Ad 468 X 60

Tuesday, February 5, 2019

امام موسي ڪاط۾ عليه اللسلام ۽ صالح ابن واقدي طبري


امام موسي ڪاظم ع جي سلطنت
صالح ابن واقدي طبري چون ٿا : امام ڪاظم ع جي خدمت ۾ پهتس امام ع مون کي فرمايو: اي صالح هي طاغوت( هارون رشيد) هڪ ڏينهن توکي گهرائيندو ۽ توکي قيد ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن توکي منهنجي باري ۾ پڇي ته ان کي ان طرح سان ٻڌائجان جو هو سمجهي ته تون مونکي ناهي سڃاڻيندو، ۽ جڏهن توکي قيد خانه ۾ وجهي ته پوءِ توکي جڏهن ڪو رها ڪرائڻ لاءِ اچي ته تون ان سان گڏ وڃجان ۽ ان کي چئجان ته مونکي حڪم خدا سان نجات ڏيو.

صالح چيو ٿو ته هڪ ڏينهن هارون رشيد مونکي منهنجي وطن طبرستان مان طلب ڪيو ۽ چيو ته موسي ابن جعفر ڇا ڪري رهيو هيو؟  مون ٻڌو آهي ته هو توهان وٽ آهي؟
مون چيو مونکي ڪهڙي خبر آهي ان جي باري ۾ اي اميرالمومنين . توهان ته مونکان وڌيڪ ان جي باري ۾ ڄاڻيو ٿا، هي ٻڌي ڪري هارون رشيد حڪم ڏنو ته مونکي قيد خاني ۾ وڌو وڃي، جڏهن مان قيد خانه ۾ هيس ته سڄي رات مان بيدار هيس ۽ ويٺو هيس ايترو جو مون ٻڌو ته ڪو مونکي سڏي رهيو آهي، مان به اٿيس ۽ ڏٺم ته منهنجو مولا ۽ آقا امام موسي ڪاظم ع آهن، فرمايو مون سان گڏ اچو مان به پويان پويان هلڻ لڳس، جڏهن زندان مان خارج ٿياسين ۽ هڪ جائي تي پهتاسين ته فرمايائون: اي صالح! حقيقي قدرت ۽ سلطنت مون وٽ آهي جيڪا الله سائين اسان کي عطا ڪئي آهي.
مون عرض ڪيو آقا هن طاغوت ( هارون رشيد ) جي شر مان ڪٿان پناه وٺون؟
فرمايو : پريشان نه ٿي هاڻي هو توکي ڪابه تڪليف نه پهچائي سگهندو.
صالح چوي ٿو : خدا جي قسم ! مان طبرستان پهتس ته ڪنهن مونکي پڇو به نه ته تون ايترو وقت ڪٿي هئين.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo