Ad 468 X 60

Sunday, October 15, 2023

اگر مان علي ع جي زماني ۾ هجان ها ته !!؟؟؟

 

راشدعلي چانڊيو

هي سوال هميشه منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهندو هيو، ته جيڪڏهن مان خليفه چهارم حضرت علي ڪرم الله وجه جي زمانه ۾ هجان ها


ته مان ڪهڙي طرف هجان ها؟ ڇا مان ان وقت خليفه وقت علي ابن ابي طالب کرم الله وجه جي  دفاع ۾ تلوار هٿ ۾ کڻان ها ۽ اصحاب پيامبر، حضرات طلحه، زبير، معاويه ۽ ام المومنين رضي الله سان جنگ ڪيان ها ؟ يا رسول الله ص جي گهرواري ۽ باقي صحابه جي مقابله ۾ تلوار کڻان ها؟

مان ان تشويش ۾ هيس ايتري ۾ هڪ چينل تي هڪ پروگرام پئي هليو جنهن  ۾ هڪ عالم ان ئي عنوان تي بحث ڪري رهيو هيو ۽ ان چيو ته جيڪڏهن مان ان زماني ۾ هجان ها ته حتما ام المومنين عائشه، طلحه ۽ زبير رضي الله جي دفاع ۾ تلوار کڻان ها، هن پنهنجي ڳالھ جي ثابتي لاءِ هڪ اهڙي روايت پييش ڪئي جنهن جي هن ڪا به سند پيش نه ڪئي، اها هي ته حضرت علي ڪرم الله وجه پنهنجي خلافت جي زماني ۾ ٿيندڙ جنگن ۾ جنگ وڙهڻ تي پشيماني جو اظهار ڪيو هيو، ظاهرا هي روايت تمام ڀلي هئي، پر منهنجي دل کي آرام نه پهتو، ڇا هڪ خشڪ ۽ خالي پشيماني جو اظهار ڪرڻ سان جيڪو جنگن ۾ هزارن ماڻهن جو خون وهيو اهو برطرف ٿي ويندو؟ مان تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي، مان تمام گهڻي تحقيق ڪئي، جنهن نتيجي تي پهتس اهو دعوا جي خلاف هيو، امام بخاري : جن به ام المومنين عائشه رضي الله کي پنهنجي لشکر جو سردار ڪيو اهو ڪامياب نه ٿيندا!.

مون صحيح بخاري ۾ هڪ روايت ڏٺي، صحابي رسول ابي بڪره رضي الله چوي ٿو: جنگ جمل جي زماني ۾ مون چاهيو ته جمل واري لشڪر سان ملي وڃان ۽ انهن سان گڏ جنگ وڙهان، پر روايت جيڪا مون رسول الله ص کان ٻڌي هئي، ان کي مونکي نجات ڏني، جنهن وقت رسول ص وٽ خبر پهتي ته اهل فارس کسري جي مرڻ کان بعد ۾ ان جي نياڻي کي ان جي جاءِ تي چونڊيو اٿن، فرمايو: ”جنهن قوم هڪ عورت کي پنهنجو ولي امر (حڪمران) چونڊيو اهي ڪامياب نٿا ٿي سگهن“ مان انهي روايت جي ڪري جمل جي لشڪر سان ملحق نه ٿيس. (عَنْ أَبِي بَكْرَةَ، قَالَ: لَقَدْ نَفَعَنِي اللَّهُ بِكَلِمَةٍ سَمِعْتُهَا مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَيَّامَ الجَمَلِ، بَعْدَ مَا كِدْتُ أَنْ أَلْحَقَ بِأَصْحَابِ الجَمَلِ فَأُقَاتِلَ مَعَهُمْ، قَالَ: لَمَّا بَلَغَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّ أَهْلَ فَارِسَ، قَدْ مَلَّكُوا عَلَيْهِمْ بِنْتَ كِسْرَى، قَالَ: «لَنْ يُفْلِحَ قَوْمٌ وَلَّوْا أَمْرَهُمُ امْرَأَةً».» صحیح بخاری، بخاری، ج6، ص8 و ج9، ص55).

اهڙي روايت جو صحيح بخاري ۾ هجڻ جي باوجود به ڇا هي ممڪن هيو ته مان ان وقت حضرت علي ڪرم الله وجه جي لشڪر کي ڇڏي ام المومنين عائشه رضي الله عنها جي لشکر سان گڏ ملي وڃان ها؟

جناب بن عبدالله انصاري رضي الله عنه : علي سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي.

ٻي روايت جنهن تائين مان پهتس، جيڪا صحيح سند سان هئي، ”شحامي“ اهل سنت جي وڏن محدثن منجهان هيو جنهن رسول الله ص جي جليل القدر صحابي حضرت جابر بن عبدالله انصاري کان نقل ڪيو، جنهن کان حضرت علي ڪرم الله وجه سان جنگ جي باري ۾ سوال ٿيو، هن جواب ۾ فرمايو: علي سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي ( يعني جنگ ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آهي جنگ بابت شڪ ڪرڻ به ڪفر آهي ) (بهذا الاسناد نا سويد بن سعيد نا عبدالرحيم بن سلمان عن عبيد بن ابي الجعد قال سئل جابر بن عبدالله عن قتال علي رضي الله عنه فقال: ما يشک في قتال علي الا کافر“ السباعيات الالف، زاهر بن طاهر بن محمد الشحامي، محقق، قسم المخطوعات، بشرکة افق للبرمجيات، مصر، چاپ اول، 2004ج 1 ص 78م ح 133)

ڇا ان روايت جي هوندي خود حضرت علي ڪرم الله وجه جنگ جي صحيح هجڻ ۾ شڪ ڪندو هجي ۽ وري ان تي پشيمان به ٿيو هجي ؟

ام المومنين عائشه رضي الله عنها هئي جيڪا جنگ جمل جي نتيجه تي پشيمان ٿي. اهل سنت جي بزرگ عالمن جهڙوڪ ابن سعد طبقات الڪبري ۾ (ج 8 ص 80) امام احمد بن حسين بيقهي الاعتقاد (ج 1 ص 373) ۾ ۽ علامه ابو الفرج بن جوزي روايت ڪئي آهي ته: ام المومنين حضرت عائشه رضي الله عنها کي جڏهن به جنگ جمل لاءِ وڃڻ جي ياد ايندي هئي ته ايترو ته روئيندي هئي جو ان جو حجاج پسجي ويندو هيو. (اخبرنا ابو منصور القزاز قال اخبرنا احمد بن علي بن ثابت قال اخبرنا ابو عبدالله محمد بن احمد الدقاق قال اخبرنا احمد بن عثمان الآدمي قال حدثنا محمد بن سويد قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن اسباط قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن اسباط قال حدثنا سفيان الثوري عن هشام بن عروه عن ابيه قال ما ذکرت عائشة مسيرها قط الا بکت حتي تبل خمارها وتقول ليتني مت قبل هذا و کنت نسيا منسيا“ المنتظم، عبدالرحمن بن علي بن محمد بن الجوزي ابو الفرج، دار الصادر، بيروت، چاپ اول 1358 ق ج 5 ص 95)

ام المومنين ميمونه رضي الله عنها : وڃو علي (ڪرم الله وجه) سان جنگ ۾ مدد ڪيو خدا جي قسم نه هو گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو.

امام ذهبي ام المومنين ميمونه رضي الله عنها کان روايت نقل ڪري ٿو ”جري بن کليب عامري “ چاهيو ته جنگ کان پري رهي فرمايو: حضرت علي (ڪرم الله وجه) جو جنگ ۾ مدد ڪر، ڇو ته نه هو گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو، ان کان پوءِ امام ذهبي هن روايت کي صحيح لکي ٿو. (عن ابي اسحاق عن جري بن کليب العامري قال لما سار علي اي صفين کرهت القتال فاتيت المدينة فدخلت علي ميمونة بنت الحارث فقالت ممن انت قلت من اهل الکوفة قالت من ايهم قلت من بني عامر قالت رحبا علي رحب و قربا علي قرب تجيء ما جاءَ بک قال قلت سار علي الي صفين وکرهت القتال فجئنا الي ها هنا قالت اکنت بايعته قال قلت نعم قالت فارجع اليه فکن معه فوالله ما ضل ولا ضل به هذا هديث صحيح علي شرط الشيخين ولم يخرجاه “ المستدرک علي الصحيحين، محمد بن عبدالله ابو عبدالله الحاکم النيسابوري، تحقيق مصطفي عبدالقادر عطا، دارالکتب العلميه، بيروت چاپ اول 1411ق 1990م ج 3 ص 152، ش 4680)

حضرت عبدالله بن خليفه عمر بن الخطاب رضي الله عنها جو پشيمان ٿيڻ ته مون ڇو حضرت علي ڪرم الله وجهه جي جنگين ۾ مدد نه ڪئي!

مشهور عالم دين ابن عبدالبر، پنهنجي ڪتاب ” الاستيعاب في معرفة الاصحاب ۾ لکي ٿو:

مختلف طريقن سان حبيب بن ابي ثابت کان هن عبدالله ابن عمر کان روايت نقل ڪئي آهي ته هن چيو: مان ڪنهن به شئي تي افسوس نٿو ڪريان سواءِ

 ان جي جو مان علي (ڪرم الله وجه) سان گڏ ستمگر ٽولي (الفئة الباغيه)  سان جنگ نه ڪئي ( و يروي من وجوه عن حبيب بن ابي ثابت عن ابن عمر انه قال: ما اسي علي شيء الا اني لم اقاتل مع علي الفئة الباغية“ الاستيعاب في معرفة الاصحاب، يوسف بن عبدالله بن محمد بن عبدالبر النمري، تحقيق: علي محمد البجاوي، دار الجيل، بيروت، چاپ اول 1412 ق، ج 3 ص 1117)

هي ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪي صحابه حضرت علي جي مدد  جنگن ۾ نه ڪري سهگيا اهي نه وڙهڻ تي پشيمان ٿيا  ۽ پاڻ جنگن ۾ شرڪت تي پشيمان هجي؟

ايسيتائين اهي روايتون هيون جيڪي حضرت علي ڪرم الله وجه جي باري ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ رسول الله ص جي صحابه کان نقل ٿيل هيون پر هن باري ۾ خود رسول الله ص کان تمام گهڻيون روايتون نقل ٿيل آهن جهڙوڪ:

رسول الله ص جون روايتون جيڪي ناڪثين ( عهد ٽوڙيندر) سان جنگ، قاسطين (ظالمن ) ۽ مارقين (جيڪي دين کان خارج ٿي ويا) سان جنگ.

هن باري ۾ تمام گهڻيون  روايتون موجود آهن ڪجھ صحابه موجود هئا پيغمبر اڪرم ص حضرت علي ڪرم الله وجه کي حڪم ڏنو ٽن ٽولن سان وڙه” ناڪثين، قاسطين ۽ مارقين ( حدثنا عباد بن يعقوب قال نا الربيع بن سعيد قال نا سعيد بن عبيد عن علي بن ربيع عن علي قال عهد الي رسول الله صلي الله عليه وسلم في قتال الناکثين و القاسطين والمارقين “ البحر الزخار ( مسند البزار) ابو بکر احمد بن عمرو بن عبدالخالق البزار، تحقيق: د محفوظ الرحمن زين الله موسسه علوم القرآن، مکتبة العلوم والحکم ، بيروت المدينة، چاپ اول 1409، ج3 ص 26، 27 ح 774) هيثمي ان روايت جي سند کي صحصح سمجهي ٿو( رواه البزار و الطبراني في الاوسط واحد اسنادي البزار رجاله رجال الصحيح غير الربيع بن سعيد ووثقه ابن حبان “ مجمع الزوائد ومنبع الفوائد، ابو الحسن علي بن ابي بکر الهيثمي، دار الريان اللتراث دار الکتاب العربي، القاهره، بيروت 1407 ق، ج 7 ص 238)

حضرت عمار ياسر، عبدالله بن سمعود، ابو ايوب انصاري، خزيمه ذوالشهادتين، ابو سيعد خدري ۽ ٻين اصحاب رضوان الله عليه کان نقل ٿيل آهي ته : رسول الله ص انهن کي فرمايو : حضرت علي (ڪرم الله وجهه) جي دفاع ۾ قاسطين ، مارقين ۽ ناڪثين سان وڙهجو( الاستيعاب في معرفة الاصحاب ج 3 ص 1117)

ان سڀني ڳالهين جي هوندي ڪو به شخص اهڙي دعوا نٿو ڪري سگهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه پنهنجي زماني جي جنگين ۾ اشتباه ڪيو ۽ انهن جي انجام پذير ٿيڻ تي پشيمان هيو ڇو ته هي جنگيون جيڪي پاڻ وڙهيون اهي رسول الله ص جي حڪم مطابق هيون.

 

 

 

 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: