خدمت ۾ موڪليو اٿائين ته جيئن انهن جا جواب اوهان کان حاصل ڪري انهن کي وڃي ٻڌايان. پوء ان عورت سوال پڇڻ شروع ڪيا ۽ حضرت زهراء حوصلي ۽ اطمينان سان جواب ڏينديون رهيون،ليڪن اها عورت گھڻن سوالن جي ڪري شرمندگي محسوس ڪري رهي هئي ۽ چيائين ته مان ان کان وڌيڪ اوهان کي تڪليف ڏيڻ نٿي چاهيان ،ته بي بي فرمايس: ڪا ڳاله ناهي جيڪو چاهين پڇي سگھين ٿي،ڇو ته تنهنجي هر سوال جي جواب جو خدا مونکي بهترين اجر ڏيندو، ۽ فرمايائون :ته اگر ڪوشخص هڪ ڏينهن هڪ وزني شي کي ڇت تائين کڻي وڃي ۽ انکي هڪ هزار دينار مزدوري جا ڏنا وڃن ته ڇا ان جي لاء اهو بار کڻڻ تڪليف جو سبب ٿيندو؟ عورت عرض ڪيو ته نه سائيڻ انکي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿيندي ، پوء بي بي فرمايو:مان تنهنجي هر سوال جي جواب جو خدا جي بار گاه مان ان کان وڌيڪ حق ۽ اجر حاصل ڪنديس ، ان ڪري تون پريشان نه ٿي،۽ بابا رسول خدا مونکي ٻڌايو آهي ته اسان جي مڪتب جو استاد قيامت جي ڏينهن ان علم جي برابر جيڪو ان ٻين کي سيکاريو هوندو ، ان کي اجر ڏنو ويندو ، ۽ ان کي هڪ اعلي مقام ڏنو ويندو ۽ پوء ان کي خطاب ٿيندو ته اي اهي شخصوجن آل محمد جي يتيمن جي سرپرستي ڪئي (انهن کي علوم آل محمد سان سينگاريو )۽ انهن جا روحاني ۽ ديني پيء هئو اچو اڄ پنهنجو اجر ۽ حق وٺو.“

اولاد جي تعليم ۽ تربيت   .
قرآن ڪريم سڀني مومنن کي حڪم ڏنو آهي ته : يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا وَقُودُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ“اي ايمان وارؤ پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پٿر ھوندا“    پاڻ  کي گناهن ۽  بچڙائن  کان  بچائڻ ۽ خاندان وارن کي  تعليم  ۽ تربيت  جي ذريعي امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندي هر قسم جي خطا ، غلطي ۽ گناه ۽ بڇڙائن کان بچائڻ هر مومن تي واجب  آهي. قرآن جي حڪم جي بناتي  حضرت زهراء جيڪا پاڻ وحي رسالت  جي آغوش ۾ تعليم ۽تربيت حاصل ڪري چڪي هئي، پنهنجي اولاد جي تربيت  جي ذميواري کي اهڙي نموني ته انجام ڏنائون جو معاشري کي حضرت حسن ۽ حسين عليهماالسلام  جهڙا تربيت يافته پٽ ۽ حضرت زينب  ۽ حضرت  ام کلثوم  جهڙيون نيڪ سيرت  ڌيئرون  ڏئي معاشري  جي عورتن ۽ مائرن  جي لا نمونه  عمل  ڇڏي ويون آهن. بي بي  ان عظيم ذميواري کي  انجام ڏيڻ جي شروعات  حسنين  جي ڪنن ۾ اذن ۽  اقامت  چوڻ  سان  ڪن ٿيون،سندن سهڻا نالا رکن ٿيون.

امام حسن  کي ننڊپڻ  ۾ ئي  مسجد  ڏانهن  موڪلين ٿيون  ته جئين  رسول  الله  جا خطبا  ۽ نصحتيون  ٻڌي دل ۽جان سان  انهن  کي ياد ڪري. پاڻ انهن سان گڏجي راند ڪن ٿيون  لکڻ ۽ ملهه جا مقابلا ڪرائن ٿيون،  انهن جي گهر کان  ٻاهر  هجڻ  جي دوران  انهن  تي توجه  ۽ نظر رکن ٿيون ،لباس ،غذا ۽محبت ۾به انهن سان هڪ جهڙو  سلوڪ ڪن ٿيون. اهڙي طرح مختلف طريقن سان پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت ڪن ٿيون .

گھر ۾ ڪم ڪار
ڪم ڪار، محنت ۽ ڪوشش ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ انساني زندگي جو حصو آهي ،۽ بي ڪار ۽ بي ڪاري ۽ واندڪائي نظام زندگي کي مفلوج بڻائي ٿي ڇڏي، ان ڪري قرآن ڪريم سڀني انسانن کي زندگي جي اهم اصول جي طرف توجه ڏياريندي فرمائي ٿو.:” وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى

۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين

انسان جي لاء محنت ۽ ڪوشش کان سواء ڪجھ به حاصل ناهي ٿيندو جنهن جي لاء ڪوشش ڪندو فقط اهو ئي حاصل ٿيندو. ۽ هڪ ٻئي آيت ۾ اسان کي حڪم ڏئي ٿو :” فَإِذَا فَرَغْتَ فَانصَبْ“” ۽ جڏهن هڪ اهم ڪم مان فارغ ٿي وڃي ته ٻئي ڪم ۾ مسروف ٿي وڃ“  آئمه معصومين عليهم السلام به پنهنجي زندگين ۾ ڪم ڪار، محنت ۽ ڪوشش ڪندا رهيا آهن . حضرت زهراء پڻ ڪم ڪار ۽ محنت ڪنديون هيون، شادي جي پهرين ڏينهن ۾ ئي رسول خدا (ص)  حضرت زهراء جي گھر آيا ۽ مولا علي عليه السلام ۽ حضرت زهراء کي ڪم ورهائي ڏين ٿا ۽ فرمائن ٿا: ته زهراء گھرجي اند
ر وارا ڪم ڪندي ۽ علي گھر کان ٻاهر وارا ڪم ڪندو ۽ ان تقسيم بندي تي حضرت زهراء ڪافي دفعا پنهنجي رضا مندي جو اظهار به ڪيو..

هڪ  ڏينهن مولا علي عليه السلام بني سعد جي هڪ مرد کي فرمائن ٿا :” تون منهنجي ۽ زهراء جي گڏيل زندگي کي ٻڌڻ چاهين ٿو ته ٻڌ :زهراء اها لاڏلي ڌيء آهي جيڪا رسول الله (ص) کي سڀني کان وڏيڪ پياري هئي ليڪن منهنجي گھر ۾ اچڻ کانپوء ايترو ته مشڪ سان پاڻي ڀريو هيائين جو سندس جسم ته ان جا نشان پئجي ويا ،ايترو ته جنڊ هلائيندي هئي جو هٿن ۾ لفون پئجي وينديون هيس ،۽ گھر ۾ ايتري ته ٻهاري ڏيندي هئي جو سندس جسم ۽ ڪپڙا مٽي سان ڀرجي ويندا هئا، ماني ۽ کاڌو پچائڻ لاء ايترو ته باه جي ويجھو ٿيندي هئي “جو سندس لباس ميرو ۽ ڪارو ٿي ويندو هيس.“

هڪ ڏينهن حضرت زهراء نوڪرياڻي وٺڻ جي لاء رسول الله (ص) جي بارگاه ۾ وئي پر جڏهن ڏٺائين ته اڃا مهاجرن جي لاء رهڻ جو ڪو خاص بندوبست ئي نه ٿيو آهي ۽ بي گھر ماڻهو اڃا مسجد جي چپوتري ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان ڪري رسول الله (ص) کين نوڪرياڻي نه ڏني، بلڪه انهن جي معنوي ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر تسبيح جو ذڪر عطا ڪيو جيڪو ” تسبيح فاطمة الزهراء“ سان مشهور آهي ۽ بي بي ان تي راضي ٿي ۽ واپس هليون ويون.

جابر بن عبدالله انصاري پڻ روايت ڪري ٿو:” هڪ ڏينهن رسول الله (ص)  جناب زهراء کي ان حالت ۾ ڏٺو جو کيس ٿلهو لباس پهريل هيو هڪ هٿ سان چڪي هلائي رهئي هئي ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي فرزند کي کير پياري رهي هئي ،پاڻ روئندي فرمايائون ڌيء هن دنيا جي سختين کي برداشت ڪر ته جئين آخرت جي مٺاڻ ۽ لذت حاصل ڪري سگھين، بي بي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ان مناسبت سان هي آية پيغمبر اڪرم (ص) تي نازل ٿي :” وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى“۽تنهنجو رب توکي ايترو عطا ڪندو جو تون راضي ٿي ويندين.“

امامت جو دفاع

اعلان نبوت کانپوء ۽ ٽي سال لڪيل نموني سان تبليغ کانپوء جڏهن هي آية نازل ٿي: وَأَنذِرْ عَشِيرَتَكَ الْأَقْرَبِينَ “ته جئين پيغمبر اڪرم (ص) پنهنجي ويجھن مائٽن کي کلي نموني اسلام جي دعوت ڏئي، رسول اڪرم(ص) جن مولا علي عليه السلام جن کي حڪم ڏنو ته انهن جي لاء کاڌي جو بندوبست ڪري، ان دعوت ۾ چاليهه ماڻهو آيا ۽ رڍ جي هڪ ران مان ”جيڪا با برڪت هئي“ سڀني ماڻهن کائي ڍئو ڪيو پوء رسول الله (ص) انهن سان مخاطب ٿيندي انهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ فرمايائون:”امرني الله تعالي ان ادعوکم اليه...“ ليڪن ان دعوت ۾ امام علي عليه السلام کانسواء ٻئي ڪنهن به دعوت کي قبول نه ڪيو، جڏهن ته مولا علي عليه السلام سڀني کان عمر ۾ ننڍا هئا .

ان کانپوء مصيبتون ويون وڌنديون ۽ جڏهن حضرت زهراء هن دنيا ۾ آيون ۽ اڃان ننڍي عمر ئي هئن جو جڏهن حضرت رسول الله (ص) دشمنن جي طرفان ڏنل تڪليفون برداشت ڪري گھر ايندا هئا ته حضرت زهراء ئي هوندي هئي جيڪا کين آٿت ۽ تسلي ڏيندي هئي رسول الله (ص) کانپوء مولا علي عليه السلام سان جيستائين زنده هيون هر تڪليف ۾ ساڻن گڏ هيون ۽ امامت جي دفاع ۾ جيڪي بي بي تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪيون اسان انهن مان ڪجھ نمونا هتي ذڪرڪنداسين.

رسول الله (ص) جي وفات کانپوء جڏهن غاصبن اميرالمومنين جي حق خلافت تي قبضو ڪري ورتو ته ان وقت حضرت زهراء جن راتين جو حسنين ڪريمين کي ساڻ ڪري انصار جي گھرن ۾ وينديون هيون ۽ انهن کان حق کي واپس ڪرڻ لاء مدد گھرنديون هيون ،ليڪن انصار اهو چئي ته اي رسول جي نياڻي توهان دير سان آيا آهيو اسان هن کان پهريان ئي بيعت ڪري ڇڏي آهي حضرت زهراء جي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيائون، ته ان وقت بي بي ناراضگي جو اظهار ڪندي فرمايو: علي پنهنجي ذميواري ادا ڪئي ۽ ماڻهن به پنهنجو ڪم ڪيو آهي جو انهن کي اجر به ان جو ئي ڏنو ويندو

محمود بن لبيد چوي ٿو:” رسول الله جي وفات کانپوء حضرت زهراء لڳاتار شهداء احد جي مزارن تي ويندي هئي ۽ خاص ڪري  سيدالشهداء حضرت حمزه جي مزار تي ڏاڍو روئندي هئي، هڪ ڏينهن مان بي بي وٽ ويس ۽ ان کي تسلي ڏيندي سوال ڪيم ته ڇا رسول الله پنهنجي وفات کان پهريان علي جي امامت جي باري ۾ واضح  لفظن ۾ ڪا خاص ڳالهه نه ڪري ويا هئا؟ ته بي بي جواب ۾ فرمايو :مونکي تو تي تعجب ٿئي ٿو ڇا غدير وارو قصو وساري ڇڏيو اٿئي ان کان علاوه مان رسول الله کان ٻڌم پاڻ فرمايائون ته علي منهنجو بهترين جانشين  آهي ۽ اسانکي اهو ڄاڻڻ گھرجي ته رسول الله فرمائي چڪو آهي ته علي جو مثال ڪعبي وانگر آهي ماڻهن کي گھرجي ته ان ڏانهن اچن نه ڪه ڪعبو انهن ڏانهن اچي .

اهم ترين ۽ حساس ترين ڪم جيڪو حضرت زهراء جن حضرت علي جي امامت ۽ ولايت جي لاء انجام ڏنو هو، اهو خطبو آهي جيڪو رسول الله جي وفات کانپوء بي بي  مسجد نبوي ۾ مهاجرن ۽ انصار سان مخاطب ٿيندي بيان فرمايو هيو ،جنهن ۾ بي بي توحيد جي باري ۾ معرفت ڀريا جملا، نبوت جھڙي اهم موضوع جي وضاحت، قرآني معلومات ۽ قرآن جي شناخت ، احڪام شرعي جو فلسفو ، امت جي نجات ۽ ترقي لاء رسول الله جون ڪيل ڪوششون، ۽ان راه ۾سهيل تڪليفون ، مولا علي عليه الس
لام جو مقام ۽حيثيت ،جيڪو رسول الله وٽ انهن لاء هيو، ۽ آخر ۾ خلافت غصب ڪندڙن جي ملامت ۽ بيڪار ۽ سست دوستن ۽ مددگارن جي لاچاري کي بيان ڪيو ته جيئن ماڻهو سڌي رستي تي اچي وڃن ۽ ابدي هلاڪت ۽ بردباري کان بچي وڃن، ليڪن اهو نه ٿي سگھيو جيڪو بي بي ٿي چاهيو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo