Ad 468 X 60

Sunday, January 10, 2016

انبياء ڪرام جو امام حسين عليه السلام تي روئڻ

تحرير : راشد علي چانڊيو
سيد الشهداء امام حسين عليہ السلام جي اُها مظلوم شخصيت آهي جنهن تي ڪيل ظلم ۽ بربريت جي هر داستان دنيا جي هر مخلوق کي گريه ۽ آه بُڪا تي مجبور ڪري ٿي، امام مظلوم جي شهادت تي هر مخلوق پنهنجي پنهنجي انداز ۾ غم ملهايو آهي ايستائين جو انبياء ڪرام ، اولياء ڪرام ۽ آئمہ اهلبيت عليهم السلام به گريو ڪيو آهي، اسان هتي انبياء ڪرام جي غم کي ذڪر ڪيون ٿا.


امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: انبياء، صديقين ، شهداء ۽ ملائڪه جو امام حسين عليه السلام تي روئڻ تمام گهڻو طولاني ٿي چڪو آهي.[1]
هيٺ امام حسين عليه السلام تي انبياء عليهم السلام تي گريه جا ڪجه قسم پيش ڪيون ٿا:
1:حضرت آدم عليه السلام جو روئڻ
قرآن مجيد جي هن آيت ڪريمه(فتلقٰی آدم من ربّہ کلمات ...)[2] جي تفسير ۾ بيان ٿيو آهي ته جڏهن خداوند عالم حضرت آدم عليه السلام جي توبھ قبول ڪرڻ چاهي ته حضرت جبرائيل عليه السلام کي حضرت آدم عليہ السلام وٽ موڪليو ته جيئن هو ان کي هن دعا جي تعليم ڏئي:
” یا حمید بحقّ محمّدۖ ،یا أعلی بحقّ علیّ ، یا فاطر بحقّ فاطمة ، یا محسن بحقّ الحسن ،یا قدیم الاحسان بحقّ الحسین ومنک الاحسان “.
جيئن حضرت جبرائيل عليہ السلام امام حسين عليہ السلام جي نالي تي پهتا ته حضرت آدم عليہ السلام جي دل تي غم طاري ٿيو ۽ ان جي اکين مان ڳوڙها نڪرڻ شروع ٿيا،ان وقت جناب جبرائيل کان حضرت آدم عليه السلام پنهنجي ان حالت بابت روئڻ جو سبب معلوم ڪيو ته حضرت جبرائيل عليہ السلام جواب ۾ فرمايو:
یا آدم ! ولدک ھذا یصاب بمصیبة تصغر عندھا المصائب “
اي آدم! توهان جي هن فرزند تي اهڙي مصيبت ايندي جو ان جي سامهون تمام مصبون حقير نظر اينديون، ”حضرت آدم عليه السلام فرمايو : اها ڪهڙي مصيبت هوندي ؟ عرض ڪيائين:
یقتل عطشانا غریباوحیدا فریدا لیس لہ ناصرا ولامعین ،ولو تراہ یا آدم یحول العطش بینہ وبین السّماء کالدّخان ، فلم یجبہ أحد الاّ بالسّیوف ،وشرب الحتوف ،فیذبح ذبح الشاة من قفاہ ، وینھب رحلہ وتشھر رأوسھم فی البلدان ، ومعھم النسوان ، کذلک سبق فی علم المنّان ،فبکٰی آدم وجبرائیل بکاء الثکلٰی“[3]
اِن کي پياسو قتل ڪيو ويندو جڏهن  ته هو وطن کان پري هوند، اڪيلو ۽ بي يارو مددگار هوندو، جيڪڏهن تون ان کي ڏيسين ها ته پياس جي شدت جي ڪري ان جي اکين ۾ آسمان جو ڌوهون نظر ۾ اچي ها(هو مدد جي لاءِ سڏيندو) ته تلوارن ۽  موت جي شربت سان ان کي جواب ڏنو ويندو، ان کي ذبح ڪري ان جي سر کي تن کان جدا ڪيو ويندو جيئن رڍ کي ذبح ڪيو ويندو آهي، ان جي خيمن کي لٽيو ويندو ۽ ان جي سرن کي مختلف شهرن ۾ گهمايو ويندو جڏهن ته ان جون عورتون ان سان گڏ هونديون، هي  خداوند منان جي علم ۾ گذري چڪو آهي ، پوءِ آدم ۽ جبرائيل عليهما السلام ان عورت وانگر روئڻ لڳا جنهن جو جوان پٽ مري ويو هجي.
هڪ روايت ۾ بيان ٿيو آهي ته جڏهن حضرت آدم ۽ حوا کي هڪ ٻي کان پري زمين تي لاٿو ويو ته حضرت آدم عليه السلام جناب حوا سلام الله عليها جي تلاش ۾ نڪتا ۽ هلندي هلندي سرزمين ڪربلا پهتا اتي ان جي دل تي غم طاري ٿيو ۽ جڏهن امام حسين عليہ السلام جي مقتل گاه تي پهتا ته ان جا پير لڏڻ لڳا ۽ هو ڪري پيو جنهن جي ڪري ان جي پيرن مان خون جاري ٿو ان وقت آسمان جي طرف سر کي بلند ڪري عرض ڪيائون:
”الٰھی ھل حدث منّی ذنب آخر فعاقبتنی بہ ؟ فانّی طفت جمیع الأرض ،وماأصابنی سوء مثل ما أصابنی فی ھذہ الأرض
فأوحی اللہ تعالٰی الیہ : یا آدم ما حدث منک ذنب ،ولکن یقتل فی ھذہ الأرض ولدک الحسین ظلما ،فسال دمک موافقة لدمہ .
فقال آدم : یا ربّ أیکون الحسین نبیّا ؟ قال : لا ، ولکنّہ سبط النّبیّ محمّد ، وقال: من القاتل لہ؟ قال: قاتلہ یزید لعین أھل السّمٰوات والأرض .فقال آدم:أیّ شیء أصنع یا جبرائیل ؟فقال: العنہ یا آدم ! فلعنہ أربع مرّات ومشیٰ خطوات الی جبل عرفات فوجد حوّا ھناک“[4]
اي منهنجا خدا! ڇا مان ڪنهن نئين قسم جي گناه ۾ مرتڪب ٿيو آهيان جنهن جي سزا مونکي ملي رهي آهي ؟ مون پوري زمين جو سير ڪيو آهي پر ڪٿي به ان طرح جي مصيبت مونسان پيش نه آئي آهي جهڙي هن سرزمين تي پيش آئي آهي.
خداوند عالم حضرت آدم عليہ السلام تي وحي نازل ڪئي: اي آدم! تو ڪو به گناه ناهي ڪيو پر ان سرزمين تي تنهنجي فرزند حسين (عليہ السلام) کي ظلم ۽ جفا سان قتل ڪيو ويندو ان ڪري توهان جو خون ان جي حمايت ۾ جاري ٿيو آهي.
حضرت آدم عرض ڪيو: اي پالڻهار ! ڇا حسين نبي هوندا ؟ فرمايو :نه ،پر نبي (صلي الله عليه وآله وسلم ) جا نواسا هوندا.
حضرت آدم عرض ڪيو: ان کي ڪير قتل ڪندو؟ فرمايو: يزيد جيڪو زمين ۽ آسمان ۾ ملعون هوندو، حضرت آدم عليه السلام جبرائيل کي چيو : مان ڇاٿو ڪري سگهان؟ ان (جبرائيل) عرض ڪيو : اي آدم! ان(يزيد) تي لعنت ڪر، پوءِ هن (آدم عليه السلام) چار مرتبه لعنت ڪئي، ڪجھ قدمن کان پوءِ ڪوه عرفات ۾ جناب حوا سان مليا.

2: حضرت نوح عليہ السلام جو روئڻ
جڏهن حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي گرداب ۾ آئي ته حضرت نوح عليہ السلام خداوند عالم کان ان جو سبب معلوم ڪيو ، جواب مليو: هي سرزمين ڪربلا جي سرزمين آهي ان کان بعد حضرت جبرائيل عليه السلام امام حسين عليہ السلام جي شهادت ۽ ان جي اهل و عيال جي اسير ٿيڻ جي خبر ڏني ته حضرت نوح جي ٻيڙيءَ ۾ روڄ راڙو پئجي ويو تنهن کان پوءِ حضرت نوح عليه السلام به روئڻ لڳا.[5]

حضرت ابراهيم عليہ السلام جو روئڻ
جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ٿيڻ کان بچايو ويو ته جناب جبرائيل عليہ السلام واقعه ڪربلا کي بيان ڪيو ۽ ان تي روئڻ جو ثواب ٻڌايو، جناب ابراهيم عليہ السلام ڪربلا ۾ ٿيڻ واري مصائب ته گريو ڪيو.[6]
اهڙي طرح جڏهن خداوند عالم حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سامهون زمين ۽ آسمان کي رکيو ته حضرت ابراهيم عليہ السلام عرش جي هيٺان پنج نور ڏٺا جڏهن انهن مان امام حسين عليہ السلام جي نور تي نگاه پيس ته ان جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿيا.[7]

4: حضرت موسي عليہ السلام جو روئڻ:
جڏهن حضرت موسي عليہ السلام ڪوه طور تي ويا ته خداوند عالم وحي نازل ڪيس ، اي موسي! تون جنهن جنهن جي بخشش طلب ڪندي اسان ان کي بخشي ڇڏينداسين سواء قاتل حسين (عليہ السلام )جي ، حضر موسي عليہ السلام عرض ڪيو: پالڻهار ! اها بزرگ هستي ڪهڙي آهي ؟ حضرت موسي عليہ السلام کي امام حسين عليہ السلام جو تعارف ڪرايو ويو، ايستائين ٻڌايو ويو ته امام حسين بغير ڪفن جي زمين تي پيو هوندو ان جي تمام مال ۽ اسباب کي لٽيو ويندو ، ان جي اصحاب کي قتل ڪيو ويندو، ان جي اهل ۽ عيال کي قيدي بڻايو ويندو ۽ شهر شهر ڦيراريو ويندو، انهن جي سرن کي نيزن تي بلند ڪيو ويندو ان جا ٻار پياس جي ڪري جان ڏيئي ويهندا، هو مدد جي لاءِ پڪاريندا پر ڪوبه مدد ڪرڻ وارو نه هوندو.
حضرت موسي عليہ السلام هي ٻڌي ڪري روئڻ لڳا ، خداوند عالم فرمايو : اي موسي! ڄاڻي وٺ ته جيڪو شخص ان تي روئيندو يا روئڻ جي شڪل اختيار ڪندو ان تي جهنم جي باھ حرام آهي.[8]
روايات ۾ نقل ٿيو آهي ته حضرت موسي عليہ السلام پنهنجي پروردگار کان مناجاتت ڪندي عرض ڪيو : ”یا ربّ لم فضّلت أمّة محمّد علی سایرالأمم ؟قال اللہ تعالٰی : فضّلتھم لعشر خصال .قال: وماتلک الخصال الّتی یعملونھا حتٰی أمر بنی اسرائیل یعملونھا ؟قال اللہ تعالٰی:الصلاة والزکاة والصوم والحجّ والجھاد والجمعة والجماعة والقرآن والعلم والعاشوراء ،قال موسٰی: یاربّ وما العاشورائ؟قال: البکاء والتباکی علی سبط محمّدصلّی اللّہ علیہ وآلہ وسلّم والمرثیة والعزاء علی مصیبة ولد المصطفٰی“[9]

اي پالڻهار! تو ڇا جي ڪري امت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي تمام امتن تي فضيلت ڏني آهي؟ خداوند عالم فرمايو: مون انهن کي ڏهن خوبين جي ڪري فضيلت ڏني آهي، حضرت موسي عليہ السلام عرض ڪيو: اهي ڪهڙيون خصلتون آهن ته جيئن مان بني اسرائيل کي حڪم ڏيان ته هو انهن کي بجا آڻن، فرمايو: اهي هي آهن ، نماز، روزه، زڪات ، حج ، جهاد، نماز جماعت و جمعه، قرآن ، علم ۽ عاشوره، حضرت موسي عليہ السلام عرض ڪيو هي عاشوره ڇا آهي؟ آواز آئي اها محمد (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جي نواسي تي روئڻ ۽ روئڻ واري شڪل اختيار ڪرڻ آهي، فرزند مصطفي(صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جي مصبت تي مرثيه پڙهڻ ۽ عزاداري ڪرڻ آهي.

حضرت خضر عليہ السلام جو روئڻ:
جڏهن حضرت موسي عليہ السلام ۽ حضرت خضر عليہ السلام  ملاقات ڪئي ته آل محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان پيش ايندڙ مصيبتن جي باري ۾ گفتگو ڪئي ته انهن جي روئڻ جي آواز بلند ٿي.[10] ۽ جيئن ئي ڪربلا جو جو تذڪرو ٿيو ته روئڻ جي آواز بلند ٿي.[11]
ابن عباس چون ٿا ته : اميرالمومين علي ابن ابي طالب عليه السلام جڏهن صفين کان واپس پي آيا ته ڪربلا کان گذر ٿين، ڪربلا جي خاڪ مان هڪ مٺ مٽي جي ڀري مونکي ڏنائين ۽ فرمائين جڏهن ان مان تازو خون جاري ٿئي ته سمجهي وڃجان ته منهنجو پٽ حسين (عليه السلام) شهيد ٿي ويو ، ابن عباس چون ٿا ته منهنجي ذهن ۾ هي ڳالھ هميشه باقي رهي ايستائين جو هڪ ڏينهن مان ننڊ مان اٿيس ته ان خاڪ مان تازو خون جاري آهي جنهن مان سمجهي ويس ته امام حسين عليه السلام شهيد ڪيا ويا آهن ، مان روئڻ ۾ مشغول هيس ته گهر جي هڪ ڪنڊ مان آواز آئي:
اصبروا یا آل الرّسول
قتل فرخ البتول
نزل الرّوح الأمین
ببکاء و عویل
اي آل رسول(صلي الله عليه وآله وسلم)صبر ڪيو فرزند بتول شهيد ڪيو ويو آهي، جبرائيل امين گريه ۽ زاري ڪندي نازل ٿيو آهي.
مان تمام گهڻو رنس ، اهو ڏھ محرم جو ڏينهن هيو ، بعد ۾ معلوم ٿيو جيڪا آواز مون ٻڌي هئي اها ٻين جاين تي به ٻڌي وئي ۽ اها آواز جناب خضر عليه السلام جي هئي.[12]

6: حضرت زڪريا عليہ السلام جو روئڻ
حضرت زڪريا عليہ السلام جڏهن به حضرت رسول خدا صلي الله عليہ وآلہ وسلم ، حضرت امام علي عليہ السلام، حضرت زهرا سلام الله عليها ۽ امام حسن عليہ السلام جو نالو کڻندا هئا ته غم ختم ٿي ويندو هيس، پر جيئن ئي حسين(عليه السلام) جو نالو کڻندا هئا ته هو بي اختيار ئي روئڻ شروع ڪندا هئا، حضرت جبرائيل عليه السلام جڏهن جناب زڪريا عليه السلام جي سامهون حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت جو قصو بيان ڪيو ته پاڻ عليه السلام تمام گهڻا رونا.[13]

7: حضرت عيسي عليه السلام جو روئڻ
جڏهن حضرت عيسي عليه السلام پنهنجي حوارين سان گڏ سرزمين ڪربلا تي پهتا ته سڀ جا سڀ روئڻ لڳا.[14]

8: پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو روئڻ
جڏهن حضرت جبرائيل عليه السلام پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم کي امام حسين عليه السلام جي شهادت جي خبر ڏني ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم تمام گهڻا رونا.[15]

راهب جو امام حسين عليہ السلام تي ماتم ڪرڻ
ابوسعيد چو ٿو: مان ان لشڪر سان گڏ هيس جيڪو امام حسين عليہ السلام جي سر مبارڪ کي شام جي  طرف کڻي وڃي رهيو هو، جڏهن لشڪر هڪ منزل تي نصرانين جي بستي وٽ پهتو ته شمر بستي وارن کي گهرائي ڪري چيو : مان ابن زياد جي لشڪر جو سردار آهيان ۽ اسان عراق کان شام جي طرف وڃي رهيا آهيون، عراق ۾ هڪ باغي يزيد جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ خروج ڪيائين ته يزيد هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ان کي قتل ڪرايو آهي، هي انهن جا سر ۽ انهن جون عورتون آهن، اسان کي هتي رات رهڻ جي جڳه ڏني وڃي.
راوي چوي ٿو: جڏهن راهب ان سر جي طرف نگاه ڪئي ته ان مان نور ظاهر ٿي رهيو هو، ان شمر کي چيو : اسان جي بستي ۾ توهان جي فوج کي رهائڻ لاءِ جڳھ ناهي باقي توهان هي سر ۽ قيدي اسان جي حوالي ڪيو، توهان انهن جي لاءِ پريشان نه ٿيو ۽ توهان هن ڳوٺ کان ٻاهر رهو ته جيئن اگر ڪو دشمن حملو ڪري ته توهان بهتر نموني سان دفاع ڪري سگهو.
شمر کي راهب جي تجويز پسند آئي، سر ۽ قيدي انهن جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ ڳوٺ کان ٻاهر رهيا، راهب سرن کي هڪ گهر ۾ رکيو ۽ اتي ئي قيدين کي رهايائين، جڏهن رات ٿي ته گهر جي ڇت ڦاٽي ۽ هڪ نوراني تخت هيٺ آيو جنهن تي نوراني عورتون سوار هيون، ۽ هڪ شخص آواز ڏيئي رهيو هو ته رستو ڏيو هي عورتون، حضرت حوا، صفيه، ساره، مريم، راحيل مادر يوسف، مادر موسي، آسيه ۽ ازدواج پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم آهن.
راوي چوي ٿو: امام حسين عليه السلام جي سرمبارڪ کي صندوق کان ٻاهر ڪڍيائون ۽ هڪ هڪ بيبي ان سر کي بوسو ڏيڻ شروع ڪيو، جڏهن فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نوبت آئي ته راهب چوي ٿو :مونکي ڪجھ به نظر نه پيو اچي بس هڪ آواز اچي رهي هئي منهنجا مظلوم پٽ ، منهنجا شهيد لال توتي ماءُ جو سلام هجي.
جيئن ئي راهب هن آواز کي ٻڌو بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن هوش آيس ته سر مبارڪ کي کڻي ان کي ڪافور، مشڪ ۽ زعفران سان ڌوتائين ۽ ان کي پنهنجي سامهون رکي ڪري تمام گهڻو گريو ڪندي چيائين : اي بني نوع آدم جا سردار! مان سمجهان ٿو ته تون اها ئي ذات آهين جنهن جي تعريف تورات ۽ انجيل ۾ ڪئي وئي آهي، ان ڪري توتي دنيا ۽ آخرت جون عورت گريو ڪري رهيون آهن.[16]




[1] بحار الانوار ٤٥:٢٠٨.
[2] . سورہ بقرہ : ٣٧.
[3] . . بحار الانوار ٤٤:٢٤٥؛ عوالم العلوم ١٧:١٠٤
[4] . بحارالانوار ٤٤:٢٤٢؛عوالم العلوم ١٧:١٠١.
[5] . عوالم العلوم ١٧:٢٩؛بحارالانوار ٤٤:٢٤٣.
[6] . بحار الانوار ٤٤:٢٢٦.
[7] . . الخصائص الحسينة :١٧٨.
[8] . بحار الانوار ٤٤:٣٠٨.
[9] . مجمع البحرين ٣:٤٠٥؛مستدرک الوسائل ١٠:٣١٨.
[10] . بحارالانوار ٣:٣٠١؛ تفسير قمي ٢: ٣٨.[
[11] . . تذکرة الشہداء :٣٣.
[12] . . بحار الانوار ٤٤:٢٥٢؛ امالي صدوق :٤٧٨و٤٨٠.
[13] . . بحار الانوار ٤٤:٢٢٣.
[14] . . معالي السبطين ١:١٧٦؛ بحار الانوار ٤٤:٢٥٣.[
[15] . بحارالانوار١٨: ١٢٥.
[16] . بحار الانوار ٣٦:٣٤٩

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo