Ad 468 X 60

Saturday, September 19, 2020

حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي سوانه حيات

 

امام زين العابدين عليه السلام

نالو : علي

لقب : زين العابدين

ڪنيت : ابوالحسن، ابو محمد


پيءُ : امام حسين عليه السلام

امڙ : جناب شهر بانو

ڄم جي تاريخ : 15 جمادي الاول ، 38 هجري

ڄم جي جاءِ : مدينو

عمر : 57 سال

قاتل : وليد بن عبد الملڪ

مرقد مطهر : جنت البقيع

امام زين العابدين عليه السلام جي ولادت

امام زين العابدين عليه السلام15 جمادي الاول ، 38 هجري تي سحر جي وقت مديني شريف ۾ پيدا ٿيا، امام عليه السلام جن ننڍا ئي هئا جو انهن جي امڙ جو انتقال ٿي ويو هيو ۽ ٻين سان جي هئا جو انهن جي ڏاڏي، امير المومنين علي عليه السلام جو انتقال ٿي ويو هو ، پنهنجي ڏاڏي جي شهادت کان بعد ۾ پنهنجي چاچي امام حسن عليه السلام جي امامت تلخ ترين واقعات جو مشاهدو ڪيو ۽ 50 هجري ۾ امام حسن عليه السلام جن جي شهادت کي پنهنجي اکين ساڻ ڏٺائون ۽ پنهنجي بابا جي امامت ۾ 10 سالن تائين معاويه سان مهاڏو اٽڪائيندي ڏٺائون.

امام سجاد عليه السلام جي امڙ هڪڙي ايراني بادشاهه جي نياڻي هئي، جڏهن مسلمانن جي يزدگرد سان جنگ لڳي انهي وقت بيبي شهر بانو مديني قيدي ٿي آئي، اتي امام عليه السلام جن فرمايو ته نبي ڪريم ص جن فرمايو ته مناسب ناهي ته جنهن جا غلام هجن ان کي غلام بڻايو وڃي، پوءِ مسلمانن ڇيو ته ڀلا ڇا ڪيون، امام عليه السلام جن فرماوي ته ان کي اختيار حاصل آهي جنهن کي پنهنجي شوهر جي طور انتخاب ڪري ان سڀني جوانن مان امام حسين عليه السلام کي پنهنجي شوهر جي طور انتخاب ڪيو ، پوءِ ان جي شادي امام حسين عليه السلام سان ٿي .

 

ماءُ جو احترام

امام عليه السلام جي امڙ جو انتقال ، امام عليه السلام جي ننڍي هوندي کان ئي ٿي ويو هيو، ان ڪري امام عليه السلام هڪ دائي پاليو هيو جيڪا امام عليه السلام سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي ۽ امام عليه السلام جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي ، ان ڪري امام عليه السلام جن ان جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا دسترخوان تي ان کان پهريان نه ويهندا هئا، ان کان پهريان گرهه پنهنجي منهن ۾ نه وجهندا هئا، ڇو جو متان اهو گرهه امام عليه السلام جي امڙ کائڻ چاهي هان ۽ ان جي بي ادبي شماي ٿئي هان

 

امام سجاد عليه السلام جي نگاهه ۾ نماز ۽ عبادت جي اهميت

امام سجاد عليه السلام جن تمام گهڻي عبادت ڪندا هئا جنهن جي ڪري انهن کي زين العابدين به چيو ويندو آهي، امام عليه السلام جن سڄو ڏينهن ڪم ڪار ۾ مصروف هوندا هئا ۽ راتين جو الله سائين جي بارگاهه ۾ راز ونياز ۾ مصروف هوندا هئا ڏينهن جو مسلمانن جو مشڪلات حل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا هئا جيڪا پڻ عبادت آهي، عبادت ڪندي ايترو ته الله سائين جي عشق ۾ ٻڏي ويندا هئا جو ڪا به شئي امام عليه السلام کي انهي معنوي حالت کان ٻاهر نه ڪڍي سگهندي هئي

 

آخرت جي سفر جو سامان

امام سجاد عليه السلام جو هڪڙو صحابي ذڪر ڪري ٿو ته هڪڙو دفعو رات جي ٿڌ ۾ امام عليه السلام جي ڪلهي تي سامان رکيل هيو مان اڳتي وڌي ڪري امام عليه السلام کي سلام ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته اهو سامان منهنجي غلام کي ڏيو ته توهان سان کڻائي هلي پر امام عليه السلام جن فرمايو ته اهو سفر جو سامان آهي آءُ پاڻ ئي کڻي پهچايان ٿو ، پر صحابي وري امام عليه السلام تي زور رکيو ته ڀلا مون کي ڏيو مان سامان پهچايان ٿو، امام عليه السلام جن چيو ته نه، مان پاڻ ئي اهو سامان پهچايان ٿو ڀلا اهو سامان جيڪو منهنجي نجات جو سبب بڻبو اهو مان ئي کڻان ته ڀلو آهي ٻيو ڪو ڇو انهي سامان کي کڻي

اهو صحابي چوي ٿو ته اسان امام عليه السلام کي خدا حافظ ڪري واپس موٽي آياسين پر صبح جو اسان امام عليه السلام کي ڏٺوسين، امام عليه السلام کان پڇيم ته ڇو نه ڀلا توهان سفر تي ويئو ، امام عليه السلام جن فرمايو ته انهي سفر مان مراد، آخرت جو سفر هيو مان آخرت جي سفر لاءِ اهو سامان پهچائڻ لاءِ ويو هيس .

 

امام سجاد عليه السلام جو اخلاق

امام سجاد عليه السلام جي رشتيدارن مان هڪڙي شخص امام عليه السلام لي برو ڀلو ڳالهائي هليو ويو جيڪو ڪجهه هن جي اندر ۾ هيو اهو چئي ڪري واپس ويو، امام عليه السلام سان گڏ جيڪي امام عليه السلام جا صحابي هئا ، امام عليه السلام جن انهن کي چيو ته اچو ته ان کي جواب ڏئي اچئون ٿا، امام عليه السلام جن پنهنجي صحابن سان گڏ انهي هي دروازي تي ويا پر هو گهر مان ائين نڪتو ڄڻ ڪنهن سان جنگ ڪرڻ وڃي ٿو ، جڏهن دروازي تي پهتو ته امام عليه السلام جن انهي کي چيو ته اهي لفظ جيڪي تون مون کي چئي آيو آهين اگر اهي مون آهن ته الله سائين مون کي معاف ڪندو پر اگر تون ۾ آهن ته الله سائين تو کي معاف ڪري، انهي شخص اهو ٻڌي ڪري امام عليه السلام جي منهن تي بوسو ڏئي ڪري چيائين ته انهن لفظن جو مان لائق آهيان توهان انهن کان بهتر آهيو

 

 

 

امام سجاد عليه السلام ۽ هرڻي جي ضمانت

جابر بن يزيد جعفي، امام باقر عليه السلام جن کان روايت ڪري ٿو ته هڪڙي دفعي امام سجاد عليه السلام جن پنهنجي ساٿين سان گڏ ويٺا هئا ته رڻپٽ مان هڪڙي هرڻي امام عليه السلام جي سامهون اچي بيٺي ۽ پنهنجا پير اچي ڪري زمين تي مهٽڻ شروع ڪري ڏنائين امام عليه السلام جن سان ڪجهه ڳالهائڻ شروع ڪيائين ، ڪجهه صحابه جن فرمايو ته اي رسول الله ص جا ٻچڙا هي هرڻي اوهان کي ڇا چئي رهي آهي ؟ توهان سان ائين ڳالهائي پئي ڄڻ ته اها اوهان کي سڃاڻي پئي .

امام عليه السلام جن فرمايو ته اي چئي رهي آهي ته يزيد جي پٽن مان هڪڙي اها فرمائش ڪئي آهي ته هن کي هرڻي جو ٻچڙو کپي ٿو انهي جي ڪري شڪاري منهنجي ٻڄڙي کي کڻي ويو آهي، اڃان تائين مان هن کي ٿنڃ به ناهي پياري ، مان صرف پنهنجي ٻچڙي کي ٿنڃ پياران ، پوءِ مان توهان کي ٻچڙو واپس ڪري ڏيان ٿي ، امام عليه السلام جن ڪنهن وسيلي سان انهي شڪاري کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان کي چيو ته هرڻي چوي پئي تون هن جي ٻچڙي کي شڪار ڪيو آهي پر هن اڃان تائين پنهنجي ٻچڙي کي ٿنڃ ناهي پياري ، هن کي ڪجهه وقت لاءِ ٻڄڙو واپس ڪر ته جيسيتائين ان کي ٿنڃ پياري پوءِ تو کي واپس ڪندي ، پهريائين ته شڪاري نه مڃيو ۽ چيائين منهنجي وس جي ڳالهه ناهي پر امام عليه السلام جي چوڻ جي ڪري ان  مڃيو ۽ هرڻي کي ٻچڙو واپس ڪيائين جڏهن بچڙو هرڻي وٽ پهتو ته ان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا امام عليه السلام جن ڳوڙهن کي ڏسي ڪري شڪاري کي چيو ته هرڻي کي هميشه جي لاءِ ٻچڙو واپس ڪر ، شڪاري امام عليه السلام جي چوڻ ڪري هرڻي کي ٻچڙو واپس ڪري ڇڏيو ۽ هرڻي اهو چچوندي واپس هلي وئي ته مان گواهي ڏيان ٿي توهان خاندان رسالتمان آهيو .

 

ابو خالد ۽ امام سجاد عليه السلام جي امامت

ابوخالد ڪابلي، محمد حنفيه جي خدمت ۾ هوندو هيو انهي کي پنهنجي امام سمجهندو هيو هڪڙي دفعي محمد حنفيه کي چائين ته تو کي الله سائين جي عزت ۽ عظمت جو قسم توهان مون کي اهو ٻڌايو ته توهان ئي اهي امام آهيو جنهن جي اطاعت الله سائين سڀني انسان تي فرض ڪئي آهي انهي تي محمد حنفيه اهو چيو ته الله سائين جو قسم اهو امام، امام سجاد عليه السلام آهي جنهنجي اطاعت سڀني انسانن تي فرض آهي. پوءِ خالد ڪابلي امام سجاد عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو امام عليه السلام جن انهي کي اهو چيو ته اي ڪنڪر ڪئين اسان وٽ آيو آهين تون ته اسان وٽ ايندو ئي نه هئين؟ انهي وقت خالد ڪابلي سجدي ۾ شروع ٿيو ويو ۽ سجدي ۾ چيائين ته شڪر آهي ان خالق جو جنهن مون کي پنهنجي حقيقي امام عليه السلام جي معرفت کان پهريائين موت نه ڏنو.

امام عليه السلام جن خالد ڪابلي کان پڇيو ته تون پنهنجي امام عليه السلام کي ڪئين سڃاتو انهي تي خالد ڪابلي چيو ته مان محمد حنفيه جي امامت جو قائل هيس پر مان محمد حنفيه کي الله سائين جو قسم ڏئي پڇيومانس ته اهو ٻڌاءِ حقيقي امام عليه السلام ڪير آهي جنهن جي اطاعت سڀني انسانن تي فرض آهي؟ انهي وقت محمد حنفيه جن توهان ڏانهن رهنمائي فرمائي ته توهان ئي حقيقي امام عليه السلام آهيو جنهن جي اطاعت اسان سڀني تي فرض آهي ،جڏهن توهان مون کي پنهنجي اصلي نالي سان سڏيو ته مان سمجهي ويس اهي توهان ئي امام عليه السلام آهيو جنهن جي اطاعت اسان تي فرض آهي انهي ڪري توهان جي قدم بوسي لاءِ آياسين، جڏهن مان ڄائو هيس انهي وقت منهنجي امڙ منهنجو نالو وردان رکيو هيو پر اهو ناو منهنجي بابي کي چڱو نه لڳو انهي ڪري بابا جن منهنجو نالو ڪنڪر رکيو پر اڄ تائين انهي نالي جي ڪنهن ٻئي شخص کي خبر ناهي ، انهي ڪري مان گواهي ڏيان ٿو ته توهان ئي مسلمانن جا اصلي امام عليه السلام آهيون

 

حجر اسود کي نصب ڪرڻ

جڏهن حجاج ابن يوسف عبد الله بن زبير سان جنگ ڪئي ته انهي وقت ڪعبه الله خراب ٿي ويو هيو ، جنگ ختم ٿيڻ کان بعد ۾ جڏهن سڀني اهو چاهيو ته حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي نصب ڪجي ته جيڪو به ان کي نصب ڪري پيو حجر اسود پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي پيو ايسيتائين جو امام سجاد عليه السلام جن الله سائين جو نالو وٺي ڪري حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي نصب ڪيو ته صحيح نموني سان وڃي اتي کپي بيٺو جنهن جي ڪري موجود سڀني مسلمانن تڪبيرون هڻڻ شروع ڪري ڏنيون.

 

عبد الملڪ ابن مراون ۽ امام سجاد عليه السلام

امام باقر عليه السلام جن فرمائين ٿا ته هڪڙي دفعي امام سجاد عليه السلام جن طواف ڪري رهيا هئا، ان جي پويان عبد الملڪ ابن مروان به طواف ڪري رهيو هيو امام سجاد عليه السلام جن ان ڏانهن توجهه ئي نه پيا ڪن ، انهي تي عبد الملڪ بن مراوان پڇيو ته هي ڪير آهي جيڪو مون ڏانهن توجهه نه پيو ڪري انهي تي ان کي ٻڏايو ويو ته اهو امام علي ابن الحسين ابن علي عليه السلام جن آهن، جڏهن طواف ختم ٿيو ته انهي چيو امام سجاد عليه السلام کي گهرايو وڃي، جڏهن امام سجاد عليه السلام جن انهي جي سامهون پهتا ته ان امام عليه السلام کي چيو ته مان ته تنهنجي پيء جو قاتل ناهيان پوءِ توهان مون ڏانهن توجهه ڇو نه  ٿا ڪيو، امام عليه السلام جن فرمايو ته مون کي توهان ڏانهن توجهه جي ضرورت ناهي ، منهنجي بابا جي قاتل بابا کان دنيا کسي پر منهنجي بابا ان کان  آخرت کسي ڇڏي، ۽ تون به ڀلا انهن مان ٿيڻ چاهين ٿو ڇا ؟ عبدالملڪ بن مروان چيو ته توهانمون ڏانهن منهنجي دنيا جي ڪري توجهه ڪيو ، امام عليه السلام جن اتي پنهنجي عبا کي وڇايائون ۽ الله سائين جي بارگاهه ۾ دعا گهرايائون ته اي منهنجا رب تون جئين پنهنجن ويجهن ٻانهن کي انعامات ۽ اڪرامات سان نوازيندو آهين اڄ انهن انعامات کي اسان لاءِ ظاهر ڪر انهي دعا جي ختم ٿيندي ئي امام عليه السلام جي عبا هيرن ۽ جواهرن سان ڀرجي وئي عبد الملڪ انهن کي ڏسي ڪري حيران ٿي ويو، امام عليه السلام جن عبد الملڪ ابن مراون کي چون ٿا ته جنهن کي ايتري دنيا هجي اهو تنهنجي دنيا ڏانهن ڪيئن توجهه ڪندو، ان کان بعد ۾ امام عليه السلام جن وري دعا گهري ته اي منهنجا ڪريم رب مون کي انهي دنيا جي ضرورت ناهي .

 

امام سجاد عليه السلام ۽ هشام بن عبدالملڪ

هڪڙي سال امام سجاد عليه السلام جن حج تي ويا هئا ، انهي سال هشام ابن عبد الملڪ به حج تي آيل هيو ، ماڻهو امام عليه السلام جي احترام جي خاطر اڳيان جاءِ خالي پڏي ڏين پيا پر هشام ابن عبد الملڪ سوڙهه ۾ ڦاسي پيو انهي تي پڇيائين ته هي ڪير آهي جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏين پيا ، جڏهن ته اهو امام سجاد عليه السلام کي سڃاڻي پيو پر اتي فرزدق بيٺو هيو انهي امام عليه السلام جي شان ۾ شعر چوڻ شروع ڪيا ته

هي اها شخصيت آهي جنهن کي بطحا جي سرزمين به سڃاڻي پئي ، هي اها شخصيت آهي جنهن کي ڪعبو به سڃا؟ پيو هي اها ئي شخصيت آهي جنهن کي حل و حرم به سڃائڻ پيا، اهي شعر ٻڌي ڪري هشام کي ڪاوڙ لڳي ۽ فرزدق کي قيد ۾ وڌائين، جڏهن امام عليه السلام کي خبر پئي ته امام عليه السلام جن فرزدق جي لاءِ هديو موڪليو پر فرزدق انهي کي قبول نه ڪيو، امام عليه السلام ڏانهن جواب موڪليائين ته مان هي شعر هدئي جي لاءِ نه چيا هئا بلڪه ان وقت اهي شعر منهنجي لاءِ چوڻ واجب هئا، ڪا به لالچ نه ٿو رکان ، ان کان بعد جڏهن فرزدق کي قيد خاني ۾ گهڻا ڏينهن ٿي ويا ۽ ان کي ڌمڪي ڏنائون ته تو کي قتل ڪنداسين انهي تي فرزدق  امام سجاد عليه السلام ڏانهن دعا اءِ پيغام موڪليو ، امام عليه السلام جن  انهي جي لاءِ دعا گهري ۽ هو قيد خانه مان آزاد ٿي ويو .

 

امام سجاد عليه السلام جي بيماري الله سائين جي طرفان هڪ مصلحت هئي

افسوس ساڻ اهو چوڻو ٿو پوي ته امام سجاد عليه السلام کي ڪجهه مسلمانن امام بيمار سان مشهور ڪيو آهي جڏهن ته امام عليه السلام جن صرف ڪربلاء واري واقعي ۾ ڪجهه ڏينهن بيمار هئا ۽ ان کان بعد ۾ امام عليه السلام جن ٻين امامن وانگر پنهنجي زندگي جا 35 سال صحت ۽ عافيت سان گذاريا هئا، ڪربلاء ۾ امام عليه السلام جو بيمار ٿيڻ الله سائين جي طرفان هڪ مصلحت هئي ته جئين امام عليه السلام جي جان بچي وڃي ۽ امامت جو سلسلو جاري رهي، اگر امام عليه السلام جن بيمار نه هجن هان ته ٻين شهيدن وانگر امام عليه السلام تي به جنگ ڪرڻ واجب هجي هان ۽ ٻين وانگر امام عليه السلام جن شهيد ٿي وڃن هان ۽ اهڙي نموني سان امامت جو سلسلو ختم ٿي وڃي هان، امام عليه السلام جو زمانو تمام گهڻو ڏکيو زمانو هيو انهي ۾ امام عليه السلام جن معارف اهل بيت عليهم السلام کي پنهنجي دعائن ۽ مناجات جي ذريعي بيان فرمايو، انهي ڪتاب جو نالو صحيفه سجاديه آهي جيڪو قرآن مجيد ۽ نهج البلاغه کان بعد ۾ اهم ترين منبع شمار ٿيندو آهي .

صحيفه سجاديه ۾ توحيد کان علاوه صرف طبيعي مسئلا بيان ناهين ٿيل بلڪه دعا جي ذريعي امام عليه السلام جن علوم ۽ معارف جو هڪڙو سمندر بيان فرمايو آهي جنهن۾ اعتقادي مسئلا، سياسي مسئلا ، ۽ شرعي احڪام بيان ٿيل آهن .

هڪ شامي جي توبه ڪرڻ

جڏهن اهل بيت اطهار عليهم السلام جو قافلو شام پهتو ته انهي وقت هڪڙو پوڙهو لٽل قافلي کي ڏسي ڪري اهو چوي ٿو ته الله سائين جو شڪر جو توهان جي مردن کي قتل ڪيائين ۽ توهان کان شهرن کي پاڪ ڪيائين، ۽ يزيد کي توهان تي غالب ڪيائين

اهو ٻڌي ڪري امام عليه السلام جن انهي پوڙهي کان اهو پڇيو ته اهو ٻڌاء تون قرآن پڙهيو آهي انهي چيو ته هاءُ ، امام عليه السلام جن ان کان پڇيو ته ڀلا اهو ٻڌاء ته تون آيت مودت پڙهي آهي انهي تي ان پوڙهي چيو ته هاء  امام عليه السلام جن فرمايو ته انهي مان مراد اسان آهيون

وري امام عليه السلام جن انهي کي چيو ته ڀلا تون ،آيت خمس پڙهي آهي ؟ انهي پوڙهي چيو ته هاءُ مان اها آيت به پڙهي آهي ان تي امام عليه السلام جن انهي پوڙهي کي چيو ته انهي آيت ۾ ذي القربي مان مراد اسان آهيون

وري امام عليه السلام جن انهي پوڙهي کي چيو ته ڀلا تون آيت تطهير جي تلاوت ڪئي آهي انهي پوڙهي چيو ته هاءُ، انهي تي امام عليه السلام جن فرمايو ته انهي ۾ اهل بيت عليه السلام مان مراد اسان آهيون .

انهي وقت اهو پوڙهيو اهي آيتون ٻڌي ڪري خاموش ٿي ويو ۽ پنهنجي گستاخي تي شرمنده ٿيو ۽ پنهنجو سر جهڪائي چيائين ته ڇا توهان اهل بيت پيغمبر ص آهيو ؟ امام عليه السلام جن جواب ڏنو ته هائو اسان ئي رسول الله ص جي خاندان مان آهيون اهي آيتون اسان جي لاءِ نازل ٿيون آهن .

 

امام سجاد عليه السلام جن حسيني انقلاب کي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو

ڪربلاء واري حادثي کان بعد ۾ حسيني قافلي جو سردار امام سجاس عليه السلام جن هئا، جڏهن اهو قافلو شام يزيد جي دربار ۾ پهتو ته اتي حڪومت جا وڏا وڏا عهديدار ويٺا هئا اتي امام عليه السلام  ۽ اهل حرم کي آندو ويو يزيد توهين جي ارادي سان امام عليه السلام کي چيو ته حمد ۽ ثنا ان رب جي جنهن تنهنجي پيء کي مارايو ، امام سجاد عليه السلام جن فرمايو ته لعنت هجي انهي ماڻهوء تي جنهن منهنجي بابي کي قتل ڪرايو، انهي تي يزيد کي ڪاوڙ اچي وئي ان امام عليه السلام کي مارڻ جو ارادو ڪيو ، پر امام عليه السلام جن يزيد کي چيو ته اگر تون مون کي مارڻ چاهين ٿو ته پهريائين هڪ اهڙو ماڻهو هجي جيڪو، اهل حرم کي مديني پهچائي انهي تي يزيد امام عليه السلام کي مارڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، امام سجاد عليه السلام ۽ بيبي زينب سلام الله عليها ، شام ۾ اهڙا ته خطبا ڏنا جو شام جا سياسي ۽ مذهبي حالات تبديل ٿي ويا، امام سجاد عليه السلام کي جڏهن به موقعيو مليو ته امام عليه السلام جن مسلمانن جي لاء يزيد جي چهري کي ڏيکاريو ۽ بني اميه جي ظالم ۽ جابر حڪمرانن کي ذليل ۽ رسوا ڪيو ، ۽ مقصد امام حسين عليه السلام کي بيان ڪيو .

 

امام سجاد عليه السلام ٽي شرط

يزيد جڏهن اهو محسوس ڪيو ته ماڻهو ان جي مخالف ٿي رهيا آهن ته پوءِ ان امام سجاد عليه السلام کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيائين ته مان توهان جا شرط مڃيان ٿو، ته انهي وقت امام عليه السلام جن فرمايو

1.       مان پنهنجي بابي جي سر مبارڪ جي زيارت ڪرڻ چاهيان ٿو

2.       لٽيل مال اسان کي واپس ڪيو وڃي ڇو جو ان ۾ منهنجي ڏاڏي زهراء سلام الله عليها جي هٿ جا سبيل ڪپڙا آهن .

3.       اگر مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو اٿئي ته هڪ اهڙو امين مقرر ڪر جيڪو اهل حرم کي مديني پهچائي

يزيد ، امام عليه السلام جو پهريون شرط نه مڃيو، ٻيو سرط مڃيائين ۽ ٽين جي باري ۾ چيائين ته توهان کانسواء ڪو به اهل حرم کي مديني نه وٺي ويندو .

 

امام حسين عليه السلام جي لاءِ عزاداري جو بنياد وجهڻ

امام سجاد عليه السلام ۽ بيبي زينب سلام الله عليها جن امام حسين عليه السلام جن جي عزاداري جو بنياد رکيو پهرين مجلس ان وقت ئي ٿي هئي جڏهن حسيني قافلي کي شام ۾ آندو ويو .

جڏهن يزيد ڏٺو ته سياسي حالت تبديل ٿي رهيا آهن ته ان ڏٺو ته اهل حرم تي ظلم ڪرڻ ان جي مصلحت ۽ سياست جي خلاف آهي ته انهي وقت ڪوڙي ندامت ۽ پشيماني جو اظهار ڪدنو رهيو ته جئين ماڻهن کي انهي جي ذريعي ڌوکو ڏئي سگهي .

بيبي زينب سلام الله عليها جن انهي فرصت مان فائدو ورتو ۽ يزيد کي پيغام موڪليائون ته اسان امام حسين عليه السلام جي لاءِ عزاداري ڪرڻ چاهيون ٿا انهي وقت ستن ڏينهن تائين شام ۾ امام حسين عليه السلام جي لاءِ عزاداي ڪئي وئي ، جڏهن شامين امام حسين عليه السلام جي باري ۾ ٻڌو ته انهي وقت تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ ايترو ته انهن تي اثر ٿيو جو ويجهو هيو جو يزيد جو تخت الٽو ٿي وڃي هان، مروان جڏهن اهو ڏٺو ته هاڻي امام سجاد عليه السلام جو شام ۾ رهڻ مناسب ناهي ته انهي وقت يزيد کي چيائين ته امام سجاد عليه السلام کي مديني موڪلئي ڇڏ، پوءِ يزيد، امام عليه السلام کي اهل حرم سان گڏ مديني ڏانهن موڪليو ، اهڙي نموني سان امام حسين عليه السلام جي عزاداري جو بنياد امام سجاد عليه السلام ۽ بيبي زينب سلام الله عليها جن رکيو، انهي جي ڪري شيعيان اهل بيت عليهم السلام جن اڄ تائين امام حسين عليه السلام جي عزاداري ڪندا اچن پيا .

امام سجاد عليه السلام جن هڪڙي لمحي جي لاءِ به پنهنجي منصب امامت ۾ ڪوتاهي نه ڪئي، ماڻهن کي صحيح نموني سان زندگي گذارڻ جو هنر سيکاريو ، ماڻهن جي مدد ڪندا هئا انهن جي لاءِ دعا ڪندا هئا .

امام عليه السلام دشمنان اسلام سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ ڪنهن به شئي کان ڊڄندا ڪو نه هئا ماڻهن کي به اسلام ۽ اهل بيت عليهم السلام جو دفاع ڪرڻ سيکاريائون ، دنيا ۽ آخرت جي سعادت وارو رستو ڏيکاريائون .

اهي تمام مسئلا جيڪي الله سائين جي معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اهي جن سان انسان نيڪي کي حاصل ڪري سگهي ٿو ، امام عليه السلام جن بيان فرمايا جيڪو اڄ هڪ مجموعي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي جنهن کي صحيفه سجاديه سڏيندا آهن .

 

امام حسين عليه السلام لاءِ روئڻ جو اجر ۽ ثواب

امام سجاد عليه السلام جڏهن به امام حسين عليه السلام جي مصائب کي ذڪر ڪندا هئا ته پاڻ به روئندا هئا، ۽ امام عليه السلام جي روئڻ جي ڪري ٻيا به روئي ڏيندا هئا، امام عليه السلام جن امام حسين عليه السلام تي روئڻ جو ثواب ذڪر ڪيائون ته

جيڪو به ماڻهو امام حسين عليه السلام جي ڪري روئندو ۽ روئڻ جي ڪري ڳوڙها ان جي چهري تائين وهي اچن ته الله سائين ان جي بدلي ان کي جنت ۾ وڏا محل، ۽ قصر عطا ڪندو جنهن ۾ اهي هميشه جي لاءِ اتي رهندا .

امام سجاد عليه السلام جو وقت جي حڪومت ۽ ظالم سان مهاڏي اٽڪائڻ جو انداز ئي پنهنجو هيو جو هو سمجهي نه سگهندا هئا ته امام عليه السلام جو تبليغ جو انداز ڪهڙو آهي، آخر ڪار اهي امام عليه السلام کي 25 محرم 95 هجري تي امام عليه السلام کي زهر جي ذريعي قتل ڪرايائون، شهادت کان بعد ۾ امام سجاد عليه السلام کي جنت البقيع ۾ امام شهن عليه السلام جي پهلو ۾ دفن ڪيو ويو اهڙي نموني سان ڪربلاء جي واقعي جو هڪ عيني گواهه دفنايو ويو .

 

امام سجاد عليه السلام جو حڪمت ڀريون ڳالهيون

1.       انسان جي ذات محترم آهي

جنهن کي به پنهجي ذات محترم آهي دنيا ان جي لاءِ بي حيثيت آهي .

2.       دعا جو نتيجو

دعا ڪرڻ واري جي لاءِ ٽي شيون آهن

يا ته اها دعا هن جي ذخيرو ڪري رکي وڃي ٿي

يا ان جي اها دعا قبول ڪئي وڃي ٿي

يا ان دعا جي ڪري ڪا اچڻ واري مصيبت ختم ٿي وڃي ٿي

3.       عالمن ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت

نيڪ ماڻهن جي صحبت انسان کي نيڪين جي طرف وٺي اچي ٿي، علماء ۽ دانشورن جو ادب ۽ تهذيب عقل ۾ اضافو ڪري ٿو .

4.       عيب نه ڳولهيو

جيڪو ماڻهو ٻين جا عيب تلاش ڪري انهن کي ذليل ڪري ٿو ماڻهو ان کي اهڙي عيبن سان ذليل ڪندا جيڪي ان ۾ نه آهن .

5.       هر شئي جو هڪ ميوو آهي

هر شئي جو ڪو نه ڪو ميوو هوندو آهي ڪن جو ميوو ڀلو ٻڌڻ آهي .

6.       مومن کي لباس ڏيڻ

جيڪو به ڪنهن مومن کي لباس عطا ڪندو، الله سائين جنت ۾ ان کي سبز لباس عطا ڪندو .

7.       دنيا ۾ آرام نه ڳولهيو

مون کي اهو پسند ناهي ته مان دنيا ۾ آرام تلاش ڪيان، هتي ائين گذاريان جو ڪا به تڪيلف مون کي نه هجي .

8.       پهريائين الله سائين جي اطاعت

سڀ کان پهريائين الله سائين جي اطاعت ڪيوپوءِ ان جي جنهن جي اطاعت الله سائين اوهان تي واجب قرار ڏني آهي .

9.       محبت ڀري نگاهه

مومن ڀاءُ جو مومن ڀاءُ کي محبت سان ڏسڻ عبادت آهي .

10.    گناهن تي خوش ٿيڻ

گناهه تي خوش نه ٿجو ڇو جو گناهه تي خوش ٿيڻ، گناهه ڪرڻ کان وڌيڪ برو آهي .

 

 

 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo