Ad 468 X 60

Tuesday, February 5, 2019

امام محمد باقر عليه السلام علماء اهل سنت جي نگاه ۾

  تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:

وجود مقدس حجت خدا آسمان ولايت جي پنجين ستاري، حضرت امام محمد باقر عليه السلام پهرين رجب سن 57 هجري ۾ مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا، پاڻ عليه السلام امام زين العابدين عليه السلام جا سڀني کان وڏا فرزند هئا، والده ماجده جو نالو فاطمه بت امام حسن مجتبي( عليها السلام) هيو، پاڻ پهريان امام آهن جيڪي والدين جي لحاظ کان ٻنهي طرفن کان علوي آهن.


سن 95 هجري  ۾ پنهنجي والد محترم امام زين العابدين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ الهي منسب تي تقريبا 19 سال فائز رهيا، 7 ذي الحج سن 114 هجري ۾ ابراهيم ابن وليد، هشام بن عبدالملڪ ملعون جي حڪم سان زهر ڏنو، جنهن جي اثر سان شهيد ٿي ويا، جنت البقيع جي قبرستان ۾ امام حسن عليه السلام ۽ امام زين العابدين سان گڏ دفن ٿيا.

آئمه معصومين عليهم السلام منجهان هر امام جي زندگي ٻي امام جي زندگي کان مختلف گذري آهي پهرين امام جو زمانو ٻي امام جي زماني کان مختلف هيو ٽئين امام جو زمانو ٻئين امام جي زماني کان مختلف هيو امام محمد باقر عليه السلام جو زمانو ٻين امامن جي نسبت ڪجھ آسان هيو ۽ امام عليه السلام ان مان مڪمل فائدو حاصل ڪندي علم آل محمد جي پرچار ڪئي ۽ پنهنجي شخصيت کي پاڻ مڃرايو جو اهل سنت سان تعلق رکندڙ به امام عليه السلام جي شخصيت کي قبول ڪندي امام عليه السلام جا فضائل بيان ڪيا آهن  اسان هن مختصر تحرير ۾ امام محمد باقر عليه السلام  جي عظمت کي علماء اهل سنت جي نگاه سان  بيان ڪنداسين .

 

 

امام محمد باقر عليه السلام اهل سنت جي علمائن جي نگاه ۾

عن عبدالله بن عطاء قال ما رأيت العلماء عند أحد أصغر علما منهم عند أبي جعفر لقد رأيت الحكم عنده كأنه متعلم.[1]

مون وڏن عالمن کي ابو جعفر امام محمد باقر عليه السلام جي سامهون عام انسانن وانگر ڏٺو. مون پاڻ ڏٺو هيو ته حڪم (ابن عتيبه) ابو جعفر جي سامهون هڪ ننڍي شاگرد وانگر هيو.

عطار نيشاپوري

عطار نيشاپوري: هي اهل سنت جو اديب ۽ شاعر آهي، هن امام محمد باقر عليه السلام جي باري ۾ لکيو آهي : ابو جعفر حجت خدا آهي،  رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي اولاد منجهان ۽ علي ع جي پوٽن منجهان آهي  جيڪو ظاهر ۽ باطن کي ڏسڻ وارو هيو، هن جو نالو ابو جعفر محمد باقر آهي. ان جو پٽ جعفر صادق (ع) آهن جنهن جي ڪنيت ابو عبدالله آهي. امام محمد باقر هر ننڍي ۽ وڏي علم جا عالم هئا ان جون تمام گهڻيون ڪرامتون به مشهور هيون، هن خدا جي راه ۾ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي.[2]

 ابن ابي الحديد معتزلي

وهو سيد فقهاء الحجاز ، ومنه ومن ابنه جعفر تعلم الناس الفقه ، وهو الملقب بالباقر ، باقر العلم ، لقبه به رسول الله صلى الله عليه وسلم ولم يخلق بعد ، وبشر به ، ووعد جابر بن عبد الله برؤيته ، وقال : ستراه طفلاً ، فإذا رأيته فأبلغه عني السلام ، فعاش جابر حتى رآه ، وقال له ما وصي به. [3]

هو (امام محمد باقر عليه السلام) حجاز جي بزرگ فقهاء منجهان هيو،  هن کان ۽ ان جي پٽ امام صادق (ع) کان ماڻهن فقه جو علم سکيو، ان جو لقب باقر هيو، هو باقر علوم هيو، ۽ هن کي هي لقب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم عطا ڪيو هيو ۽ رسول الله پنهنجي صحابي جناب جابر ابن عبدالله انصاري کي خوشخبري ڏني هئي ته تون منهنجي پٽ محمد باقر(ع) سان ملاقات ڪندين ۽ فرمايو هيو : تون منهنجي پٽ کي ننڍپڻ واري حالت ۾ ڏسندين جڏهن ان سان ملاقات ڪجان ته ان کي منهنجا سلام ڏجان ۽ جناب جابر کي الله سائين ايڏي وڏي عمر عطا ڪئي جو هن محمد باقر (عليه السلام) سان ملاقات ڪئي ۽ جيڪو جابر کي چيو ويو هيو اهو جابر انجام ڏنو.

 محي الدين نووي

هي اهل سنت جي شافعي مذهب جو عالم آهي، هن امام محمد باقر (عليه السلام) جي لاءِ لکيو :

محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب رضي الله عنهم القرشي الهاشمي المدني أبو جعفر المعروف بالباقر سمي بذلك لأنه بقر العلم اي شقه فعرف أصله وعلم خفيه ... وهو تابعي جليل إمام بارع مجمع على جلالته معدود في فقهاء المدينة وأئمتهم.[4]

محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب آهن هو بني هاشم جي قبيله قريش منجهان هيو، هو مدينه جو رهڻ وارو هيو، ان جي ڪنيت ابو جعفر هئي جيڪو باقر جي نالي سان مشهور هيو  ڇو جو هن علم جي خزانن کي ڇيڙيو ۽ اصل علم جي ظاهر ۽ باطن کان واقف هيو، هو تابعين منجهان، هڪ عظيم انسان ۽ علم ۾ ماهر امام هيو ، جنهن جي عظمت ۽ جلالت تي تمام علماء جو اجماع آهي ۽ ان جو شمار مدينه جي فقهاء ۽ آئمه منجهان هوندو هيو .[5]

ابن خلکان (متوفي 681 ہجري)

محمد الباقر أبو جعفر محمد بن زين العابدين علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب رضي الله عنهم أجمعين الملقب الباقر أحد الأئمة الاثني عشر في اعتقاد الإمامية وهو والد جعفر الصادق.

كان الباقر عالما سيدا كبيرا وإنما قيل له الباقر لأنه تبقر في العلم أي توسع.

محمد باقر ابو جعفر ۽ محمد بن زين العابدين علي بن حسين بن علي بن ابي طالب آهن انهن سڀني کان الله سائين راضي هجي، هُن جو لقب باقر هيو، هو شيعين جي اعتقاد جي مطابق ٻارنهن امامن منجهان هڪ امام آهن، ۽ هو جعفر صادق جو والد، (امام ) باقر هڪ عالم ۽ بزرگ انسان هيو، ان کي باقر چيو ويندو هيو، ڇو جو هن علم ۾ واڌارو ڪيو.( يعني مختلف علمن کي ايجاد ڪيو) [6]

رازي (متوفي 721 ہجري)

رازي جو شمار اهل سنت جي اديبن منجهان ڪيو وڃي ٿو  هو لفظ ب ق ر جي هيٺان لکن ٿا:

و التبقر التوسع في العلم ومنه محمد الباقر لتبقره في العلم.

تبقر يعني علم ۾ وڌارو ڪرڻ، انهي معني ۾ محمد کي باقر چيو ويندو آهي ڇو جو هن مختلف علمن ۾ وڌارو وڌو.[7]

ابن تيميہ (متوفى 728 ہجري)

ابو جعفر محمد بن على من خيار اهل العلم والدين وقيل: انما سمي الباقر لانه بقر العلم.

ابو جعفر محمد بن علي، هو تمام بهترين، اهل علم ۽ ديندارن منجهان هيو، چيو ويو آهي ته ان جو نالو باقر رکيو ويو هيو، ڇو جو هن علم ۾ شگاف (علم کي ترقي ڏني) وڌو هيو.[8]

 

ذہبي (متوفى 748 ہجري)

ذهبي جو شمار اهل سنت جي وڏن عالم ۾ شمار ٿيندو آهي، هن امام محمد باقر عليه السلام جو تعارف ڪرائيندي فرمايو آهي.

ابنه أبو جعفر الباقر هو السيد الإمام أبو جعفر محمد بن علي بن الحسين بن علي العلوي الفاطمي المدني ولد زين العابدين ... وكان أحد من جمع بين العلم والعمل والسؤدد والشرف والثقة والرزانة وكان أهل للخلافة ... وشهرأبو جعفر بالباقر من بقر العلم أي شقه فعرف اصله وخفيه ولقد كان أبو جعفر إماما مجتهدا تاليا لكتاب الله كبير الشأن.

هو (امام سجاد عليه السلام) جو فرزند هيو، پاڻ امام ۽ آقا، ابو جعفر محمد بن علي بن حسين بن علي علوي، فاطمي ۽ مديني ( مدينه جي رهڻ وارو) هيو، هو زين العابدين جو پٽ هيو، هن زماني ۾ فقط هو اهڙو انسان هيو جنهن علم ۽ عمل، بزرگي ۽ شرافت، عظمت ۽ جلالت کي پاڻ ۾ سٺي نموني سان جمع ڪيو هيو، يعني هي سڀ صفتون امام  باقر (عليه السلام) ۾ هڪ ئي وقت پاتيون وينديون هيون، ابو جعفر باقر جي نالي ۽ لقب سان مشهور ٿي ويا هئا، ڇو جو هن علم ۾ اضافو ڪيو هيو، ۽ هو اصل علم جي ظاهر ۽ باطن کان آگاه هيو، ۽ ابو جعفر هڪ امام، مجتهد ۽ خداوند عالم جي ڪتاب جي تلاوت ڪرڻ وارو هيو.[9]

ذهبي ساڳئي ڪتاب ۾ ٻي جاءِ تي جتي هن ٻين امامن جا هڪ هڪ ڪري نالا ذڪر ڪيا آهن اتي امام محمد باقر عليه السلام جي نالي مبارڪ کي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ لکيو اٿس.

وكذلك ابنه أبو جعفر الباقر سيد امام فقيه يصلح للخلافة.

۽ اهڙي طرح ان جو پٽ (امام سجاد عليه السلام جو پٽ) ابو جعفر باقر سيد (سردار)، امام ۽ فقيه هيو ، جيڪو خليفو ٿيڻ ۽ خلافت جي صلاحيت رکندو هيو.[10]

صفدي شافعي (متوفي 764 ہجري

هن پنهنجي ڪتاب الوافي بالوفيات ۾ هن طرح لکيو آهي.

الباقر رضي الله عنه محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب رضي الله عنهم أبو جعفر الباقر سيد بني هاشم في وقته ... وكان أحد من جمع العلم والفقه والديانة والثقة والسودد وكان يصلح للخلافة وهو أحد الأئمة الإثني عشر الذين يعتقد الرافضة عصمتهم وسمي بالباقر لأنه بقر العلم أي شقه فعرف أصله وخفيه.

(امام ) باقر (عليه السلام) محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب آهن، هن جي ڪنيت ابو جعفر باقر هئي، ۽ هو پنهنجي زماني ۾ بني هاشم جي بزرگن منجهان هيو، اُن زماني ۾ پاڻ اهڙا انسان هئا جن علم ۽ عمل، بزرگي ۽ شرافت، عظمت ۽ جلالت کي پاڻ ۾ سٺي نموني سان جمع ڪيو هيو، يعني هي سڀ شيون هڪ ئي وقت امام باقر جي ذات ۾ پاتيون وينديون هيون ، ابوجعفر  باقر جي نالي ۽ لقب سان مشهور ٿي چڪا هئا، ڇو جو امام علم ۾ اضافو ڪيو هيو ۽ اصل علم جي ظاهر ۽ باطن کان آگاه هئا.[11]

ابن کثير دمشقي (متوفي 774 ہجري)

ابن ڪثير جيڪو ابن تيميه جو بهترين شاگرد هيو، هن انهن لفظن سان امام محمد باقر عليه السلام جي تعريف ڪئي آهي.

وهو محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب القرشي الهاشمي أبو جعفر الباقر وأمه أم عبد الله بنت الحسين بن علي وهو تابعي جليل كبير القدر كثيرا أحد اعلام هذه الامة علما وعملا وسيادة وشرفا.

هو محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب القرشي، بني هاشم جي قبيلي مان آهي، ابو جعفر باقر ۽ انجي والده ام عبدالله، امام حسن جي ڌيءَ هئي، هو (امام محمد باقر عليه السلام ) تمام وڏي عزلت وارو، تابعين منجهان هيو ، ۽ علم ۽ عمل، بزرگي ۽ شرف جي لحاظ کان هن امت جي بزرگن منجهان هيو.[12]

 

ابن حجر عسقلاني (متوفي 852 هجري):

ابن حجر عسقلاني به امام محمد باقر عليه السلام کي هڪ فاضل ۽ قابل اعتماد انسان چيو آهي ابن حجر عسقلاني امام عليه السلام جي باري ۾ لکن ٿا :

محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب أبو جعفر الباقر ثقة فاضل.

محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب ابو جعفر باقر هڪ فاضل ۽ قابل اعتماد شخص هئا.

[13]

هو پنهنجي انهي ڪتاب (تهذيب التهذيب ) ۾ امام محمد باقر عليه السلام جي باري ۾ اهل سنت جي علمائن جي قولن کي هن ريت بيان ڪيو آهي:

محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب الهاشمي أبو جعفر الباقر ... قال بن سعد كان ثقة كثير الحديث ... وقال العجلي مدني تابعي ثقة وقال بن البرقي كان فقيها فاضلا وذكره النسائي في فقهاء أهل المدينة من التابعين.

محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب، جيڪو بني هاشم جي قبيلي مان هيو ۽ هو ابو جعفر باقر هيو. ابن سعد هن (امام باقر عليه السلام) جي باري ۾ لکيو آهي : هو هڪ قابل اعتماد شخص هيو جنهن کان تمام گهڻيون حديثون نقل ٿيون آهن.

عجلي هن (امام ) جي باري ۾ چيو آهي : هو اهل مدينه جي تابعين مجهان هيو ۽ هو هڪ قابل اعتماد شخص به هيو.

برقي چيو آهي : هو هڪ فقيه ۽ صاحب فضيلت انسان هيو.

نسائي به هن (امام ) کي تابعين منجهان قرار ڏنو ۽ ان جو شمار مديني جي فقيهن مان شمار ٿئي ٿو.[14]

ڪافي جاين تي امام عليه السلام جو لقب سيد الفقهاء (فقيهن جو سردار ) جي نالي سان مشهور آهي

بدر الدين عيني ( متوفي 855 هجري ) :

هن امام محمد باقر عليه السلام جو هن طرح سان تعارف ڪرايو آهي :

واما محمد بن علي فهو : محمد بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب ، رضي الله تعالى عنهم أجمعين ، الهاشمي المدني ، أبو جعفر المعروف : بالباقر ، سمي به لأنه بقر العلم أي : شقه بحيث عرف حقائقه ، وهو أحد الأعلام التابعين الأجلاء.

محمد بن علي اهو محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب آهن، هو قبيله بني هاشم ۽ مدينه کان هيو، هن جي ڪنيت ابو جعفر هئي جيڪو باقر جي نالي سان مشهور ٿي چڪو هيو. ڇو جو هن علم ۾ شگاف ڪيو، ان ڪري جو هو مختلف علمن جي ڄاڻ رکندا هئا ۽ هو بزرگ تابعين منجهان هيو.[15]

 

ابن حجر هيثمي (متوفي 973 هجري ):

ابن حجر هيثمي جيڪو شيعن لاءِ تمام گهڻو تعصب رکندو هيو، امام محمد باقر عليه السلام جي باري ۾ هن طرح سان لکن ٿا:

أبو جعفر محمد الباقر سمي بذلك من بقر الأرض أي شقها وأثار مخبئاتها ومكامنها فكذلك هو أظهر من مخبئات كنوز المعارف وحقائق الأحكام والحكم واللطائف ما لا يخفى إلا على منطمس البصيرة أو فاسد الطوية السريرة ومن ثم قيل فيه هو باقر العلم وجامعه وشاهر علمه وعمرت أوقاته بطاعة الله وله من الرسوخ في مقامات العارفين ما تكل عنه ألسنة الواصفين وله كلمات كثيرة في السلوك والمعارف لا تحتملها هذه العجالة وكفاه شرفا أن ابن المديني روى عن جابر أنه قال له وهو صغير رسول الله صلى الله عليه وسلم يسلم عليك فقيل له وكيف ذاك قال كنت جالسا عنده والحسين في حجره وهو يداعبه فقال: يا جابر يولد له مولود اسمه علي إذا كان يوم القيامة نادى مناد ليقم سيد العابدين فيقوم ولده ثم يولد له ولد اسمه محمد فإن أدركته يا جابر فأقرئه مني السلام.

ابو جعفر جي لاءِ باقر جو لقب منتخب ڪيو ويو هيو، جنهن جي معني زمين کي ڦاڙي ڪري ان جي لڪيل خزانن کي ظاهر ڪرڻ آهي، هن کي ان ڪري باقر چيو ويو آهي ڇو جو هن معارف ۽ احڪام جي لڪيل خزانن کي ان طرح سان ظاهر ڪيو جو هر با ضمير ۽ با بصيرت انسان کي معلوم ٿي ويو، ان ڪري ان کي باقر العلوم به چيو ويندو آهي.

ان ڪري ان جي لاءِ عرفاني مراحل ۽ مقامات به ثابت آهن جن کي بيان ڪرڻ وارا بيان ڪرڻ کان عاجز آهن.[16]

 

متقي هندي (متوفي 975 هجري ):

متقي هندي به امام محمد باقر عليه السلام جي جلالت ۽ عظمت کي هن طره سان بيان ڪيو آهي :

محمد بن علي بن الحسين هو الإمام الجليل الهاشمي المدني أبو جعفر الباقر.

محمد بن علي بن حسين، اهو عظيم المرتبه امام هيو جيڪو بني هاشم منجهان، اهل مدينه مان ۽ هن جي ڪنيت ابو جعفر باقر هئي.[17]

ابن عماد حنبلي ( متوفي 1089 هجري ) :

ابن عماد حنبلي تاريخ اسلام جي سن 114 هجري جي حوادث کي نقل ڪندي لکيو آهي ته :

وفيها توفي السيد أبو جعفر محمد الباقر بن علي بن الحسين بن علي بن أبي طالب ولد سنة ست وخمسين من الهجرة ... وكان من فقهاء المدينة وقيل له الباقر لأنه بقر العلم أي شقه وعرف أصله وخفيه وتوسع فيه.

هن سال ابو جعفر باقر  محمد بن زين العابدين علي بن الحسين بن علي بن ابي طالب وفات ڪري ويو ، هو سن 56 هجري ۾ پيدا ٿيو هو ، هو مديني جي فقهاء منجهان هيو جنهن کي باقر چيو ويندو هيو، ڇو جو هن مختلف علمن ۾ شگاف وڌو هيو ۽ هو علم جي اصل ۽ مخفي علمن کان مڪمل آگاه هيو، ان ڪري هن پاڻ علمن ۾ اضافو ڪيو هيو.[18]

 

نتيجو:

آئمه اهل بيت عليه السلام هن زمين تي الله تعالي جي طرفان مخلوق مٿان خليفه ۽ جانشين آهن اهي ئي عصمت ۽ طهارت سان سرشار آهن، حديث ثقلين جي مطابق آئمه اهل بيت عليهم السلام قرآن ڪريم جي برابر آهن، انهن شخصيتن کي سمجهڻ عام انسان جي وس جي ڳالھ نه آهي، ڇو جو انهن جي معرفت فقط علم، معرفت ۽ باطني طهارت جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.

هن تحرير ۾ امام محمد باقر عليه السلام جي شخصيت کي علماء اهل سنت جي جي نگاه ۾ بيان ڪيو ويو آهي، علماءِ اهل سنت جا امام جي باري ۾ نظريات بيان ڪيا ويا آهن امام محمد باقر عليه السلام جي شخصيت جي باري ۾ شيعه ۽ اهل سنت به ڪافي ڪتاب لکيا آهن، اصل فضيلت ۽ ڪمال اهو هوندو آهي جڏهن پنهنجن سان گڏ پراوا به اعتراف ڪن ، هر چاهڻ وارو پنهنجي محبوب جو ذڪر ته ڪندو آهي، پر  محمد ۽ آل محمد جو اهڙو نور آهي جو پنهنجن سان گڏ پراون به احترام سان ذڪر ڪيو آهي محمد ۽ آل محمد جو نور  هر پاڪ ۽ غيرت مند انسان جي باطن کي نوراني ڪندو آهي، ۽ اهيا ئي وجه آهي جو چوڏهن سال گذري وڃڻ جي باوجود به هن نور کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  وئي پر هن نور الهي جي طهارت ۽ عظمت هئي جو اڄ تائين ۽ قيامت تائين باقي رهندو.

 

 

 



[1] . حلية الاولياء و طبقات الاصفياء ج3 ص 186

[2] . تذڪرة الاولياء ص 558، 559.

[3] . شرح نهج البلاغه ج 15 ص 164

[4] . تهذيب الاسماء واللغات ، ج1 ،ص 103

[5] . تهذيب الاسماء واللغات، ج 1 ص 103، شرح النووي علي صحيح مسلم، ج 1 ص 102 

[6] . وفيات الاعيان و انباء أبناء الزمان، ج 4 ص 174 

[7] .  مختار الصحاح، ج 1 ص 24 ،

[8] .  منهاج السنة النبوية، ج 4 ص 50 

[9] . سير أعلام النبلاء، ج 4 ص 401-402 

[10] .  سير أعلام النبلاء، ج 13 ص 120 

[11] .  الوافي بالوفيات، ج 4 ص 77 

[12] . البداية والنهاية، ج 9 ص 309

[13] .  تقريب التهذيب ، ج 1 ص 497.

[14] . تهذيب التهذيب ج 9 ص 311.

[15] . عمدة القاري شرح صحيح البخاري، ج3 ص 52.

[16] . الصواعق المحرقة ج2 ص 586.

[17] . ڪنز العمال في سنن الاقوال والافعال، ج 14 ص 14 ح 37859،

[18] . شذرات الذهب في اخبار من ذهب، ج1 ص 149.


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: