Ad 468 X 60

Wednesday, March 11, 2015

امامت ۽ اسان جو عقيدو



امامت ۽ اسان جو عقيدو
تحرير: راشد علي چانڊيو

امامت اصول دين منجهان آهي يا فروعِ دين منجهان؟
اسان جو عقيدو آهي ته امامت اصول دين منجهان هڪ اصول آهي ۽ اِن کي تسليم نه ڪرڻ سان ڪنهن به مسلمان جو ايمان مڪمل ناهي ٿيندو ۽ هن مسئلي (امامت)  ۾ پنهنجي پيءَ، ڏاڏي، رشتيدارن جي تقليد جائز ناهي، چاهي اهو ڪيترو ئي بلند مرتبي وارو ڇو نه هجي،
بلڪه توحيد ۽ نبوت جي مسئلي وانگر هن کي به تحقيق ۽ دليل جي مدد سان سمجهڻ گهرجي ، فرض ڪيون ته امامت اصولِ دين منجهان نه آهي ته هتي هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿيندو ۽ اهو هيءُ آهي ته هر مکلف جي لاءِ فرائض کان آشنا هجڻ جو يقين ضروري آهي ۽ اهيو يقين امامت جي عقيدي جي نفي يا اثبات سان وابسته آهي، لهذا عقل امامت تي اعتقاد رکڻ کي ضروري سمجهي ٿو، بس اهڙي صورت ۾ امامت جي مسئلي ۾ تقليد جائز نه آهي.




اسان هيءُ فرض ڪندا آهيون ته امام سڀ شرع مقدس اسلام جي طرف کان فرائض ۽ احڪامن جا پابند آهن مگر اسان کي اهي احڪام يقينِ ڪامل ۽ اطمنان سان معلوم نه آهن ته اهڙي صورت ۾ اسان ڪنهن نه ڪنهن جي پيروي ڪنداسين ته جيئين اسان جي ذميداري پوري ٿي وڃي ۽  اسان آزاد ٿي وڃون، اسان مذهبِ تشيع جي عقيدي جي بنا تي اهڙو شخص جنهن جي پيروي ڪئي وڃي ان کي امام چيو ويندو آهي

اهڙي طرح اسان جي عقيدي ۾ نبوت وانگر امامت به لطفِ الهي جو مظهر آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته هر زماني ۾ هڪ امام، رهنما هجي جيڪو پيغمبرِ اسلام حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي جڳهه تي انسان کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جو رستو ڏيکاري، هي امام به انهي عام ولايت (دنياوي حڪومت) جو مالڪ هوندو آهي جيڪا ولايت رسولِ خدا تمام انسانن تي رکن پيا ته جيئن امام پنهنجي انتظامي طريقي سان قوم جي نجات جي لاءِ صحيح رستو هموار ڪري ۽ قوم جي لاءِ بهترين حڪمت عملي هلائي، انسانن ۾ انصاف قائم ڪري ۽ ظلم و ستم جو خاتمو ڪري .

انهي سبب جي ڪري امامت نبوت جو حصو آهي جيڪا دليل پيغمبرن جي موڪلڻ ۽ انهن جي مقرر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي اُها ئي پيغمبر کان پوءِ امام مقرر ڪرڻ لاءِ ضروري ٿي وڃي ٿي ، ان لاءِ اسان جو عقيدو آهي ته امامت جو عهدو خدا جي طرف کان آهي جنهن جو اعلان پيغمبرِ خداؐ ڪندو آهي يا اهو امام ٻي امام جي لاءِ ڪندو آهي ، هي عهدو ماڻهن جي انتخاب يا راءِ سان منتخب ناهي ٿيندو، عام انسانن کي حق حاصل ئي نه آهي ته هو جنهن کي چاهين پنهنجو امام مقرر ڪن يا وري الله جي منتخب ڪيل امام کي رد ڪن (يعني الله جي منتخب ڪيل امام کي انسان رد ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي)

الله پنهنجي مخلوق جي هدايت هر زماني ۾ ڪئي آهي ڪڏهن نبي جي صورت ۾ ته ڪڏهن امام جي صورت ۾ ڪو اهڙو دؤر ئي ناهي گذريو جو الله پنهنجي زمين کي نبي يا امام کان بغير رکيو هجي، رسولِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي مشهور ۽ معتبر حديث آهي ته “ مَن مَاتَ وَلَمۡ يَعۡرِفۡ اِمَامَ زَمَانِہٖ مَاتَ مِيۡتَةَ الۡجَاهِلِيّةِ” جيڪو شخص پنهنجي زماني جي امام کي سڃاڻڻ کان بغير مري وڃي اهو جهالت جي موت مري ويو.

ان لاءِ ڪو اهڙوزمانو ئي نه آهي جنهن ۾انسان جي مٿان امام جي اطاعت واجب نه هجي يعني هر زماني ۾ خدا جي طرف کان مقرر ڪيل امام ضرور موجود هوندو آهي ۽ ان امام جي اطاعت ماڻهن جي مٿان واجب هوندي آهي، چاهي اهي ماڻهون امام کي پنهنجو امام تسليم ڪن يا نه ڪن، چاهي امام انهن جي اکين جي سامهون موجود هجي يا اکين کان اوجهل ( لڪيل) هجي، چاهي ان جي پيروي ڪن يا نه ڪن، انهن جي مٿان اطاعتِ امام واجب هوندي آهي،  ڇو جو جهڙي طرح پيغمبرِ اسلامؐ جو غارِ ثور ۽ شعبِ ابي طالبؑ ۾ ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي وڃڻ، اهڙي طرح امام جي غائب هجڻ ۾ ڪو به عذر يا اشڪال نه ٿو ٿي سگهي ۽ عقل جي لحاظ سان امام جي غائب هجڻ جي مدت گهٽ ۽ وڌ ۾ فرق نه آهي.

امامن جو معصوم هجڻ :
اسان جو هيءُ عقيدو آهي ته امام به پيغمبرن وانگر تمام ظاهري ۽ باطني، دانسته(ڄاڻي واڻي) يان نا دانسته ننڊ پڻ کان وٺي شهادت تائين گناهن ۽ نجاستن کان پاڪ ۽ پاڪيزه هوندا آهن، اهڙي طرح غفلت کان به محفوظ هوندا آهن، ڇو جو امام به پيغمبر وانگر دين جي حفاظت ڪرڻ وارو ۽ ان دين کي طاقت ڏيڻ وارو، ۽ خطرات کان بچائڻ وارو هوندو آهي، ان لاءِ امام جي معصوم هجڻ جي متعلق به اسان جي دليل اُها ئي آهي جيڪا پيغمبرن جي معصوم هجڻ جي  لاءِ آهي، خداوند عالم جي قدرت کان هي ڳالهه بعيد(دور) نه آهي جو تمام خصوصيات جيڪي دنيا وارا رکن ٿا اهي هڪ ئي ماڻهون ۾ جمع ڪري اُن شخص کي تمام خوبين جو مجموعو قرار ڏيئي.

امام جو علم ۽ صفات:
اسان جو عقيدو آهي ته امام به پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم وانگر اخلاقي ڪمالات ۽ صفات مثلا بهادري، بخشش، حفاظتِ نفس، سچ ڳالهائڻ، انصاف ڪرڻ تدبير جي خوبي، عقلمندي، علم ۽ تواضع ۾ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ هوندو آهي، ان لاءِ اسان جي اُها ئي دليل آهي ته پيغمبرن ۾ تمام خوبيون لازمي طور تي هڪ جاءِ تي جمع ٿيل هونديون آهن، ليڪن امام جي علم ۽ بصيرت سان اُهي نڪات، سچائيون ۽ تمام خدائي معلومات مراد آهي جنهن کي امام پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کان حاصل ڪندو آهي يا ٻي امام کان حاصل ڪندو آهي جنهن امام پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم کان حاصل ڪيو هجي، امام هر مسئلي کي الهام، قوتِ قدسيه ۽ باطني طاقت جي مدد سان “جيڪا خدا امام کي عطا ڪئي آهي” حل ڪندو آهي، ۽ جڏهن به امام چاهيندو آهي ته ڪنهن معاملي جي طرف متوجهه ٿيان ۽ ان معاملي کي سمجهان ته اهو معاملو فورا امام کي سمجهه ۾ اچي ويندو آهي، ۽ امام جي سمجهڻ ۽ ڃاڻڻ ۾ ڪابه غلطي يا خامي ناهي ٿيندي، جڏهن ته امام جي علم ۾ وڌڻ جي صلاحيت به هوندي آهي، ان لاءِ پيغمبرِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي دعا ۾ خدا کان التجا ڪندا هئا ”ربِ زِدنِي عِلما“  اي خدا منهنجي علم ۾ اضافوفرماءِ.[1]

امامن جي سوانح حيات جي مطالعي مان هيءَ ڳالهه واضح ٿي آهي ته جهڙي طرح پيغمبرِ خدا اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي جا واقعات کان ٻين جي مقابلي ۾ ان جي روحاني ۽ علمي ڪمالات معلوم ٿئي ٿي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته آئمه عليهم السلام نه ڪنهن شخص کان تربيت ورتي نه ڪنهن استاد ۽ معلم کان سبق ورتائون ۽ نه ئي ننڊپڻ کان وٺي آخر تائين ڪنهن وٽ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ويا، تاريخ مان هيءَ ڳالهه ڪڏهن به نٿي ملي جو امام ڪنهن اسڪول مدرسي يا ڪنهن استاد کان سبق حاصل ڪيو هجي ، ان جي باوجود اسان تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته امام علم ۽ ڪمال جي ان درجي تي فائز آهن جتي ڪو به انهن سان مقابلو ڪرڻ وارو نه آهي، انهن کان ڪڏهن ڪو اهڙو سوال نه ڪيو ويو آهي جنهن جو انهن جواب نه ڏنو هجي ۽ نه وري امامن جي زبان مبارڪ مان اهڙا جملا جاري ٿيا هجن ته اسان نٿا ڃاڻيون، ۽ نه ڪڏهن ڪنهن سوال ڪرڻ وارن کي اهيو چيو هجي ته سوچي يا ڪتاب مان پڙهي ڪري توهان کي ٻڌايان ٿو

امامن عليهم السلام جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ :
اسان جو عقيدو آهي ته امام اولي الامر جي طبقي منجهان آهن جن جي اطاعت جو حڪم خدا تعاليﷻ قرآن ۾ واجب قرار ڏنو آهي، ياايها الذين امنوا اطيعو الله و اطيعوا الرسول و اولي الامر منڪم.[2]
هي اُهي افراد آهن جيڪي ماڻهن جي عملن جا گواه آهن ۽ هي اُهي افراد آهن جيڪي خدا جي طرف کلڻ واري دروازي ۽ خداﷻ جي طرف وڃڻ واري رستي جي نشاندهي ڪن ٿا، هي اُهي ماڻهون آهن جيڪي خداﷻ جي علم جا مرڪز ۽ ان جي وحي بيان ڪرڻ وارا، توحيد جا مينار، ۽ خدا جي معرفت جا خزانا آهن، پيغمبرِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي فرمان مطابق هي ماڻهون دنيا وارن لاءِ اُها ئي حيثيت رکن ٿا جيڪا حيثيت آسمان وارن جي لاءِ ستارن جي آهي، ۽ هي شيطان کان بچاءُ ۽ آمان جو ذريعو آهن، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ٻي قول جي مطابق، 
ان مثلهم في هذه الامة کسفينة نوح من رکبها نجي و من تخلف عنها غرق و هوي
انهن جي مثال امت ۾ حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي وانگر آهي، جيڪو به اُن ۾ سوار ٿيو اُن نجات پاتي جنهن اُن کان منهن موڙيو اُهو گمراه ۽ ٻڏي ويو، اهڙيءَ طرح جنهن شخص امام عليه السلام جي پيروي ڪئي ان نيڪي حاصل ڪئي جنهن انهن جي پيروي نه ڪئي اُهو تباه ۽ برباديءَ جي کڏي ۾ ڪريو، الله تبارڪ وتعالي  جي طرفان انهن جي عظمت جي متعلق هيءَ آيت نازل ٿي آهي 
 عباد مکرمون لايسبقونہ بالقول و هم بامره يعملون
هي خداﷻ جا چونڊيل بندا آهن جيڪي خداﷻ جي ڳالهه کان پهريان ڳالهه نه ڪندا آهن، ۽ هي خداﷻ جي احڪامن کي انجام ڏيڻ وارا آهن.[3]

انهن .ئي هستين جي باري ۾ آيت تطهير به نازل ٿي آهي، ۽ خدا جو حڪم آهي ته “ اي رسول جا اهلبيت! خداوند عالم يقيني طور تي ارادو ڪيو آهي ته اوهان کي نجاست کان دور ۽ بلڪل پاڪ ۽ پاڪيزه رکي جهڙي طرح پاڪ و پاڪيزه رکڻ جو حق آهي[4].

اسان جو عقيدو آهي ته امامن جو حڪم در حقيقت خداﷻ جو حڪم آهي، انهن جي طرفان منع به در حقيقت خدا جي منع آهي، انهن جي فرمانبرداري خدا جي فرمانبرداري آهي، ۽ انهن جي حڪمن جي نافرماني به خدا جي حڪم جي نافرماني آهي، انهن جي محبت خداﷻ جي محبت ۽ انهن سان دشمني خداﷻ سان دشمني آهي، انهن جو چوڻ نه وٺڻ پيغمبرِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪم کي نه مڃڻ آهي، ان جي لاءِ انهن جي سامهون تعظيما سر جهڪائڻ ۽ انهن جو حڪم مڃڻ اسان سڀني جي لاءِ ضروري آهي.

 اسان جو اهيو ايمان آهي ته شريعت جا احڪام ۽ قوانين انهن هستين جي معرفت سان قوت حاصل ڪن ٿا ۽ احڪام صرف انهن کان ئي حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کان هٽي ڪري ڪنهن ٻي جي طرف رجوع ڪري اسان پنهنجي فرائض کي ڪڏهن به پورو ڪري نه سگهنداسين ۽ نه ئي شريعت جي طرفان اهو بار پنهنجن ڪلهن تان لاهي سگهندا سين ڇو جو انسان کي پنهنجي ذات ۽ خداﷻ جي وچ ۾ صرف انهن ئي شرعي فرائض ۽ احڪامن مان مطمئن ٿي سگهي ٿو، جيڪي احڪام آئمه معصومين عليهم السلام جي طرفان مليل آهن ڇو جو انهن جي مثال نوح جي ٻيڙي جي برابر آهي، جيڪو به ان ۾ سوار ٿيو ان نجات پاتي جنهن انهن کان منهن موڙيو اهو هلاڪ ٿي ويو.

هن زماني ۾ اِها بحث ته امام پيغمبر جا حقيقي جانشين آهن ۽ خدائي حڪومت جي معاملات جي واڳ انهن جي هٿ ۾ آهي، اڄ جي دؤر ۾ صرف ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته شريعت جي احڪامن ۽ قوانينن کي وٺڻ جي لاءِ پيغمبرِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ آئمه معصومين عليهم السلام جي طرف رجوع ڪرڻ ئي مناسب آهي، انهن کي ڇڏي ڪري انهن ماڻهن جي طرف رجوع ڪرڻ جن آئمه معصومين عليهم السلام جي معرفت جي درياءَ مان پنهنجي پياس نه لاٿي آهي، انهن جي طرف رجوع ڪري صحيح رستي جي معرفت حاصل نٿي ڪري سگهجي، بلڪه انهن جي طرف رجوع ڪرڻ دراصل صراط مستقيم کان پري ٿيڻ جي برابر آهي، ۽ انسان انهن ماڻهن جي پيروي ڪري پنهنجي دل کي مطمئن نٿو ڪري سگهي.

اهلبيت عليهم السلام جي محبت:
خداوند تبارڪ وتعالي فرمائن ٿا: قل لا اسئلکم عليه اجرا الا المودة في القربي.[5]
اي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم! انهن کي چئو ته مان توهان کان لڳاتار هدايت جي بدلي ۾ صرف اِهيو چاهيان ٿو ته توهان منهنجي قريب ترين عزيزن سان محبت ڪيو.


اسان جي عقيدي جي مطابق اهلبيتِ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي پيروي واجب هجڻ سان گڏو گڏ هر مسلمان تي اهيو به واجب آهي ته هو اِن گهراڻي سان محبت ڪري ڇو جو خداوند تبارڪ وتعالي ذڪر ٿيل آيت ۾ اهيو ٻڌايو آهي ته ماڻهن کان پيغمبرِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي مطالبي جو موضوع صرف اهلبيتِ نبوت رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت آهي، رسول اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي روايات جي روشني ۾ اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهليبت جي محبت ايمان جي نشاني ۽ انهن سان دشمني نفاق جي علامت آهي، رسولِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم اهيو به ٻڌايو آهي ته جيڪو به شخص اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪندو ان سان خدا ۽ ان جو رسول رسول صلي الله عليه وآله وسلم به محبت ڪندو ۽ جيڪو شخص اهلبيت رسول سان دشمني رکندو ته خدا ۽ ان جو رسول به انهن سان دشمني رکندا.


امامن جي بابت اسان جو نظريو:
اسان جو عقيدو غالين (هي اُهي ماڻهون آهن جن آئمه اطهار جي متعلق جوش ۽ مبالغي کان ڪم ورتو آهي مثال جي طور حضرت علي عليه السلام کي خدا جي درجي جو عقيدو رکندا آهن ۽ انهن جا ڪجهه فرقا آهن اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اهڙي قسم جا ماڻهون شيعا ته ڇا پر مسلمان به نٿا چورائي سگهن اهڙي قسم جا ماڻهون مرتد، دشمنِ اسلام ۽ اهلبيت عليهم السلام جي لا۽ باعث ننگ ۽ عار آهن، ) ۽ حلولين ( هي اُهي ماڻهون آهن جن جو عقيدو آهي ته خدا بعض ماڻهن جي جسم ۾ سمائجي وڃي ٿو ۽ انهن جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو هندو ان کي اوتار چوندا آهن) جي بي بنياد عقيدي جي برعڪس آهي، اسان جو عقيدو آهي ته تمام آئمه اطهار کي الله تعاليﷻ پنهنجو خاص بندو قرار ڏئي انهن کي هر نجاست کان پاڪ و پاڪيزه رکيو آهي، ۽ انهن کي ولايت جهڙو بهترين منصب ڏيئي وڏي عزت ۽ غير معمولي شخصيت قرار ڏنو آهي ان جي ڪري ئي اِهي هستيون علم، زهد، بهادري ۽ پاڪيزگي وغيره ۾ انساني فضائل جي بلند ترين درجي تي فائز آهن ۽ اهڙين بهترين خصوصيتن جا مالڪ آهن جنهن خصوصيتن کي دنيا جو ٻيو ڪوبه فرد حاصل نٿو ڪري سگهي.
 .
امام عليه السلام کي معين ڪرڻ خداﷻ جي طرف کان آهي:
اسان جو عقيدو آهي ته نبوت جي منصب وانگر امامت جو منصب به خداﷻ جي طرف کان هوندو آهي، امام کي معين ڪرڻ رسولِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي طرفان يا پهرين امام جي طرفان هوندو آهي،  رسولِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام عليه السلام کي معين ڪرڻ خداﷻ کان علاوه ٻي ڪنهن کي اختيار نه آهي، ۽ ماڻهون ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي اعتراض جو حق نه ٿا رکن، اهڙي طرح امام کي معين ڪرڻ به ماڻهن جي اختيار ۾ نه آهي ڇو جو امام کي به معين ڪرڻ جو اختيار به خداﷻ وٽ ئي آهي، ۽ اهو ئي ان روحاني قوت جو مالڪ آهي.

 جيڪو به شخص انسانن جي رهنمائي ۽ امامت جي ذمه داري جو وزن کڻڻ جي لائق هوندو امامت جو عهدو به ان کي ئي ملندو اسان جو عقيدو آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي جانشينن ۽ پاڻ کان پوءِ اچڻ وارن امامن جو تقرر خدا جي حڪم سان ڪري ڇڏيو هيو، مثال جي طور تي رسولِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم علي عليه السلام کي ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجو جانشين مومنن جو سردار، وحي جو امانت دار ۽ انسانن جو رهبر ۽ امام مقرر ڪيو، خصوصي طور تي غدير جي ڏينهن علي عليه السلام جي ولايت جو اعلان ڪري تمام مسلمانن جي لاءِ علي عليه السلام کي هڪ رهبر ۽ هاديء جي طور تي بعيت ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيئن رسولِ اڪرم رسول صلي الله عليه وآله وسلم سوا لک حاجين ۽ صحابين جي مجموعي ۾ علي عليه السلام جي ٻانهن کان وٺي بلند ڪري فرمايو ” الا من کنت مولاه فهذا علي مولاه اللهم وال من والاه وعاد من عاداه وانصر من نصره واخذل من خذله وادرالحق معه کيف مادار

آگاه ٿي وڃو! جنهن جو مان سردار ۽ رهبر آهيان هيءُ علي عليه السالم به ان جو سردار ۽ رهبر آهي، اي خدا! اُن سان محبت ڪر جيڪو علي عليه السلام سان محبت ڪري ۽ ان سان دشمني رک جيڪو علي عليه اسلام سان دشمني رکي ۽ اُن جي مدد ڪر جيڪو علي عليه السلام جي مدد ڪر، جيڪو علي عليه السلام کي ڇڏي ڏئي اي خداﷻ اُن کي خوار ڪر ۽ حق کي اوڏانهن موڙ جاڏي علي علي عليه السلام مُڙي. پهريون مرتبو رسولِ اڪرم علي علي عليه السلام جي امامت جي وضاحت اُن وقت ڪئي جنهن وقت پنهنجن تمام رشتيدارن کي گهرائي نبوت جي تبليغ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ان موقعي تي فرمايو ”ان هذا اخي ووصيي وخليفتي فيکم من بعدي فاسمعوا له واطيعوه“ هي منهنجو ڀاءُ، وصي ۽ مون کان بعد منهنجو خليفو آهي، هن جي ڳالهه ٻڌو ۽ ان جي اطاعت ۽ پيروي ڪيو. اهڙي طرح اسان جو عقيدو آهي ته مڪتبِ تشيع جا جيڪي ٻارنهن امام آهن انهن کي خدا جي حڪم سان رسولِ اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مقرر ڪيو اِها ڳالهه شيعا ۽ سني ڪتابن ۾ موجود آهي، جنهن جو انڪار ڪرڻ نا قابلِ تسليم آهي خداوند تعالي اسان سڀني کي آئمه معصومين عليهم السلام جي ڏنل تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي .





[1] : سوره طه آيت 114
[2] : سوره نساء آيت 59
[3] : سوره انبيآء 26،27
[4] : سوره احزاب آيت 33
[5] : سورة شورا آيت 23


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo