Ad 468 X 60

Wednesday, January 27, 2016

مومن جو احترم ڪرڻ



مومن جو احترام ڪرڻ جي فضيلت
راشد علي چانڊيو 

1: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: هر ان گهر ۾ جنهن ۾ مهمان داخل ناهن ٿيندا خداوند عالم جا فرشتا ان گهر ۾ داخل ناهن ٿيندا.[1]

2: حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: هر مومن جيڪو مهمان جي آواز ٻڌي ڪري خوش ٿئي ٿو خداوند عالم ان جا سڀ گناه معاف ڪري ٿو، چاهي ان شخص جا گناه زمين ۽ آسمان جي برابر ئي ڇو نه هجن.[2]


3: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مهمان جو توهان مٿان حق هي آهي ته توهان ان کي عزت ڏيو.[3]

4: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جڏهن به مهمان ايندو آهي ته ان سان گڏ روزي به اچي ويندي آهي، جڏهن هو طعام( ماني) کائيندو آهي ته خداوند عالم صاحب خانه( گهروارن) جا گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي.[4]

5: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جڏهن به خداوند عالم ڪنهن جي لاءِ نيڪي ۽ بلائي جو ارادو ڪند آهي ته ان ڏانهن هديه موڪليندو آهي. عرض ڪيائون اهو هديو ڇا آهي ؟ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: مهمان آهي جيڪي رزق ۽ روزي سان گڏ ايندو آهي ۽ گناهن کي ان گهر مان خارج ڪري ويندو آهي.[5]

6: حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: روايت بيان ٿيل آهي ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي  ته فقط وڏن (مالدار ) ماڻهن جي مهمان نوازي نه ڪيو ۽ غريبن ۽ فقيرن کي محروم نه رکيو. [6] يعني ايئن نه ٿئي جو توهان فقط مالدار ماڻهو جي مهمان نوازي ڪيو ۽ غريبن کي وساري ڇڏيو، يا غريب جڏهن توهان وٽ اچي ته ان جي مهمان نوازي نه ڪيو .

7: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مهمان سان گڏ پاڻ به ماني کائو، ڇو جو جڏهن مهمان اڪيلو ماني کائندو ته هو شرم محسوس ڪندو ته مان اڪيلو ماني کائي رهيو آهيان.[7]

8: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: پنج شين کي انجام ڏيڻ ۾ جلدي ڪيو: 1: مهمان لاءِ ماني آڻڻ ۾ جلدي ڪيو. 2: ميت کي جلدي دفنايو. 3: پنهنجن ڌيئرن جي جلدي شادي ڪرايو. 4: قرض کي جلدي ۾ ادا ڪيو. 5 : گناهن کان توبه ڪرڻ لاءِ جلدي ڪيو.[8]

9: حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جڏهن به توهان وٽ توهان جو مومن ڀاءُ مهمان ٿي اچي ته ان کان پڇو ته اڄ توهان ڪا شيء کاڌي آهي يا نه ، پوءِ جيڪا به شيءَ توهان وٽ موجود هجي اُها مومن ڀاءُ جي اڳيان پيش ڪيو، انهي ۾ ئي جوان مردي آهي .[9]




[1] . حلية المتقين.
[2] . حيلة المتقين.
[3] . فضائل ( رضا جاهد)
[4] . فضائل. (رضا جاهد)
[5] . فضائل (رضا جاهد)
[6] . ابواب الجنة.
[7] . نهج الفصاحة.
[8] . فضائل (رضا جاهد)
[9] . حيلة المتقين. 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo