Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو مختصر تعارف



نالو :                                 محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم
والد صاحب جو نالو :    عبدالله بن عبدالمطلب
والده جو نالو:              جناب بي بي آمنه بنت وهب.
ڪنيت :                      ابو القاسم ۽ ابو ابراهيم
القاب :       رسول الله ، نبي الله، مصطفيٰ ، محمود، نذير،بشير، مبين، ڪريم، نور، رحمت، نعمت، امين، صادق، اُمّي، خاتم، مزمّل، مدبّر، شاهد، مبشر، مذڪر، يٰس، طٰهٰ، وغيره .
منصب:               خدا جا آخري نبي پهريون معصوم ۽ اسلامي حڪومت جي بنياد رکڻ وارا.
تاريخ ولادت :       17 ربيع الاوّل سن 1 عام الفيل بمطابق سن 570ع بروز جمعته المبارڪ بوقت شب يا صبح صادق بمقام مڪه معظم.

شجره نسب :      محمد بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدمناف بن قصّي بن ڪلاب بن مري بن لوي بن غالب بن فهر بن مالڪ بن نصر بن ڪنانه بن خزيمه بن مدرڪه بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان ،
   حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان منقول آهي ته جڏهن منهنجو شجره نسب عدنان تائين پهچي، ته اتي رڪجي وڃو ۽ اڳتي نه وڌو ليڪن تاريخ جي ڪتابن ۾ پاڻ  جو شجره نسب حضرت آدم عليه السلام تائين لکيو ويو آهي.
عدنان کان وٺي حضرت ابراهيم عليه السلام جي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام تائين ستن پشتن جو فاصلو آهي.
رسالت ۽ حڪومت جي مدت ۽ رحلت :  27 رجب المرجب 40 عام الفيل چاليهه سالن جي عمر ۾ منصب رسالت جو اعلان ڪيائين.23 سالن تائين منصب رسالت و نبوت تي فائز رهيا،
۽ 28 صفر المظفر  سن 11 هه ۾ هن دارفاني مان 63 سال جي عمر ۾ ظاهر طورتي رحلت فرمائي. ليڪن علماءِ اهلسنت جي روايت مطابق 12 ربيع الاوّل سن 11 هه 63 سال جي عمر ۾ جنگ خيبر جي دوران يهودي عورت زينب جي هٿان ڏنل زهر جي اثر سان رحلت ٿي .
 معروف آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي بيماري جي دوران فرمائيندا هيا ته منهنجي بيماري انهي زهر آلود غذا جو نتيجو آهي جيڪا عورت فتح خيبر جي وقت منهنجي لاءِ آندي هئي.
محل مدفن : مدينه منوره جنهن گهر ۾ پاڻ ﷺ جن رحلت فرمائي انهي ئي گهر ۾ پاڻ ﷺ جي جسم اطهر کي دفن ڪيو ويو جيڪو هنيئر مسجد النبي جي اندر واقع آهي
ازواج و اولاد:
ازواج :      حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ڪل ٻارنهن گهرواريون هيون.
اولاد : پيغمبر الاسلام صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌي هئي،
پٽ :                     
 (1) حضرت قاسم : جيڪي پاڻ جي بعثت کان پهريان مڪه ۾ پيدا ٿيا ۽ ٻن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويا.
(2) جناب عبدالله : جيڪي پاڻ بعثت کان قبل ۽ ڪجهه علماءِ جي نزديڪ بعثت کان بعد پيدا ٿيا هئا جيڪي طاهر جي نالي سان مشهور هيا ۽ بچپن ۾ ئي انتقال ڪري ويا .
(3) جناب ابراهيم:  سن 8 هه ۾ پيدا ٿيا ۽ سن 10 هه ۾ انتقال ڪري وياقاسم ۽ عبدالله جناب خديجه جي بطن مبارڪ مان ۽ حضرت ابراهيم ماريه قبطيه ( جيڪا رسول خدا جي ڪنيز هئي) جي بطن مبارڪ مان پيدا ٿيا ۽ اهي ٽئي بچپن ۾ ئي وفات ڪري ويا ۽ سندن هڪ نياڻي پاڪ طاهره حضرت بي بي فاطمه الزهره سلام الله عليها جن هيون، جيڪا پاڻ جن کي اڪيلي ڌي هئي.


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo