Tuesday, February 5, 2019
امام موسي ڪاظم عليه السلام جي پيشن گوئي
امام ڪاظم ع جو قيد خاني ۾
ابو خالد زبالي نقل ڪن ٿا : امام موسي ڪاظم عليه السلام کي
وقت جي خليفه مهدي عباسي جا سپاهي قيد خاني جي طرف وٺي وڃي رهيا هئا ۽ منزل زباله
وٽ گهوڙي کان لٿا ۽ مان امام ع جي ڪري تمام گهڻو خوف زده هيس. ابو خالد چوي ٿو:
امام ضروري شين جي بندوبست جو حڪم ڏنو ۽ منهنجي طرف نظر ڪئي جڏهن ته مان رنجيده
هيس.
امام ع فرمايو : ابا خالد ڇا جي ڪري پريشان آهين.
عرض ڪيم توهان ان طاغوت جي طرف وڃي رهيا آهيو جنهن جي شر
کان مطمعن نه آهيان.
فرمايو: ڊڄ نه فلاڻي ڏينهن تي منهنجو انتظار ڪجان.
راوي چيو ٿو : مان ان ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪيم ايستائين جو اهو
ڏينهن اچي ويو، جلدي ۾ انهي ٻڌايل جڳھ تي ويس
پر اتي مون ڪنهن کي به نه ڏٺو ايسيتائين جو سج لهڻ جو وقت اچي ويو مان شڪ ۾
پئجي ويس اچانڪ مون هڪ شخص کي پري کان ايندي نظر آيو، جڏهن قريب آيو ته مان ڏٺو ته
هو ته منهنجو امام ڪاظم ع آهن.
امام ع جيئن ئي مونکي ڏٺو مونکي فرمايو : شڪ نه ڪر، پوءِ فرمايو : هڪ مرتبو وري هي مونکي وٺي ويندا ان وقت منهنجي
رهائي نه ٿيندي.
راوي جو بيان آهي ته
امام جيڪا پيشن گوئي ڪئي اها سچي ثابت ٿي.
هڪ جهڙيون تحريرون:
معجزن جو بيان
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: