Ad 468 X 60

Monday, March 14, 2016

قرآن ۾حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو مقام

قرآن ۾حضرت  محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو مقام

Image result for ‫گنبد خضرا‬‎تحرير: راشد علي چانڊيو

سڀ کان پهريان تمام عالم اسلام کي منجي بشرت ، رحمت للعالمين، امام الانبياء، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جو ميلاد مبارڪ هجي .

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو قرآني آيات جي روشني ۾ هڪ جهلڪ
قرآن مجيد ۾ الله رب العزت تمام گهڻين مقامن تي پنهنجي حبيب حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي قدر ۽ منزلت کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن سان اسان جي آقا نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي عظمت ،رفعت ۽ الله جي بارگاه ۾ تمام وڌيڪ عظميت آشڪار ۽ واضح ٿئي ٿي، پر خارجي فڪر سان ماڻهن کي گمراه ڪندڙ فڪرون ۽ ڪجھ ٻيا ساده مسلمان جيڪي قرآن مجيد ۽ حديث جي مٿاڇري معني ڪندا آهن جڏهن انهن کي صحابه ڪرام ۽ اهل بيت عليهم السلام سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهي محبت ۽ ادب رسول صلي الله عليه وآله وسلم، محبت ۽ عقيده اولياء ڪرام جي سچن عقيدن تي ڪفر ۽ شرڪ جا فتوي، انهن آيات سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي آيتون الله تعالي ڪفار ۽ مشرڪين کي توحيد ۽ شرڪ جي درميان فرق سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ نازل ڪيون آهن.


پر الله تعالي قرآن مجيد ۾ تقريبا 89 جاين تي ”يا ايهاالذين آمنو“ اي ايمان آڻڻ وارو! چئي ڪري سڌو سنئون مومنين سان خطاب ڪيو آهي ۽ الله تعالي  قرآن مجيد کي نازل ڪري  اتمام گهڻن جاين تي مقام، شان، ادب ۽ تعظيم محمد صلي الله عليه وآله وسلم سکاريو اٿس.

ان مان هي سمجھ ۾ اچي ٿو ته الله تعالي قرآن مجيد ۾ هڪ فلسفه تبليغ ۽ اصول دين کي پنهنجي سنت بڻائي ڪري سمجهائي رهيو آهي ته دين جا مبلغ جڏهن ڪفار ۽ مشرڪين سان ڳالھ ڪن ته اهي توحيد ۽ شرڪ جي فرق کي سمجهائن.

پر جڏهن انهن جي سامهون ڪلمو پڙهندڙ مسلمان هجن ته انهن کي فضيلت ، محبت ۽ تعظيم رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي تعلمات ڏني وڃي.

خارجي فڪر ۽ مشوش ۽ متذبذب ذهنن جو الميو.

اسان جا ڪجھ مخصوص فڪر جا حامل ڪلمو پڙهندڙ مسلمان جيئن خوارج”گستاخن جي نسل“ کان متاثر ٿيل ۽ عام طور تي الله تعالي ۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي تعلق کي جدا جدا سمجهندا آهن، بارگاه مصطفوي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ نعت خواني ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم جي تعريف ۽ ثنا تي غلو ۽ حد کان وڌي وڃڻ بلڪه شرڪ جي فتوا لڳائيندا آهن ۽ انهن جي طرفان الزام لڳايو ويندو آهي ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ۾ تعريف ۽ ثنا ڪرڻ وارا رفعت ۽ مقام مصطفوي صلي الله عليه وآله وسلم کي بيان ڪرڻ وارا، معاذ الله، حضور صلي الله عليه وآله وسلم کي رب عظيم سان ملائي رهيا آهن.

اهڙن (وسوسي ڪرڻ وارا ۽) متذبذب ذهن رکڻ وارن کي الله رب العزت هتي مقام فڪر ڏنو آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم سان تعلق الله تعالي کان خلاف يا جدا شيء ناهي، حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي ذات مبارڪ، الله جو غير يا معاذ الله مخالف نه آهي، بلڪه قرآن حڪيم ان مقام سان گڏ ٻين ڪافي جاين تي حضور صلي الله عليه وآله وسلم سان ڪنهن به معاملي ڪرڻ کي پاڻ سان معاملو ڪرڻ قرار ڏيئي ڪري هي واضح ڪيو آهي ته منهنجي محبوب محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي شان محبوبيت هيءَ آهي ته اي انسانو! جيڪو معاملو توهان منهنجي محبوب سان ڪيو ٿا مان ان کي پاڻ سان معاملو قرار ڏيان ٿو، اي منهنجي محبوب نبي جا صحابو! توهان بيعت منهنجي نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪئي آهي پر منهنجي پياري حبيب صلي الله عليه وآله وسلم جي بيعت ڪرڻ در اصل خود الله جي بعيت ڪرڻ آهي ، منهنجي پياري حبيب صلي الله عليه وآله وسلم سان عهد ۽ پيان ڪرڻ خود الله رب العزت سان عهد و پيمان ڪرڻ آهي.

حضور صلي الله عليه وآله وسلم جو مقام بندگي ۽ عاجزي جو اظهار
(هڪ غلط فهمي جو ازالو)
اهم نقطو هي آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم فقط الله جا محبوب نه هئا، بلڪه امت لاءِ اسوه ڪامله(بهترين زندگي گذارڻ لاءِ نمونه عمل) به هئا ۽ اسوه ڪامله ان وقت تائين نٿا بڻجي سگهن جيسيتائين الله رب العزت جي بارگاه ۾ بندگي جي انتها تائين نه پهچي ۽ بندگي جي انتها الله تعالي جي بارگاه ۾ عاجزي جي انتها مان ظاهر ٿيندي آهي، يعني اهو چوي ته مولا مان ته ڪجھ به نه آهيان، نه منهنجو علم، نه منهنجي ڏاهپ، نه منهنجو سمجهڻ، اي الله ڪريم سڀ ڪجھ تنهنجي عطا آهي
مولا مان ته تنهنجو عاجز عبادت گزار بندو آهيان، مونکي ته ڪابه طاقت ۽ اختيار ناهي جيڪو ڪجھ آهي تنهنجو عطا ڪيل آهي ۽ تو ئي قادر مطلق آهين.

اسان بطور امتي عبادات ،مناجات بارگاه الهي ۾ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪرڻ جي طريقن کي سکڻ لاءِ تعليمات نبوي صلي الله عليه وآله وسلم کي حاصل ڪندا آهيون ان ڪري اسان کي اتباع رسول صلي الله عليه وآله وسلم ۾ پنهنجي پاڻ کي عاجزي جو مظهر بڻائڻ گهرجي.

جڏهن ته ذات مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي عظمت ۽ رفعت کي سمجهڻ جي لاءِ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم سان غلامي جو تعلق قائم ڪرڻو پوندو ۽ ايمان جي اصل مٺاس حاصل ڪرڻ مقصود هوندو، حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي ذات مبارڪ تي ايمان ۽ عقيدو قائم ڪرڻ جو وقت اچي ته پوءِ ذات مصطفوي صلي الله عليه وآله وسلم کي ڏسجو جيڪو الله رب العزت اسان کي قرآن مجيد ۾ ڏيکاري ٿو، مثال جي طور تي حضور اڪرم صلي الله عليه وآلہ وسلم، بارگاه الهي ۾ پنهنجي مقام بندگي تي بيهي ڪري ايتري طويل عبادت ڪن ٿا جو قدمن شريفين ۾ ورم اچي وڃن ٿا، هي بندگي جي انتها آهي.

جڏهن اسان کي امتي هجڻ جي لحاظ سان بارگاه الهي ۾ آداب بندگي کي بجا آڻڻ گهرجي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآلہ وسلم جيڪو اسان لاءِ اسوه ڪامله آهي ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي، پر جڏهن مقام ۽ شان مصطفي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي تعين ڪرڻو هجي ۽ عظمت مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم کي قلب ۽ روح ۾ جاءِ ڏيڻ جو مرحلو هجي ته پوءِ اسان کي ڏسڻ گهرجي ته آقا ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي قدمن جي ورم ٿيڻ سان بارگاه الهي مان ڪهڙو جواب ۽ رد عمل اچي ٿو.

قرآن جي نگاه ۾ مقام محمدي صلي الله عليہ وآلہ وسلم
قرآن مجيد جو غور سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته مقام شان مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم هيءُ آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم بارگاه الهي ۾ پنهنجي مقام بندگي تي بيهي ڪري ايتري طويل عبادت ڪن ٿا جو قدمن مبارڪن ۾ ورم اچي وڃن ٿا ان عمل کي ڏسندي الله رب العزت، حضرت جبرائيل عليه السلام کي هيٺ موڪلي قرآني پيغام سان خطاب  ڪن ٿا:
مَا اَنزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ لِتَشْقَى[1]
 ”اي محبوب“ اسان توتي قرآن ”ان ڪري“ نازل ناهي ڪيو ته تون مشقت ۾ پئجي وڃين“

الله رب العزت پنهنجي حبيب صلي الله عليه وآله وسلم جي شان محبوبيت کي ڪيتري خوبصورت ۽ محبت سان ڀريل انداز ۾ واضح ڪيو.

الله رب العزت کي پنهنجي حبيب جي مقام بندگي به پسند آهي پر پنهنجي حبيب صلي الله عليه وآله وسلم جو مشقت ۾ پئجي وڃڻ ۽ طبيعت مقدسه تي ٻوجھ پوڻ کي پسند نه فرمايائون، ۽ قرآن مجيد نازل ڪري پنهنجي پياري حبيب صلي الله عليه وآله وسلم کي پيغام ڏنائون رات جي عبادت ايتري ئي ڪيو جيتري طبيعت برداشت ڪري سگهي،(يعني ٻوجھ نه پوي) اهڙو ئي محبت جو اظهار قرآن مجيد جي سوره مزمل ۾ به ملي ٿو، هي تخصص بلاشبه الله تعالي پنهنجي محبوب حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي عطا فرمايو آهي.

سوره الفتح جي آيت نمبر 10 ۾ الله تعالي فرمايو:
”اي حبيب“ بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان جي بيعت ڪن ٿا انهن الله جي بيعت ڪئي، انهن جي هٿن تي”توهان جي هٿن جي صورت  ۾“ الله جو هٿ آهي، پوءِ جنهن شخص بيعت کي ٽوڙيو ان جي ٽوڙڻ جو بار ان جي پنهنجي جان تي هوندو، (ان) ڳالھ کي پورو ڪيو جنهن(کي پورو ڪرڻ) لاءِ ان الله سان عهد ڪيو هو ته هو عنقريب ان کي تمام گهڻو اجر عطا ڪندو.

الله حڪيم ۽ خبير پنهنجي حبيب محمد مصطفي صلي الله عليه جو مقام قرب ۽ وصل پنهنجي بارگاه ۾ هن طرح واضح ڪيو ته جيڪو هٿ ماڻهن جي هٿن مٿان ڏسي رهيا آهيو اهو هٿ الله جو هٿ آهي، هاڻي عقل پرست علم دوست، پنهنجي علم ۽ عقل تي زور ڏين پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو هٿ، الله جو هٿ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن علم ۽ عقل جي وادي ۾ رهي ڪري به گمراه هجن ته اهي  معرفت حق کان تمام گهڻا پري آهن ۽ انهن کي ڪڏهن ب هدايت نسيب ناهي ٿيندي.


جيڪڏهن قرب ۽ عظمت مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم کي سمجهڻو آهي ته محبت ۽ معرفتِ مقامِ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي لاءِ بارگاه الهي ۾ التجا ڪرڻي پوندي، دل ۾ محبت ۽ عظمت رسول صلي الله عليه وآله وسلم جو چراغ ٻرندو رهندو ۽ ذڪر ۽ ثناء مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم کي پنهنجي زندگي جي هر شعبي جو حصو بنائڻو پوندو .

۽ هي معرفت حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي ان نظر سان ڏسجي ، جنهن سان الله تعالي پنهنجي محبوب کي ڏيکارڻ چاهي ٿو، جنهن جنهن شان سان الله رب العزت پنهنجي محبوب صلي الله عليه وآله وسلم جو تعارف اسان کي ڪرايو آهي انهي تعارف کي سمجهڻ گهرجي.

ڪڏهن شهر ولادت مصطفي ”مڪه“ جي قسم کڻي ڪري.
”لا اقسم بھذالبلد“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي عمر مبارڪ جو قسم کڻي ٿو،
”لعمرک“

بلڪه الله رب العزت پنهنجي قسم کڻڻ وقت به پاڻ کي رب مصطفي چئي رهيو آهي
فلاوربک لا یومنون حتیٰ یحکموک“

ڪڏهن قاب قوسين او ادني تي ويهاري ڪري چوي ٿو
ثم دنی فتدلی فکان قاب قوسین او ادنیٰ“

ته ڪڏهن پنهنجي محبوب جي ذڪر کي بلندي ڏيئي ڪري ،
ورفعنالک ذکرک“

۽ ڪڏهن ڪائناتِ ارض ۽ سما جي هر ڪثرت عطا ڪري فرمايو:
انا اعطينک الکوثر“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي هٿ کي پنهنجو هٿ قرار ڏيئي ڪري فرمايو:
یداللہ فوق ایدیھم“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تي سبقت(اڳڀرائي) ڪرڻ کي پاڻ تي سبقت(اڳڀرائي) قرار ڏي ٿو

لا تقدمو بین یدی اللہ ورسولہ“

ڪڏهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي اطاعت کي پنهنجي اطاعت قرار ڏيئي فرمايو:
“ومن یطع الرسول فقد اطاع اللہ“

ڪڏهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي رضا کي پنهنجي رضا قرار ڏيئي ڪري
واللہ ورسولہ احق ان یرضوہ“

ڪڏهن هي فرمايو ته توکي ڌوڪو ڏيڻ وارو خود الله کي ڌوڪو ڏيڻ آهي
یخدعون اللہ والذین امنو“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي اذيت ڏيڻ کي پاڻ کي اذيت ڏيڻ قرار ڏنو
ومن یشاقق اللہ ورسولہ ۔۔۔۔ وفی المقام الآخر ۔۔۔ والذین یوذون اللہ ورسولہ“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي دائمي علم الهي جي فيض جو ذڪر فرمايو
سنقرئک فلا تنسی“

حضور اڪرم کي عطاء الهي جي فيض کان علم غيب جي وسعتن جو ذڪر فرمايو
وما ھو علی الغیب بضنین“

ڪڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي روز قيامت ، خدا کان پوءِ سڀ کان اعلي مقام ۽ منصب”مقام محمود“ جو وعدو ڪيو آهي.
عسیٰ ان یبعثک ربک مقام محمودا“

بلڪه الله رب العزت حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي هر وقت نگاه الهي ۾ رکڻ جي ڳالھ به قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪئي آهي
”وَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا“
۽”اي حبيب مڪرم“ انهن جي ڳالهين ۾ غم زده نه ٿيو“ توهان پنهنجي رب جي حڪم جي خاطر صبر کي جاري رکو بيشڪ توهان ”هر وقت“ اسان جي نظرن جي سامهون”رهندا“ آهيو.

الله رب العزت فرمائي رهيو آهي ته اي منهنجا حبيب جيڪڏهن ظالمن توکان نگاه هٽائي ڇڏي ته ڇا ٿيو اسان توهان کان ته نظرون ناهن هٽايون ۽ هر وقت اسان توهان کي ڏسندا رهون ٿا.

۽ پوءِ الله تعالي پنهنجي محبوب کي مقام رفعت جي ان انتها تي پهچايو جنهن تي ڪو به نبي ، ڪو به پيغمبر ۽ نه ڪو رسول پهتل آهي ، اهو مقام آهي جيڪو فقط محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم کي کي عطا ڪيو ويو آهي.

الله رب العزت پنهنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي خطاب ڪندي وعدو ڪري ٿو:
”ولسوف یعطیک ربک فترضی “
اي محبوب! يقينا اوهان جو رب اوهان کي ايترو ڪجھ عطا ڪندو جو توهان راضي ٿي ويندو.

آخر ۾ دعا آهي ته الله رب العزت پنهنجي حبيب حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي اسان سڀني جي هدايت فرماء، اسان سڀني کي علم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪاميابي عطا فرماء.




[1] .قرآن 2 ، 20

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: