Tuesday, February 5, 2019
امام موسي ڪاظم ع ۽ هارون رشيد
فدڪ واپس ڪرڻ جو قصو
هڪ ڏينهن هارون
رشيد امام موسي ڪاظم عليه السلام کي چيو؛
مان توهان کي فدڪ ڏيڻ چاهيان ٿو توهان اها واپس وٺو.
امام ع هن جي ڳالھ کي ٽالي ڇڏيو، ان جو اصرار ۽ وڌيڪ ٿيو،
جڏهن اصرار تمام گهڻو ٿي ويو ته پوءِ امام
ع فرمايو مان تو کي ان جي تمام حدود اربعه (چارئي
سرحدون ) سان ئي وٺي سگهان ٿو.
هارون : ان جي حدود اربعه ڪهڙيون آهن ؟
امام ع فرمايو: جيڪڏهن ان جون حدون بيان ڪندس ته تون واپس
نه ڪندين،
امام ع فرمايو : ان جي پهرين حد عدن (يمن جو حصو) آهي.
هي ٻڌندي ئي هارون جي چهري جو رنگ بدلجي ويو ۽ چيائين ڇا ؟
امام ع : ٻئين حد سمرقند آهي.
هي ٻڌندي ئي هارون پنهنجي جاءِ کان مٿي اٿي بيهي رهيو.
امام ع فرمايو: ٽئين حد آفريقا آهي.
هاڻي هارون جو منهن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.
امام ع : چوٿين حد جزائر کان ملڪ روم تائين سمنڊ جا ڪنارا
آهن.
هارون چيو: ان طرح ته مون وٽ ڪجھ به باقي نه رهندو، پوءِ
اچو ۽ توهان اسان جي جاءِ تي ويهو.
امام ع فرمايو: مون توهان کي چيو هيو ته جيڪڏهن مان توکي ان
جون حدون بيان ڪندس ته تون مونکي هرگز نه ڏيندين.
امام ع هن کي ٻڌائڻ پيا چاهين ته تون حڪومت ۽ خلافت جو اهل
نه آهين ۽ تون حڪم الهي جي نفاذ جو به اهل نه آهين، بلڪه تو فريب ڏيئي ڪري طاقت جي
بل بوتي ته حڪومت تي قبضو ڪيو آهي.
هڪ جهڙيون تحريرون:
امام موسي ڪاظم ع
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: