Ad 468 X 60

Wednesday, March 11, 2015

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها جا فرمان

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها فرمايو

حديث نمبر01 

” عورتن جي لاءِ سڀ کان بهتر شي “

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها
” عورتن جي لاءِ سڀ کان بهتر شي “
حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته مان ۽ فاطمه س حضور اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ هياسين انهي اثنا ۾ رسول اڪرمﷺ جن دريافت ڪيو، ” عورتن جي لاءِ سڀ کان نيڪ ۽ بهتر شي ڪهڙي آهي“ ؟
حضرت فاطمه زهره س جن جواب ۾ فرمايو :
 عورتن جي لاءِ سڀ کان بهترين شي اها آهي ته هو ( بغير ضرورت نا محرم )  مردن جي طرف نه ڏسي ۽ نه ئي نامحرم مرد ان کي ڏسن .
” ڪتاب جلوه نور صفه 77“ 



حديث نمبر02 



سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها
 ” گهر جي ڪمن جي تقسيم “
حضرت فاطمه س تمام سخت زندگي گذاري آهي پاڻ گهريلو ذميوارين سان گڏوگڏ ٻچن جي تربيت تي به پوري توجهه ڏيندي هئي پاڻ گهر جي ڪمن کي تقسيم ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ عدل و انصاف جو بهترين نظام به قائم ڪري رکيو هيو،
   گهريلو ڪمن ۾ اميرالمومنين عليه السلام به سائيڻ جو هٿ ونڊرائيندا هيا، جڏهن ته پنهنجي ڪنيز جناب فضه سان گڏ پاڻ جن ڪمن جي ڏينهن کي برابر تقسيم ڪيو هيو، سلمان فارسي چون ٿا ته !
هڪ ڏينهن مان حضرت فاطمه زهره س کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان چڪي هلائيندي ڏٺو مون سلام عرض ڪيو ۽ چيو: اي بنت رسول الله ﷺ تون پاڻ ڇو ايترو پريشان ٿي رهي آهين تنهنجي خدمت جي لاءِ جنابِ   فضه  س جو موجود آهي گهر جا ڪم ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اهيو ٻڌي جناب فاطمه س جواب ۾ فرمايو ته:
اي سليمان ! رسول الله ﷺ مونکي فرمايو آهي ته گهر جي ڪمن کي فضه س سان تقسيم ڪري ڇڏ هڪ ڏينهن اها ڪم ڪري ۽ هڪ ڏينهن مان ڪم ڪريان ڪالهه ان جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي
” ڪتاب جلوه نور صفه نمبر 80“



حديث نمبر03 

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها 
” ” شريڪ حيات جو اخلاق “
هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام جن فرمايو :
اي فاطمه س : ڇا گهر۾ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟ گهر ۾ جيڪو کاڌو هيو اهو هڪ ڏينهن پهريان کائجي چڪو هيو انهي لاءِ بي بي س جن انڪار ڪيو ته امام عليه السلام جن فرمايو! فاطمه س مونکي تو ڇو نه ٻڌايو تاڪه مان کاڌي جو انتظام ڪريان ها؟
جناب فاطمه فرمايو:   اي ابو الحسن ع ! مونکي پنهنجي پروردگار کان حيا اچي ٿو ته مان توکان ان شي جي درخواست ڪريان جو جنهن شي جي پوري ڪرڻ جي تو ۾ مالي استطاعت نه هجي.

” ڪتاب جلوه نور صفه 60“



حديث نمبر04

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها
”فرض جو احساس)
حضرت امير المومينن عليه السلام جن فرمائين ٿا ته هڪ دفعي جناب سيدة س جي طبيعت نا ساز هئي پاڻ سڄي رات تمام گهڻي بيچينيءَ سان گذاريائين صبح جي قريب ڪجهه اک لڳي ويئس، اذان جي وقت ڏٺم ته فاطمه س اٿي آهي ۽ وضو ڪري رهي آهي مون نرمي سان کيس چيو فاطمه س توکي پاڻ تي به رحم ڪونه ٿو اچي، سڄي رات بخار رهيو اٿئي صبح ٿڌي پاڻي سان وضو ڪيو اٿئي ۽ هاڻي وري چڪي هلائي رهي آهين.؟
سيدة طاهره سلام الله عليها ڪنڌ جهڪائي چيو ”اي ابو الحسن عه ! جيڪڏهن مان فرض جي ادائگي ۾ مري به وڃان ته حد کان وڌيڪ خوش ٿيندس ۽ مون کي عبدي مسرت حاصل ٿيندي. مون وضو ڪيو خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ۽ چڪي هلائي توهان جي اطاعت ۽  ٻارن جي خدمت لاءِ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته انهن ٻنهي فريضن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو فريضو ٿي سگهي ٿو.

”ڪتاب سيدة النساءِ العالمين بنت رحمة اللعالمين صفا 370“




حديث نمبر05
سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها جن پنهنجي مڙس حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي فرمايو



اي اباالحسن ! مان پنهنجي پروردگار کان حياء ٿي ڪيان جو اهڙو ڪم اوهان کي چوان جنهن کي اوهان انجام ڏيڻ جي سگهه نه رکندا هجو





حديث نمبر06

جڏهن سيده فاطمه سلام الله عليها جو رشتو حضرت علي عليه السلام گريو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم حضرت بيبي پاڪ کان پنهنجي راڏيڻ لاچيو :

اي منهنجي ڌيفاطمه! تنهنجي چاچي جو پٽ علي تنهنجو رشتو وٺڻ آيو آهي تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟

سيده پنهنجي پيجو احترام ڪندي فرمايو بابا توهان جي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟

رسول الله ارشاد فرمايو:

اذن الله فيه من السماء

خداوند عالم آسمان کان اجازت ڏني آهي 

سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ڏنو 

رضيت ما رضي الله لي و رسوله

مان ان تي راضي آهيان جنهن تي الله ۽ ان جو رسول راضي آهي 


رضيت بالله ربا و بک يا ابتاه نبيا ص بابن عمي بعلا و وليا

مان راضي آهيان، خداوند عالم منهنجو رب آهي ، توهان، اي بابا منهنجو نبي آهين ۽ منهنجي چاچي جو پٽ علي منهنجو مرش ۽ منهنجو امام آهي 

بحار الانوار ج 43 ص 149




حديث نمبر07
حضرت فاطمه سلام الله عليها فرمايو
ان ابي صلي الله عليه وآله وسلم نظر الي علي ابن ابي طالب عليه السلام و قال هذا و شيعته في الجنت

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام جي چهري مبارڪ جي طرف ڏسي ڪري فرمايو
هي ۽ هن جا شيعه ڪامياب آهن



احقاق الحق ،ج 7 ص 308





حديث نمبر08
هڪ شخص پنهنجي گهرواري کي چيو ته حضرت فاطمه سلام الله عليها کان پڇجان ته ڇا مان انهن جي شيعن منجهان آهيان ؟

حضرت سيده فاطمه انهي عورت کي جواب ڏيندي فرمايو :
هر اُنهي ڪم کي انجام ڏي جنهن جو اسان حڪم ڏنو هجي ۽ هر اُن ڪم کان پاڻ کي پري ڪر جنهن جي اسان منع ڪئي هجي پوتون اسان جي شيعن منجهان شمار ٿيندي

بحار الانوار ج43 ص 88





حديث نمبر09
حضرت بي بي زهرا سلام الله علهيا جن فرمايو:

جڏهن مان ننڊ جي لابستر وڇايو اُن وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم منهنجي گهر آيا ۽ فرمايائون:
اي فاطمه(سلام الله عليها) ننڊ کان پهريان چار شين کي انجام ڏي 

قرآن کي ختم ڪري
پيغمبرن کي پنهنجو شفيع(شفاعت ڪرڻ وارا) ڪري ،
مومنين کي پاڻ کان راضي ڪري ،
حج ۽ عمره کي انجام ڏئي پوننڊ ڪر.
هي فرماء پاڻ ڪريم صلي الله عليها نماز ۾ مشغول ٿي ويا مون صبر ڪيو ته جيئن پاڻ ڪريم نماز کي ختم ڪن ،

مون چيو يا رسول الله( صلي الله عليه وآله وسلم) مونکي جن چار شين جو توهان حڪم ڏنو مان انهن کي انجام ڏيڻ جي سگهه نٿي رکان !

آنحضرت مسڪرايو ۽ فرمايو : 
جيڪڏهن ٽي مرتبهقل هو اللهپڙهندي ته ختم قرآن جو ثواب ملندو
جيڪڏهن مون تي ۽ مون کان پهريان وارن پيغمبرن تي صلوات موڪليندي ته قيامت جي ڏينهن تنهنجي شفاعت ڪرڻ وارن منجهان هونداسين .
مومنن جي طلب استغفار ڪندي ته اُهي سڀ توکان راضي رهندا.
جيڪڏهن چوندينسبحان الله والحمد لله ولا اله الا الله والله اکبر ته توکي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو .
(صحيفه الزهراء ، ص 164)



حديث نمبر10
هڪ ڏينهن جناب سلمان سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها کان عرض ڪيو
اوهان ڇا جي ڪري ايترو ڪم ڪريو ٿا جو اوهان جا هٿ زخمي ٿي پون ٿا جڏهن ته اوهان وٽ اوهان جي ڪنيز فضى به مجود آهي اها گهر جو ڪم ڪري سگهي ٿي؟


سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ۾ فرمايو:
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم مون کي سفارش ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن گهر جو ڪم فضه ڪري ۽ ٻي ڏينهن گهر جو ڪم مان ڪيان ڪالهه فضه جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي 
(هي ڪردار آهي جنت جي عورتن جي سردار سيده فاطمه سلام الله عليها جن جو )

(بيت الاحزان ، ص 20)



حديث نمبر11
حضرت بي بي فاطمه سلام الله عليها فرمايو:

خَيرُالِلنِسَاءِ اَنۡلا يَرَينَ الرِّجَالَ وَلَا يَراهُنَّ الرِّجَالُ:

عورتن جي لابهتر هي آهي ته هو نه ڪنهن نا محرم( ڪنهن ٻي مرد ) کي ڏسن ۽ نه نا محرم مرد عورتن کي ڏسن
(ڪشف الغمه،ج 2 ص 23 بحارالانوار:ج 101 ،ص 36)






حديث نمبر12
حضرت بي بي فاطمہ سلام الله علهيا فرمايو ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

وَيل لامرَاة اغضَبَت زَوۡجَهَا وَ طُوبٰي لاِمراة رَضِيَ عَنهٰا زَوجُهٰا:


افسوس هجي اُن عورت تي جيڪا پنهنجي مڙس کي ناراض ڪري ٿي ڪامياب آهي اُها عورت جيڪا پنهنجي مڙس کي خوش رکي ٿي 







هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo