Ad 468 X 60

Monday, February 4, 2019

مولا عليه السلام جي ڪميل ابن زياد کي وصيت


اميرالمؤمنين عليه السلام:
 اي ڪميل ابن زياد هر ڏينهن جي ابتدا الله جي نالي سان ڪر ۽ الله تي توڪل رک ۽ اسانجو ذڪر ڪر ۽ اسان تي صلوات پڙهه، اي ڪميل بتحقيق رسول الله کي خداوند متعال تعليم ڏني ۽ انهي مونکي تعليم ڏني ۽ مان مومنن کي تعليم ڏيان ٿو، ۽ مان نبين جي علم جو وارث آهيان.
اي ڪميل ! مومن جي بهترين آرائش ان جي تواضع سان آهي ان جي خوبصورتي  پاڪدامني سان آهي، ان جو شرف شخصيت سان آهي ۽ ان جي عزت ان جي گفتگو مان ظاهر ٿيندي آهي.
اي ڪميل ! مومن اهو آهي جيڪو اسان جي قول جي موافق چوندو آهي جنهن اسان سان تخلف ڪيو انهي اسان سان ڪوتاهي ڪئي ۽ جنهن اسان سان ڪوتاهي ڪئي اهو اسان سان ملحق نه ٿيو ۽ جيڪو اسان سان گڏ نه آهي اهو جهنم جي اسفل مقام تي هوندو اي ڪميل ! هر شدت و تڪليف وقت لا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم “ چؤ، ته هي تنهنجي لاءِ ڪفايت ڪندو ۽ هر نعمت تي الحمد الله چؤ ته انهي سان نعمتن ۾ زيادتي ٿيندي.
اي ڪميل! بيشڪ تنهنجا گناهه تنهنجي نيڪين کان زيادهه آهن ۽ تنهنجي غفلت تنهنجي ذڪر خدا کان زائد آهي ۽ توتي الله جون نعمتون تنهنجي اعمالن کان گهڻيون آهن.
اي ڪميل! قلب جي ڳالهه زبان سان ظاهر ٿيندي آهي ۽ قلب غذا سان قائم آهي بس انهي تي غور ڪر ته تون پنهنجي قلب ۽ جسم کي ڪهڙي غذا ڏني، اگر اها تنهنجي لاءِ حلال ناهي ته خدا تنهنجي تسبيح ۽ شڪر کي قبول نه ڪندو.
اي ڪميل! جيڪو جنت ۾ سڪون نه ڪندو انهي کي درد ناڪ عذاب جي هڪ مستقل ذلت جي، منهن ڀرڪرڻ جي، اعضاءِ جي قطع ٿي وڃڻ جي، طويل زنجيرن جي، جهنم کي ٻارڻ سان ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ جي، هر شيطان سان قربت جي، خراب ڦٽن جي رت پيارڻ جي درشت (خراب ) مزاج مخالفين جي، ڀڙڪندڙ باهه جي، ۽ بند دروازن جي بشارت ڏئي ڇڏ، اهي دانهون ڪندا رهندا ليڪن ڪوبه جواب نه ڏيندو، فرياد ڪندا مگر ڪوئي رحم نه ڪندو پوءِ اهي جهنم جي داروغي کي چوندا اي مالڪ اسان کي هتان کان ٻاهر ڪڍ، ته اهو چوندو توهان اتي ئي رهندؤ ڇا توهان وٽ حق نه آيو هو بلڪل آيو هو ليڪن توهان مان اڪثرن انهي حق کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
اي ڪميل! خدا جي قسم اسان ئي اهو حق آهيون جنهن جي باري ۾ خدا فرمايو آهي ته اگر حق خواهشات جي پيروي ڪري ها ته آسمان ۽ زمين ۾ فساد ٿي وڃي ها ۽ ڪير باقي رهي ها.
اي ڪميل! آخرت جي بصيرت رکڻ وارو هر شخص ۽ انهي جي لاءِ الله ج جو ثواب ۽ جنت جا اعليٰ درجات آهن جنهن جو سواءِ متقي ۽ پرهيزگار جي ڪو وارث نه هوندو.
اي ڪميل! اگر چاهين ٿو ته آماده  ٿي وڃ ۽ مان جيڪو چوان ٿو انهي تي عمل ڪر.

” ڪتاب نهج الاسرار جلد اول    339_354 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo