Ad 468 X 60

Friday, February 8, 2019

جناب فاطمه سلام عليها جي وصيت



جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها پنهنجي بابا جي رحلت کان پوءِ 75 يا 95 ڏينهن زنده رهي پر اهي سڀ ڏينهن جناب سيده جي لاءِ تمام وڏا دردناڪ ٿي گذريا پاڻ ڏينهن توڙي رات پنهنجي بابا جي وڇوڙي ۽ امت جي ظلم تي روئيندي رهي، جڏهن بيبي کي علم ٿيو ته هاڻي وفات جو وقت قريب آيو آهي ته پاڻ اُم ايمن ۽ اسماء بنت عميس کي گهرايو ۽ حضرت علي عليه السلام کي به گهرائڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو. جڏهن علي عليه السلام تشريف وٺي آيا ته سائيڻ جن فرمايو:
اي منهنجي بابا جا سئوٽ! مونکي منهنجي وفات جي خبر ڏني وئي آهي ۽ هاڻي مان پنهنجي اندر ڪا تڪليف محسوس نٿي ڪريان، خيال آهي ته هاڻي مان پنهنجي بابا سان ملحق ٿيڻ واري آهيان، انهيءَ ڪري ما ڪجھ وصيتون ڪرڻ چاهيان ٿي  جيڪي منهنجي دل ۾ آهن.
حضرت علي عليه السلام فرمايو: اي بنت رسول (صلي الله عليه وآله وسلم)! جيڪا وصيت تو کي ڪرڻي آهي ڪر.
امام عليه السلام  فرمائڻ کان پوءِ سائيڻ جي سيراندي ٿي ويٺا.
حضرت فاطمه زهرا سلام عليها عرض ڪيو، اي ابوالحسّن! جڏهن کان توهان جي ۽ منهنجي شادي  ٿي آهي توهان مونکي ڪوڙ ڳالهائيندين يا خيانت ڪندين ناهي پاتو، ۽ نه ڪڏهن مون توهانجي حڪم جي خلاف ڪو ڪم ڪيو، جيڪو توهان کي ڏکيو لڳو هجي.
حضرت علي عليه السلام فرمايو، معاذ الله ڀلا توهان کان اهيو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ڇو جو توهان ۾ معرفت الاهي، تقويٰ، نيڪيون ۽ خوف خدا سڀ کان وڌيڪ آهي. انهن اوصاف حميده جي هوندين شوهر جي حڪم عدولي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. اِها ئي وجهه آهي جو مون توهان کي ڪنهن موقع تي تنبيه به ناهي ڪئي، منهنجي لاءِ توهان جي جدائي تمام گهڻو صدمو آهي پر هي اهڙو امر آهي جيڪو ابدي  آهي.
خدا جو قسم توهان جي وفات جي تصور منهنجي لاءِ جناب رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جي غم تازو ڪري ڇڏيو.
اهيو فرمائي ڪري حضرت علي عليه السلام ۽ جناب فاطمه زهره عه ٻئي دير تائين روئيندا رهيا. ان کان پوءِ حضرت علي عه جناب زهره عه جو سَر پنهنجي سيني مبارڪ  سان لڳايو ۽ فرمايو دختر رسول صه ! جيڪو چاهيو وصيت ڪريو مان انشاء الله ان کي دل و جان سان پورو ڪندس ۽ پنهنجي هر ڪم تي ان کي ترجيح ڏيندس.
جناب فاطمه زهره عه چيو خدا توهان کي منهنجي طرف کان ان جي بهترين جزا ڏيئي.
1. اي رسول جا ابن عم! پهرين وصيت منهنجي اِها آهي ته مون کائپوءِ جيڪڏهين شادي ڪريو ته هڪ رات پنهنجي زوجه لاءِ مقرر ڪجو ۽ هڪ رات منهنجن ٻارن وٽ رهجو.
2. مون کانپوءِ منهنجا ٻچا يتيم، غريب ۽ دل شڪست ٿي ويندا، توهان انهن کي دڙڪا ۽ ڇڙٻون نه ڏجو ڇو ته ڪالهه اهي ٻار پنهنجي مهربان ناني کان جدا ٿيا آهن ۽ اڄ پنهنجيءَ ماءُ کان جدا ٿيڻ وارا آهن، ويل آهي انهيءَ امت جي لاءِ جيڪا انهن سان بغض رکندي ۽ انهن کي بي جرم و خطا قتل ڪندي.
3. بس يا علي عه جڏهين منهنجي مٿان يآسين تلاوت ڪريو، سمجهجوته مان بابا سان ملي ويئي آهيان تون مونکي غسل ڏجانءِ ليڪن منهنجيءَ قميص کي منهنجي جسم کان جدا نه ڪجانءِ. (يعني مون کي منهنجيءَ قميص ۾ ئي غسل ڏجانءِ)
4. منهنجي جنازي جي نماز ۾ صرف منهنجن قريبن کي شريڪ ڪجو.
5. منهنجو جنازو رات جو کڻجو ۽ دفن به رات جو ڪجو (هڪ روايت آهي ته دفن کان پوءِ قبر جو نشان مٽائي ڇڏڻ جي وصيت به فرمايائون.)
6. مون کانپوءِ امامه جي ڌيءُ سان شادي ڪجو ڇاڪاڻ ته هن کي منهنجي اولاد سان گهڻي محبت آهي. (ٻي روايت موجب خود امامه سان شادي ڪرڻ جي وصيت فرمايائون.)
7. منهنجي لاءِ تابوت بنائي منهنجو جنازو ان ۾ رکجو انهي تابوت جو نمونو مونکي ملائڪن ڏيکاريو آهي (پوءِ معصومه ان تابوت جي صفت بيان فرمائي)
8. منهنجي مٿان ظلم ڪرڻ وارن کي ( ۽ جنهن مونکي رنجايو) منهنجي جنازي تي اچڻ جي اجازت نه ڏجو ۽ نه اهي شريڪ ٿين جن مونکان حق ڇنيو آهي.
9. يا علي عه منهنجي غسل، ڪفن ۽ نماز جنازه کان پوءِ مونکي قبر ۾ لاهي، لحد ۾ سمهاري، قبر جي مٽيءَ کي درست ڪري، قبر جي سيرانديءَ منهنجي منهن جي سامهون ويهي قرآن شريف جي تلاوت ڪجو ۽ دعائون پڙهجو، ڇاڪاڻ ته اڪيلائيءَ جي زماني ۾ ڪنهن مونس و غمخوار جي ضرورت هوندي آهي ۽ مرڻ وارن کي جيئرن جي اُنس جي ضرورت هوندي آهي. بس يا علي عه ! مون توکي  الله جي حوالي ڪيو آهي.
10. يا علي عه منهنجي ٻچن جو خيال رکجو. اولاد جي متعلق وصيت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجيءَ شهزاديءَ (حضرت زينب عه) کي سيني سان لڳايائين ۽ فرمايائين مون کانپوءِ هيءَ منهنجي گهر جي مالڪياڻي هوندي ۽ هن جو به الله محافظ آهي.
11. يا علي عه توکي الله جي حوالي ڪريان ٿي. (۽ آخري وصيت هيءَ آهي) ته قيامت تائين ٿيڻ واري منهنجي اولاد کي منهنجو سلام آهي. اِنا لِلّه وانا اِلَيه رَاجعُون

راوي جو بيان آهي ته جڏهن رات جو هڪ حصو گذري ويو ۽ ماڻهن جون اکيون بند ٿي ويون ته حضرت علي عليه السّلام، امام حسّن عه امام حسين عه عمّار و مقداد وعقيل و ابوذر ۽ سلمان فارسي ۽ بريده ٻين بني هاشم سان گڏ جنازي کي ٻاهر وٺي آيا ۽ پرده شب ۾ ان کي دفن ڪيو ۽ ٻي روايت ۾ سائيڻ فاطمه س جي جنازه ۾ شرڪاءُ جي تعداد عباس فضل، حذيفه، زبير، ۽ ابن مسعود جو اضافو آهي. حضرت امام علي عليه السلام  جن بعينه سائيڻ فاطمه عه جي وصيت تي عمل ڪيو ۽ دفن ڪرڻ کانپوءِ ان جي قبر جي اطراف چند نقلي قبرون به بڻايون جنهن جي تعداد ست هيون تاڪ اصلي قبر جي شناخت نه ٿي سگهي.

۽ هڪ روايت مطابق حضرت علي عليه السلام جناب فاطمه س جي قبر کي زمين جي بلڪل برابر رکيو ۽ ان جي نشان کي به مٽائي ڇڏيو، تاڪ قبر جي جڳهه جو پتو نه پئجي سگهي.


ڪتاب سيدة نساء العالمين بنت رحمته للعاليمن 512-513

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo