Ad 468 X 60

Monday, May 1, 2023

حضرت امام جعفر صادق ع جي اولاد ۽ سندن شاگردن جي تعداد

  

تحرير: راشد علي چانڊيو

حضرت امام جعفر صادق ع جي اولاد جي تعداد ۾ ڪو خاص اختلاف نه آهي اڪثر ڪتابن ۾ اولاد جي تعداد 10 ذڪر ڪئي وئي آهي جيئن  شيخ مفيد امام ع جي اولاد جي تعداد به 10 ذڪر ڪئي آهي (الارشاد، ج2، ص209.)

امام جعفر صادق ع جا 7 پٽ ۽ 3 نياڻيون هيون جن جي


تفصيل هن ريت آهي 


1: سڀ کان وڏو پٽ جناب اسماعیل هيو جيڪو اعرج جي نالي سان معروف هيو، هن جي ماء جو نالو فاطمه بنت حسين بن علي بن

حسين ع هيو.

جناب اسماعيل جي وفات امام جعفر صادق ع جي زندگي ۾ ٿي هئي جن ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر هي هئي ته امام صادق ع کان بعد ۾ اسماعيل امام ٿيندو انهن سڀني امام ع واضح طور تي جناب اسماعيل جو جنازو ڏيکاريو ته جيئن انهن جي سوچ ۾ غلطي آهي ان جي اصلاح ٿي سگهي ۽ مون کان بعد واري منسب تي ڪنهن کي به ڪو شڪ نه رهي سگهي پر جن جي سوچ جناب اسماعيل جي امامت تي هئي انهن جناب اسماعيل جي فرزند محمد بن اسماعيل کي پنهنجو امام تسليم ڪيو ۽ ان کان بعد ۾ مذهب اسماعيليه جي شروعات ٿي  (اشعری، المقالات و الفرق، ص213، 214.)

2. عبدالله افطح هن جي ماء جو نالو فاطمه بنت حسین بن علی بن حسین(ع) هيو، هن امام جعفر صادق ع جي شهادت کان بعد ۾ امامت جو اعلان ڪيو هيو ان زماني ۾ ڪجه ماڻهن ان جي امامت کي به تسليم ڪيو هيو ان مذهب کي مڃڻ وارن کي فطحيه چيو ويو آهي (شهرستانی، ملل و نحل، 1415ق، ج1، ص148. 

3: امام موسی کاظم(ع) جنهن جي والده جو نالو حمیده بنت صاعد یا صالح هيو امام ع ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهي پاڻ منصب امامت فائز هئا.  (کلینی، الکافی، ج1، ص307-311)


4. اسحاق بن جعفر صادق(ع) هن جي به ماء جو نالو حمیده بنت صاعد یا صالح هيو، هي تمام وڏو عبادت گذار ۽ پنهنجي زماني جو وڏو راوي هيو هي پنهنجي ڀاء امام موسي ڪاظم ع جي امامت جو قائل هيو ۽ ٻين فرقن وارن سان به بحث ۽ مباحثو به ڪندو رهندو هيو. 


5. محمد دیباج بن جعفرصادق(ع) هن جي به ماء جو نالو حمیده بنت صاعد یا صالح هيو، هي پنهنجي زماني جو وڏو شجاع ۽ بهادر هيو ان سان گڏ هي وڏو عبادت گذار به هيو. 


6. عباس بن جعفر صادق(ع) هي به تمام وڏو عبادت گذار هيو. 

7. علی بن جعفر(ع) هي تما وڏو سخي، هر هڪ تي احسان ڪندڙ ۽ وڏو عبادت گذار هيو، هي حقيقت ۾ امام موسي ڪاظم ع جو شاگرد به آهي ۽ امام ع جي ئي امامت جو قائل رهيو. 

8. ام فروه هن جي ماء جو به نالو به ام فروه هيو. 

9.اسماء 

10. فاطمه


شيخ مفيد الارشاد ۾ لکن ٿا ته عباس، علي، اسماء ۽ فاطمه هڪ ئي ماء مان هئا ۽ انهن جي ماء هڪ ڪنيز هئي. (مفید، الارشاد، 1413ق، ج2، ص209)


امام جعفر صادق ع جا شاگرد ۽ راوي


امام جعفر صادق ع بني عباس ۽ بني اميه جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۽ اختلافن سبب اهڙي ته فرصت ملي جو پاڻ ان کان فائدو حاصل ڪندي اسلام جي پرچار ڪئي اهڙي فرصت ڪنهن به امام کي حاصل نه ٿي سگهي، امام ع کان هر مڪتب فڪر واري شخص علم حاصل ڪيو آهي.

شيخ طوسي پنهنجي ڪتاب رجال ۾ امام جعفر صادق ع جي شاگردن جي تعداد 3200 ذڪر ڪئي آهي ۽ انهن سڀني جا نالا به ذڪر ڪيا اٿس.

شيخ مفيد پنهنجي ڪتاب الارشاد ۾ امام ع جي شاگردن جي تعداد چار هزار ذڪر ڪئي آهي. 

هن عقيدي کي مڃڻ وارن جي تعداد تمام گهڻي آهي ۽ اڪثر ڪتاب ۾ هن ئي تعداد مطابق لکيا ويا آهن 

ابن عقبه امام جعفر صادق ع جي شاگردن بابت ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن چار هزار شاگرن جا نالا ذڪر ڪيا.  


امام جعفر صادق ع جا مشهور شاگرد. 

زُرارَة بن اَعین

محمد بن مسلم

بُرَید بن معاویه

جَمیل بن دَرّاج

عبدالله بن مُسکان

عبدالله بن بُکَیر

حَمّاد بن عثمان

حماد بن عیسی

اَبان بن عثمان

ابو بصیر اسدی

هشام بن سالم

هشام بن حَکَم 

( پاکتچی، «جعفر صادق، امام»، ص183.)

التماس سوره فاتحه براي والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو ولد امام علي چانڊيو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: