Tuesday, February 5, 2019
امام موسي ڪاظم ع جو معجزو
امام ڪاظم ع جو معجزو
شيخ صدوق نقل ڪن ٿا: هارون رشيد هڪ ساحر (جادوگر ) کي چيو
جنهن مجلس ۾ موسي ڪاظم هجن اتي اهڙو جادو ڪجو جو هو لا جواب ٿي وڃي، جادوگر ڪجھ
مانين تي جادو ڪري ڇڏيو ته جيئن امام ع جنهن به ماني کي هٿ هڻي اها امام کان پري
ٿي وڃي، هارون هي ڏسي ڪري تمام گهڻو خوش ٿيو.
امام ع هڪ دفعو پنهنجو سر مٿي کنيون پردي تي هڪ شينهن جو
عڪس ڇپيل هيو امام ان کي اشارو ڪيو : اي الله جا شينهن الله جي دشمن کي پڪڙي وٺ.
بس تصوير زنده شينهن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ حقيقي شينهن جي شڪل ۾
گجگوڙ ڪندو آيو ۽ ان جادوگر کي کائي ويو .
هارون ۽ ان جا ساٿي ڊڄ کان بيهوش ٿي ويا، جڏهن انهن کي هوش آيو ته امام کي چوڻ لڳا
ته هن کي ٻيهر زنده ڪيو .
امام ع جواب ۾ فرمايو: جيڪڏهن حضرت موسي عليه السلام
جادوگرن جي رسين کي واپس ڪيو هجي ها ته مان به هن ماڻهو کي واپس ڪرايان ها.
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: