Ad 468 X 60

Wednesday, December 27, 2023

حضرت ام البنين (س) جي زندگي جو مختصر تعارف:

 


تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:

حضرت علي (ع) پيغمبر اڪرم (ص) جي نياڻي حضرت فاطمه زهرا (س) سان پهرين شادي ڪئي هئي جنهن وقت تائين حضرت فاطمه زهرا (س) زنده رهي حضرت علي (ع) ٻي شادي نه ڪئي، سن 11 هجري ۾ جڏهن پيغمبر اڪرم (ص) جي رحلت ٿي ۽ ان جي ڪجھ ئي عرصي


کان بعد ۾ حضرت فاطمه زهرا (س) جي دردناڪ شهادت ٿي ته حضرت علي (ع) جناب فاطمه زهرا (س) جي وصيت مطابق جناب امامه بنت ابوالعاص سان شادي ڪئي (1) ڇو جو حضرت حسن مجتبي (ع)، حضرت حسين (ع)، حضرت زينب ڪبري (س) ۽ حضرت ام ڪلثوم (س) جي عمر مبار ننڍي هئي انهن جي سار سنڀال لاءِ حضرت فاطمه زهرا (س) حضرت علي (ع) کي سفارش ڪئي هئي ته منهنجي شهادت کان بعد ۾ امامه بنت ابوالعاص سان شادي کجان ڇو ته منهنجي ٻارن جو هو وڌ کان وڌ خيال رکندي، حضرت علي (ع) حضرت فاطمه زهرا (س) جي شهادت کان پندرهن سال بعد حضرت ام البنين (س) سان شادي ڪئي.

تاريخ ولايت:

حضرت ام البنين (س) جي تاريخ ولادت مشخص نه آهي ته پاڻ ڪهڙي تاريخ يا ڪهڙي سال ۾ پيدا ٿي هئي، جناب ام البنين (س) کي پهريون فرزند حضرت عباس (ع) 26 هجري ۾ پيدا ٿيو ان ڪري ڪجھ مورخن اندازو لڳايو آهي ته پاڻ هجرت کان بعد پنجين يا ڇهين سال ڪوفي يا ان جي اطراف ۾ پيدا ٿي.

حضرت ام البنين (س) جو نالو ۽ نسب:

حضرت ام البنين (س) جو نالو مبارڪ حضرت فاطمه هيو ڪنيت مبارڪه ام البنين هئي ۽ پاڻ انهي ئي ڪنيت سان مشهور ۽ معروف ٿي، حضرت ام البنين (ع) جي بابي جو نالو جناب حزام بن خالد هيو ۽ ماءُ جو نالو ليلي بنت شهيد بن ابي عامر هيو.

پاڻ بني ڪلاب خاندان مان هئي جنهن قبيلي جو شمار عرب جي بهترين قبيلن مان ٿيندو هيو.

اولاد:

حضرت ام البنين (س) منجهان حضرت علي ع کي الله سائين چار پٽ نصيب ڪيا، 1. قمر بني هاشم ( خاندان بني هاشم جو چنڊ) حضرت ابو الفضل العباس (ع) 2. حضرت عبدالله، 3. حضرت جعفر ۽ حضرت عثمان.

حضرت ام البنين (س) اهلبيت (ع) ۽ حضرت علي (ع) سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي جنهن جو هڪ مثال سندس چار پنٽن جو ڪربلا ۾ فرزند زهرا (س) مٿان قربان ٿيڻ آهي، هن بيبي نه فقط پنهنجن چئن پٽن کي مولا حسين (ع) تي قربان ڪيو بلڪه انهن کي وصيت به ڪئي هيائين ته زهرا (س) جي فرزند حسين (ع) کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏجو، حسين (ع) مٿان ڪا به مصيبت نه اچي، واقعن جناب ام البنين (س) جي پٽن ماءُ جو سر فخر سان بلند ڪيو ۽ جناب ام البنين (س) پنهنجي آقا زادي جناب فاطمه زهرا (س) وٽ سرخرو ٿي ويٺي هوندي جنهن جا چار پٽ هڪ ٻئي پويان حضرت فاطمه زهرا (س) جي لخت جگر مٿان ڪربلا ۾ قربان ٿيا علامه مامقاني صاحب تنقيح المقال ج 3 ص 70 تي لکن ٿا جڏهن حضرت البنين (س) کي پنهنجن پيٽ ڄايل پٽن جي شهادت جي خبر ٻڌائي وئي ته پاڻ هن طرح سان مرثيو پڙهيو: منهنجي دل جي رڳ کي ڪٽي ڇيو اٿن منهنجا پٽ ۽ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪا به شئي آهي اها ابا عبدالله الحسين (ع) مٿان قربان آهي.

ام البنين (س) جو انتخاب ڪيئن ٿيو:

حضرت فاطمه زهرا (س) جي شهادت کان تقريبا پندرهن سال بعد هڪ ڏينهن حضرت علي (ع) پنهنجي ڀاءُ حضرت عقيل کي چيو ته اوهان منهنجي لاءِ هڪ بهترين عورت جو انتخاب ڪريو. حضرت عقيل جيڪو نسب شناس هيو، هن قبيله بني ڪلابيه مان هڪ عورت جو انتخاب ڪيو جيڪا حزام بن خالد جي ڌيءَ هئي، هي خاندان عربن ۾ بهادر ۽ عزت وارو شمار ڪيو ويندو هيو.

اهڙي ريت حضرت عقيل ان خاندان سان مليو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت علي (ع) جي لاءِ حزام کان ان ڌيءَ جو رشتو طلب ڪيو، حزام کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ فورن رشتو قبول ڪري ڇڏيائين.

حضرت ام البنين (س) سان حضرت علي (ع) جي شادي

حضرت علي (ع) جي شادي حضرت ام البنين (س) سان ڪڏهن ٿي ان جي باري ۾ ٻه قول ملن ٿا، پهريون قول هي آهي ته حضرت علي (ع) حضرت فاطمه زهرا (س) جي شهادت کان ڪجھ ئي وقت کان بعد ئي شادي ڪئي هئي (2) جيڪي چون ٿا ته حضرت ام البنين (س) جي شادي حضرت فاطمه زهرا (س) جي شهادت کان فورن بعد ٿي آهي انهن جو چوڻ آهي  ته حضرت عباس (س) جي ولادت حضرت ام البنين (س) جي شادي کان تقريبا 10 سال بعد ٿي.

ٻيو قول پهرين قول جي برخلاف آهي ڇو جو ڪجھ محققن جو چوڻ ته حضرت ام البنين _س) جي شادي جي ڪجھ ئي عرصي کان بعد حضرت عباس (س) پيدا ٿيو ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي ته حضرت ابو الفضل العباس (س) جي ولادت تقريبا 26 هجري ۾ ٿي آهي ان کان علاه ٻيو دليل هي به ڏين ٿا ته حضرت ام البنين (س) جي عمر مبارڪ جناب فاطمه زهرا (س) جي شهادت وقت تمام گهٽ مطلب ڇھ يا ست سال هئي.

ان ڪري پاڻ امام علي (ع) سان ايڏي ننڍي عمر ۾ شادي نه پئي ڪري سگيه ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو ئي ملي ٿو ته حضر علي (ع) جناب ام البنين (س) سان شادي حضرت فاطمه زهرا (س) جي شهادت کان 14 يا 15 سال بعد ڪئي آهي، ان ڪري ئي حضرت ابوالفضل العباس (ع) جي ولادت 26 هجري ۾ ٿي آهي، ان جو مطلب ته حضرت علي (ع) ۽ ام البنين (س) جي شادي سن 24 يا 25 هجري ۾ ٿي آهي.

ام البنين کي ام البنين ڇو چوندا آهن؟

عرب جي هي رسم رهي آهي ته جنهن به عورت کي ٽي يا ٽن کان مٿي پٽ هوندا هئا ان کي ام البنين چوندا هئا هي رسم عربن وٽ پهريان کان ئي هئي جڏهن ام البنين (س) کي الله سائين چار پٽ ڏنا ته پاڻ ان ڪنيت سان تمام گهڻي مشهور ٿي وئي.

ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ (س) جڏهن شادي ڪري حضرت اميرالمومنين علي ابن ابي طالب (ع) جي گهر ۾ آئي ته مولاء ڪائنات کيس فاطمه چئي ڪري سڏيندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي آقا ۽ مولا کي عرض ڪيو ته مان تمام گهڻي شرمسار ٿيان ٿي جو حسنين (ع)، جناب زينب ۽ ام کلثوم (س) جڏهن اوهان جي زبان مبارڪ مان فاطمه (س) جو لفظ ٻڌن ٿا ته انهن کي پنهنجي پياري امڙي فاطمه زهرا (س) جي ياد اچي ٿي وڃي ان ڪري بهتر ائين آهي جو اوهان مونکي ان نالي سان سڏ نه ڪري (3) ان وقت حضرت علي (ع) جناب فاطمه ڪلابيه کي خوشخبري ٻڌائي : اي فاطمه ڪلابينه(س) الله سائين توکي چار پٽ عطا ڪندو، ان ڪري هاڻي اڄ کان پوءِ مان توکي ام البنين (س) ڪر سڏيندس ڇو جو تون گهڻن پٽن جي ماءُ ٿيندئين.

ان ڏينهن کان وٺي جناب فاطمه جي ڪنيت ام البنين (س) سان مشهور ٿي وئي ۽ اڄ تائين جيڪو به ام البنين چوندو آهي ته هر هڪ انسان جو ذهن حضرت ابوالفضل العباس (ع) جي ماءُ حضرت ام البنين (س) ڏانهن هليو ويندو آهي ان کان علاه ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي ته جناب ام البنين (س) جي ڪنيت ننڍپڻ کان ئي اِها هئي، انهن جو چوڻ آهي ته عرب جي هي رسم رهي آهي ته هو ننڍي ٻار کي به ڪنيت سان سڏيندا هئا.(4)

ام البنين (س) ۽ حضرت فاطمه زهرا (س) جي اولاد

جڏهن ام البنين (س) جي شادي ٿي ۽ پاڻ حضرت علي (ع) جي گهر ۾ آئي ته پاڻ جناب فاطمه زهرا (س) جي اولاد سان تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳي، ايسيتائين جو جڏهن پنهنجا ٻار ٿيس تڏهن به فاطمه زهرا (س) جي ٻارن کي پنهنجي ٻارن مٿان فوقيت ڏيندي رهي، جڏهن به جناب ام البنين کان پڇندا هئا ته اوهان ايترو خيال پنهنجي ٻآرن جو ناهيو رکنديون جيترو خيال اوهان فاطمه زهرا (س) جي ٻارن جو رکو ٿيون ته پاڻ جواب ۾ فرمائيندي هئي ته فاطمه جي ٻارن جي محبت الله سائين قرآن ۾ واجب ڪري ڇڏي آهي ان ڪري مان انهن سان تمام گهڻو پيار ۽ سندس احترام ڪندي آهيان، گهر ۾ هر شيءِ پهريان حضرت فاطمه زهرا (س) جي ٻارن لاءِ هوندي پوءِ منهنجي ٻارن جي لاءِ.

ٻي علت پاڻ هي به بيان ڪندي هئي ته فاطمه زهرا (س) جا ٻار در حقيقت رسول الله (ص) جا ٻار آهن ان ڪري انهن جو احترام، انهن جي خدمت منهنجي لاءِ منهنجي پنهنجي پيٽ ڄائي ٻارن کان وڏيڪ اهميت رکي ٿي.

اِها ئي وجھ آهي جو جڏهن حضرت عباس (س) مولا امام حسين (ع) کي ڀاءُ چيو ته پاڻ (س) حضرت عباس (ع) کي چيو هيو ته حسين کي ڀاءُ نه بلڪه آقا ڪري پڪاريندو ڪر ڇو جو تون حسين (ع) جو غلام آهين ۽ مان فاطمه زهرا (س) جي ڪنيز آهيان (5) ڪٿي فاطمه زهرا (س) جو مقام ۽ ڪٿي مون جهڙي ڪنيز، ڪٿي حسين (ع) جو مقام ۽ ڪٿي (ابوالفضل العباس ع ) تنهنجو مقام. جناب ام البنين  (س) پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي ۽ جڏهن امام حسين (ع) مديني کان ڪربلا جي طرف ويا پئي تڏهن به حضرت ام البنين (س) پنهنجي پٽ ابوالفضل العباس (س) کي مخاطب ٿيندي فرمايو هيو ” منهنجي دل جو سڪون ۽ اکين جو روشنائي منهنجي مولا حسين (ع) جو فرمانبردار رهجان.“

جناب ام البنين (س) جو صبر

هڪ ڏينهن حضرت علي (ع) پنهنجي پٽ ابو الفضل العباس (ع) کي پنهنجي گهر جي آڳر تي کيڏندي ڏٺو پنهنجي پٽ جي ويجهو وڃي ان جي پيشاني تي بوسا ڏنائين ۽ پوءِ پنهنجي پٽ جي آستينن کي مٿي ويڙهي ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پٽ جي هٿن ۽ ٻانهن کي بوسا ڏيڻ شروع ڪيا، جناب ام البنين (س) ڏسي ڪري عرض ڪيو  مولا هڪ ئي وقت هٿن ۽ ٻانهن کي بوسا به ڏيو ٿا ۽ روئو به ٿا !! ان جي ڪهڙي وجھ آهي جنهن اوهان کي روئاريو آهي؟ حضرت اميرالمومنين (ع) جواب ۾ ارشاد فرمايو: اي ام البنين (س) هي اسان جو پٽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويندو پر ان جي شهادت کان پهريان ان جا هي ٻئي هٿ ڪٽجي ويندا ان ڪري مان ان جي هٿن کي روئيندي بوسا ٿو ڏيان، ان ڏنهن کان وٺي جناب ام البنين (س) پنهنجي پٽ تي ايندڙ مصيبت تي صبر ڪيو ۽ آخري وقت ۾ به ڄآتائين پئي ته جنهن سفر تي منهنجي فرزند ابو الفضل العباس (س) وڃي رهيو آهي ان سفر کان واپس موٽي نه ايندو پوءِ به پاڻ صبر ڪري کيس حضرت فاطمه زهرا (س) جي پٽ حضرت امام حسين (ع) سان گڏ ڪربلا وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ٻين ٽن پٽن کي به مولا سان گڏ روانو ڪيو.

حضرت ام البنين (س) ۽ هنر

پاڻ هڪ اهڙي خاندان مان هئي جنهن جي فصاحت ۽ بلاغت مشهور هئي ڪجھ اهڙا فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل اشعار بي بي کان ان وقت نقل ٿيل آهن جڏهن پاڻ پنهنجي پٽن جي شهادت جي خبر ٻڌي هئي.

مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته عرب، هر ان عورت کي ام البنين چوندا آهن جنهن جا ٽي يا ان کان مٿي ٻار هوندا هئا، ڪربلا واري واقعي کان پوءِ جڏهن پاڻ (س) کي ام البنين (س) ڪري سڏيندا هئا ته پاڻ منع ڪندي هئي (6) ۽ ان ريت جواب ڏيندي هئي.

لا تدعوني ويک ام البنين                         تذکريني بليوث العرين

کانت بنون لي ادعي بهم                           و اليوم اصبحتُ ولا من بنين

اربعة مثل نسور الربي                              قد واصلوا الموت بقطع الوطين.

مونکي ام البني ڪري نه سڏيو ڇو جو مان پنهنجي بهادرن جي ياد ۾ پئجي ويندي آهيان

مونکي پٽ هئا جن جي ڪري مان (ام البنين) سڏي ويندي هيس پر هاڻِ اهي ناهن رهيا.

چار پٽ جيڪي شڪاري باز وانگر هئا جيڪي سڀ جا سڀ شهيد ٿي ويا.

حضرت ام البنين (س) جي وفات

مورخن حضرت ام البنين (س) جي وفات جي باري ۾ مختلف قول بيان آهن ڪجھ مورخن جو چوڻ آهي ته پاڻ (س) حضرت زينب ڪبرا (س) جي شهادت کان بعد ۾ سن 70 هجري ۾ وفات ڪري وئي، پر ڪجھ مورخن ام البنين جي وفات کي 13 جمادي الثاني سن 64 هجري نقل ڪيو آهي، مورخن مان اڪثر مورخن ٻئين قول يعني 13 جمادي الثاني تي وفات کي ذڪر ڪيو آهي.

پاڻ مديني شهر ۾ وفات ڪري وئي ۽ کيس انهي ئي قبرستان ۾ جنهن ۾ حضرت امام حسن مجتبي (ع) دفن ٿيا هئا دفن ڪيو ويو.(7)

نتيجو:

حضرت ام البنين (س) جي زندگي تي تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن پر اسان هتي مختصر طور تي ڪجھ اهم ڳالهين کي پنهنجي قارئين تائين پهچايو آهي، جناب ام البنين (س) جي فضيلت تمام گهڻي آهي جنهن کي اسان ڪجھ صفحن ۾ بيان نٿا ڪري سگهون، حضرت ام البنين (س) پنهنجي پوري زندگي اهلبيت (ع) جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي، پاڻ تمام گهڻي فصيح ۽ بليغ هئي، اهل بيت (ع) جا فضائل پنهنجي شعرن ذريعي بيان ڪندي هئي، جڏهن حضرت امام حسين (ع) ۽ پنهنجي پيٽ ڄائي پٽن جي شهادت جي خبر ٻڌائين تڏهن به پاڻ اشعار ذريعي انهن جا مصائب بيان ڪندي رهي. جناب زينب (س) سان گڏ واقعه ڪربلا تي مدينه وارن کي پنهنجي فصيح ۽ بليغ لفظن سان ڪوسيندي رهي انهن جا مرده ضمير دل جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، تاريخ گواه آهي ته پاڻ امام حسين (ع) جي شهادت کان بعد سڌو جناب فاطمه زهرا (س) جي قبر مطهر تي آئي ۽ جناب فاطمه زهرا (س) کي پنهنجي پٽ امام حسين (ع) جي شهادت تي پرسو ڏنو، امام محمد باقر (ع) فرمائن ٿا: حضرت ام البنين (س) حضرت بقيع ۾ اهڙي درديلي انداز ۾ مرثيه پڙهندي هئي جو مروان جهڙو قساوت قلب رکندڙ به روئيندو هيو (8) جڏهن ته پنهنجا به چار پٽ انهي ئي واقعي ۾ شهيد ٿي ويا هيس پوءِ به پاڻ پنهنجن پٽن کان وڌيڪ امام حسين (ع) جي غم ۾ روئيندي رهي ۽ آخر ڪار 13 جمادي الثاني سن 64 هجري ۾ رحلت ڪري وئي ۽ مشهور قبرستان جنت البقيع مدينه منوره ۾ دفن ٿي.

حوالا:

(1) شيخ صدوق، علل الشرايع، ج 1 ص 222: ابن اثير، اسد الغابه، ج 7 ص 25. (2) کلباسي، خصائص العباسيه ، ص 65 (3) رباني خلخالي، چهره درخشان قمر بني هاشم ص 69  (4) ام البنين، سيدة نساء العرب، سيد مهدي سويج ص 12. (5) زندگاني حضر ابو الفضل العباس (ع) ص 21؛ کتاب چهر درخشان قمر بني هاشم ص 59.  (6) رياحين الشريعه، ج 3 ص 294؛ مقتل الحسين ع(ع) (ابي مخنف) ص 181.  (7) ام البنين سيدة نساء العرب ص 84.؛ تقويم الشيعه ص 168؛ ام البنين(س) نماد از خود گذشتگي، ص 34. (8) بحار الانوار ج 45 ص 40؛ مقتل الطالبين ص 56.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: