Ad 468 X 60

Thursday, January 19, 2017

امام حسن عسڪري عليه السلام جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو

 نسب مبارڪ
امام حسن عسڪري عليه السلام جو نسب مبارڪ هن طرح آهي: حسن بن علي بن محمد بن علي بن موسي بن جعفر بن محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب عليهم السلام، پاڻ امام هادي عليه السلام جا فرزند ۽ شيعن جو ڏهون امام آهن .
امام حسن عسڪري عليه السلام جو فقط هڪ ئي ڀاءُ هيو جنهن جو نالو جعفر هيو ۽ اهو شيعن وٽ جعفر ڪذاب جي نالي سان مشهور آهي ڇو جو هن امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت کان پوءِ امامت جي دعوا ڪئي هئي ۽ ان هي به دعوا ڪئي هئي ته امام حسن عسڪري عليه السلام جو ڪو به فرزند نه آهي ان ڪري هاڻي شيعن جو امام مان آهيان.[1]
القابات:

امام عليه السلام جا لقب، هادي، نقي. زڪي، رفيق ۽ صامت آهن ڪجھ مورخن امام جو لقب ”خالص“ به ذڪر ڪيو آهي،[2] ” ابن الرضا“ پڻ امام جو لقب ذڪر ڪيو ويو آهي هي لقب امام حسن عسڪري عليه السلام کان علاوه امام جواد ۽ امام هادي (عليهم السلام) لاءِ به مشهور هيو.[3]
”عسڪري“ جو لقب به ٻن امامن،  امام هادي ۽ امام حسن عسڪري( عليهم السلام) سان منسوب آهي، هي ٻئي امام سامره شهر ۾ زبردسي سان زندگي گذاري رهيا هئا . امام حسن عسڪري عليه السلام کي حسن ”اخير“ امام حسن مجتبي عليه السلام کان جدا شهرت لاءِ سڏيندا هئا.[4]


نالو ۽ ڪنيت
امام عليه السلام جو نالو ”حسن“ بن علي بن محمد هيو، پاڻ ابو محمد، ابن الرضا ۽ عسڪري  سان مشهور هئا، امام حسن عسڪري ۽ ان جو والد امام علي نقي عليه السلام عسڪريين جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن ڇو جو پاڻ ٻئي سامره شهر ۾ حڪومت وقت جي ڏاڍ سان زندگي گذاري رهيا هئا، ”عسڪر“ عربي جو لفظ آهي جنهن جي معني فوجي ڇاوڻي آهي.
ڪنيت: ابو محمد هئي،[5] ڪجھ ڪتابن ۾ ابو الحسن، [6] ابو الحجہ[7] ۽ ابوالقائم[8] ذڪر ٿي آهي .
امام حسن عسڪري عليه السلام شيعن جو يارهون امام آهي، امام عليه السلام جي گهڻي زندگي گهر ۾ نظر بندي سان گذري.
ولادت ۽ زندگي جا ابتدائي سال
امام حسن عسڪر ي عليه السلام جي ولادت 230، 231 يا 233 هجري قمري ۾ ٿي جنهن وقت پاڻ پيدا ٿيا ان وقت متوڪل عباسي خليفو هيو ۽ ان امام هادي عليه السلام کي زبردستي سان مدينه کان سامره گهرايو هيو ته جئين امام هادي عليه السلام جي فعاليتن کي ويجهو سان مشاهدو ڪن، ان ڪري امام حسن عسڪري عليه السلام جي ولادت جي جاءِ ۾ اختلاف آهي، مشهور منابع ۾ ذڪر ٿيو آهي ته پاڻ مدينه ۾ پيدا ٿيا[9] ڪجھ منابع ۾ ذڪر ٿيو آهي ته پاڻ سامره ۾ پيدا ٿيا.[10] ڪليني ۽ ان جي هم معاصر(ان جي زماني ) علماء امام عليه السلام جي ولادت کي ربيع الثاني سن 233 هجري ۾ لکيو آهي. [11]
شيخ مفيد پنهنجي ڪجھ ڪتابن امام عليه السلام جي ولادت کي ڏھ ربيع الثاني ذڪر ڪيو آهي.[12] ڇهين صدي هجري کان پوءِ امام عليه السلام جي ولادت جي تاريخ 10 ربيع الثاني ڪتابن جي حاشين مان ظاهر نٿي ۽ اٺ ربيع الثاني مشهور ٿي وئي.[13] هاڻي اماميه وٽ مشهور قول به اٺ ربيع الثاني جو آهي، ان کان علاوه ڪجھ شيعه منابع ۽ اهل سنت وٽ امام عليه السلام جي ولادت جو سال 231 هجري آهي.[14]
امام حسن عسڪري عليه السلام ننڍپڻ ۾ ئي پنهجو گهڻو وقت قرآن ۽ شريعت جي تعليم ۾ ئي گذاريندا هئا. دونالدسون جوچوڻ آهي ته امام حسن عسڪري عليه السلام سامره ۾ گهڻو وقت مختلف زبانن جي سکڻ ۾ گذاريو جنهن جي ڪري پاڻ هندستان جي ماڻهن سان هندي، ايرانين سان فارسي، ترڪين سان ترڪي ڳالهائيندا هئا،[15] پر شيعن جو عقيدو هي آهي ته تمام آئمه عليهم السلام کي خداوند عالم جي طرفان سڀني بولين جو علم مليل هوندو آهي.[16]
تمام امام شيعن جي عقيدي مطابق علم الاهي سان سرشار هوندا آهن، هڪ ڏينهن امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو روئي رهيا هئا ايتري ۾ هڪ شخص امام عليه السلام جي روئڻ کي ڏسي امام عليه السلام جي ويجهو اچي امام عليه السلام کي دلاسا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ امام عليه السلام کي چيائين توهان روئڻ بس ڪيو مان توهان جي لاءِ رانديڪا وٺي اچان ٿو امام حسن عسڪري عليه السلام جواب ۾ فرمايو” اسان راند کيڏڻ لاءِ پيدا ناهيون ٿيا“ هن ماڻهو سوال ڪيو ته پوءِ توهان ڪهڙي مقصد لاءِ پيدا ڪيا ويا آهيو ؟ امام عليه السلام جواب ڏنو”عبادت ۽ علم سيکارڻ لاءِ“ هن ماڻهو چيو توهان هي جملو ڪٿان آندو آهي ؟(مطلب توهان ڪنهن کان ٻڌو آهي؟) امام عليه السلام ان وقت قرآن جي آيت جي تلوت ڪئي” آيا پنداشته ايد که شما را بيهوده آفريده ايم“ (قرآن 115: 23) هو ماڻهو تعجب ۾ اچي ويو ۽ چيائين ” تو جهڙي معصوم ٻار آخر ڇا ڪيو آهي جو ايترو روئو ٿا؟ توهان ڪهڙي خطا ڪئي آهي جنهن جي ڪري خدا جي خوف کان ڊڄو ٿا ؟“ امام حسن عسڪري عليه السلام فرمايو : مون کان پري ٿيو! مان پنهنجي امان کي ڏٺو آهي جڏهن هو باھ ٻاريندي آهي ته پهريان ڪاٺين جا ننڍا ننڍا ٽڪڙا وجهندي آهي ته جيئن باھ ٻري پوي ، منهنجو ڊڄ هي آهي ته متان مان جهنم جي ٻارڻ جو ننڊو حصو نه هجان “ [17]
گهرواري ۽ اولاد
روايات جي مطابق امام حسن عسڪري عليه السلام جي ڪابه گهر واري نه هئي ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جي اولاد  هڪ ڪنيز مان هئي جنهن مان امام عليه السلام کا خدا تعالي پٽ جي اولاد عطا ڪئي پاڻ جنهن جو نالو محمد رکيائون.[18]
امام مهدي عليه السلام جي والده ماجده جو نالو گهڻن ئي ڪتابن ۾ مختلف نالن سان ذڪر ٿيو آهي، ڪتابن ۾ ذڪر ٿيو آهي ته امام حسن عسڪري عليه السلام وٽ رومي، صقلايي ۽ ترڪ ڪنيزون هيون.[19] ان ڪري امام مهدي عليه السلام جي والده ماجده جو هڪ نالو ذڪر ناهي ٿيو ڪجھ مورخن ان باري ۾ لکيو آهي ته امام مهدي عليه السلام جي والده جو نالو مخفي رکيو ويو هو ته جيئن امام عليه السلام جي ولادت جي ڪنهن کي به خبر نه پوي، سڀ کان پهريون نالو جيڪو امام مهدي عليه السلام جي والده جي طور تي ظاهر تيو اهو ”نرجس“ هيو[20] پر هي نالو پهرين صديين ۾ شيعن وٽ مشهور هيو پر جيڪو مشهور ترين منابع ۾ نالو ذڪر ٿيو آهي اهو صقيل آهي.[21]
ان کان علاوه ڪجھ منابع ۾ امام مهدي عليه السلام جي والده جو نالو ”سوسن“ [22]، ”ريحانه“ ۽ ”مريم“ به ذڪر ٿيو آهي.[23]
فرزند
اڪثر شيعه ۽ سني ڪتابن ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام جي اولاد فقط هڪ پٽ ذڪر ڪئي وئي آهي جنهن جو نالو ”محمد“ آهي.[24]
امام حسن عسڪري عليه السلام جي اولاد جي لاءِ ڪجھ ضعيف قول موجود آهن جيڪي ڀروسي جي قابل نه آهن ، انهن روايتن جي بنياد تي امام حسن عسڪري عليه السلام ڪل ڇھ اولاد هئي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئر.[25] ابن ابي الثلج امام حسن عسڪري عليه السلام جي پٽ موسي ۽ ٻه ڌيئر فاطمه ۽ عايشه (يا ام موسي) کي ذڪر ڪيو آهي.[26] جڏهن ته ڪجھ اهل سنت جي عالم جو چوڻ آهي ته امام حسن عسڪري عليه السلام کي ڪابه اولاد نه هئي، (ابن جرير طبري، يحيي بن صاعد ۽ ابن حزم)[27]
امامت جا دلائل ۽ مدت امامت
امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت جي دليل هي آهي ته امام هادي عليه السلام جي شهادت کان پوءِ امام هادي عليه السلام جي وصيت هئي ته مونکان بعد حسن بن علي ڏانهن رجوع ڪجو ۽ ان کان علاوه  روايتون به موجود آهن جيڪي امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت تي دلالت ڪن ٿيون.[28] امام علي نقي عليه السلام جي شهادت کان پوءِ ڪجھ ماڻهن امام حسن عسڪري عليه السلام جي ٻي ڀاءُ جعفر بن علي ڏانهن رجوع ڪيو پر شيعن جي تمام گهڻي تعداد امام حسن عسڪري عليه السلام ڏانهن رجوع ڪيو.[29]
امام حسن عسڪري عليه السلام جي مدت امامت چھ سال(254 کان 260) هئي.
امام حسن عسڪري عليه السلام جون فعاليتون.
امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران ٽن عباسي خليفن حڪومت ڪئي ، معتز عباسي(252 کان 255)، مهتدي، (255کان 256) ۽ معتمد (256کان 279) .
امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران بني عباس ۾ خلافت جي مسئلي تي تمام گهڻا اختلاف هئا ۽ ان دوران ترڪ سپھ سالارن پڻ حڪومت جي تمام گهڻن ڪمن ۾ مداخلت هئي،
بني عباس وارا هڪ ٻي جا دشمت ٿي بيٺا هئا ۽ ترڪ سپھ سالارن جو حڪومت مٿان مڪمل ڪنٽرول هيو، هي بهترين موقعو امام حسن عسڪري عليه السلام لاءِ هيو ته پاڻ پنهنجي محبن سان ميل ۽ ملاپ ڪري سگهي، امام حسن عسڪري عليه السلام امامت جي پهرين سال پنهنجن شيعن سان تمام گهڻيون ملاقاتون ڪيون بعد ۾ خليفه وقت امام کان بدگمان ٿيو ۽ سن 255 هجري ۾ امام عليه السلام کي قيد خانه ۾ رکيوويو  ۽ امام عليه اسلام هڪ سال تائين قيد ۾ رهيا جڏهن مهتدي خليفو ٿيو پاڻ قيد ۾ هئا.
جڏهن معتمد عباسي خليفو ٿيو ته ان وقت شيعن طرفان قيام شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ معتمد عباسي امام عليه السلام کي قيد مان آزاد ڪيو، امام عليه السلام قيد کان پوءِ به پنهنجي فعاليتن کي جاري رکيو ۽ پنهنجي مڃڻ وارن سان خط و ڪتابت سان گڏوگڏ ملاقاتون به ڪندا رهيا، حڪومت طرفان امام عليه السلام کي  هي اجازت نه هئي ته پاڻ ڪاڏي ٻاهر وڃي سگهن ان جي باوجود به امام عليه السلام جا شيعه امام عليه السلام سان گهر ۾ ملندا رهندا هئا.
امام عليه السلام جي فعاليتن خلافت عباسي کي تمام گهڻو پريشان ڪيو ۽ عباسي خليفي تائين امام عليه السلام جي باري ۾ مختلف خبرو پهچايون ويون جنهن جي نتيجي ۾ معتمد عباسي امام عليه السلام کي قيد ڪيو، ان جي باوجود به خليفه عباسي امام عليه السلام لاءِ پنهنجا خاص ماڻهو مقرر ڪيا جيڪي خليفه کي هر روز امام عليه السلام جي ڪمن ۽ حالتن کان آگاه ڪندا هئا،[30] اما م عليه السلام هڪ مهيني کان پوءِ قيد کان آزاد ٿيا پر پوءِ به خلافت عباسي جي طرفان حسن بن سهل(وزير مامون) جي گهر ۾ نظر بند هئا[31]
امام حسن عسڪري عليه السلام ڪجھ علائقن ۾ پنهنجا نائب مقرر ڪيا هئا جيڪي امام حسن عسڪري عليه السلام جي حڪمن کي شيعن تائين پهچائيندا هئا، جنهن به شيعه مومن جي امام تائي رسائي ممڪن نه هوندي هئي اهو امام عليه السلام جي نائب وٽ ايندو هيو ۽ امام عليه السلام لاءِ پنهنجو پيغمام، مسئلو، خمس، وغيره ان وڪيل تائين پهچائيندو هيو.

امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران قيام ۽ شورشون
امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران ڪجھ قيام وجود ۾ آيا جن مان ڪجھ شيعن طرفان هئا ۽ ڪجھ مخالفن طرفان هئا پر انهن علوين جي نالي کي استمال ڪيو ۽ پنهنجي خاص هدف کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون،
قيام علي بن زيد ۽ عيسي بن جعفر
هي ٻئي علوي هئا ۽ امام حسن مجتبي عليه السلام جي اولاد منجهان هئا، انهن سن 255 هجري ۾ ڪوفي ۾ قيام ڪيو، معتز خليفي سعيد بن صالح کي حڪم ڏنو ته فوج جي گهڻي تعداد سان ڪوفي وڃي ۽ انهن جي قيام کي ختم ڪري. سعيد بن صالح جي سربراهي ۾ فوج ڪوفي ۾ داخل ٿي ۽ انهن جو قيام ختم ٿي ويو.[32]
قيام علي بن زيد بن حسين
هي امام حسين جي اولاد منجهان هيو ۽ هن خليفه مهتدي عباسي جي خلافت دوران ڪوفي ۾ قيام ڪيو، شاه بن ميڪال تمام گهڻي فوج وٺي ان جي مقابلي ۾ ويو پر علي بن زيد کان شڪست کائي واپس آيو، جڏهن هي خبر معتمد عباسي وٽ پهتي ڪيجور ترڪي وڏي تعداد ۾ سپاهي ڏيئي علي بن زيد جي مقابلي ۾ موڪليو . زيد بن علي مقابلو ڪرڻ کان پوءِ 257 هجري ۾ شهيد ٿي ويو .[33]
قيام احمد بن محمد بن عبدالله
هن معتمد عباسي جي خلافت دوران مصر ۾ برقه ۽ اسڪندريه جي وچ وارن علائقن ۾ قيام ڪيو، هن پنهنجي تبليغ سان تمام گهڻا پيروڪار هٿ ڪيا ۽ خلافت جي دعوا ڪيائين، احمد بن طولون(جيڪو ترڪ هيو) خليفه جي طرفان مصر جو والي مقرر هيو، هن وڏي تعداد ۾ فوج احمد بن علي جي مقابلي ۾ موڪلي، ٻنهي جي درميان جنگ ٿي ۽ احمد بن محمد قتل ٿي ويو.[34]
 شورش صاحب زنج
علي بن محمد عبدالقيسي سن 255 هجري ۾ قيام معتمد عباسي جي حڪومت دوران قيام ڪيو، امام حسن عسڪري عليه السلام صراحت سان اعلان ڪيو ته زنج اسان اهلبيت منجهان نه آهي[35]
امام جو شيعن سان رابطو
جنهن وقت امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت هئي ان وقت مسلمانن جي گهڻن علائقن ۾ اهل سنت جي حڪومت هئي، هڪ طرف عباسين جون سختيون ته ٻي طرف اهل سنت جو بغض، ان حالات ۾ شيعه مجبور ٿي تقيه جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، ان ڪري امام حسن عسڪري عليه السلام مختلف علائقن ۾ پنهنجا وڪيل مقرر ڪيا ته جيئن پنهنجن شيعن سان رابطي ۾ رهي سگهي.[36]
امام جو ديدار
امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر ٻاهريان عباسي سپاهين جو پهرو هوندو هيو، ڇو جو امام حسن عسڪري عليه السلام عباسي سپاهين جي ڇاونوڻي ۾ رهندا هئا، عسڪر عربي ۾ فوجي ڇاوڻي کي چوندا آهن، ان ڪري امام حسن عسڪري عليه السلام لاءِ ڪافي مشڪلاتون پيدا ڪندا هئا،
امام عليه السلام جا پيروڪار امام سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪندا هئا ۽ مختلف رستا ۽ طريقا تلاش ڪندا هئا، مثال جي طور تي هڪ مرتبه جڏهن خليفو بصره جي والي سان ملڻ لاءِ بصره ويو ته امام عليه السلام کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو، امام عليه السلام جا مڃڻ وارا رستي ۾ مختلف جاين تي امام عليه السلام سان ملڻ لاءِ ايندا رهندا هئا.[37] هڪ راوي نقل ڪري ٿو ته جڏهن اسان ٻڌوسيتن ته فلاڻي ڏينهن تي امام عليه السلام بصري جي لاءِ روانا ٿيندا ته اسان امام عليه السلام جي ديدار لاءِ سامره ۾ جمع ٿياسين، انهي دوران امام عليه السلام جو هڪ خط اسان تائين پهتو، جنهن ۾ لکيل هيو ته :توهان منجهان ڪوبه مون تي سلام نه ڪري ايسيتائين جو منهنجي طرف اشارو به نه ڪجو ڇو جو ان صورت ۾ توهان امان ۾ نه هوندو.[38]
امام جا نماينده (نظام وڪالت)
امام حسن عسڪري عليه السلام تي حاڪم وقت جي تمام گهڻي نظر هجڻ جي ڪري پاڻ پنهنجي شيعن سان رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ نمايندگن (وڪيلن) کي مقرر ڪيو ته جيئن امام پنهنجي مڃڻ وارن جي احوال کان آگاه رهي، امام جي وڪيلن منجهان ”عقيد“ خاص طور تي نالو کيون ويندو آهي ڇو جو هي امام عليه السلام جو خاص غلام هيو ۽ امام عليه السلام هن کي ننڍپڻ کان پاليو هيو ۽ هن جي سٺي تربيت ڪئي هئي، شيعن ڏانهن جيڪي خط ويندا هئا اهي اڪثر امام جي خادم ”عقيد“ جي نالي سان هوندا هئا.[39] ان کان علاوه هڪ ٻيو شخص جنهن جي ڪنيت غريب ابوالاديان هئي ۽ هي به امام جو خاص خادم هيو، ڪجھ خط موڪلڻ هن جي ذمه هئا.[40]
البته شيعه ڪتابن ۾ وڪيل خاص جي عنوان سان عثمان بن سعيد جو نالو ملي ٿو، عثمان بن سعيد امام حسن عسڪري عليه السلام جو خاص وڪيل هيو جنهن سان اڪثر شعيه رابطي ۾ هوندا هئا ۽ امام جو شيعن کي چيو هيو ته مونسان رابطي ۾ رهڻ لاءِ عثمان بن سعيد سان رابطي ۾ رهيو منهنجو هر پيغيام توهان تائين عثمان بن سعيد جي واسطي سان پهچندو، عثمان بن سعيد امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت کان پوءِ امام زمانه جي غيبت صغري ۾ پهريون نائب خاص هيو جنهن سان امام زمانه عج الله فرجہ شريف ملاقات ڪندا هئا.[41]
خط و ڪتابت
شيعن ۽ امام جي درميان رابطو خط ۽ ڪتابت جي ذريعي سان هيو، جيئن امام عليه السلام هڪ خط علي بن حسين بن بابويه ڏانهن[42] ۽ هڪ خط قم جي ماڻهن ڏانهن لکيو .[43] اهل بيت عليهم السلام جا پيروڪار هميشه پنهنجن مسئلن لاءِ امام ڏانهن خط لکندا هئا ۽ امام طرفان انهن کي خط يا وڪيل جي ذريعي سان جواب ملندو هيو.
امام جو معارف ديني کي بيان ڪرڻ
امام ۽ تفسير قرآن
امام حسن عسڪري عليه السلام ننڍپڻ کاڻ ئي قرآن مجيد تي ڪم ڪيو ۽ شيعن جي لاءِ قرآن جي بهترين تفسير پيش ڪئي، (امام جي تفسير شيعه وٽ سڀ کان پراڻي تفسير قرآڻ شمار ڪئي ٿي وڃي) هن تفسير کي ”تفسير العسڪري“ سڏيو ويندو آهي،
هي تفسير امام حسن عليه السلام جي چوڻ سان امام عليه السلام جي بهترين شاگردن لکي آهي يعني امام عليه السلام قرآن مجيد جي آيتن جي تفسير ڪندا ويا ۽ ان جا شاگرد ان تفسير کي لکندا ويا. امام حسن عليه السلام جي تفسير لاءِ محمد بن قاسم استر آبادي، ابو يعقوب يوسف بن محمد بن زياد ۽ ابوالحسن بن محمد بن يسار روايتون نقل ڪيون آهن
هن تفسير جي مقدمي ۾ ذڪر ٿيل آهي ته امام حسن عسڪري عليه السلام تفسير جو ست سال درس ڏنو ۽ پنهنجن خاص شاگردن کي حڪم ڏنائين ته امام عليه السلام جي هر لفظ کي تحرير ڪن، البته هي تفسير پوري قرآن جي نه آهي.
ڪلام ۽ عقايد
امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران مختلف فرقا موجود هئا جيڪي مختلف عنوانن تي بحث ۽ مباحثو ڪندا هئا ۽ پنهنجن پنهنجن عقيدن کي عام ماڻهن تائين پهچائي ڪوشش ڪندا هئا ته انهن جي ذهنن کي پنهنجي مذهب ۽ روش تي وٺي اچن، امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت دوران ڪجھ اهڙا به فرقا هئا جيڪي الله سائين جي جسم جا قائل هئا، امام عليه السلام پنهنجي مڃڻ وارن کي علم ڪلام ۽ عقايد تي درس ڏنا ته جيئن هو اهڙن عقيدن وارن سان بحث ڪري سگهن.
هڪ مرتبه امام عليه السلام جي اصحابن جي درميان اختلاف ٿي پيو، هشام بن حڪم ۽ هشام بن سالم جي درميان، انهن ٻنهي بزرگن جي درميان ايترو ته اختلاف ٿي پيو جو سهل بن زياد ادمي امام عليه السلام ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ ان باري ۾ رهنائي طلب ڪئي.
امام حسن عسڪري عليه السلام خط جي جواب ۾ ارشاد فرمايو ته الله جي ذات جي باري ۾ مباحثو ڪرڻ کان پاسو ڪيو ، انهن کي اشارتن قرآن مجيد جي آيتن سان فرمايائين.
خداون عالم هڪ ۽ اڪيلو آهي، نه هو ڪنهن مان پيدا ٿيو آهي ۽ ان مان ڪو پيدا ٿيو آهي، هن جي ڪنهن سان به برابري نه آهي، هو سڀني کي پيدا ڪرڻ وارو آهي پر ان کي ڪنهن به پيدا ناهي ڪيو، هو جنهن کي چاهي جسم سان يا بغير جسم( روح) جي پيدا ڪري، پر هو پاڻ جسم ناهي، هن جهڙي ڪا ب شيءَ ناهي ۽ هو بڌڻ ۽ ڏسڻ وارو آهي.[44]
فقه
علم حديث ۾ هڪ لقب جيڪو امام حسن عسڪري عليه السلام ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي اهو ”فقيہ“ آهي،[45]امام عليه السلام فقه جي مختلف بابن تي درس ڏنا، فقه جعفري جي بنا امام جعفر صادق عليه السلام کان ٿي پر امام حسن عسڪري عليه السلام جي دور ۾ امام عليه السلام طرفان مڪمل ٿي.
حرم مطهر
امام حسن عسڪري علي السلام جو حرم مبارڪ ٻه مرتبه ظالمن جي هٿان مسمار ٿيو آهي، صدام جي حڪومت جي خاتمه کان پوءِ ٻه مرتبه امام جي حرم مطهر تي حملا ڪيا ويا، پهرين حملي کان 16 مهينه پوءِ هڪ زودار بارودي دماڪي سان امام عليه السلام جي گنبذ کي شهيد ڪيو ويو، الحمد الله هن وقت وري امام حسن عسڪري عليه السلام جو حرم مطهر ساڳي نموني سان سامره عراق ۾ تعمير ٿي ويو آهي جنهن تي شيعه زوارن جي سڄو سال رش هوندي آهي. الله تعالي کان دعا آهي ته الله سائين اسان سڀني کي هن امام جي روضي مبارڪ جي زيارت نصيب فرمائي. آمين





[1] . طبسي، حياة الامام العسڪري، ص۳۲۰-۳۲۴
[2] ابن رستم طبري دلائل الامامة، ص۴۲۵.
[3] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي‌طالب، ج۳، ص۵۲۳.
[4] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي‌طالب، ج۳، ص۵۲۶
[5] . ابن رستم طبري، دلائل الامه، ص۴۲۴.
[6]. ابن رستم طبري، دلائل الامامة، ۱۴۱۳ق، ص۴۲۴
[7] خزعلی، موسوعة الإمام العسڪری(ع)، ج۱، ص۳۲
[8] . خزعلي، موسوعة الامام العسڪر(ع)، ج۱، ص۳۲
[9] . ااثبات الوصيه، ص۲۵۸، ۲۶۶؛ الارشاد، ج2، ص313
[10] . ابن حاتم، الدر النظيم ص737.
[11] .  فرق الشيعه، ص۹۵؛ اصول ڪافي، ج۱، ص۵۰۳؛ الارشاد، ج۲، ص۳۱۳
[12] . شيخ مفيد، مسار الشيعه، ص۵۲؛ابن طاووس، الاقبال، ج۳، ص۱۴۹؛ طوسي، مصباح، ص۷۹۲
[13] .ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي‌طالب، ج۳، ص۵۲۳؛ اصول ڪافي، ج۱، ص
[14] . ابن ابي الثلج، ص۱۴؛ ابن خشاب، ۱۹۹؛ مسعودی، اثبات الوصيه، ص۲۵۸
[15] . Donaldson, Dwight M. (1933). The Shi'ite Religion: A History of Islam in Persia and Irak. BURLEIGH PRESS. pp. 217–222
[16] . Al-Qurashi, Baqir Shareef. The Life of Imam ‘Ali al-Hadi, Study and Analysis. Abdullah al-Shahin. Qum: Ansariyan Publications. p. 82. Retrieved 25 September 2014
[17] . Shareef al-Qurashi 2005, pp. 20–21
[18] . «حسن عسڪری،‌امام»، ص۶۱۸
[19] . مسعودی، إثبات الوصية، ۱۴۰۹ق، ص۲۶۶، هن نقل ڪيو«حسن عسڪري(ع)، امام»، ص ۶۱۸. ڪيو
[20] .شيخ صدوق، ڪمال الدین، ۱۳۹۰ق، ص۳۰۷.
[21] ابن حزم، جمهره انساب العرب، ص۶۱؛ شيخ طوسي الغيبه، ص۲۷۲؛ ذهبي سير اعلام النبلاء، ج۱۳، ص۱۲۱.
[22] . مثلا ابن ابي الثلج، «تاريخ الائمه» مجموعه نفيسه، ص۲۶؛ ذهبي، سير اعلام النبلاء، ج۱۳، ص۱۲۱.
[23] . طبري، جامع المقال، ص۱۶۰.
[24] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي‌طالب، ۱۳۷۶ق، ج۳، ص۵۲۳؛ طبرسی، «تاج المواليد» در مجموعه نفيسه ص۵۹؛ ابن اثير الکامل في التاريخ، ج۷، ص۲۷۴.
[25] . زرندی، معارج الوصول الي معرفة فضل آل الرسول(ص)، ص ۱۷۶.
[26] . ابن ابي الثلج، «تاريخ الائمه» مجموعه نفيسه، ص ۲۱-۲۲؛ فخرالدين رازي، الشجرة المبارڪة، ص۷۹.
[27] . ابن حزم، جمهره انساب العرب،  ص۶۱؛ ذهبي سير اعلام النبلاء، ج۱۳، ص۱۲۲.
[28] . شيخ طوسي، الغيبه، مڪتبه النيوا، ص۱۲-۱۲۲؛ ڪشف الغمه، ج۲، ص۴۰۴-۴۰۷
[29] جعفريان، حيات فکری و سياسي امامان شيعه، ص۵۳۷
[30] . مسعودي، اثبات الوصيه، ص۲۶۸
[31] . مسعودي، اثبات الوصيه، ص269
[32] . مسعودي، مروج الذهب،ج۴، ص۹۴
[33] . ابن اثير، الڪامل في التاريخ، ج۷، ص۲۳۹
[34]  مسعودي، مروج الذهب، ج۴، ص۱۰۸
[35] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي‌طالب، ج۳، ص۵۲۹
[36] . مسعودی، اثبات الوصيه ص۲۷۰؛ ڪشي، رجال ڪشي، ص۵۶۰
[37] . شيخ مفيد، الارشاد، ص۳۸۷
[38] . راوندی، الخرائج و الجرائح، ج۱، ص۴۳۹
[39] . شيخ طوسي، الغيبه، ص۲۷۲.
[40] . شيخ صدوق، کمال الدين، ۱۳۹۰ق، ص۴۷۵
[41] . اڪتچي، «حسن عسڪری(ع)، امام»، ص۶۲۶
[42] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي طالب، ج۳، ص۵۲۷؛ خوانساری، روضات الجنان، ج۴، ص۲۷۳-۲۷۴
[43] . ابن شهرآشوب، مناقب آل ابي طالب، ج۳، ص۵۲۶
[44] . اصول ڪافي، ج1، ص 103
[45] .نموني جي طور تي جامع المقال، ص 158 تي ملاحظو ڪيو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

1 تبصرا:

  1. ماشاءَ الله، خدا قوت، مولا اوهان جي توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي

    ReplyDelete

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo