Ad 468 X 60

Friday, January 19, 2024

سعوديه جي وهابين جو ڪربلا ۽ نجف ۾ قتل عام

 

تحرير: راشد علي چانڊيو 

سعوديه جي وهابين کي مڪه ۽ مدينه تي قبضه ڪرڻ کان بعد ۾ پنهنجي حڪومت کي ترقي ڏيڻ لاءِ پيسن جي تمام گهڻي ضرورت هئي، ان ڪري حڪومت کي مالي لحاظ سان مضبوط ڪرڻ لاءِ نجف، ڪربلا ۽ آسپاس ۾ موجود مقدس مقامات تي حملا ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا، ڇو ته انهن مقدس جاين تي شيعن جي تمام گهڻي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ پنهنجا نذرانا انهن جاين تي پيش ڪندا هئا


۽ ان کان علاوه شيعه بادشاهن جهڙوڪ نادر شاه وغيره طرفان به انهن حرمن تي سون سان تعميراتون ٿيل هيون، وهابين عبدالله ابن وهاب جي فتوا مطابق مقدس مقامات کي ڍاهڻ شروع ڪيو ۽ عراق جي طرف نجف ۽ ڪربلا مٿان حملا ڪيا، انهن حرمن ۾ موجود هر شئي کي چورائائون، رسول الله ص جي نواسي جي حرم مبارک جي توهين ڪندي هر شئي کڻڻ کان بعد ۾ اتان جي آبادي تي به رحم نه ڪيائون ۽ انهن جون عزت پامال ڪندي تمام گهڻو قتل عام ڪيائون، ڪربلا کان بعد ۾ انهن نجف تي تمام گهڻا حملا ڪيا پر نجف جي مومنن تمام وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي نجف مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنائون، اسان هن مقالي ۾ وهابين جي انهن ٻن شهرن مٿان ٿيندڙ ظلمن کي بيان ڪنداسين.

مقدمو:

سعوديه جي وهابين 1214 هجري جي حج کان بعد ۾ ارادو ڪيو ته اسان هي حڪومت جيڪا ترڪيه جي عثمانين کان حاصل ڪئي آهي ان کي عربستان کان وڌائي ٻين ملڪن تائين پهچايون، انهن سڀ کان پهريان پنهنجي اطراف جي علائقن ۽ ملڪن جي طرف توجه ڏني ڪربلا ۽ نجف جي مال ۽ ملڪيت تي سعوديه جي وهابين جي نظر هئي انهن پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عراق تي حملو ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته ان ملڪ ۾ ڪافي اهڙيون جڳهون هيون جتي تمام گهڻي دولت موجود هئي جهڙوڪ حرم ڪربلا، حرم نجف، حرم ڪاظمين ۽ حرم سامرا، انهن حرمن ۾ شعين خصوصا نادر شاه بادشاه طرفان سون جا مينار جوڙيل هئا ( جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و حاضر ها ج 1 ص 64.) ان کان بعد ۾ به جيڪي شاه گذريا جيئن زنديه ۽ قاجار انهن به انهن مقدس جاين تي تمام گهڻي توجه ڏني ۽ تعميرات جي سلسلي کي اڳتي وڌايو، وهابين کي حڪومت هلائڻ لاءِ پيسي جي ضرورت هئي ان ڪري  انهن عراق ۾ موجود مقدس مقامات تي قبضو ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، هڪ وهابي عالم جيڪو وهابيت جو دفاع ڪندڙ آهي اهو وهابين جي عراق مٿان حمله بابت هن ريت لکي ٿو: سعود بن عبدالعزيز چاهيو ته پنهنجي فوج جي مالي مدد ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عراق جي مقدس مقامات تي حملا ڪيا وڃن، ان سان فوج به مضبوط ٿيندي ۽ مڪه ۽ مدينه وارا حرم مضبوط ٿيندا ته اسان دنيا مٿان حڪمراني ڪري سگهنداسين (منير عجلاني، تاريخ البلاد العربيه السعوديه ج 2 ص 128)

ان کان علاه وهابي مذهب سان تعلق رکندڙن جي دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وهابين نجف ۽ ڪربلا جي مزارات کي ڍاهڻ جو پڪو ارادو ڪيو ڇو ته هو رسول الله ص جي مزار کي به ڍاهڻ ۾ دير نه ڪن ها پر انهن کي اندروني بغاوت جو خوف هيو ان ڪري انهن حرم رسول الله ص کان علاه مڪه ۽ مدينه ۾ تمام مزارات کي مسمار ڪيو ۽ عراق جي مزارات کي به ڍاهڻ لاءِ وهابين کي شوق ڏياريندا رهيا ۽ محمد بن عبدالله وهاب جي فتاوائن کي نشر ڪندا رهيا، انهن ڪربلا ۽ نجف مٿان تمام وڏا حملا ڪيا هي ڪربلا ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا جتي انهن تمام وڏو ظلم ڪيو پر هي نجف مٿان حملن تي ڪامياب نه ٿي سگهيا.

وهابين طرفان ڪربلا ۾ ظلم

وهابين طرفان ڪربلا۾ چڙهائي عبدالعزيز جي حڪومت ۾ ٿي هن هڪ وڏو لشڪر نجد ۽ آسپاس کان تيار ڪري پنهنجي پٽ سعودي (جنهن جي ماءُ عبدالله وهاب جي ڌيءَ هئي) جي سربراهي ۾ سن 1216هجري بمطابق 1802 ع ۾ ڪربلا ۽ نجف مٿان حمله لاءِ روانو ڪيو، هي تمام وڏو لشڪر مقدس مقامات تي حمله لاءِ عراق پهتو. (تاريخ نجد ص 142) ڪجھ مورخن جو چوڻ آهي ته هي حمله 18 ذوالحج جي ڏينهن تي ڪيو ويو هيو، ان جي علت هي ذڪر ڪئي وئي آهي ته سعوديه جا وهابي ڪربلا ۾ ته حمله ۾ ڪامياب ٿيا پر نجف مٿان حمله ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ان جي علت هي آهي ته جنهن وقت انهن ڪربلا مٿان حملو ڪيو هيو ته ان وقت ڪربلا جا ماڻهو عيد غدير ڪرڻ لاءِ نجف اشرف آيل هئا ۽ ڪربلا ۾ فقط ضعيف، پوڙها، عورتون ۽ ٻارا موجود هئا جن وهابين جي فوج سان مقابلو نه ڪيو ۽ وهابي آساني سان ڪربلا کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڪربلا ۾ تمام وڏا ظلم ڪيا ( ميرزا ابوطالب اصفهاني، مسير طلابي، ص 255) منير عجلاني، تاريخ البلاد العربيه السعوديه ج 2 ص 127)

سعوديه جي وهابين ڪربلا مٿان تمام وڏا ظلم ڪيا جنهن سان هر مومن جي دل آزاري ٿي ۽ جنهن جنهن ان واقعي کي ٻڌو انهن، انهن ظالمن کي بد دعا ڏني مسلمان توڙي عيسائين ۽ ٻين مذهب جي ليکڪن به ان ظلم کي بيان ڪيو آهي جهڙوڪ فاسيلف فرانسوي، تاريخ العربيه السعوديه ۾ ڪورانسيز، الوهابيون تاريخ ما اهمله التاريخ ۾ انهن جي ظلمن کي بيان ڪيو آهي. سڀني ليکڪن جو چوڻ آهي ته سعوديه جي وهابين ڪربلا مٿان حملو ڪري ڪربلا ۾ موجود مقدس مقامات کي مسمار ڪيو، اتي موجود سون ۽ قيمتي شيون کڻڻ کان بعد ۾ شهر ۾ داخل ٿي هر گهر مان مال ۽ دولت لٽڻ شروع ڪيائون، ڪربلا وارن جي عورتن سان زبردستي ڪيائون، مردن، عورتن ۽ ٻارن کي به قتل ڪيائون اڄ اگر اسان فلسطين ۾ اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪريون ٿا ته اهي فلسطين جي ٻارن تي به رحم نٿا ڪن پر ٻه سئو سال پهريان اهڙا ظلم مسلمانن ڪربلا مٿان ڪيا. ڪربلا ۾ وهابين طرفان ظلم جا تمام گهڻا داستان آهن اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته هر هڪ تي مختصر تشريح لکون:

الف: مسلمانن جي مقدس مقامات کي ڍاهڻ

وهابين سڀ کان پهريان حضرت امام حسين عليه السلام جي قبر مٿان گنبذ کي ڊاٿو، جڏهن ته انهن جو اصلي هدف به هي هيو ته هو نواسه رسول ص جي روضه مبارڪ کي مسمار ڪن ۽ انهن سڀ کان پهريان هي ڪم انجام ڏنو، وهابين جي پنهنجي عالم تاريخ نجد ۾ واضح طور تي لکيو آهي ته وهابين امام حسين (ع) جي ضريع کي مسمار ڪيو (فيلبي، تاريخ نجد ص 143) ضريع مقدس کي مسمار ڪرڻ کان بعد حرم ۾ موجود تمام قيمتي سامان ضريع مٿان لڳل سون، گنبذ مٿان لڳل سون ۽ ٻيون قيمتي شيون کڻي حرم جي صندوق کي ٽوڙي ان ۾ موجود تمام سامان کي چورايائون. امام حسين عليه السلام جي حرم کان بعد ۾ جناب حضرت عباس علمدار ڪربلا جي روضه مبارک کي به مسمار ڪري اتان به هر قيمتي شئي کي چورايو ويو.

ب: قتل عام

وهابي پنهنجي ڪتابن ۾ وهابي لشڪر جي تعداد 12 هزار کان 25 هزارن تائين لکي آهي، ان کان علاوه ڪافي ٻين تاريخ دانن وهابي لشڪر جي تعداد ٻه لک تائين لکي آهي، جڏهن هي ڪربلا جي مقدس شهر ۾ داخل ٿيا ته جيڪو به انهن کي بازار ۾ نظر اچي پيو ان کي قتل ڪن پيا، چاهي اهو مرد هجي يا عورت، پوڙهو هجي يا جوان ايستيائين جو ٻارن کي به قتل ڪندا ويا، ڪربلا ۾ تقريبن 25 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا، مورخ لکن ٿا ته سعوديه جي وهابين خون جون نديون هلايون شهر ۾ ايندڙ نهر خون سان ڀرجي وئي، ان ۾ تمام گهڻا قيمتي انسان قتل ڪيا ويا ( محمد حامد فقي، اثر دعوه الوهابيه، ص 80؛ همايون همتي، الوهابيون، نقد و تحليل، ص 147_150) ڪربلا جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان بعد ۾ حرم مطهر ۾ انهن جي لاشن کي رکيو ويو، حرم مطهر کي خون سان رنگين ڪري ڇڏيائون، حبيب ابن مظاهر جي قبر جو مٿاهون حصو ڪاٺي سان جوڙيل هيو ان کي باه ڏني وئي، هر طرف رت ئي رت هئي، سعوديه جي وهابين يزيد جي ظلمن جي ياد تازه ڪئي ڪربلا مٿان ڪربلا جوڙي. (نزهه الغري في تاريخ الجنف الغري السري، ص 52)

سعوديه جي وهابين جي ظلم جي داستان اڄ جي اسرائيل کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي، اڄ انساني حقوق جا علمبدردار اسرائيل تي زور ڏيئي رهيا آهن ته 7 آکٽومبر(2023) کان هلندڙ جنگ کي ختم ڪيو وڃي انساني جاين کي بچايو وڃي غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي پر افسوس جو ان وقت اهڙي ميڊيا اهڙا ادارا موجود نه هئا جيڪي ان وقت وهابين جي هن ظلم کي عوام ۽ دنيا آڏو پيش ڪري سگهن ها، علقيلي مرزا (اعتضاد السلطنه) اکسير التواريخ ۾ هن طرح لکو آهي : امام حسين عليه السلام جي ضريح مبارک کي ظلم سان ٽوڙيائون، حرم ۾ ماڻهن جا هٿ ۽ پير ٽوڙيائون، باھ ڀڙڪائي، ماڻهن جا سر بدن کان جدا ڪري انهن جي سينن کي فاڙيو ويو وهابينه ان مقدس جاءِ تي جيڪا ملائڪه جي نازل ٿيڻ جي جاءِ آهي اتي علماءَ، عرفاءَ، زائرين ۽ ٻين مومنين کي قتل ڪيو ويو تقريبا ان جاءِ تي پنج هزار ماڻهن کي قتل ڪيائون (اکسير التواريخ ص 100)

ميرزا ابو طالب اصفهاني لکي ٿو: تقريبا 25 هزار وهابي ڪربلا ۾ داخل ٿيا ۽ هي نعرو انهن جي زبان تي جاري هيو ”اقتلوا المشرکين و اذبحو الکافرين“  مشرڪن کي قتل ڪريو ۽ ڪافرن کي ذبح ڪريو، (افسوس هي پاڻ کي مسلمان سڏائن ٿا ۽ انهن خبيثن جي ڪري اسلام جو سر جهڪي وڃي ٿو) تقريبا 5 هزار جي قريب ماڻهن کي قتل ڪيائون، امام حسين عليه السلام جي صحن مبارڪ کي لاشن ۽ خون سان ڀري ڇڏيائون، هر طرف لاش ئي لاش هئا، جڏهن مان 11 مهينن کان بعد ۾ ڪربلا ويم ته ان وقت به ان دل ڏکائيندڙ واقعي جون نشانيون موجود هيون جڏهن انهن جا قصه اتان جا ماڻهو بيان ڪن پيا ته جسم جا جهڪليل وار به اُڀا ٿي وڃن پيا، (ميرزا ابو طالب، مسير طالبي، ص 255)

ج: ڪربلا ۾ ڌاڙا

وهابين ڪربلا ۾ پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ سان مرد، عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ کان بعد ۾ انهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويا جيڪو به قيمتي سامان کڻڻ جهڙو هيو اهو کڻندا ويا، هڪ ايراني ( جيڪو ڪافي ملڪن ۽ جاين تي سفر لاءِ ويندڙ هيو) جڏهن هڪ سال بعد ڪربلا ۾ ويو ته ان ڪربلا کي بلڪل ويران ڏٺو، ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ته مان ڪنهن ڦٽل جاءِ تي آيو آهيان ماڻهن ۾ غربت ۽ فقيري تمام گهڻي وڌي چڪي هئي ڄڻ ته باقي بچيل سڀ ماڻهو فقير هئا (ميرزا ابو طالب اصفهاني، مسير طالبي ص 255)

ابن بشير هن طرح سان لکن ٿا: انهن قبي ۽ ٻين جاين جهڙوڪ قبر امام حسين عليه السلام مٿان ضريح جيڪا زمرد، ياقوت ۽ جواهرات سان سجيل هئي، حرم جو صندوق ( جتي پيسا ۽ ٻيو قميتي سامان حرم لاءِ جمع ٿيندو هيو) شهر ۾ موجود ماڻهن جي گهرن اندر سون چاندي، زيورات، قيمتي لباس ۽ ٻيون قيمتي شيون سڀني تي ڌاڙو هنيو ويو ايتري تائين جو اسان انهن جو حساب به نٿا لڳائي سگهون ( ابن بشير، عنوان المجد في تاريخ النجد، ج 1 ص 257 و 2258)

د: عورتن مٿان ظلم

سعوديه جي وهابين جي ظلم جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي سڀ کان پهريان انهن شهر مٿان حملو ڪيو، جيڪي به ماڻهن انهن کي نظر آيا انهن کي قتل ڪري ڇڏيائيون حرم توڙي شهر اندر هر قيمتي سامان لٽيائون آخر ڪربلا وارن جي عورتن تي به وڏو ظلم ڪيائون، روسي حڪومت جو سفارت ڪار سعوديه جي وهابين جي پنهنجي ملڪ وارن کي هن طرح سان خبر ڏني: سعوديه وارن ڪربلا وارن جي عورت مٿان تمام وڏا ظلم ڪيا، جيڪي عورتون پيٽ سان هيون انهن جي پيٽن کي ڦاڙيو ويو انهن جي ٻارن کي ڪٺو ويو، نوجوان عورتون ۽ ننڍڙين ڇوڪرين کي قيدي بڻايائون ۽ انهن کي پنهنجن ڪنيزن طور تي پاڻ سان گڏ وٺي ويا (لويس دوکورانسي، الوهابيون تاريخ ما اهمله التاريخ ص 77)

وهابين جا نجف مٿان حملا

واهابين 1214 هجري جي حج کان بعد ۾ عراق تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، انهن نجف شهر تي حضرت علي عليه السلام جي روضه مبارڪ کي شهيد ڪرڻ لاءِ پهريون حملو 1214 هجري ۾ ڪيو، جڏهن هي نجف اشرف جي ٻاهريان اچي ويا ته انهن جي مقابلي ۾ ”خزاعل“ عرب مقابلي لاءِ اچي ويا انهن ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ آمهون سامهون جنگ شروع ٿي، نجف جي دفاع ڪندڙن وهابين جي 300 ماڻهن کي قتل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سعوديه جا وهابي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ واپس موٽي ويا.(علي اصغر فقيهي، تاريخ و عقائد وهابيان ص 337)

وهابين طرفان نجف اشرف تي ٻيون حملو 1215 هجري ۾ ڪيو ويو، هن ڀيري به انهن جو مقصد حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام جي روضه مبارڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ اتي موجود قيمتي سامان لٽڻ هيو، نجف جي ماڻهن تمام وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ نجف جي ماڻهن جي مدد لاءِ اطراف جا قبيله پهچي ويا جنهن جي نتيجي ۾ سعوديه جي وهابين کي شڪست ملي ۽ پنهنجي ناپاڪ منصوبن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ واپس سعوديه هليا ويا ( جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و حاضرها، ج 1 ص 325)

وهابين طرفان نجف اشرف تي ٽيون حملو 1216 هجري ۾ ڪيو، هي حملو پهرين ٻنهي حملن کان وڌيڪ طاقتور حملو هيو، ڇو ته انهن پهريان انهي سال ڪربلا ۾ حملو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کي قتل ڪري اتان جو قيمتي سامان لٽي نجف جي طرف آيا، جيئن ئي انهن ڪربلا کي پنهنجي محاصره ۾ آندو هيو ان جي خبر نجف ۾ پهچي چڪي هئي نجف جي ماڻهن پهريان ئي پنهنجي ۽ شهر جي حفاظت لاءِ اقدامات ڪرڻ شروع ڪيا هئا، نجف جي عورتن جڏهن ڪربلا جي عورتن جا حال ٻڌا ته پنهنجي مردن کي جنگ جي طرف تشويق ڏياري ۽ چيو ته ڇا توهان جي غيرت قبول ڪندي ته اسان به ڪربلا وارن جي عورتن وانگر سعوديه جي وهابيين جي فوج وارن جون ڪنيزون ٿي وڃون؟ ان ڪري نجف جي هر شخص ان جنگ ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي ٻاهريان ديوار جيان ٿي ڪري پنهنجي شهر جو دفاع ڪيائون ۽ سعوديه جي وهابين کي شڪست ڏنائون جنهن جي ڪري سعوديه جا وهابي نجف جي مسماري ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. (جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و حاضرها ج1 ص 325)

سعوديه جي وهابين نجف مٿان ڇوٿون حملو سال 1220 يا 1221 ۾ ڪيو هي حملو به پهرين حملن کي وڌيڪ طاقتور هيو، هن حملي ۾ نجف جي حفاظت لاءِ نجف اشرف ۾ رهندڙ طالب علمن پنهنجي توانائي خرچ ڪئي شيخ جعفر نجفي (ڪاشف الغطاء) جيڪو ان وقت شيعن جو مجتهد هيو ان جي سربراهي ۾ شهر جا ماڻهو ۽ طالب علم جمع ٿيا شهر جي ٻاهريان حفاظت لاءِ خندق کوٽي وئي، تمام شهر جا ماڻهن پنهنجي شهر جي حفاظت ۽ حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي حرم جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات خندق مٿان ويٺا رهيا هي محاصرو ڪجھ ڏينهن جاري رهيو آخرڪار هڪ ڏينهن سعوديه جا وهابي خندق ۽ ديوار کان ٽپي ڪري شهر ۾ اندر داخل ٿي ويا وهابين جي مقابلي ۾ شهر جا ماڻهو جيڪي جنگجو ته نه هئا پر پوءِ به جنگجو مردن وانگر مقابلو ڪرڻ لڳا قريب هيو جو سعوديه جا وهابي شهر مٿان پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪن، نجف جي ماڻهن وڏي بهادري ڏيکاري 15 هزار سعوديه جي جنگجوئن کي شهر کان ٻاهر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، هن حملي ۾ سعوديه جي وهابين جا تقريبا 700 ماڻهو ماريا ويا.

هن حملي کان پهريان حضرت اميرالمومنين جي روضه مبارڪ جو پورو خزانو بغداد ۽ ٻين جاين تي امانت طور رکرايو ويو جڏهن سعوديه جا وهابي پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿيا ته ساڳيو خزانو حرم مطهر حضرت اميرالمومنين ۾ منتقل ڪيو ويو (سيد محمد حسيني قزويني، وهابيت از منظر عقل و شرع، ص 97 و 98)

نتيجو:

سعوديه جي وهابين سن 1216 هجري ۾ ڪربلا مٿان حملو ڪيو ان وقت ڪربلا جا ماڻهو عيد غدير ڪرڻ لاءِ نجف اشرف جي طرف اچي چڪا هئا ۽ پويان شهر ۾ محدود تعداد باقي رهيل هئي جنهن ۾ پوڙها مرد، عورتون، ٻار ۽ ڪجھ جوان شهر ۾ موجود هئا هي حملو اوچتو ڪيو ويو جنهن جي ڪري ڪربلا وارا پنهنجي تياري نه ڪري سگهيا ۽ سعوديه جي وهابين شهر ۾ تمام وڏو قتل عام ڪيو ۽ نواسه رسول حضرت امام حسين عليه السلام جي حرم مطهر جي خزانه، قيمتي شيون، مومنين جي گهرن جو قيمتي سامان، انهن جي ناموس تي حملا، عورتن ۽ ٻارڙن کي ڪنيز ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا جڏهن هي حملو مڪمل ٿيو ته سعوديه جي وهابين نجف اشرف جي طرف پنهنجي سفر شروع ڪيو، نجف اشرف جا ماڻهو ڪربلا جي حملي کان واقف ٿي چڪا هئا ان ڪري انهن پنهنجي حفاظت جي لاءِ پهريان ئي ڪوشش ڪري ڇڏيون هيون، سعوديه جا وهابي جيئن ئي ڪربلا کان نجف اشرف پهتا ته نجف جي ماڻهن وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ سعوديه جي وهابين کي نجف کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، ان کان بعد ۽ پهريان به سعوديه جا وهابي نجف اشرف مٿان حمله ڪري چڪا هئا پر نجف مٿان ڪڏهن به حملي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آخري وڏو حملو 1220 يا 1221 هجري ۾ ڪيو ويو ان وقت نجف اشرف ۾ شيخ ڪاشف الغطا رهندو هيو ۽ ان تمام وڏي بهادري سان سعوديه جي وهابين جي حملن کي ناڪام بڻايو هن حملي جي دفاع ۾ نجف اشرف جي طالب علمن به حصو ورتو. الله سائين کان دعا آهي ته اسان جي مقدس مقامات جي حفاظت فرمائي ۽ دشمنان اهلبيت کي نيست ۽ نابود ڪري.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: