Ad 468 X 60

Wednesday, March 11, 2015

محسن اسلام حضرت ابوطالب عليه السلام تاريخ جي آئيني ۾

محسن اسلام حضرت ابوطالب عليه السلام تاريخ جي آئيني ۾
تحرير راشد علي چانڊيو

عام الفيل (هاٿين واري واقعي) کان پنجٽيهه(35) سال پهريان مڪه معظم جي سرزمين ۾ محسن اسلام رئيس البطحاء جي ولادت ٿي.
تاريخ لکڻ وارن سندن اصلي نالي جي متعلق اختلاف ڪيو آهي ڪن جو چوڻ آهي ته سندن اسم گرامي پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي مطابق عبدالمناف هو ڪن عمران ۽ ڪن شيبه جي نالي سان بيان ڪيو آهي.
پر سڀ کان وڌيڪ مشهور عمران آهي حضرت عمران عليه السلام جي ڪنيت ابو طالب آهي جيڪا هن جي وڏي پٽ ”طالب“ جي نالي سان منسوب آهي ۽ اِنهي ڪنيت سان پوري انسانيت سندن کي ياد ڪندي آهي.
حضرت ابوطالب عليه السلام جي لقبن مان شيخ البطحا، سيد البطحا ۽ رئيس البطحا سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن.

حضرت ابو طالب عليه السلام جي 43 سال عمر مبارڪ پنهنجي والد بزرگوار جناب عبدالمطلب جهڙي عظيم هستيءَ جي ساءِ هيٺ گذري ۽ پاڻ انهي جي نگراني هيٺ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رهيا.
حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ هڪ بلند پاءِ جا اديب، بهترين انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، عظيم فڪر ۽ سوچ رکندڙ وڏا دانشور ۽ بهترين قائد سمجها ويندا هئا.
حضرت ابوطالب عليه السلام اعتدال پسند ، انصاف پسند ، حلم ۽ بردباري جي زيور سان آراسته هئا.
 عرب جا نالي وارا حڪيم ۽ اديب سندن علم مان فيض حاصل ڪندا هئا ۽ اخلاقِ فاضله جا سبق به پڻ حضرت کان پڙهندا هئا.
احنف بن قيس جيڪو عربن ۾ حلم ۽ بردباري جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هو ان کان پچيو ويو ته هي حلم ۽ بردباري توهان ڪنهن کان سکي؟ ان چيو قيس بن عاصم منقري وٽان ۽ قيس بن عاصم کان پچيو ويو ته توهان حلم ۽ بردباري جو سبق ڪنهن وٽان سکيو؟ اُن چيو حڪيم عرب اڪثم بن صيفي وٽان ۽ اڪثم بن صيفي کان پچيو ويو توهان حڪمت ، رياست، سرداري، سربراهي، حلم ۽ بردباري جا اصول ڪنهن وٽان سکيا؟ ان چيو عربن جي سردار علم ۽ ادب جي مالڪ حضرت ابو طالب عليه السلام وٽان سکيا اٿم.[1]
جناب عبدالمطلب جڏهن هن دنيا فاني کان بارگاه ايزدي جي طرف سفر اختيار ڪيو اُن وقت حضرت ابو طالب عليه السلام جي عمر 43 سال هئي ۽ هي ئي اهو وقت هو جڏهن خانه ڪعبه جي سار سنڀال مڪه جي سڃاڻپ، قريش خاندان جي سرداري ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي تربيت بغير واسطي جي حضرت ابو طالب عليه السلام ڏانهن منتقل ٿي.

علامه دياربڪري لکن ٿا ته جناب هاشم کان بعد حاجين جي کاڌي پيتي جو شرف جناب عبدالمطلب کي حاصل ٿيو ۽ عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ ظهور اسلام تائين هن عظيم خدمت کي حضرت ابوطالب عليه السلام انجام ڏيندا رهيا .[2]

مال ۽ دولت هن دنيا ۾ پنهنجي مقصدن ۽ منصب حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي ليڪن حضرت ابو طالب عليه السلام جي اڳواڻي ۽ سرداري منصب جي حوالي کان بلند هجڻ دولت جي ڪارڻ نه بلڪه انجي فرض شناسي ۽ الڳ ڪردار جو مالڪ هجڻ هن کي عزت ۽ عظمت ۽ سرداري جي منصب تائين پهچايو

ذوقِ سخن:
حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ فقط هڪ مدبر مفڪر ۽ اخلاق جي تعليم ڏيندڙ نه هئا بلڪي هڪ بلند پاءِ جا شاعر ۽ سخن دان به هئا، هڪ ديوان (شاعري) ( ديوانِ شيخ الاباطح) کان علاوه سندن جا ٻيا قيمتي اشعار هڪ عظيم ذخيرو آهن ۽ اهيو ذخيرو تاريخ ۽ سير جي ڪتابن ۾ پکڙيل آهي.
حضرت جي اشعار ۾ نه خود پسندي جو جذبو هو ۽ نه بازاري پن جو شائبو بلڪي رواني، سادگي، نظم ۽ ضبط سان گڏو گڏ  اُن ۾ اخلاقي تعليمات ۽ حق پرستي ۽ حق نوازي جو سبق هوندو هو اِهيو ئي سبب آهي جو اسان جو پهريون امام حضرت علي عليه السلام حضرت ابوطالب عليه السلام جي شعرن کي علمي ۽ اخلاقي سرمايو سمجهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته منهنجي والد بزرگوار جي شعرن کي پڙهو ۽ پنهنجي اولاد کي به پڙهايو ان لاءِ جو حضرت ابو طالب عليه السلام دينِ حق تي هئا ۽ انجي ڪلام ۾ علم ۽ ادب جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي . [3]

يتيمِ عبدالله صلي الله عليه وآله وسلم جي پرورش ۽ تربيت:
اِن تمام خصوصيات ۽ امتيازات کان علاوه نسبي ۽ خانداني بلندي جي حوالي سان ۽ رسولِ خداصلي الله عليه وآله وسلم جي تربيت ۽ اسلام جي قابل قدر خدمتن جي اعتبار سان به حضرت ابو طالب عليه السلام جي عظمت ثابت آهي.

پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه وآله وسلم ننڍ پڻ جي عمر مبارڪ حضرت ابوطالب عليه السلام  جي زيرِ نگراني بسر ڪئي ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي عمر مبارڪ جو گهڻو قدر حصو حضرت ابو طالب عليه السلام جي زير سايه ئي گذريو آهي، پالڻهار جيڪي احسانات اسان جي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم تي ڪيا آهن اُنهن احسانن منجهان خاص ڪري هن احسان (پرورش حضرت ابو طالب عليه السلام) جو تذڪرو ڪندي فرمائن ٿا {اَلَم يَجِدکَ يَتِيماً فَاوي [4]} ڇا اُن (ابو طالب عليه السلام) توکي يتيم سمجهي ڪري پناهه نه ڏني؟

( شيعه سني) مفسرين قرآن جو هن ڳالهه ۾ اتفاق آهي ته هن پناهه مان مراد حضرت ابوطالب عليه السلام جو پاڪ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سان لطف ۽ شفقت ڀريو برتاءُ مراد آهي.
الغرض هي ته حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي والد بزرگوار جي وصيت جي مطابق پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه وآله وسلم کي پنهنجي تربيت جي جهولي ۾ کنيو ۽ اهي تمام فرض نڀايا جيڪي هڪ پرورش ڪرڻ واري جا هوندا آهن ۽ اهڙي  ريت محبت سان تربيت ڪئي جو هر تاريخ لکڻ واري جو قلم لکڻ تي مجبور ۽ لاچار ٿي ويو.
ابن سعد هڪ وڏو تاريخ دان آهي هو لکي ٿو ته حضرت ابو طالب عليه السلام رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا ۽ پنهنجي اولاد کان وڌيڪ هن سان پيار ڪندا هئا پنهنجي ڀر ۾ سمهاريندا هئا ۽ جڏهن به ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  کي به ساڻ وٺي ويندا هئا .[5]

ڪراماتِ محمدي (صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت ابو طالب عليه السلام:
حضرت ابوطالب عليه السلام ڪراماتِ محمدي ۾ جنهن ڪرامتن جو مشاهدو ڪندا هئا اُها هي آهن
(1)   جڏهن رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم دسترخوان تي موجود هوندا هئا ته کاڌو چاهي ڪيترو ئي گهٽ ڇو نه هوندو هيو سڀ جا سڀ پيٽ ڀري ڪري کائيندا هئا پوءِ به بچي پوندو هو ان لاءِ حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي زندگي جو هي معمول بڻائي ڇڏيو هو ته جيسيتائين رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم دسترخوان تي تشريف کڻي نه ايندا هئا اُن وقت تائين ڪوبه کاڌو نه کائيندو هو اگر دسترخوان تي ڪوبه فرد کير جو گلاس کڻندو هو ته هي چئي ڪري ان کي روڪيندا هئا ته منهنجي ڀاٽئي (محمد صلي الله عليه وآله وسلم) کي پهريان پيئڻ ڏيو بعد ۾ اوهان. جڏهن رسولِ خدا صلي الله عليه وآله  پيئندا هئا بعد ۾ ٻيا پيئندا هئا ۽ سڀ جا سڀ سيراب ٿي ويندا هئا هي ڏسي ڪري حضرت ابوطالب عليه السلام رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي فرمائيندا هئا ته توهان جي ذات وڏي بابرڪت آهي.

(2)   حضرت ابوطالب عليه السلام هڪ ڀيري رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ ڪاڏي وڃي رهيا هئا جڏهن عرفه جي مقام کان 3 ميل جي فاصلي تي ذي المجاز جي مقام تي پهتا ته حضرت کي پاڻي جي طلب محسوس ٿي ۽ رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي چيائين ته هتي آس پاس ڪٿي پاڻي ملي سگهي ٿو؟ رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي سواري ناقه (ڏاچي) تان لٿا ۽ هڪ پٿر کي پير هنيو ۽ اُتان پاڻي جو چشمو وهڻ لڳو پاڻ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو چاچا هتان جي پاڻي سان سيراب ٿيو جڏهن حضرت ابوطالب عليه السلام سيراب ٿي ويا ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم وري ان جاءِ تي پنهنجو مبارڪ پير هنيو جنهن سان چشمو خشڪ ٿي ويو، حضرت ابو طالب عليه السلام انهن ڪرامات ۽ آثارِ خيرو برڪت کي ڏسي ڪري رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي ذاتِ مقدس کي پنهنجي دعائن جو وسيلو ڪرار ڏيندا هئا ۽ پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي توسل سان بارگاه ايزدي ۾ پنهنجي حاجت طلب ڪندا هئا.

(3)   بارش نه ٿيڻ جي سبب هڪ مرتبه مڪي ۾ تمام وڏو قحط پئجي ويو ماڻهون خشڪ سالي کان تمام گھڻا پريشان ۽ لاچار ٿي ويا، لات و منات ۽ عزي (ان زماني جا وڏا بت) جي اڳيان پڪار ڪرڻ جي تدبير سوچي وئي ليڪن اُنهن جي هڪ بزرگ چيو ڪٿي ڀٽڪي رهيا آهيو جڏهن ته توهان جي وچ ۾  ابراهيم عليه السلام ۽ اُن جي فرزند اسماعيل عليه السلام جي يادگار موجود آهي .[6]

ماڻهن چيو ڇا هن مان اوهان جي مراد حضرت ابوطالب عليه السلام آهن؟ ان بزرگوار چيو جي هان جيئن ئي ماڻهن هي ٻڌو سڀ جا سڀ گڏ ٿي ويا ۽ حضرت ابو طالب عليه السلام جي گهر جي پاسي ۾ هجوم گڏ ٿي ويو ماڻهن پنهنجي حاجات کي بيان ڪيو حضرت ابوطالب عليه السلام حرمِ سرا (پنهنجي گهر) ويا ۽ رحمت سان ڀريل هٿ بارگاه عاليه ۾ بلند ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر تشريف کڻي آيا پوءِ خانه ڪعبه ڏانهن رخ ڪيائون اتي پهچي ڪري رڪن سان ٽيڪ لڳائي ڪري ويهي رهيا ۽ رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي پنهنجي گود ۾ ويهاريو ۽ پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي اڱر مبارڪ کي آسمان جي طرف بلند ڪري دعا ڪيائين بارش جا ڪي به آثار موجود نه هئا ليڪن ڏسندي ڏسندي تيز هوائون اچڻ لڳيون رحمت جا بادل جهومڻ لڳا ۽ قحط جي شدت سان سڪل مڪي جي زمين سيراب ٿي وئي ۽ سڪل وڻن ٽڻن ۾ برسات جي ڪارڻ بهار اچي وئي ۽ هر طرف خوش حالي ۽ هر زمين سرسبز ٿي وئي، حضرت ابو طالب عليه السلام عقيدت جي جوش ۾ اچي ڪري هڪ قصيدو اُن موقعي تي رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ چيو جيڪو سؤ 100 شعرن کان وڌيڪ تي مشتمل هو انهن شعرن ۾ حضرت ابوطالب عليه السلام فرمايو ڇا شان آهي ان نورِ مجسم جي جنهن جي نور جي برڪت سان ڪرم جا بادل وسڪار ڪن.

جيڪو يتيمن جي اميد آهي ۽ بيوه عورتن جي لاءِ پناه جي جاءِ ۽ هلاڪ ٿيڻ وارا جنهن جي رحمت جي دامن سان چنبڙي ڪري نجات پاءِ ڪري الله سائين جي فضل جا مرڪز ٿي ٿا وڃن.

حضرت ابوطالب عليه السلام جي اولاد:
ابن قتيبه جو چوڻ آهي ته حضرت ابوطالب عليه السلام جا چار فرزند هئا طالب، عقيل ،جعفر ۽ حضرت علي عليه السلام
ديار بڪري جو چوڻ آهي ته ان پٽن کان علاوه حضرت ابوطالب عليه السلام جون ٽي ڌيئر به هيون ربطه، جمانه، فاخته( ام هاني)

حضرت ابوطالب عليه السلام جو ايمان
پيغمبرِاسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي نصرت ۽ حمايت ۾حضرت ابوطالب عليه السلام جي ثابت قدمي،فداڪاري ۽جان نثاري تاريخ اسلامي جي اهڙي حقيقت آهي جنهن کان اڄ تائين ڪنهن به انڪارڪرڻ جي همت نه ڪئي آهي ليڪن افسوس آهي ته ڪن ماڻهن هن مدد ۽ فداڪاري جي اصل روح کي لڪائڻ جي پوري وس آهرڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالھ تي زورڏياريو ويوآهي ته هي مدد مذهبي ۽ اعتقاد جي جذبي جي بنا تي نه هئي بلڪه هي قرابتداري ۽ عزيزائپ جي جذبات جي ڪري هئي ته پوءِ ڇو نه حضرت ابوطالب عليه السلام پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي پاسداري ۽ حمايت ڪن ها؟

هي ڳالھ ان حد تائين ٺيڪ آهي ته پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم حضرت ابوطالب عليه السلام جا قريبي رشتيدار ۽ سڳي ڀاءُ جي يادگارنشاني هئا ۽ هي به ثابت آهي ته عربن ۾ قرابتداري جو خاص لحاظ پڻ رکيو ويندو هيو ليڪن ڪيتري به عزيزائپ ۽ قرابتداري ئي ڇونه هجي ڪوبه شخص پنهنجي دين وايمان ۽ مذهب جي مقابلي ۾ قرابتداري، عزيزائپ يا رشتيداري جو ايترو خيال نه ڪندو آهي ايتري قدر جوپنهنجن عقيدن جي مخالفت ۾ آوازاٿارڻ ۾ مددگار ۽ پنهنجن معبودن (جنهن جي عبادت ٿو ڪري) جي توهين جي سلسلي ۾ هٿ ونڊرائڻ وارو سمجھيو وڃي!

ليڪن حضرت ابوطالب عليه السلام جي ڪردار ۾ نظر ٿو اچي ته بتن کي برو ڀلو چوڻ تي پيغمب صلي الله عليه وآله وسلم جي حوصله افزائي ڪن ٿا ۽ آفرين چون ٿا حضرت ابوطالب عليه السلام جي ان طرزِعمل زندگي کي ڪهڙي ريت به قرابتداري جو نتيجو قرار نه ٿو ڏئي سگھجي.

اگر تسليم ڪيو به وڃي ته پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم سان حضرت ابوطالب عليه السلام جي والهانه عقيدت ۽ محبت قرابتداري جي ڪري هئي ته سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته انسان پنهنجي اولاد سان وڌيڪ محبت رکي ٿو يا پنهنجي ڀائٽي سان؟ ظاهر آهي ته جيتري قدر محبت اولاد سان هوندي آهي ايتري قدر پنهنجي ڀاءُ جي اولاد سان نه هوندي آهي اگر هن مدد ڪرڻ ۾ خانداني قرابتداري جو پهلو هجي ها ته حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي اولاد جي جانن کي خطري ۾ وجھي ڪري انهن کي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي بستر تي سمهڻ جو حڪم نه ڏين ها!

اگرتاريخ جي ورقن کي پلٽايو وڃي ته ڪٿي به هي مثال نه ٿي ملي سگھي ته ڪنهن به شخص هڪ اهڙي انسان جي خاطر جنهن جي نظريات کي باطل ۽ جنهن جي دعون کي غلط سمجھندو هجي فقط قرابتداري جي خاطر پنهنجي اولاد کي ان مٿان قربان ڪيو هجي!

ان مان صاف ظاهر آهي ته قرابتداري جو پهلو نه بلڪه هڪ مذهبي،ديني،ايماني ۽ روحاني رابطو هيو جيڪو حضرت ابوطالب عليه السلام کي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي نصرت ۽ حمايت ڪرڻ تي اڀاري رهيو هو. [7]
ابولهب ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي درميان ۾ به ته رشتو هيو هوبه پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو چاچو هو پوءِ ڇوان خانداني قرابتداري جي خاطر نصرت ۽ حمايت نه ڪئي؟حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ آزر ۾ به ته رشتو هو هو به حضرت ابراهيم ابوطالب عليه السلام جو چاچو هو پوءِ ڇو ان حضرت ابراهيم عليه السلام جي نصرت نه ڪئي؟بلڪه ايذاء ۽ تڪليفون رسائيندو رهيو هنن رشتن کان به وڌيڪ قريبي رشتو حضرت نوح عليه السلام ۽ ان جي فرزند جي درميان هو پوءِ ڪنهن انهن جي درميان ۾ نفرت جي ٻج کي پوکيو؟

منهنجي خيال موجب حضرت ابوطالب عليه السلام جي نصرت ۽ حمايت کي قرابتداري جو رخ ڏيڻ ان جي تمام خدمتن، محنتن ۽ ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ جي برابر آهي.
سندن هن طرزِعمل زندگي کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان بعد هر دشمني کان خالي ذهن انسان آساني سان فيصلو ڪري سگھي ٿو ته حضرت ابوطالب عليه السلام پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي صداقت ۽ رسالت تي دل سان ايمان آڻڻ وارا ۽ مڪي جي ڪافرن ۽ مشرڪن جي عقيدن ۽ عملن کان بيزار هئا.

هن سج وانگر روشن بيان مان ثابت ٿئي ٿوته حضرت ابوطالب عليه السلام جي مومن هجڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ليڪن پوءِ به اسان ڪجھ دليلون پيش ڪري رهيا آهيون ته جيئن حقيقت اڃان به واضح ٿي وڃي
 پهرين دليل {پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي عقد نڪاح ۾ حضرت ابوطالب عليه السلام جو خطبو}
{رَبَّنَا وَاجۡعَلۡنَا مُسۡلِمَيۡنِ لَکَ وَمِنۡ ذُرِّيَّتِنَا اُمَّةً مُسۡلِمَةً لَکَ وَ اٰرِنَا مَنَاسِکَنَا وَتُبۡ عَلَيۡنَا اِنَّکَ اَنۡتَ التَّوَّابُ الرَّحِيۡمُ}[8] اي اسان جا پالڻهار تون اسان کي پنهنجو فرمانبردار بندو بڻاءِ ۽ اسان جي اولاد منجھان هڪ گروه پيدا ڪر جيڪو تنهنجوفرمانبردار هجي ۽ اسان کي اسان جي حج جي جاءِ ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر بيشڪ تون ئي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو ۽ مهربان آهين.

هن آيت ڪريمه ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا نقل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪريم رب جي بارگاه ۾ (دعا جا هٿ بلند ڪري) سندن فرمانبردارهجڻ ۽ هڪ گروه جيڪو خدا تعالي جو فرمانبردارهجي جي پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن.
حضرت ابوطالب عليه السلام پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي نڪاح جو خطبو پڙهيو جنهن ۾ فرمائن ٿا ”تمام تعريف ان الله تعالي جي لاءِ آهي جنهن اسان کي ابراهيم عليه السلام جي ذريت،اسماعيل عليه السلام جي نسل معد جي اولاد ۽ مضر جي صلب منجھان پيدا ڪيو، پنهنجي گھر جو نگھبان ۽ حرم جوپاسبان بڻايو ۽ هن کي اسان جي لاءِ حج جومقام ۽ امن جي جاءِ قرارڏنائين ۽ پڻ اسان کي ماڻهن جي مٿان حاڪم بڻايائين.
هي منهنجا ڀائٽيا محمد صلي الله عليه وآله وسلم بن عبدالله آهن جنهن سان به ان جومقابلو ڪرايو وڃي ته شرف،عقل ۽ فضيلت ۾ان جو مرتبو بلند رهندو.حالانڪه مال ۽ دولت هن وٽ گھٽ آهي ليڪن دولت ته هڪ گذرندڙ ڇاءُ ۽ واپس وڃڻ واري شيءَ آهي.

خداتعالي جو قسم ان (محمد صلي الله عليه وآله وسلم) جو مستقبل عظمت سان ڀريل آهي ۽ هن منجھان هڪ عظيم خبر(دين اسلام)جو ظهورٿيندو. [9]
حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي خطبي جوآغاز الله تعالي جي حمد وثنا سان ڪيو جنهن سان سندن موحد هجڻ ثابت ٿئي ٿو.
حمد وثنا کان بعد ذريت ابراهيم عليه السلام ۽ نسل اسماعيل عليه السلام سان پنهنجي وابستگيءَ جو اظهارڪيائين قرآن مجيد جي حڪم جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام جي ذريت کي خداتعالي جو فرمانبردار هجڻ گھرجي بس معلوم ٿيو ته پاڻ پڪا مومن هئا ڇوجوهي ممڪن ئي نه آهي جو ڪافر الله تعالي جو فرمانبردارهجي.

ٻئين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جو اسلامي نظريو}
جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي عمر مبارڪ چاليھ سال ٿي ته خلقڻهار جنهن مقصد جي لاءِ سندن کي خلق ڪيو هو ان جي پوري ڪرڻ لاءِ حڪم فرمايو بعثت جي شروعاتي سالن ۾ تبليغ جودائرو محدود رهيو ۽ اسلام جي دعوت گھڻي قدرپوشيده رهي ڪجھ ماڻهن کان علاوه ٻين سان اسلام جي ظاهر ڪرڻ ۾ احتياط ڪئي ويندي هئي ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي ساڻ ڪري جبلن جي غارن ۾ وڃي نماز پڙهندا هئا هڪ ڏينهن حضرت ابوطالب عليه السلام ٻنهي ڀائرن کي نمازپڙهندي ڏسي ورتو پاڻ حضرت علي عليه السلام کي گھرايائين ۽ سوال ڪيائين هي ڪهڙو دين آهي جيڪو توهان اختيار ڪيو آهي حضرت علي عليه السلام فرمايو مان الله  ۽ ان جي رسول محمد صلي الله عليه وآله وسلم بن عبدالله جي دين تي آهيان هي ٻڌي ڪري حضرت ابوطالب عليه السلام فرمايو توهان ان سان گڏ رهجو هي توهان کي نيڪي ۽ هدايت جو رستوٻڌائيندو. [10]

 هن مان معلوم ٿئي ٿوته حضرت ابوطالب عليه السلام مومن هئا اگر ڪفرپسند ۽ اسلام جا دشمن هجن ها ته پاڻ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کي ضرور روڪن ها ۽ چون ها ته توهان منهنجي اجازت جي بغير منهنجي اولاد کي نئي مذهب جي طرف ڇو راغب ڪيو.

ٽئين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جا اشعار}
سندن اهي ڳڻپ کان به وڌيڪ شعر جيڪي مختلف جاين تي ارشاد فرمايا آٿن تن مان ايمان جو پهلو،صداقت جو اعتراف،اسلام ۽ اسلام جي باني جي نه ختم ٿيڻ واري محبت صاف نظر اچي رهي آهي ڪجھ شعر پيشِ خدمت آهن
(1)  هڪ شعر ۾ پاڻ فرمائن ٿا ”توهان (محمد صلي الله عليه وآله وسلم) ئي الله  جا رسول آهيو جنهن جو اسان کي علم آهي ۽ توهان تي ئي رب العزت جي طرفان قرآن مجيد نازل ٿيو آهي .[11]
(2)  هڪ شعر ۾ فرمائن ٿا ”مون کي يقين آهي ته محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جو دين دنيا جي تمام دينن کان بهتر آهي .[12]
(3)  هڪ شعر ۾ فرمائن ٿا ”پروردگارِعالَم پنهنجي مدد سان ان جي نگھباني ڪري ۽ ان دين کي جيڪو پوري جو پورو حق آهي (پوري دنيا تي) غلبو ڏئي [13]

رسالت جي ثابت ڪرڻ ۾ سندن شعر ايترا ته گھڻا آهن جومشهور عالم دين ابن شهرآشوب مازندراني پنهنجي ڪتاب متشابهات القرآن ۾ سوره حج جي هن آيت {وَلَيَنصُرَنَّهُ اللهُ مَن يَّنصُرُهُ}  
جي تشريح ۾ لکن ٿا حضرت ابوطالب عليه السلام جا اهي شعر جيڪي ان جي ايمان ۽ رسول جي رسالت کي ثابت ڪن ٿا ٽن هزارن کان به وڌيڪ آهن .[14]
جڏهن سندن شعرن مان ان جو ايمان واضح آهي ته پوءِ ڇا سبب آهي جو سندن ثابت ٿيل ايمان کان انڪار ڪيو ٿو وڃي؟

چوٿين دليل {جناب فاطمه بنتِ اسد جوحضرت ابوطالب عليه السلام جي نڪاح ۾ باقي رهڻ}
امام زين العابدين عليه السلام کان حضرت ابوطالب عليه السلام جي ايمان جي متعلق سوال ڪيوويو ته امام عليه السلام فرمايو تعجب آهي ته خداتعالي پنهنجي رسول صلي الله عليه وآله وسلم کي حڪم ڏنوته ڪنهن به مسلمان عورت کي ڪافر جي نڪاح ۾ رهڻ نه ڏئي ۽ فاطمه بنتِ اسد جيڪا اسلام ۾ سبقت ڪرڻ واري خواتين منجھان آهي اها (مرندي گھڙي تائين) حضرت ابوطالب عليه السلام جي زوجيت ۾ رهي.[15]
امام عليه السلام سوال ڪرڻ وارن تي تعجب ٿا ڪن ته جناب فاطمه بنتِ اسد بعثت جي شروع ۾ ئي اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ مسلمان هجڻ کان بعد به موت جي فرشتي اچڻ تائين حضرت ابوطالب عليه السلام جي نڪاح ۾ رهي اگر هنن ٻنهي ۾ مذهبي اختلاف هجي ها ته بانيِ اسلام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم قرآن مجيد جي حڪم موجب انهن جي رشتي زوجيت کي ختم ڪرائن ها.[16]
هن مان صاف ظاهر آهي ته حضرت ابوطالب عليه السلام مومن هئا.

پنجين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جي وصيت}
سندن جڏهن هن دنيا فاني کان لاڏاڻو ڪرڻ جو وقت قريب آيو ته سڀني رشتيدارن کي گھرايائين ۽ فرمايائين مان توهان کي ”محمد صلي الله عليه وآله وسلم “سان ڀلائي ڪرڻ جي وصيت ٿوڪريان هيءَ قريش ۾ امين ۽ عرب ۾ صادق آهن ۽ هن ۾ اهي تمام خوبيون موجود آهن جن جي مان توهان کي وصيت ڪئي آهي  اهي(حضور صلي الله عليه وآله وسلم) اهڙي شي کڻي آيا آهن جنهن جو دل اعتراف ڪري رهي آهي ۽ زبانون دشمني جي خوف جي ڪارڻ چپ آهن.

خداتعالي جوقسم ڄڻ ته هي منظر مان پنهنجن اکين سان ڏسي رهيوآهيان ته عرب جا فقير ۽ چئن ئي طرفن کان اوسي پاسي جا رهاڪو ماڻهون ان(محمد صلي الله عليه وآله وسلم) جي سڏ تي لبيڪ چئي رهيا آهن ته سندن (محمد صلي الله عليه وآله وسلم)انهن کي ساڻ کڻي سختين جي پرواه نه ڪندي انهن سان گڏ (پروردگار جي بارگاه ۾) حاضرٿي رهيا آهن ۽ عرب جا وڏا ۽ سردار ذليل ٿي رهيا آهن انهن (عربن) جا گھر ڊهي رهيا آهن ۽ ڪمزور ۽ ناتوان ماڻهون اقتدار جي ڪرسيءَ تي اچي ويا آهن.

اي قريش جا سردارو! توهان به محمد صلي الله عليه وآله وسلم جا دوست ۽ ان جي جماعت جا مددگار ۽ ساٿي بڻجي وڃو پالڻهار جوقسم جيڪو به هن جي ڏسيل واٽ تي هلندو خوش بخت هوندو اگر مون کي اڃان زندگي ملي ها ۽ منهنجي موت ۾ دير هجي ها ته مان انجي مدد ڪرڻ کان هرگزپوئتي نه هٽان ها ان جي دشمنن جي حملن کي ڪمزور ڪيان ها ۽ مصيبتن ۽ سختين کان ان کي بچايان ها .[17]

هن عمومي وصيت ڪرڻ کان پوءِ عبدالمطلب جي اولاد کي خطاب ڪندي فرمايائون جيسيتائين محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ڳالهين تي عمل ۽ ان جي احڪام جي پيروي ڪندا رهندؤ ته خوش بختي توهان کي نصيب ٿيندي رهندي ان جي پيروي ڪريو ان سان هٿ ونڊرايو ۽ هدايت وارا ٿي وڃو [18]زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي صداقت جي گواهي ڏيڻ ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي پيروي کي نعمت سمجھڻ رسالت ۽ نبوت جي تصديق نه آهي ته باقي ڇا آهي؟ڇا هي وصيت ان جي مومن هجڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟

محسنِ اسلام پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جو سڀ کان وڌيڪ مددگار ۽ حفاظت ڪندڙ هئا  حضرت ابوطالب عليه السلام  86 سالن جي ڄمار  ۾ داعي اجل کي لبيڪ ڪيو حضرت علي عليه السلام حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪم موجب پنهنجي والد بزرگوار کي غسل ۽ ڪفن ڏنو جڏهن غسل ۽ ڪفن مڪمل ٿي ويا حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تشريف کڻي آيا ۽ پنهنجي محسن چاچا کي ڪفن ۾ ڏسي ڪري زاروقطار روئيندا رهيا ۽ فرمايائون ته اي چاچا جان توهان ننڍپڻ ۾ مون کي نپايو ۽ يتيمي جي حالت ۾ منهنجي سرپرستي ڪئي ۽ وڏي ٿين تي توهان منهنجي مدد ۽ حمايت ڪئي خداوندِعالم منهنجي طرفان توهان کي جزاءِ خيرعطا فرماءِ



[1] : هدية الاحباب ص 252)
[2] تاريخ خميس ج 1 ص 157)
[3] بحارالانوار ج9 ص 24)
[4] : سوره ضحي آيت 6)
[5] : طبقات ابن سعد ج 1 ص 119
[6] تاريخِ اسلام ذهبلي ص 36
[7] : تاريخ اسلام علامه فروغ ڪاظمي ص243
[8] : سوره بقره آيت128
[9] : سيرت حلبيه ج1 ص139
[10] : طبري ج2 ص58
[11] : مناقب شهرآشوب ج1 ص39
[12] : تاريخ ابن ڪثير ج3 ص42
[13] : سيرت ابن هشام ج1 ص292
[14] : تاريخ اسلام علامه فروغ ڪاظمي ص246
[15] : شرح ابن ابي الحديد ج3 ص312
[16] : شرح ابن ابي الحديد ج3 ص312
[17] : ثمرہ الاوراق ج 2 ص13
[18] : طبقات ابن سعد ج1 ص123

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo