Ad 468 X 60

Saturday, March 21, 2015

ايام فاطميه ڪهڙا آهن انهن تي هڪ نگاه

ايام فاطميہ

ايام فاطميہ اهڙن ڏينهن کي چيو ويندو آهي جڏهن اهل تشيع وارا جناب سيده فاطمہ سلام الله عليها جي شهادت جي مناسبت سان عزاداري ڪندا آهن.
حضرت زهرا سلام الله عليها جي شهادت جي ڏينهن جو معين هجڻ ڪنهن کي به خبر نه آهي پر پوءِ به شهادت جي ٽن ڏينهن کي ذڪر ڪجي ٿو ، عراقي شيعہ جي نظر ۾ بيبي جي شهادت کي ٽي ڏينهن ۽ ايراني شيعہ ٻه ڏينهن حضرت زهرا سلام الله عليها جي شهادت کي ملهائيندا آهن .
تاريخ ۾ جيڪا جناب سيده سلام الله علهيا جي شهادت جي تاريخ مشهور آهي اُها ٽي جمادي الثاني آهي ، انهي ڏينهن(3 جمادي الثاني) ايراني حڪومت جي طرفان عام ڇٽي هوندي آهي
روايات ۾ اختلاف:
پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان پوءِ جناب سيده جي شهادت ٿي آهي ، ان ۾ اختلاف آهي ته ڪيترا ڏينهن بيبي سلام الله عليها پنهنجي بابا جي رحلت کان پوءِ زنده رهي ، ڪجھ جو چوڻ آهي ته 40 ڏينهن کان پوءِ شهادت ٿي ، ڪجهه جو چوڻ آهي ته 72 ڏينهن کان پوءِ، ڪجھ جو چوڻ آهي 75 ڏينهن بعد، ڪجھ جو چوڻ آهي 95 ڏينهن بعد.
ڪجھ جو چوڻ آهي ته ٽي مهينن کان پوءَ ۽ ڪجھ جو چوڻ آهي ته ڇهن مهينن کان پوءِ بيبي جي شهادت واقع ٿي آهي .

فاطميہ اول
تاريخ ۾ مخلتف قولاً جي مطابق بيبي فاطمہ سلام الله عليها  جي شهادت 13 جمادي الاول پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان 75 ڏينهن بعد واقع ٿي آهي [1]
ان ڪري شيعہ حضرات ان ڏينهن ۽ ان کان ٿورو پهريان ۽ پوءِ وارن ڏينهن کي ايام فاطميہ (اول) چوندا آهن ،شايد انهي جي ڪري ڪجھ اهل تشيع جي علاقن ۾ حضرت صديقه طاهره سلام الله علهيا جي عزاداري پهرين ايام فاطميہ کان وٺي ٻين ايام فاطميہ تائين جاري رهندي آهي .


اهل تشيعہ وارا هميشہ انهن ڏينهن ۾ مسجدن ، امام بارگاهن ۽ پنهنجي گهرن ۾ مجالس جو اهتمام ڪندا آهن جنهن ۾ حضرت صديقہ طاهره سلام الله عليها جي مصيبت کي ياد ڪري گريو ڪري ڪندا آهن .

ايام فاطميہ دوم
ابو بصير امام صادق عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت صديقه طاهره سلام الله عليها جي شهادت ٽي(3) جمادي الثاني اڱاري واري ڏينهن تي ٿي آهي .[2]
عام طور تي ايام فاطميہ دوم (ٽي جمادي الثاني) تمام وڏي پيماني تي ملهايو ويندو  آهي هي ڏينهن نه فقط پاڪستان ۾ بلڪه تمام اسلامي ملڪن ۾ تمام وڏي غم زده حادثي طور ملهايو ويندو آهي
ايران ۾  آيت الله حاج شيخ عبدالڪريم حائري (جنهن حوزه عليمه قم جو بيناد رکيو ) جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ قم المقدس ۾ انهن ڏينهن ۾ عزاداري کي زنده ڪيو ويو .[3]

عزاداري جي مدت
اهل تشيع وٽ عزاداري جي ڪا خاص مدت مقرر نه ڪئي وئي آهي، ان ڪري ڪجهه جمادي الاول ۾ عزادري ڪندا آهن ته ڪجهه جمادي الثاني ۾، اهيو به ضروي نه آهي ته ايام فاطميه جي ٻنهي مناسبتن کي ئي ملهايو وڃي، جيڪڏهن ڪو انهن ٻنهي مناسبتن مان ڪنهن هڪ کي ملهائي تڏهن به صحيح آهي  ڇو جو حضرت صديقه طاهر جناب فاطمه سلام الله علهيا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي لخت جگر( جنهن  حضرت اميرالمومين علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي کسجي ويل حق جو دفاع ڪندي رهي) آهن يقينن انهن ڏينهن کي ملهائڻ سان اسان کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۽ آئمه اهل بيت عليهم السلام راضي ٿي ويندا.
انهن ڏينهن دوران مخلتف شهرن ۾ عشرن ۽ خمسن(پنج ڏينهن لڳاتارمجلسن) جو اهتمام ڪيو ويندو آهي ، پر عام طور تي 75 ڏينهن واري قول جي مطابق ٻيون عشرو 10 جمادي الاول کان 20 جمادي الثاني تائين ايام فاطميہ اول جي مناسبت سان مهايو ويندو آهي  ۽ 95 واري قول مطابق پهريون عشرو 1 جمادي الثاني کان 10 جمادي الثاني تائين ايام فاطميہ دوم جي مناسبت سان ملهايو ويندو آهي .
اهل تشيع جي ڪجھ مراجع تقليد مجتهدن هن طرح بيان ڪيو آهي ته هر ايام فاطميہ ۾ ٽي ڏينهن مجالس عزا جو انعقاد ڪيو وڃي، ان لحاظ سان 13. 14. 15. جمادي الاول ايام فاطميہ اول ۽ 1. 2. 3. جمادي الثاني ايام فاطميہ دوم جي عنوان سان ملهايا وڃن .



ايران ۾ عام موڪل:
ايران جي اسلام انقلاب کان پوءِ اسلام جمهوريه ايران جي طرفان 3 جمادي الثاني شهادت مظلومہ طاهره سلام الله عليها جي مناسبت سان پوري ايران ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو جنهن کي اڄ تائين ملهائيندا ٿا اچن .
ان ڏينهن (3 جمادي الثاني) عام موڪل جي تجويز اهل تشيع جي مرجع تقليد حضرت آيت الله شيخ حسين وحيد خراساني اُن وقت جي صدر مملڪت جناب سيد محمد خاتمي کي ڏني هئي جيڪا حڪومت جي طرف کان منظور ڪئي وئي.[4]
ان موڪل جي اعلان کان پوءِ ايران ۾ ايام فاطميہ کي تمام وڏي زور ۽ شور سان مهايو ويندو آهي ، ان ڏينهن تي بزرگ مراجع ڪرام عام ماڻهن سان گڏجي پيدل جلوس سان هلندا آهن ، ڪڏهن ڪڏهن ته پيرن اُگهاڙا به جلوس ۾ اڳيان اڳيان هلندا آهن ، هي جلوس مخلتف رستن کان ٿيندو مشهد مقدس  ۾ امام رضا عليه السلام جي، حرم ۽ قم المقدس ۾  حضرت فاطمہ معصومہ سلام الله عليها جي حرم تي ختم ٿيندا آهن .

ايران ۽ عراق ۾ مراجع ڪرام جو ايام فاطميہ دوران پيدل( ۽ پيرن اگهاڙو ) جلوس ۾ شرڪت جو هڪ منظر

اسان هي ڏينهن ملهائي ڪري قاتلان سيده فاطمه سلام الله علهيا جي  چهرن تي اوهڙيل نقاب لاهي ڪري دنيا آڏو رکندا آهن
هي اسان جي اهل حق کان غور ۽ فڪر جي اپيل آهي ته هو به هن مظلومه جي شهادت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. آخر هن شهادت پويان ڪنهن جو هٿ هيو ؟؟؟؟







[1] :اصول ڪافي :ج 1 ص 241، حديث 5
[2] :دلائل امامه ، طبري:ص 134
[3] : مجله حوزه سال 21، نمبر 5 رضوي :ص 151 کان 154 تائين
[4] :فارس خبررسان ايجنسي 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

1 تبصرا:

  1. اعظم الله اجورڪم باستشهاد بضعه الرسول صلي الله عليه واله وسلم،،،،،ڀلي لکت آهي،

    ReplyDelete

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔