Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: سيرت امام حسين عليه السلام

Saturday, June 25, 2022

امام علي ع جون گهرواريون ۽ اولاد

حضرت امام علي عليه السلام جون گهرواريون ۽ اولاد سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو تاريخ لکڻ وارن حضرت علي ع جي اولاد جي تعداد ۾ اتفاق ناهي ڪيو شيعه عالم دين شيخ مفيد پنهنجي ڪتاب الارشاد ۾ حضرت علي ع جي اولاد 27 ذڪر ڪئي آهي ابن سعد ۽ بلاذري حضرت علي عليه السلام جي اولاد 34 ذڪر ڪئي آهي جڏهن مزي 39 اولاد ذڪر ڪئي آهي اولاد جي گهڻي لکڻ جي هڪ علت هي آهي ته عرب ڪنيتن سان ٻارن کي سڏيندا هئا ۽ مولا جي ٻارن جون ڪنيتون هڪ جهڙيون يا وري هڪ جاء تي نالو ته وري ٻي جاء تي ڪنيت لکي وئي آهي ان ڪري تعداد اولاد تي اتفاق نه آهي هي نالا طبقات ابن سعد جي مطابق آهن. 1: حضرت فاطمه زهرا س منجهان 1: حضرت امام حسن ع 2: حضرت امام حسين ع (ڪربلا ۾ شهيد ٿيو) 3: حضرت محسن 4: حضرت زينب س 5: حضرت ام کلثوم 2: خوله بنت جعفر بن قيس بن مسلمه ماه هڪ پٽ پيدا ٿيو 6: محمد حنفيه 3: ليلي بنت مسعود 7: عبيدالله ( ڪربلا ۾ شهيد ٿيو) 8: ابوبکر (ڪربلا ۾ شهيد ٿيو) 4: حضرت ام البنين چارئي پٽ ڪربلا ۾ شهيد ٿيا 9: حضرت عباس علمدار ع 10: عثمان 11: جعفر 12: عبدالله 5: زرقاء، هڪ ڪنيز 13: محمد اصغر (ڪربلا ۾ شهيد ٿيو) 6: اسماء بنت عميس 14: محمد 15: عون 7: صهباء 16: عمر اکبر (هڪ روايت مطابق هي به ڪربلا ۾ شهيد ٿيو) 17: رقيه 8: امامه بنت ابوالعاص 18: محمد اوسط 9: ام سعيد بن عروه بن مسعود 19: ام الحسين 20: رملة کبري 10: محياة بمت امرء القيس 21: ام يعلي امام علي ع جي اها اولاد جيڪا ڪنيزن مان پيدا ٿي. 22: ام هانی 23: میمونه 24: زینب صغری 25: رملة صغری 26: ام کلثوم صغری 27: فاطمه 28: امامه 29: خدیجه 30: ام الکرام 31: ام اسلم 32: ام جعفر 33: جمانه 34: نفیسه.
اڳتي پڙهو »

Monday, February 4, 2019

ڪربلا ۾ رسول الله جا صحابي


تحرير: راشد علي چانڊيو
مقدمو:
حضرت امام حسين عليه السلام  جو انقلاب سڄي اسلامي امت جي نجات، توحيد جي سربلندي ۽ انسانيت جي آزادي جو پيغام کڻي آيو هيو پر افسوس آهي جو ان انقلاب ۾ سڄي امت اسلاميه اهڙو فائدو حاصل نه ڪيو جيڪو امام حسين عليه السلام چاهين پيا، ان جي هڪ وجھ دشمن جي طرفان هن مقدس انقلاب جي خلاف غلط پروپيگنڊائون ۽ الزام تراشيون هيون جنهن جي ڪري امام حسين عليه السلام جي اهداف ۽ مقاصد کي غلط رنگ ڏيئي امام حسين عليه السلام جي نوراني انقلاب کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نبي اميه جا حامي ۽ ظالم حڪومتن جا ڪارندا امام حسين عليه السلام جي انقلاب کي غير آئيني ۽ غير اسلامي سمجهي عوام کي گمراه ڪندا رهيا ۽ ان انقلاب کي حڪومت وقت جي خلاف بغاوت ۽ حڪومت تي لشڪر ڪشي قرار ڏيندا رهيا.

اڳتي پڙهو »

Sunday, January 10, 2016

انبياء ڪرام جو امام حسين عليه السلام تي روئڻ

تحرير : راشد علي چانڊيو
سيد الشهداء امام حسين عليہ السلام جي اُها مظلوم شخصيت آهي جنهن تي ڪيل ظلم ۽ بربريت جي هر داستان دنيا جي هر مخلوق کي گريه ۽ آه بُڪا تي مجبور ڪري ٿي، امام مظلوم جي شهادت تي هر مخلوق پنهنجي پنهنجي انداز ۾ غم ملهايو آهي ايستائين جو انبياء ڪرام ، اولياء ڪرام ۽ آئمہ اهلبيت عليهم السلام به گريو ڪيو آهي، اسان هتي انبياء ڪرام جي غم کي ذڪر ڪيون ٿا.

اڳتي پڙهو »

اسان جو غم ۽ حسين جو غم


 تحرير : راشد علي چانڊيو

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي
اِنَّ لِقَتْلِ الْحُسَیْنِ حَرَارَة فِی قُلُوبِ المُؤْمِنِینَ لَاتَبْرُدُ اَبَداً“
رسول خدا جو فرمان آهي شهادت حسين(عليه السلام) قتل حسين ، خون حسين ۾ اهڙي تڙپ ۽ حرارت موجود آهي جيڪا هميشه مومنن جي دلن کي گرم ڪندي رهندي ۽ڪڏهن بي هي تڙپ ۽ حرارت ٿڌي نه ٿيندي، صديون گذري ويون پر هي عشق، هي جوش، هي تڙپ ۽ هي حرارت مسلسل وڌي رهي آهي ۽ انشاء الله وڌندي رهندي، اگر چه ڪجھ نادان ۽ احمق ماڻهو پنهنجي خام خيالي جي بنياد تي ڪڏهن

اڳتي پڙهو »

امام حسين عليہ السلام جي قيام جا پنج سبب


تحرير: راشد علي چانڊيو

هر شيء کان پهريان حضرت امام حسين عليہ السلام جي خطبات ۽ بيانات مان قيام جا مختلف اسباب ۽ عوامل تمام سٺي نموني سان معلوم ڪري سگهجن ٿا، اسان هن مختصر بحث ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ آئمہ معصوم عليهم السلام جي ڪلام مان اخذ ڪري پنج اهم سببن کي مثالن سان بيان ڪنداسين.
الف: ديني سبب: يعني دين جي قيام ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جيڪو تمام امورن ۾ سڀ کان پهريان آهي حضرت امام علي عليہ السلام فرمائن ٿا:
”دِینُکُم ،دِینُکُم فَاِنَّ السَّیِّئَةَ فِیہِ خَیرمِنَ الحَسَنَةِ فِی غَیرِہ“ (اي انسانو) دين جي حفاظت ڪيو يقينا ديندار جي عالم ۾ گناه بي ديني جي عالم ۾ نيڪي کان بهتر آهن.

اڳتي پڙهو »