Ad 468 X 60

Friday, February 8, 2019

جناب سيده سلام الله عليها اهل سنت جي نگاه ۾


تحرير : راشد علي چانڊيو


ڊاڪٽر علي ابراهيم حسن لکن ٿا: سيده سلام الله عليها جي زندگي تاريخ جي پاڪ صفحن منجهان هڪ صفحو آهي هن ۾ عظمت جا مختلف رنگ گڏجن ٿا. هو بلقيس ۽ ليوبطره وانگر نه آهي جو پنهنجي عظمت کي عظيم تاج ۽ تمام گهڻي دولت ۽ بينظير خوبصورتي سان حاصل ڪئي هجي ۽ هو عائشه وانگر نه آهي جو پنهنجي شهرت کي اهڙي جرئت سان حاصل ڪيو هجي جيڪا ڪنهن لشڪر جي رهبري ڪئي هجيس ۽ مردن کي پنهنجي پويان وٺي وئي هجي بلڪه اسان اهڙي شخصيت جي سامهون آهيون جيڪا عالَم تي ظاهر ٿي آهي  جڏهن  ته هو حڪمت ۽ جلال جي احاطي ۾ آهي.[15]

توفيق ابو علي مصري مولف جيڪو مصر جي عدالت جو اعلي درجي جو وکيل آهي اهو جناب سيده سلام الله عليها جي متعلق لکي ٿو: مان پنهنجي آقا زادي جي عظمت جي مقابلي ۾ تواضع ۽ انڪساري ڪيان ٿو اي جگرِ رسول اڪرم (صلي الله عليه وآله وسلم) منهنجو سر توهان جي بلند مقام جي سامهون جُهڪي ويو، اي حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام جي ماءُ اهڙو ڪهڙو قلم آهي جيڪو توهان جي ڪا فضيلت لکي سگهي ۽ اهڙي ڪهڙي نازڪ نوڪ ٿي سگهي ٿي جو جيئن توهان آهيو ائين توهان جي تصوير ٺاهي توهان جي لاءِ چيو ويو آهي ته توهان پس پرده عالمِ وجود جو نمونو ٿيو ۽ چيو ويو آهي ته توهان ڪروڙن انسان جي آواز آهيو ، چيو ويو آهي ته توهان نبوت جي چمڪندڙ تارو آهيو، چيو ويو آهي ته توهان عورتن لاءِ نمونه عمل آهيو ، اي منهنجي آقا زادي توهان پيغمبر صلي الله عليه جي معصوم ڌيءَ آهيو ، توهان وصي جي هنج ۾ تربيت پاتي، توهان پنهنجي پيءَ جي به ماءُ آهيو، توهان رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رسالت ۾ ماءُ آهيو نه ڪه ولايت ۾ ،اي منهنجي با عظمت آقا زادي توهان! اهلبيت (عليهم السلام) جي سرپرست ۽ مرڪز شخصيت آهيو ، شاعر توهان اهلبيت عليهم السلام جي لاءِ چوي ٿو: هو نور خدا عزوجل جلاله آهن ، هو (قرآن ۾) انجير ،زيتون، شفع ۽ وتر آهن .[16]

محمود شبلي جناب سيده سلام الله عليها جي متعلق لکن ٿا:
ڪهڙو آسمان منهنجي مٿان ڇائون ڪندو ؟ ۽ ڪهڙي زمين مونکي پناه ڏيندي اگر سيده سلام الله عليها جي لاءِ ڪا فضيلت نه لکان ۽ مان ڪنهن شيءَ جي لائق آهيان ؟ ڪهڙي ريت جڏهن ته مان طاقت به نٿو رکان ۽ ممڪن ئي نه آهي ته ايتري طاقت ۽ قوت مون ۾ اچي وڃي ته جيئن رسول اڪرم جي ڌيءَ جي لاءِ جن الفاظن جي هو حقدار آهي لکان ، ڪهڙي ريت مان طاقت ٿو رکان جو ان لاءِ ڪجھ لکان جنهن جا والد محترم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم آهن ۽ جنهن جا شوهر علي مرتضي آهن ۽ جيڪا حسنين عليهما السلام جي ماءُ آهي ۽ اُهي ڪمالات پاتا وڃن ٿا جيڪي ڪنهن عام عورت جي لاءِ نه آهن ۽ نه ئي ٿي سگهن ٿا يا ڪيئن اهڙي طاقت حاصل ڪجي ته جيئن اُن جي مقدس مقام جي قريب ٿي وڃون، اها شخصيت جيڪا رسول اڪرم جي لاءِ محبوب ترين آهي.
تمام عالمين جي عورتن جي آقازادي بهشت جي عورتن جي سردار سيده سلام الله عليها رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان مشاهبت رکن ٿيون جڏهن به بيبي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ ايندي هئي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بيبي جي طرف اڳتي ايندا هئا، هٿن کي بوسو ڏيندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هئا.[17]

جناب سيده سلام الله عليها جا فضائل اهل سنت جي ڪتابن ۾:
پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا : ان فاطمه بضعة مني فصلي الله علي و علي فاطمة“ فاطمه(سلام الله عليها ) منهنجو حصو آهن صلوات هجي مون تي ۽ فاطمه (سلام الله عليها ) تي .
بخاري ۽ مسلم پنهنجي سند سان جناب سيده سلام الله عليها کان روايت نقل ڪئي آهي ته پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن مون کي فرمايو: اي فاطمه(سلام الله عليها) ڇا تون راضي نه آهين ته عالمين جي بهترين عورتن منجهان آهين.[18]
ترمذي پنهنجي سند سان ابن زبير کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : اي فاطمہ( سلام الله عليها) منهنجو حصو آهن جنهن هن کي ستايو اُن مونکي ستايو جنهن هن کي اذيت ڏني اُن مونکي اذيت ڏني.[19]


[15] :فاطمه الزهراء عليها السلام ،دخيل :ص 171

[16] :فاطمه الزهراء عليها السلام ، توفيق ابو علم ، ص 8،9.
[17] : حيات فاطمه عليها السلام :ص 7،8
[18] :فتح الباري :ج 7 ص 142، صحيح مسلم :ج 7 ص 143
[19] : سنن ترمذي :ج 5 ص 360، حديث 3961

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: