Ad 468 X 60

Monday, July 3, 2023

غدير ۽ جانشيني حضرت علي عليه السلام يورپي مورخن جي نظر ۾

 


سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو

مقدمو: حضرت علي عليه السلام جي جانشيني بابت مسلمانن کان علاوه ڪجھ يورپي مورخن به لکيو آهي جڏهن ته انهن طرفان غدير بابت گهٽ ئي لکيو ويو آهي


انهن پنهنجي پوري تحقيق ان موضوع تي ناهي ڪئي البته مولا علي عليه السلام بابت انهن ڪافي ڪجھ لکيو آهي جيئن مادلونگ جنهن جانشيني حضرت محمد نالي کتاب لکيو آهي، ان کان علاوه جيڪو ڪجھ يورپي مورخن لکيو آهي اهو تشيع جي باري ۾ خاص نه آهي انهن عمومي طور تي لکيو آهي جڏهن ته انهن جي تحقيق اسلام بابت گهڻي رهي آهي پر خاص تشيعه بابت انهن جي تحقيق گهڻي نه رهي آهي البته ويهين ۽ ايڪيهين صدي جي يوپي مورخ ان بابت تحقيقون ڪيون آهن ۽ انهن جا ڪجھ آثار اچڻ شروع به ٿيا آهن جن مان سرفهرست لوئي ماسنيون، رودلف استروتمان، هانري کربن، اتان کلبر، هاينس هالم ۽ ويلفرد مادلانگ شامل آهن جن اسلام ۽ شيعت بابت ڪجھ لکيو آهي، هن مقالي ۾ يوپي مورخن جي نظر ۾ جانشيني حضرت علي ۽ غدير بابت ڄاڻ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويندي.

رسول خدا جو جانشين

واضح رهي ته يورپي مورخ جن کي شرق شناسان ( جن مشرق بابت تحقيق ڪئي آهي) چيو ويندو آهي انهن جانشيني بابت فقط تاريخي اعتبار سان بحث ڪئي آهي ان ڪري ڪوشش ڪبي ته انهن مطالبن کي هن بحث ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي جانشيني بابت هجن ۽ يورپين مورخن جي راءِ ان ۾ شامل هجي، سڀ کان پهريان هاينس هالم جي تحقيق جيڪا هن رسول الله ص جي حڪومت جي باري ۾ بيان ڪئي آهي ته رسول الله ص جيڪا حڪومت مدينه جي اندر تشڪيل ڏني ان ۾ جامعه ( معاشره جي ماڻهن ) جا چار قسم هئا.

1. مهاجر جيڪي مڪه کان مدينه جي طرف هجرت ڪري آيا هئا.

2. هاري جيڪي مدينه ۾ هارپو ڪندا هئا

3. جنگجو جيڪي عراق ۽ ايران جي اطراف ۾ جنگ جي حالت ۾ هئا انهن تي هن فرهنگ جو اثر ٿيو.

4. اهي تمام ماڻهو جن اسلام کي قبول ڪيو.

هاينس هالم، ان باري ۾ وڌيڪ لکي ٿي ته: ان زماني ۾ الله سائين پغمبر اڪرم (ص) جي زباني ڊاريڪٽ مومنن سان ڪلام ڪري پيو، جيڪو پيغمبر اسلام (ص) جي وفات سان ختم ٿي ويو، پر ان کان بعد ۾ جڏهن اسلام ۾ اضافو ٿي چڪو هيو ۽ ڪافي قبيله اسلام ۾ شامل هئا سن 11 هجري ۾ جڏهن جانشيني جو مسئلو آيو تڏهن انهن جي درميان ۾ اختلاف ٿي پيو پر ان کي مصلحتا حل ڪيو ويو (هاينس هالم، تشيع ، محمد تقي اڪبري ص 25)

انتخاب جانشين بابت دقيق نظر

ڪنهن به اصحاب پيامبر (ص) هي دعوا نه ڪئي هئي ته اسان تي وحي نازل ٿئي ٿي پر جن به هي دعوا ڪئي ته اسان رسول آهيون انهن جي علت شخصي هئي ان ڪري انهن سان بحث نه آهي، جنهن وقت پيغمبر اسلام (ص) جو انتقال ٿيو ته ان وقت ان کي ڪا به پٽاڻي اولاد نه هئي جيڪا ان جي جاءِ تي جانشين طور ويهي ها ۽ مسلمانن جي خلافت کي پنهنجي هٿن ۾ ڪري هلائي ها، ڇو ته عربن وٽ هي رسم ان وقت به جاري هئي ته هڪ قوم جو رئيس جڏهن مري ويندو هيو ته ان جي جاءِ تي ان جو پٽ ئي قوم جو رئيس منتخب ٿيندو هيو ۽ پيغمبر اسلام (ص) کي ڪو به پٽ نه هيو جيڪو مسلمانن جو امير ٿي ڪري انهن جي هدايت ڪري ها ۽ تمام قدرت چاهي اها سياسي هجي يا مذهبي پنهنجي هٿن ۾ ڪري ها.

خانم لالاني جو هي عقيدو آهي ته ٺيڪ آهي ته عربن وٽ پيءَ جو جانشين پٽ ٿيندو هيو پر ڪجھ قبائل ۾ انهن جا قريبي رشتيدار به جانشين منتخب ٿيندا هئا، ٻي طرف مونتگمري وات معتقد آهي ته ويجهن رشتيدارن جي هوندي به ابوبڪر کي پيغمبر اسلام (ص) جي جانشين لاءِ واضح اڪثريت ملي وئي ۽ ان کي جانشين جي طور تي منتخب ڪيو ويو ( نخستين انديشه هاي شيعي ، فريدون بدره اي، فروزان فر، تهران 1381، ص 30)

مادولونگ جو چوڻ آهي ته: ڇا بهتر نه هيو ته هو (ابوبڪر) جانشيني لاءِ پيغمبر اسلام (ص) جي چاچي جي پٽ ۽ ان جي نواسن جي پيءَ جي همايت ڪري ها ۽ هو (علي) مشورت ابوبڪر کان وٺندو رهي آهي( جڏهن به ڪنهن مسئلي تي مشورت لازم هجي ها) ( جانشيني حضرت محمد (ص) ، احمد نمايي ، آستان قدس رضوي، مشهد 1385، ص 80.) مادلونگ ان بابت وڌيڪ لکي ٿو ته هو ٻئي (ابوبڪر ۽ عمر) زور ۽ قدرت سان سقيفه ۾ جانشيني طور تي منتخب ٿيا، ابوبڪر ٻن سالن کان بعد ۾ عمر کي جيڪو مهاجرن منجهان هيو جانشين منتخب ڪيو ۽ جڏهن هو مري پيو ته هن ڇھ نفري شورا منتخب ڪئي جنهن ۾ عثمان کي منتخب ڪيو ويو. ( ويلفر مادلونگ، جانشيني حضرت محمد(ص) احمد نمايي، ص 25)

خانم لالاني جو انتخاب جانشيني بابت راءِ

پروفيسر خانم لالاني ابوبڪر جي انتخاب کي صحيح نٿي سمجهي، بلڪه حضرت علي عليه السلام جي انتخاب کي ترجيح ڏي ٿي، هن جو چوڻ آهي ته جيڪي به انقلاب يا شورشون وجود ۾ آيون انهن سڀني جو سبب پهرين ٽن خليفن جو انتخاب هيو جن جي ڪري مختلف قبائل اسلام کان ڪناره ڪشي ڪئي ۽ جانشيني کي تسليم نه ڪيو يا وري جبرن تسليم ڪيو، هو وڌيڪ وضاحت سان لکي ٿي ته: ابوبڪر جو انتخاب تمام جلدي سان ٿيو، ڇو ته جيڪا رقابت انصار (جيڪي مدينه جا رهاڪو هئا) ۽ مهاجرين (جيڪي مڪه کان آيا هئا) جي درمان جانشيني بابت هئي هن اسلام کي لوڏي ڇڏيو، جنهن انتخاب ۾ پيغمبر اسلام (ص) جو سئوٽ ۽ داماد نه هجي اهو انتخاب ڪهڙو؟ جيڪو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات وقت ان جي بستر وٽ موجود هيو پيغمبر ص جي وفات کان بعد ۾ ڪنهن به شخص ان جي طرف ڪو پيغام نه موڪليو ته اوهان به اچو، سقيفه ۾ ڪجھ ماڻهن اعتراض به ڪيو ته اسان علي (ع) کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به هٿ تي بيعت نه ڪنداسين، هي احساس مسلمانن ۾ زنده رهيو ۽ جڏهن ٻيون خليفو مري ويو ۽ عثمان ان جي جاءِ تي آيو ته ڪجھ خاص گروهن جيڪي علي (ع) کي خليفو ڏسڻ چاهن پيا عثمان جي خلاف بغاوت ڪيائون ڇو ته هو علي (ع) کان سواءِ ٻي ڪنهن کي جانشيني جو اهل نه پيا سمجهن. (ارزينا لالاني، نخستين انديشه هاي شيعي، فريدون بدره اي، قروزان فر، تهران، 1381، ص 9، 30 ۽ 36 )

مادلونگ ۽ جانشيني جو انتخاب

مادلونگ به لالاني وانگر هن انتخاب تي راضي نه آهي ڇو ته هن جو چوڻ آهي ته عمر سقيفي ۾ جانشيني جي انتخاب ۾ تمام گهڻي جلدي ڪئي ۽ ٻن جهتن تي سقيفه جي اجتماع تي فڪر نه ڪئي.

1. حاضر نه هجڻ انهن مهاجرن جو جيڪي اسلام ۾ سبقت رڪندا هئا ۽ پيغمبر اسلام (ص) جي خانواده منجهان هئا (اهي شورا ۾ موجود ئي نه هئا )

2. عمر جي جانشيني بابت جلدي ۾ (ابوبڪر جي) بيعت وٺڻ مدينه ۾ رهندڙ انصار جي خطري جي ڪري هئي ڇو ته هو نه پيو چاهي ته علي (ع) جو انتخاب ٿئي ۽ نه وري هي اجتماع ٽٽي وڃي ۽ هن ئي اجتماع ۾ جانشين جو انتخاب ٿي وڃي ڀلي بزرگان مهاجر ۽ پيغمبر اسلام (ص) جا رشتيدار نه هجن،

اڳتي وڌيڪ لکي ٿو ته اصل ۾ قريش وارا ان ڳالھ کي قبول ئي نه پيا ڪن ته پغمبري ۽ خلافت هڪ ئي قبيله ۾ هجي، هن گروه جا اڳواڻ عمر ۽ ابوبڪر هئا ۽ اڪثر قريش وارن جن جي علي (ع) سان حسادت هئي ۽ انهن کي پسند نه هيو ته علي (ع) جانشين پيغمبر اسلام (ص) ٿيئي. ( ويلفرد ماندلونگ. جانشيني حضرت محمد (ص) احمد نمايي، ص 112)

جانشين جي انتخاب ۾ ابوسفيان جو ڪردار

يورپي مورخن جا ٻه نظريه آهن هڪ جو نظريو هيو آهي ته هن مسئله ۾ ابوسفيان جو ڪو به ڪردار نه آهي ۽ هڪ گروه جو چوڻ آهي ته ابوسفيان جو ان ۾ ڪردار موجود آهي

نظريه اول جا موافق:

مادلونگ، جو چوڻ آهي ته ابوسفيان ابوبڪر جي جانشين هجڻ جو مخالف هيو، در حقيقت ابوسفيان جيڪو بني عبد شمس جو رئيس هيو ان لاءِ هي شرم جو مقام هيو ته ابوبڪر کي پنهنجو سردرا ڏسي.

ٻيو گروه.

هن گروه جو چوڻ آهي ته ابوسفيان جو انتخاب ۾ ڪو به عمل دخل نه آهي پر ان جي رضايت ان عمل ۾ ضرور آهي .

ڪورت فريشلر، چوي ٿو: جڏهن پيغمبر (ص) جو انتقال ٿي ويو ۽ ابوسفيان مدينه ۾ نه هيو جڏهن واپس آيو ته مدينه جي احوال کان با خبر ٿيو، چيو وڃي ٿو ته ابو سفيان ثابت بن ارطاه کي چيو: ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو پيغمبر (ص)  جي جڳھ کي وٺي سگهي پڇا ڪيائين ته هن حڪومت کي هلائڻ لاءِ ڪنهن جو انتخاب ٿيو آهي؟ ثابت بن ارطاه چيو: ها انتخاب ٿيو آهي پڇا ڪيائين ته خليفه ڪير آهي ؟ جواب ۾ چيو : ابوبڪر خليفو ٿيو آهي، ابوسفيان پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪري خدا جو شڪر ادا ڪيو، مون پڇيو ڇو شڪر ڪرين ٿو؟ ابوسفيان چيو، مون سان پيغمبر (ص) خوش نه هيو ۽ مون هميشه هي سوچو هيو ته پيغمبر (ص) جي انتقال کان بعد ۾ ڪو ان جي قبيلي وارو بني هاشم مان خصوصا علي ابن ابي طالب (ع) خليفه لاءِ منتخب ٿيندو اگر ايئن ٿئي ها ته مون وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هيو سواءِ ان جي جو مان بغاوت ڪريان ها. (ڪورت فريشکر، عايشه بعد از پيغمبر ، ذبيح الله منصوري ، امير کبير، تهران، 1360، 267).

ڪجھ پورپي مورخ هي به لکن ٿا ته ابوسفيان خليفه ابوبڪر پنهنجي لاءِ خلافت کان حصو طلب ڪيو هيو ۽ خليفه ان جي ڳالھ کي تسليم ڪيو هيو ۽ پڇو هيو ته توکي ڇا گهرجي جنهن تي هن چيو ته مونکي شام جي حڪومت کپي ٿي پوءِ ابوبڪر شام جي طرف لشڪر روانو ڪيو سڀ کان پهريون والي يزيد بن ابوسفيان شام لاءِ مقرر ٿيو ان کان بعد معاويه ابن ابوسفيان.

هي ڳالھ واضح هجڻ گهرجي ته خليفه جي انتخاب کي يورپي مورخ ڪهڙي نگاه سان ڏسن ٿا ڪجھ جاين تي لکن ٿا ته هي جيڪو ڪجھ ٿيو اهو جلدي ۾ ٿيو، اجتماع ۾ پيغمبر(ص)  جا رشتدار موجود نه هئا جڏهن ته اسان جو چوڻ هي آهي ته انهن سان گڏ هي انتخاب به ناحق تي ٿيو آهي حقيقي وارث کي محروم ڪيو ويو.

پيغمبر (ص) طرفان منصوب ۽ ماڻهن طرفان منتخب جانشين

امام علي (ع) جو مدينه جي انصارن ۽ ڪوفه وارن طرفان منتخب ٿيڻ  هاينس هالم جو چوڻ آهي ته علي (ع) کي انصار به پسند ڪن پيا ۽ ڪوفي جا جنگجو به پسند ڪن پيا انصارن جي راءِ هئي ته علي (ع) کان علاوه ٻيو ڪو به ان منصب جي لائق نه آهي ۽ ان جو ئي انتخاب ٿئي(هاينس هالم، تشيع، محمد تقي اڪبري، نشر اديان، قم 1384، 29)

هاينس هالم جو نظر

پروفيسر هاينس هالم جو چوڻ آهي ته اڪثر ماڻهو چاهن پيا ته ٽنهي خليفن جي مقابلي ۾ علي (ع) جو انتخاب ٿئي ها ۽ اڪثر ماڻهن جو چوڻ هيو ته انهن ٽنهي خليفن جي انتخاب لاءِ اڪثر ماڻهن جي راءِ نه هئي.

”مادلانگ“ جي نظر ته شيعن جي صفا ويجهو آهي ڇو ته هن جو چوڻ آهي ته امام علي (ع) لائق ترين شخص هيو جيڪو پيغمبر (ص) جو جانشين ٿئي ها، هو چوي ٿو: قرآن مجيد پيغمبر (ص) جي خاندان جو مقام هن طرح سان بيان ڪيو آهي ته انهن جو مقام سڀني مومنن کان وڌيڪ افضل آهي اهي هر پليدي کان پاڪ آهن، جنهن جاءِ تي قرآن افڪار حضرت محمد (ص) کي بيان ڪري ٿو ان مان واضح آهي ته ابوبڪر جانشين هجڻ هن جي نظر ۾ نه هيو ۽ نه ئي هو ان ڳالھ تي راضي هيو ته ٻيو ڪو ان مقام تي اچي، ڇو ته جيڪو قرآن مجيد ۾ مون پڙهيو آهي ان مان اڪثر سابقه انبيائن جا وارث انهن جا رشيتدار يا وري فرزندان ٿيا آهن ان ڪري حضرت محمد (ص) پنهنجو جانشين ڪنهن کي منتخب نه ڪيو ڇو ته هو امر خلافت کي قرآن شورا مطابق امت اسلامي جي حوالي ڪيو .(ويلفرد مادلونگ، جانشيني حضرت محمد (ص) احمد نمايي ، آستانه قدس رضوي مشهد 1385، ص 46)

جيڪڏهن اسان امام جي نصب لاءِ اهل سنت جي شورا کي تسليم ڪريون ته حقيقي شورا ۽ امت اسلامي جو اجماع اسان کي حضرت علي عليه السلام جي انتخاب ۾ نظر آيو جڏهن حضرت علي عليه السلام کي عثمان جي مرڻ کان بعد ۾ منتخب ڪيو ويو ته سڄي مدينه وارن سان گڏه هر علائقه جي ماڻهن زور سان حضرت علي (ع) کي خلافت لاءِ منتخب ڪيو .

خانم لالاني جي نظر

”لالاني“ به جانشيني لاءِ اولاد ۽ ويجهن مائٽن کي سمجهي ٿي جهڙي طرح ”مادلونگ“ سمجهن پيا، هن جو به چوڻ آهي ته جيڪي قرآن مجيد جون آيتون آهن انهن مطابق جيڪا منزلت علي (ع) ۽ اهل بيت (ع) جي آهي ۽ جيڪي آيتون انهن جي شان ۾ آهن ان مطابق ته اسلام انهن جو سڀني کان اعلي درجو آهي باقي سب مومنن انهن کان افضليت ۾ پوئتي آهن هن جو چوڻ آهي ته قوي امڪان آهي ته پيغمبر اسلام ( ص) پنهنجو جانشين انهن مان ڏسڻ چاهي پيو، هن جو چوڻ آهي ته شيعه گروه جي چوڻ به ان ڳالھ جي تائيد آهي ته پيغمبر (ص) علي (ع) کي جانشيني طور تي پهريان ئي غدير خم تي اعلان ڪري چڪو هيو،  هي مونکي اهل سنت جي موجب عجيب ٿو لڳي ته پيغمبر ( ص) پنهنجي لاءِ ڪو به جانشين منتخب نه ڪيو هيو، اگر ان کي قبول ڪجي ته پوءِ ابوبڪر ڇو عمر کي جانشين ڪيو؟ اگر هي حقيقت آهي ته پيغمبر اسلام (ص) ڪنهن کي جانشين منتخب نه ڪيو ته پوءِ ابوبڪر ڇو پنهنجي رسول (ص) جي سنت کي پيرن جي هيٺان رکي عمر جي لاءِ لکت ۾ خلافت جو حڪم ڏنو ؟ (ارزينا لالاني، نخستين انديشه هاي شيعي، فريدون بدره اي، فروزان فر، تهران 1381، ص 12 ۽ 29)

شيعه فقط علي (ع) کي حقيقي جانشين تسليم ڪن ٿا ۽ هن جي خلافت کي به حقيقي ۽ شرعي خلافت سمجهن ٿا چاهي ان جي خلافت تمام محدود ئي ڇو نه هئي ان کان پهريان وارن جي خلافت کي شرعي نٿا سمجهن. (هاينس هالم، تشيع ، محمد تقي اڪبري، نشر اديان، قم 1384، ص 31)

غدير بابت حديثن تي نظر

شيعن جي روايات مطابق پيغمبر (ص)  ڪجھ موقعن تي پنهنجي چاچي جي پٽ (سئوٽ) ۽ داماد علي ابن ابي طالب (ع) کي پنهنجو جانشين ۽ امت جو امام منتخب ڪيو هيو، نقل ڪيو ويو آهي ته پيغمبر اسلام (ص) حجة الوداع کان واپسي تي 18 ذي الحجه سن 10 هجري بمطابق مارچ 632 ع غدر خم جي ميدان تي جيڪو مڪه ۽ مدينه جي وچ تي رستي ۾ موجود آهي اتي قيام ڪيو ۽ حضرت (ع) کي هٿن ۾ ورتو ۽ هن طرح سان فرمايو: ” من کنت مولاه فهذا مولاه “

شيعن جي مطابق ان ڏينهن تي جن علي (ع) کي اميرالمومنين چئي مبارڪ ڏني انهن مان سرفهرست عمر هيو (هاينس هالم، تشيع، محمد تقي اڪبري، ص 27)

شيعه معتقد آهن ته حضرت پيامبر اسلام (ص) غدير خم جي ميدان تي پنهنجي رحلت کان ڪجھ وقت پهريان علي (ع) کي پنهنجو جانشين منتخب ڪيو هيو (ارزينا لالاني، نخستين انديشه هاي شيعي، فريدون بدره اي، فروزان فر، تهران، 1381)

پيغمبر اسلام (ص) جو چاچو جناب عباس پيغمبر (ص) جي وصال وقت ڪوشش ڪئي ته علي کي ان ڳالھ تي قائل ڪري ته هو رسول الله ص کان پڇا ڪري ته خلافت هاڻي ڪنهن جي حوالي آهي؟ اگر توهان جي لاءِ آهي ته ڄاڻيان اگر ڪنهن ٻي جي لاءِ آهي ته وڃي ماڻهن کي ٻڌايان، عباس جي هن ڳالھ مان هي نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته خلافت علي (ع) جي لاءِ هئي ۽ عباس جو به هي عقيدو هيو ته علي (ع) لاءِ خلافت آهي ابوبڪر زبردستي اصحاب جي مدد سان علي (ع) کان مقام خلافت کان محروم ڪيو ( ويلفرد ماندلونگ، جانشيني حضرت محمد (ص) احمد نمايي آستان قدس رضوي، مشهد 1385 ص 53)

اهل سنت جي غدير جي حديث تي توجيھ

حديث غدير اهل سنت کان به نقل ٿيل آهي پر هو ڪنهن ٻي عنوان سان ذڪر ڪندا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ پيغمبر اسلام (ص) هن حديث ۾ چاهيو پئي ته حضرت علي (ع) جي شخصيت جيڪا اصحاب جي درميان گهٽ ٿئي پئي ان کي قوت ڏي انهن جو چوڻ آهي ته جيئن به هجي پر حقيقت ۾ هن حديث غدير علي (ع) جي جانشيني بابت نه هئي ٻن علتن جي ڪري.

1. علي (ع) پاڻ شورا جو حصو هئا ۽ عثمان کي خليفه منتخب ڪيائين.

2. پاڻ خود انهن ماڻهن جي درخواست تي جيڪي حڪومت اسلامي جي خواهش رکن پيا خلافت لاءِ منصوب ٿيو.(هاينس هالم، تشيع، محمد تقي اڪبري، نشر اديان، قم 1384، 29)

ڇا هي ممڪن آهي ته پيغمبر (ص) چيو هجي ته مسلمان پنهنجو امير پاڻ شورا جي ذريعي سان منتخب ڪن؟ قرآن مومنن کي سفارش ڪري ٿو ته پنهنجي ڪمن کي شورا جي ذريعي سان حل ڪريو نه ڪه پيغمبر (ص) جي جانشيني کي؟ هي ته قرآن جي نص سان خدا جي حڪم سان معين ٿيڻ گهرجي، خداوند عالم ته اڪثر پيغمبرن جا جانشين انهن جي اولاد ۽ رشتيدارن مان منتخب ڪيا آهن چاهي اهي جانشين پيغمبر هجن يا نه هجن. (ويلفرد مادلونگ، جانشيني حضرت محمد (ص) احمد نمايي، آستان قدس رضوي، مشهد 1385 ص 47)

مادلونگ جو چوڻ آهي ته پيغمبر (ص) جو بار بار هي چوڻ ” خداوند تون ان کي دوست رکھ جيڪو علي کي دوست رکي، تون ان سان دشمني رکھ جيڪو علي سان دشمني رکي“ لڳي ٿو ته هي غدير خم کان بعد ۾ يا ان جي بلڪل قريب جو ارشاد هوندو ان مان واضح ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام علي (ع) کان علاوه ڪنهن ٻي کي جانشيني جي منصب تي ڏسڻ نه پيا چاهين تڏهن ماڻهن کي علي سان محبت جو درس ۽ نفرت کان دوري جو چون پيا(ويلفرد مادلونگ، جانشيني حضرت محمد (ص) احمد نمايي آستان قدس رضوي، مشهد 1385، ص 361)

 

غدير جي ياد

”هاينس هالم“ جو چوڻ آهي ته آل بويه پهرين سلطنت هئي جن رسمي طور تي ٻن واقعن کي ملهايو جيڪي تاريخ تشيع ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿا، هڪ عاشورا حسيني محرم ۾ ۽ ٻيو عيد غدير ذي الحج ۾، آل بويه محرم ۾ عاشورا کي وسيع پيماني تي ملهايو ۽ عيد غدير جي ياد ۾ جيڪو پيغمبر اسلام حضرت علي (ع) کي پنهنجو جانشين منتخب ڪيو هيو ان جي مناسبت سان جشن جو ملهائڻ (هاينس هالم، تشيع محمد تقي ابري، نشر اديان، قم، 1384، ص 97)

 

نتيجو:

پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشيني خاطر اول ڏينهن کان اسلام ٻن فرقن ۾ تقسيم ٿي ويو هڪ فرقي ابوبڪر جي خلافت کي قبول ڪيو ۽ ٻي فرقي ان جي خلافت کي قبول نه ڪيو ۽ ان لاءِ علي عليه السلام کي حقيقي خليفو مڃڻ شروع ڪيائون، ان جون ڪافي علتون آهن پر اسان هن مقالي ۾ يورپي مورخن جي نظر سان بيان ڪيو آهي انهن مان اڪثر جو هي چوڻ آهي ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشين جي انتخاب ۾ تمام گهڻي جلدي ڪئي وئي ان انتخاب ۾ ان جي خاندان وارن ۽ وڏن مهاجرن کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي، ان جلسي ۾ موجود ڪافي مسلمان علي عليه السلام جي خلافت تي راضي هئا، اهل سنت جي دعوا مطابق ته هن تي اجماع آهي ان کي به يورپي مورخ تسليم نه ٿا ڪن ڇو ته اجماع ۾ ڪو به مخالف نه هجي پر اتي هڪ ته خاندان جا ماڻهو شريڪ نه هئا ۽ ٻيو اتي به ڪافي چون پيا ته خلافت لاءِ علي عليه السلام بهترين انتخاب آهي،

انتخاب کي خليفي عمر طرفان جلدي ۾ ڪيو ويو ڇو ته هو نه پيا چاهن ته هي جلسو بغير نتيجي جي ختم ٿئي، ان ڪري هن جلدي ڪري ابوبڪر جي بيعت ڪئي.

يورپي مورخن ڪجھ اعتراض به ڪيا ته جيڪڏهن فرض ڪجي ته پيغمبر اسلام پنهنجو خليفو مقرر نه ڪيو هيو ته پوءِ ابوبڪر ڇو نه پنهنجي رسول (ص) جي سنت تي هليو؟ اها ئي سنت ابوبڪر کي انتخاب ڪرڻي هئي جيڪا ان جي رسول ڪئي هئي هن ڇو عمر کي لکت ۾ مسلمانن جو خليفو مقرر ڪيو جڏهن ته رسول الله پنهنجو جانشين منتخب نه ڪيو ۽ هي مسئلو مسلمانن جي صلاح تي ڇڏي ڏنو ،

يورپي مورخ چون ٿا ته اسان کي امت جو اجماع خليفي ابوبڪر جي انتخاب ۾ نظر نه آيو باقي جنهن وقت علي عليه السلام کي خليفو مقرر ڪيو ويو ان وقت اسان کي نظر آيو ته هي خليفو اجماع جي ذريعي سان ٿيو آهي جيڪو اجماع اهل سنت وارا چون ٿا اهو اجماع اسان کي فقط علي عليه السلام جي انتخاب ۾ نظر آيو.

اسان قرآن مجيد ۾ تمام انبيائن جي باري ۾ پڙهيو آهي ته انهن جا جانشين انهن جي اولاد يا وري خاندان منجهان هئا جيڪا انبياءِ جي سنت هئي اهائي هن پيغمبر جي هجڻ گهرجي ها، ٻين پيغمبرن پنهنجا جانشين منتخب ڪيا ۽ هن جو به جانشين هجڻ گهرجي ها ۽ اهو به ان جي خاندان ۾ هجي ها ان ڪري ابوبڪر جي انتخاب کي انهن جلدي وارو انتخاب قرار ڏنو آهي.

علي عليه السلام کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم غدير خم تي پنهنجو جانشين منتخب ڪيو عمر به علي عليه السلام کي اميرالمومنين چئي مبارڪ باد ڏني،

غدير تي علي عليه السلام جي جانشيني جو اعلان ٿيو ان ڪري رسول الله علي سان محبت ڪرڻ جو حڪم ۽ دشمن رکڻ کان باز رهڻ جو چيو، آخري وقت تائين علي عليه السلام بستر رسول جي قريب رهيا انهن مان اڪثر شيعه فرقه جي عقائد کي جانشيني بابت قبول ڪن ٿا ۽ حضرت علي عليه السلام کي بعد وفات رسول خدا جانشين طور ڏسن ٿا ۽ خلفاءِ جي خلافت تي انهن ڪافي اعتراض ڪيا آهن. الله سائين سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن کي توفيق ڏي ته هو مطالعو ڪري سڌو ڌڳ لڀي سگهن.

 

يورپي مورخن جي ٿوري ڄاڻ

هاينس هالم (HEINAZ HALAM) هي جرمني جو آهي ۽ هن ڪافي ڪتاب اسلام تي لکيا آهن پر انهن مان گهڻا ڪتاب شيعه شناسي تي لکيا اٿس .

 

وليفرد فرديناند مادلونگ (Wilferd Ferdinand madelung) جرمني جو آهي هي اسلام شناس ۽ استاد دانشگاه تاريخ اسلام دانشگاه آکسفورڊ هيو هن جو مشهور کتاب جانشيني محمد آهي.

 

آرزينا آر لالاني (Arzina lalani) هن جا ڪجھ ڪتاب اردو ۾ به ترجمو ٿيا آهن، هي کمبريج ۽ دمونتفورت يونيورسٽين ۾ تدريس ڪري چڪي آهي هي هن وقت به لنڊن ۾ موسسه مطالعات اسماعيلي لنڊن ۾ فعالت انجام ڏيئي رهي آهي.

 

 

ڪورت فريشلر جرمني جو آهي ان ايران ۽ عايشه بعد از پيغمبر نالي ڪتاب لکيا آهن ان جي لاءِ وڌيڪ ڪا به معلومات نٿي ملي،

 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: