Wednesday, March 11, 2015
حديث منزلت جي روشني۾ ولايت علي ابن ابي طالب عليه السلام
حديث منزلت جي
روشني۾ ولايت علي ابن ابي طالب عليه السلام
تحرير : راشد
علي چانڊيو
رسول الله صلي
الله عليه وآله وسلم جي مشهور حديث آهي:
يا علي انت مني
بمنزلت هارون من موسي الا انه لا نبيَّ بعدي
ترجمو:اي علي!
تنهنجي مون سان اهائي نسبت آهي جيڪا هارون جي موسي سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان
پوءِ نبي ناهي .
پيغمبراڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ هر جاءِ تي اميرالمومنين علي ابن ابي طالب
عليه السلام جي ولايت جو اعلان ڪيو آهي.
پيغمبراڪرم
پنهنجي بعثت جي شروعات ۾ به حضرت اميرالمومنينؑ کي پنهنجو جانشين ۽ امت جي لاءِ خليفو
مقرر ڪيو هيو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ به حجت الوداع کان واپسي مهل خم غدير جي ميدان تي
تمام حاجين جي سامهون الله تعالي جي حڪم سان حضرت علي ؑ کي پنهنجو جانشين مقر ڪندي
فرمايو هو ”من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه “ جنهن جو مان مولا آهيان ان جو
علي مولا آهي .
مان هن مضمون ۾
حديث غدير مان استدال نٿو ڪرڻ چاهيان منهنجي ڪوشش رهندي ته حديث منزلت تي ڪجهه
روشني وجهي ڪري امامت ۽ ولايت علي ابن ابي طالبؑ کي ثابت ڪريان.
هن روايت تي اهل
سنت جي مشهور عالم دين ”آمدي“ اعتراض ڪيو آهي ته هي روايت ضعيف آهي ۽ اِن
مان ڪيئن ثابت ٿي سگهي ٿو ته حضرت اميرالمومنينؑ جي وصايت کي قبول ڪيو وڃي !؟؟
هن جي جواب ۾
اسان چار ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين.
1_ -حديث منزلت
صحيح ترين حديث آهي.
2_ گهڻيون ئي
شاهديون هن حديث لاءِ موجود آهن.
3_ اهل سنت جي
ڪافي وڏن عالمن به هن حديث کي ذڪر ڪيو آهي.
4_ هي حديث
عموميت جي طرف اشارو ڪري ٿي.
1_ آمدي
هن حديث تي اعتراض ڪري پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو آهي ڇو جو هي حديث صحيح ترين حديثن
منجهان آهي هن تي شڪ ڪرڻ تعصب جي دليل آهي.
2_ هن حديث جي
صحت (صحيح هجڻ) ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ڇو جو ان کان علاوه ڪنهن به هن حديث کي
ضعيف نه چيو آهي جڏهن ته اهل سنت جي مشهور عالم دين” ذهبي“ پنهنجي ڪتاب ”تلخيص مستدرڪ“ ۾ هن روايت کي صحيح
قرار ڏنو آهي. [1]
ان کان علاوه ”ابن
حجر هيثمي“ جنهن شيعن جي خلاف ڪتاب لکيو آهي ۽ شيعن جو سخت ترين حريف به رهيو
آهي، پنهنجي ڪتاب” صواعق محرقه“ ۾ حديث مزلت جي باري ۾ لکي ٿو ته هي حديث
صحيح السند آهي. [2]
معاويه بن ابي سفيان جيڪو اهلسنت جي نزديڪ رسول الله جو خليفو آهي
حضرت اميرالمومنين ؑ جي باري ۾ ماڻهن کي حڪم ڏيندو هو ته عليؑ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سندس زماني ۾ واجب هيو ته جمعي
نماز جي خطبي ۾ حضرت اميرالمومنين ؑ جي لاءِ (برا ۽) نا سزا الفاظ استعمال ڪيا
وڃن، ان جي باوجود به جڏهن هن سعد بن ابي وقاص کي چيو ته علي ؑ کي گار گند ڏي ته هو پنهنجي
جاءِ کان نه اٿيو تنهن تي معاويه چيس: تون ڇا جي ڪري ابو ترابؑ کي برو ڀلو نٿوڳالهائين ؟؟؟
سعد جواب ڏنو: پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هن (عليؑ) جي
باري ۾ ٽي شيون فرمايون هيون، جيڪي هينئر مونکي ياد نه آهن ان ڪري مون کي ان ڪم(لعنت ڪرڻ) کان آجو قرار ڏيو، جيڪڏهن
مون وٽ انهن ٽنهي شين منجهان ڪا به هڪ هجي ها ته مون لاءِ عرب جي تمام دولت کان
وڌيڪ هجي ها، مون ٻڌو هو ته ڪجھ جنگين ۾ جڏهن پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم
پاڻ ويندا هئا ته حضرت علي ؑ کي مديني ۾ پنهنجي جاءِ تي خليفو مقرر ڪندا هئا ۽
فرمائيندا هئا :
اي علي! ڇا
تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي سواءِ
ان جي جو مونکان پوءِ ڪو پيغمبر ناهي .
جڏهن معاويه سعد
جي ڳالهه ٻڌي ته سعد کي آجو قرار ڏنائين ۽ خاموش ٿي ويو.[3]
حديث منزلت کي
نه صرف ڪجھ متعصبن ذڪر ڪيو آهي بلڪه معاويه به حديث منزلت کي نقل ڪيو آهي، ابن حجر
”صواعقه محرقه“ ۾ ”احمد“ کان نقل ڪيو آهي: ڪنهن شخص معاويه کان مسئلو پڇيو معاويه
ان کي جواب ۾ چيو ته هي مسئلو عليؑ کان وڃي پڇ. ڇو جو علي عالم ترين انسان آهي ۽
هن مسئلي کان آگاه آهي، اُن شخص معاويه کي چيو ته منهنجي نزديڪ علي ؑ جو جواب
توکان وڌيڪ اهميت نٿو رکي، اُن تي معاويه چيو تون غلط چئي رهيو آهين! تون ان شخص
کان ناراضگي رکين ٿو جنهن جي چهري کي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم علم سان
روشن چهرو، چيو آهي ۽ اُن لاءِ فرمايو آهي: يا علي انت مني بمنزلة هارون من
موسي الا انه لا نبيَّ بعدي.
ان کان علاوه
جڏهن به حضرت عمر کي ڪو ڏکيو مسئلو پيش ايندو
هيو ته علي ابن ابي طالب کان پڇندو هيو. [4]
مسلمانن جا جيڪي
به فرقه آهن اهي هن حديث ”منزلت“جو انڪار نٿا ڪن ۽ پنهنجي ڪافي معتبر ڪتابن ۾ هن حديث کي ذڪر ڪيو
اٿن.
3_ تمام محدثن ،
سيرت پيغمبر کي لکڻ وارن ۽انهن راوين جن جنگ تبوڪ جي روايت کي نقل ڪيو آهي انهن
سڀني ”حديث منزلت“ کي نقل ڪيو آهي
.
هي حديث علم
رجال جي لحاظ سان به صحيح آهي هن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي ۽ هي فقط علي ابن ابي
طالب ؑ جي لاءِ ئي نقل ٿيل آهي.
تمام ڪتاب ڀلي
کڻي اهي اهلبيت عليهم السلام جي فضيلت ۾ لکيا ويا هجن يا اصحاب ڪرام
جي فضليت ۾ لکيا ويا هجن، انهن ۾ هي حديث ذڪر ٿيل آهي.
هن روايت کي
احمد بن حنبل ۽ ان کان پهرين ۽ بعد وارن سڀني عالمن ذڪر ڪيو آهي هي حديث صحيح ترين
حديث آهي ان جي وڌيڪ تفصيل لاءِ ملاحظه ڪريو.[5]
جڏهن هي حديث
ايتري مشهور ۽ صحيح آهي ته” آمدي “ جو هن حديث تي شڪ ڪرڻ تعصب ئي سمجهو ويندو، ڪوبه عقل مند ڪڏهن به
اهڙي حديث کي ڪوڙو نٿو قرار ڏئي سگهي .
4_ ان نڪتي ڏانهن
توجهه ڏيڻ ضروري آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان
حضرت علي ؑ کي هارون سان نسبت ڏيڻ هي فقط جنگ تبوڪ لاءِ مخصوص ناهي حضرت عليؑ جي هارون سان نسبت ڏيڻ جو مطلب هي آهي
ته جهڙي نموني حضرت هارون عليه السلام، حضرت موسي عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هئا
اهڙي نموني حضرت عليؑ به پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ خليفه
آهن ۽ هي حڪم ڪنهن مخصوص وقت سان خاص نه هيو بلڪه پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم پنهنجي اصحابن کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته جڏهن مان توهان جي وچ ۾ نه هجان ته
منهنجي جاءِ تي علي عليه السلام کي ئي ويهارجو اُنهي کي ئي پنهنجو رهبر قبول ڪجو.
اڪثر مخالفن
طرفان هي اعتراض ٿيندو آهي ته حديث منزلت عموميت کان خالي آهي پيغمبراڪرم صلي الله
عليه وآله وسلم فقط جنگ تبوڪ دوران حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي جاءِ تي مديني
۾ مقرر ڪيو هو ان جو مطلب هر گز اهو نه
آهي ته جڏهن به پيغمبر نه هجي حضر ت علي
عليه السلام مسلمانن جو خليفو ۽ رهبر سمجهيو وڃي بلڪه هي خاص وقت لاءِ هيو جهڙي
نموني سان پيغمبر اڪرم جنگ بدر دوران
پنهنجي جاءِ تي جناب ابو لبابه کي پنهنجي جاءِ تي امير مقرر ڪيو هيو ته ڇا
هن لاءِ به اهو حڪم عموميت رکي پيو ؟؟ ٻيو ته ممڪن آهي ته رسول الله حضرت عليؑ کي
راضي ڪرڻ لاءِ چيو هجي؟ يعني اها حديث عموميت تي دلالت نٿي ڪري، بس جڏهن اسان ڪنهن
ٻئي کي اهڙي منزلت نٿا ڏئي سگهون ته حضرت علي عليه السلام کي اهڙي منزلت ڪيئن ڏئي
سگهنداسين؟؟؟
هن سوال جو جواب
اسان ٻن طريقن سان ڏئي سگهون ٿا.
الف: هيٺ دليل
پيش ڪنداسين ته حديث منزلت عموميت تي دلالت ڪري ٿي.
ب: پيغمبر اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي جناب هارون عليه السلام سان تشبيهه
ڏني آهي.
1_ جڏهن مخالف
هي اعتراض ڪندا آهن ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي
جنگ تبوڪ دوران فرمايو هو ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن جناب هارون جي
موسي سان، انهن جي جواب ۾ اسان هتي ڪجهه ٻين جاين کي به پيش ڪري رهيا آهيون جتي
حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام جي لاءِ حديث منزلت ارشاد
فرمائي.
هڪ ڏينهن پيغمبر
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب ”ام سليم“ جي لاءِ حديث فرمائي، امّ
سليم کي انهن عورتن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو جن اسلام آڻڻ ۾ اڳ ڀرائي ڪئي هئي هي با
اخلاق ۽ تحمل ڪرڻ واري عورت هئي ، پيغمبر
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اِن جي گهر ويا ان جي لاءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم حديث بيان فرمائي ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهيون ڪيون. [6] امّ سليم کي فرمايائون: اي
امّ سليم! علي جو گوشت منهنجو گوشت آهي، عليؑ جو خون منهنجو خون آهي، علي جي نسبت
مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي .[7]
هاڻي سمجهڻ
گهرجي ته هي حديث فقط تبوڪ واري جنگ سان مخصوص نه آهي. جيڪڏهن هي حديث ڪنهن وقت
لاءِ خاص هجي ها ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪڏهن به حديث کي ٻيهر نه ورجائن ها در حقيقت حضور پاڪ
صلي الله عليه وآله وسلم هن حديث کي ورجائي ولايت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي
تبليغ ڪري رهيو هو ته عليؑ منهنجو جانشين ،ولي عهد ۽ مونکان پوءِ اوهان لاءِ خيلفو
هوندو .
مٿئين حديث
وانگر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان حديث آهي جڏهن حضرت حمزه جو فرزند،
حضرت عليؑ، جعفر ۽ زيد هڪ ٻئي سان بحث و مباحثو ڪري رهيا هئا ته پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو:اي علي ! تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن
هارون جي موسي سان هئي ...[8]
اهڙي نموني هڪ
ڏينهن ابوبڪر، عمر ۽ ابو عبيده جرّاح پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت
۾ ويٺا هئا ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي ؑ تي ٽيڪ ڏئي ۽ پنهنجا هٿ علي
ؑ جي ڪلهن تي رکي ارشاد فرمايو: اي علي تون مومنن منجهان پهريون شخص آهين جنهن
مون تي ايمان آندو ۽ پهريون شخص آهين جنهن اسلام قبول ڪيو، تنهنجي نسبت مون سان
ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي.[9]
ياد رهي ته هجرت
کان پهريان جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مڪي ۾ پهريون”عقد اخوت“
(ڀائيچارو) قائم ڪيو هو، جيڪو فقط مهاجرين لاءِ خاص هئو اُنهي ۾ به حديث منزلت
وارو مطلب بيان ڪيو هو. اُن کان بعد هجرت جي پنجين مهيني جڏهن پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم ”عقد اخوت ۽ ٻيون ڀائيچارو “ قائم ڪيو جيڪو مهاجرين ۽ انصار
جي وچ ۾ هئو.
ٻئي ڀيرا حضور
صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي ؑ کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ ٻئي دفعا ڪنهن ٻئي
شخص کي علي ؑ تي مقدم نه رکيائون ۽ فرمايائون: تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي
جيئن هارون جي موسي سان، هن فرق سان ته مون کان پوءِ ٻيو ڪو نبي ناهي “
”عقد اخوت “وقت حضور
پاڪ جو حضرت علي ؑ کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيڻ ۽ حضرت هارون سان نسبت ڏيڻ بابت اهلبيت عليهم السلام کان
متواتر روايتون نقل ٿيون آهن.
اهلبيت کان هٽي
ڪري پهرئين عقد اخوت بابت جناب زيد بن اوفي کان روايت نقل ٿيل آهي، هي روايت تمام
ڊگهي آهي پر اختصار سان بيان ڪجي ٿي.
پهريان عقد اخوت
جي ڪيفيت کي نقل ڪري آخر ۾ لکيو اٿس ته علي ؑ چيو : اي الله جا رسول صلي الله
عليه وآله وسلم منهنجو ساھ نڪري ويو ۽ منهنجي چيلهه ٽٽي پئي! جڏهن ڏٺم ته سڀني
اصحابن جوهڪ ٻئي سان عقد اخوت (ڀائيچارو) قائم ڪيَوَ ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏنَوَ ڇا
هي ڪنهن ڪاوڙ جي ڪري آهي؟
پاڻ سڳورن صلي
الله عليه وآله وسلم فرمايو: مونکي قسم آهي اُن رب جو جنهن مونکي حق سان نبي بڻائي
موڪليو، مان توکي آخر ۾ ناهي رهايو سواءِ پنهنجي لاءِ ”وَ اَنۡتَ مِنّي بِمَنزِلَةِ
هارونَ مِنۡ مُوسيٰ غَيۡرَ اَنَّهُ لا نَبِيَّ بَعۡدي“تنهنجي نسبت مون سان ايئن
آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي ان فرق سان ته مون کان بعد ڪو به نبي نه آهي، تون
منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجو وارث آهين .
علي ؑ عرض ڪيو:
مان تنهنجي ڪهڙي ميراث جو وارث ٿيندس؟
پاڻ فرمايائون: هر
اها شئ جيڪا مون کان اڳين نبين ورثي طور
ڇڏي هئي، الله سائين جو ڪتاب ۽ پيغمبرن
جون سنتون. تون جنت ۾ منهنجي ڌيءَ فاطمه سان گڏ منهنجي محل ۾ هوندين، تون منهنجو
ڀاءُ ۽ دوست آهين، اُن کان پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آيت جي هڪ
حصي جي تلاوت ڪئي ”اِخۡوَاناً عَلي سُرُرِ مُتَقَابِلينَ“ (ٻئي ڀاءُ جيڪي تخت تي
هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا آهن) يعني ڪجھ آهن جيڪي خدا جي خاطر هڪ ٻئي کي دوست رکن ٿا
۽ هڪڙو ٻِئي ڏانهن ڏسي ٿو. [10]
ٻئين عقد اخوت
بابت جناب ابن عباس کان روايت نقل ٿيل آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم حضرت علي کي فرمايو: يا علي! تو ڏٺو ته مون مهاجرن ۽ انصار کي هڪ ٻئي
سان ڀاءُ قرار ڏنو ۽ توکي ڪنهن جو به ڀاءُ قرار نه ڏنم ! ڇا مون کان ناراض ٿئين؟
ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان
هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به پيغمبر نه ايندو.[11]
انهن حديثن
وانگر ٻيون به ڪافي حديثون موجود آهن . ”جڏهن تمان اصحابن جا مسجد مان در بند ڪيا
ويا “ روايت ۾ ذڪر ٿيو آهي ته مسجد جا تمام دروازا بند ڪيا ويا سواءِ حضرت علي
عليه السلام جي دروازي جي. هن مورد لاءِ جناب جابر بن عبدالله کان حديث نقل ٿيل
آهي جيڪا هن مطلب تي دلالت ڪري ٿي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو :”اي
علي! جيڪو منهنجي لاءِ مسجد ۾ حلال آهي اُهو تنهنجي لاءِ به حلال آهي تنهنجي نسبت
مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به
پيغمبر نه ايندو.[12]
جناب حذيفه بن
اسيد غفاري کان روايت نقل ٿيل آهي ته جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم
تمام اصحاب جا مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارا دروازا بند ڪيا ته هڪ خطبو ارشاد ڪندي فرمايائون: ماڻهن جي دلين ۾ ڪا شيءَ آهي جو
مون علي کي مسجد ۾ رهڻ ڏنو ۽ باقي کي خارج ڪيم، مونکي خدا جو قسم!تمام اصحاب جو
مسجد مان خارج ٿيڻ ۽ علي جو مسجد ۾ رهڻ اهو منهنجي طرفان ناهي بلڪه خداوند عالم
انهن کي خارج ڪيو آهي ۽ علي کي رهڻ ڏنو آهي، خداوند عالم حضرت موسيٰ عليه السلام
کي وحي ڪئي ته مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ گهرن جو انتخاب ڪر ۽ پنهنجي گهرن کي قبلو
قرار ڏيو ۽ اُتي نماز پڙهو ...(اُن وقت فرمايائين) علي جي نسبت مون سان ايئن آهي
جيئن هارون جي موسي سان هئي هو منهنجو ڀاءُ آهي. [13]
اهڙا مثال ۽
واقعا تمام گهڻا آهن جن کي هن مقالي ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي ، مقصد صرف اهو هو ته رسول
الله جو حضرت علي عليه السلام سان اها نسبت بيان ڪرڻ ته علي جي نسب مون سان ائين
آهي جيئن هارون جي موسي سان ، جنگ تبوڪ سان مخصوص نه آهي بلڪه هي تمام امور ۽ هر
جاءِ سان تعلق رکي ٿي چاهي پيغمبر اڪرم کيس پنهنجي جاءِ تي مقرر ڪري جنگ تي ويا هجن
يا وري هي اعلان ڪري هن دنيا مان هليا ويا هجن حضرت علي عليه السلام پيغمبر اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا آهن.
2_ جيڪڏهن ڪو
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نگاه وجهي ته حضور پاڪ صلي
الله عليه واله وسلم پنهنجي رسالت جي دوران حضرت اميرالمومنين ؑ جي ولايت ۽ جانشيني
کي بيان ڪيو آهي ۽ ڪافي جاين تي حضرت علي عليه السلام کي حضرت هارونؑ سان تشبيه ڏني اٿس ۽ انهن ٻنهي جي
درميان ڪو به فرق بيان نه ڪيو اٿس جهڙي نموني سان جناب هارون عليه السلام حضرت
موسي جو وارث ۽ جانشين هيو اهڙي نموني سان اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ؑ به
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وارث آهي مٿي ذڪر ڪيل تمام حديثون
ان ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته هي حديث عام آهي يعني هر لحاظ کان حضرت علي عليه
السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا ۽ جانشين آهن .
عام طور تي ان
جاءِ تي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته مٿي تمام حديثن
۾ حضرت علي عليه السلام جي حضرت هارون عليه السلام سان تشبيه ڏني وئي آهي، علي ؑ
ڪٿي ۽ هارونؑ ڪٿي؟؟ ڪيئن منزلت ثابت ٿئي ٿي؟؟
هن سوال جي جواب
۾ اسان ٽن شين کي بيان ڪنداسين
1_ شُبر شُبير و
مُشبر
2_ روز عقد
برداري
3_ اُن ڏينهن
جڏهن مسجد جا در بند ڪيا ويا
1_ جڏهن اسان
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نظر وجهون ٿا ته حضور پاڪ
صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان ”عليؑ“ ۽ ”هارونؑ “ ۾ ڪو به فرق بيان
ناهي ڪيو ويو، جهڙي نموني سان جناب هارون ؑ حضرت موسي ؑ جا جانشين هئا اهڙي نموني
سان حضرت علي ؑ به حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ خليفه آهن.
پاڻ ڪريم صلي
الله عليه وآله وسلم هر جاءِ تي هن هڪجهڙائي کي بيان ڪيو آهي جڏهن حضرت علي عليه
السلام جو پهريون فرزند پيدا ٿيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم مٿس حضرت
هارون جي پٽ(شُبّر) وارو نالو ”حسنؑ “ رکيو (شُبّر جو عربي زبان ۾ ترجمو
حسن آهي) وري جڏهن حضرت علي عليه السلام وٽ ٻئي پٽ جي ولادت ٿي ته پاڻ ڪريم صلي
الله عليه وآله وسلم حضرت هارون ؑ جي ٻئي پٽ(شُبير) وارو نالو ”حسين“ رکيو (شُبير
جو عربي ۾ ترجمو حسين ٿيندو) ۽ جڏهن جناب زهرا سلام الله عليها جي پيٽ ۾ جناب محسن
هئا ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اڳ ۾ ئي اُن جو نالو محسن انتخاب ڪيو
هو. حضرت هارون ؑ جي آخري پٽ جو نالو ”مشبر“ هيو جنهن جي عربي ۾ معني ٿئي
ٿي محسن .
حضرت علي عليه
السلام به فرمايو هو ” مان پنهنجي پٽن جا نالا هارون جي پٽن وارا رکيا آهن انهن
جا نالا شُبّر، شُبير ۽ مُشبر هيا“ [14]
بس پيغمبر اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم انهن ٻنهي کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڪري انهن جي درميان شباهت
به بيان ڪئي آهي.
2_ انهي ڪري
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم علي کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ عليؑ کي ٻين
تي مقدم ڪيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڀاءُ کي حضرت
هارون سان تشبيه ڏني آهي ۽ هي تشبيه عموميت تي دلالت ڪري ٿي.
پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي اصحابن جي درميان هڪ ٻي کي
ڀاءُ قرار ڏنو، پهرئين ڀيري ابوبڪر ۽ عمر ڀاءُ ٿيا، عثمان ۽ عبدالرحمان بن عوف
ڀاءُ ٿيا، ٻئي ڀيري ابوبڪر ۽ خارجه بن زيد ڀاءُ ٿيا، عمر ۽ عتبان بن مالڪ هڪ ٻئي
جا ڀاءُ ٿيا جڏهن ته ٻئي ڀيرا حضرت علي عليه السلام پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم جا ڀاءُ ٿيا. [15]
پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي فرمايو: ”يا علي! اَنۡتَ اَخِي في
الدُّنيا وَالآخِرَةِ“ اي علي ؑ تون هن دينا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهين.[16]
ڪافي جاين تي
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي ؑ ڏانهن اشارو ڪري کيس پنهنجو وصي ۽
جانشين قرار ڏنو ۽ فرمايو: ”هذا اَخي ، وابَنُ عمّي وصِهري وَاَبو وُلدي“
هي شخص منهنجو ڀاءُ آهي منهنجي چاچي جو پٽ آهي ۽ منهنجي پٽن(حسنؑ ۽ حسينؑ) جو پيءَ
آهي.[17]
جڏهن پيغمبر
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت قريب آئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم حضرت علي عليه السلام کي گهرائي ڪري سندس سيني مبارڪ تي سمهي پيا، عليؑ سان
ڪجهه ڪلام ڪري هن دنيا مان رحلت ڪري ويا.[18]
پاڻ ڪريم صلي
الله عليه وآله وسلم فرمايو:جنت جي دروازي تي لکيل آهي”لا اِلہَ اِلاّ اللهُ،
مُحَمَّدُ رَسُولُ اللهِ ، عَلِيُّ اَخُو رَسُولِ اللهِ“.[19]
3_ جڏهن پيغمبر
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي دروازن کي جيڪي مسجد نبوي جي طرف کلي
رهيا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ علي ابن ابي طالب عليه السلام جي دروازي جي، الله
تعالي حضرت علي عليه السلام لاءِ هر حالت ۾ مسجد ۾ رهڻ کي مباح قرار ڏنو جهڙي
نموني سان جناب هارون عليه السلام جي لاءِ مباح هيو. هارونؑ ۽ حضرت عليؑ جي لاءِ
مسجد ۾ رهڻ جائز ۽ ٻين جي لاءِ جائز قرار نه ڏيڻ ۾ شباهت پاتي وڃي ٿي ڇو جو حضرت
هارون ؑ حضرت موسي عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هيا ۽ حضرت علي عليه السلام حضرت
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وزير آهن. جناب ابن عباس چئي ٿو:
رسول
الله صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي گهرن جا اُهي دروازا جيڪي مسجد ڏانهن
کلندا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ حضرت علي عليه السلام جي گهر جي دروازي جي،
عليؑ اُن مان مسجد ۾ داخل به ٿيندا هئا ته
پنهنجي گهر ۾ به ويندا هئا چاهي علي ڪهڙي ئي حالت ۾ ڇو نه هجي علي ؑ جي لاءِ مباح
هيو.[20]
عمر بن خطاب
کان روايت آهي :علي وٽ اهڙيون ٽي شيو آهن
جيڪي ڪنهن ٻئي وٽ ناهن جيڪڏهن انهن منجهان مون وٽ هڪ هجي ها ته اُها ڳاڙهن وارن
واري اُٺن (يعني عربن جي دولت )کان بهتر هئي. پهرين، علي، رسول الله جي ڌيءَ فاطمہ
جو مڙس هئو، ٻئي علي جي رهڻ جي جاءِ رسول الله سان گڏ مسجد ۾ هئي جيڪو پيغمبر لاءِ
اُتي حلال هيو اهو علي لاءِ به حلال هيو ، ٽئين، خيبر واري ڏينهن علي جي هٿ ۾ رسول
الله جو پرچم ڏيڻ.[21]
سعد بن ابي
وقاص، براء بن عازب، ابن عباس، ابن عمر، حذيفه بن اسيد غفاري انهن سڀني نقل ڪيو
آهي ته رسول الله فرمايو:خداوند عالم حضرت موسي عليه السلام کي وحي ڪئي ته منهنجي لاءِ هڪ مسجد تعمير ڪر جنهن ۾ تو کان
۽ هارونؑ کان علاوه ٻيو ڪو به نه رهي، خداوند عالم مون ڏانهن به وحي ڪئي آهي ته هڪ
پاڪ ۽ طاهر مسجد تيار ڪيان جنهن ۾ سواءِ منهنجي ۽ علي ؑ جي ٻيو ڪو به نه رهي.[22]
پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم جي دعا آهي ”يا الله ! منهنجي ڀاءُ موسيؑ نبي توکان
درخواست ڪئي هئي!! منهنجي سيني کي شرح صدر عطا ڪر، منهنجا ڪم آسان ڪر، منهنجي زبان
جا بند ٽوڙ ته جيئن ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهن ۽ منهنجي لاءِ منهنجي خاندان
مان وزير قرار ڏي، منهنجي ڀاءُ هارون جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر ۽ اُن کي
منهنجي ڪم ۾ شريڪ قرار ڏي ۽ تو ان (موسي) ڏي
وحي ڪئي ته جلدي تنهنجي ڀاءُ جي وسيلي تنهنجا هٿ مضبوط ڪندس ۽ تو کي وڏو مقام عطا
ڪندس.
اي منهنجا
پروردگار!! مان تنهنجو بندو ۽ تنهنجو رسول محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) آهيان
مونکي به شرح صدر عطا ڪر ،منهنجي ڪمن کي سولو ڪر ۽ منهنجي خاندان مان عليؑ کي منهنجو وزير قرار ڏي.[23]
براز به اهڙي
طرح نقل ڪيو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام جو
هٿ وٺي ڪري فرمايو: اي علي !!حضرت موسي ؑ خداوند عالم کي عرض ڪيو ته ”هارونؑ “
جي وسيلي مسجد کي پاڪ ڪر ۽ مون به خدا کان چاهيو ته هو مسجد کي تنهنجي وسيلي پاڪ
ڪري “
پوءِ کيس ابوبڪر
ڏانهن موڪليو ته پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ته هن (ابوبڪر) استرجاء (انا لله و
انا اليه راجعون) پڙهي ڪري چيو ”سمعاً و طاعةً“ (ٻڌوسين ۽ اطاعت ڪئي سين)،اُن کان
پوءِ کيس عمر ڏانهن موڪليائين، پوءِ عباس ڏانهن موڪليائين انهن سڀني پنهنجا دروازا
بند ڪيا، اُن وقت رسول الله فرمايو: مون پنهنجي طرفان توهان جا دروازا بند ۽
عليؑ جو دروازو ناهي کوليو، بلڪه خداوند عالم توهان جي دروازن کي بند ڪيو آهي ۽
علي ؑجو دروازو کولڻ جو حڪم ڏنو آهي .[24]
هي شباهت عليؑ ۽
هارونؑ لاءِ ڪافي آهي رسول الله جي حديث(منزلت) جي ذريعي سان اسان هي حڪم آساني
سان سمجهي سگهون ٿا ته هن حديث مان عموميت مراد آهي ڪنهن خاص وقت ۽ خاص جگهه لاءِ
ناهي بلڪه هر وقت ۽ هرجاءِ لاءِ آهي.
[1] : هن حديث جي مڪمل وضاحت لاءِ رجوع ڪريو،
الرياض النضره (محب الدين طبري شافعي) ج2 ص 269، 270 فرائد السمطين(حمويني)ج1 ص
328، حديث 255
هن حديث لاءِ انهن ڪتابن جي طرف رجوع ڪريو: شواهد التنزيل:
ج2 ص 21، لمناقب (ابن مغازلي شافعي) ص 34، ح 52 طبع تهران، ترجمه الامام علي ابن
ابي طالب از تاريخ دمشق (ابن عساڪر) ج1 ص 339، ح 410، 411،
[5] : احمد بن حنبل:ج 3 ص 50، حديث 1490،
(سند صحيح سان) ۽ ص 56،حديث 1505، صحيح (بخاري) ڪتاب المغزي باب غزوه تبوڪ ج5 ص
129، صحيح (مسلم) ڪتاب الفضائل باب”من فضائل علي ابن ابي طالب“ ج2 ص 360،
[6] : ام سليم ملحان بن خالد انصاري جي ڌيءَ
۽ حرام بن ملحان جي ڀيڻ هئي، هن جو ڀاءُ ۽ پيءَ ٻئي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم جي اڳيان شهيد ٿيا هئا، هن، ابن عباس، زيد بن ثابت، ابو سلمه بن عبدالرحمن ۽ ٻين
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان حديث نقل ڪئي آهي، امّ سليم دور جاهليت ۾
مالڪ بن نضير جي گهر واري هئي ۽ اتان انس پيدا ٿيو ، جڏهن اسلام ڦهلجڻ لڳو ته امّ
سليم اسلام قبول ڪيو اُن تي سندس مڙس مالڪ
بن نضير ناراض ٿيو ۽ اُن سلام کي قبول نه ڪيو، پوءِ امّ سليم اسلام خاطر مالڪ کي
ڇڏي ڏنو، مالڪ ناراض ٿي شام ملڪ ڏانهن هليو ويو ۽ اُتي ئي مري ويو . امّ سليم
پنهنجي پٽ انس کي تمام گهڻِي نصيحت ڪندي هئي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم جو هميشه فرمانبردار ۽ مطيع رهجان، امّ سليم جنگ احد دوران جنگ ۾ پڻ موجود رهي.
[7] : ترجمه امام علي ابن ابي طالبؑ،
تاريخ دمشق؛(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 78، ح
125 ۽ 406، المناقب (خوازمي حنفي) ص 86، ينابيع المودت (قندوزي) ص 50، 55،
۽ 129،
[8] : خصائص اميرالمومنين(نسائي شافعي) ص
88، ترجمه علي ابن ابي طالب ؑ از تاريخ
دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 338، حديث 409.
[9] :ڪنز العمال (متقي هندي)ج15 ص 108، ح
307، المناقب (خوازمي حنفي) ص 19،ينابيع المودت (قندوزي حنفي) ص 202، رياض النضره (محب
الدين طبري)ج 2 ص 207،215،
[10] : ڪنز العمال(متقي هندي)ج5 ص 40، ح
918، ص 41 ح 919، ج6 ص 390 ح 5972، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 23،
[11] : منتخب ڪنزل العمال(متقي هندي) حاشيه
مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 31، المناقب (خوازمي حنفي) ص 7، تذڪرة الخواص (سبط بن
جوزي حنفي) ص 20
[12] : مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام
(اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن
عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.
[13] : ينابيع المودة(قندوزي حنفي)باب 17 ص
88، مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام (اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه
الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.
[16] : المستدرڪ (حاڪم) ج3ص 14(ٻن صحيح
سندن سان) ، صحيح (ترمذي) ج5 ص 300 ح 3804، ڪفاية الطالب (گنجي شافعي) ص 194،
الفصول المهمه(ابن صباغ مالڪي) ص 21، الصوائق محرقه(ابن حجر) ص 120
[17] : ڪنزل العمال(متقي هندي)ج6 ص 154، ۽
منتخب ڪنز العمال(متقي هندي) حاشيه مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 32
[19] : حلية الاولياء(ابو نعيم) ج7ص 256،
المناقب (ابن مغازلي شافعي)ص 91 ح 134، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 206.
[21] : المستدرڪ(حاڪم) ج3ص 125، (صحيح سند
سان)، مسند (احمد بن حنبل)ج7 ص 21 ح 4797، (صحيح سند سان) ينابيع المودة(قندوزي
حنفي) ص 210، المناقب (خوازمي حنفي) ص 238،
الصواعق المحرقہ، (ابن حجر)ص 76، تاريخ خلفاء (سيوطي) ص 172، فرائد
السمطين(حمويني)ج1 ص 345، ح 268
[22] : مناقب الامام علي ابن ابي طالب(ابن
مغازلي شافعي) ص 252، ح 301، ۽ 343، ينابيع المودة(قندوزي حنفي) ص 87 طبع اسلامبول
[23]: شواهد التنزيل(حاڪم حسڪاني حنفي) ج1 ص 179، ح 235، تذڪرة الخواص
(سبط بن جوزي حنفي) ص 15، الرياض النضره(محب الدين طبري) ج2 ص 214، مطالب السوول
(ابن طلحه شافعي)
[24] : مجمع الزوائد (هيثمي) ج9 ص
114، ڪنز العمال(متقي هندي) ج 15 ص 155 ح
436 ، والحاوي للفتاوي(سيوطي) ج2 ص 57 ، 58
هڪ جهڙيون تحريرون:
حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: