Monday, January 15, 2018
توهان ۾ بهترين شخص ڪير آهي ؟؟
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه
وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته :
توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن پنهنجي سفر
جي جلدي کي محسوس ڪندين پنهنجي لاءِ زاد راهه جمع ڪري ورتو
توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن کي ڏسڻ سان
خدا ياد اچي وڃي.
توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن جي ڳالهائڻ
سان توهان جي علم ۾ اضافي جو سبب بڻجي.
توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جيڪو فقر تي راضي
هجي ۽ دنيا کان منهن موڙيل هجي ۽ عيبن کان پاڪ هجي ۽ گناهن جي آلودگي کان پاڪ هجي
منهنجو بهترين امتي اهو آهي جنهن پنهنجي جواني
اطاعت الاهي ۾ گذاري ۽ دنيا جي لذتن کان پاسو ڪيو ۽ آخرت جي لاءِ نيڪ عمل ڪندو
رهيو. اهڙي شخص جي لاءِ الله وٽ جنت جا اعليٰ مقام آهن.
ڪتاب هدية الشيعه صفه 25 26
هڪ جهڙيون تحريرون:
اخلاقيات ۽ معاشرو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: