Ad 468 X 60

Wednesday, January 27, 2016

مسجد جي فضيلت

مسجد جي فضيلت

راشد علي چانڊيو

1: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسجد ٺهرائي ٿو خداوند عالم ان شخص جو گهر جنت ۾ تيار ڪرائي ٿو .[1]

2: حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسجد کي جهاڙو ڏيئي ٿو خداوند عالم ان کي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جيترو ثواب عطا ڪري ٿو .[2]

3: حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا: مسجد جو حرم هر طرف کان 40 گراٺون آهي ۽ مسجد جو پاڙيسري هر طرف کان چاليھ گهر آهن .

4: امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪي شخص مسجد جا پاڙيسري آهن اهي پنهنجي نماز کي مسجد ۾ ادا نٿا ڪن ته انهن جي نماز قبول نه ڪئي ويندو سواءِ ان جي جو اهي بيمار يا ڪنهن مجبوري جي ڪري مسجد ۾ نه اچي سگهندا هجن.[3]

5: حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: ٽي شيون خداوند عالم وٽ شڪايت ڪن ٿيون. 1: اها مسجد جيڪا ويران پئي هجي ۽ ان ۾ نماز پڙهڻ وارو نه هجي. 2: اهو عالم دين جيڪو ماڻهن جي درميان زندگي گذاريندو هجي پر ان کان ڪو علم حاصل ڪرڻ وارو نه هجي. 3: قرآن مجيد جيڪو گهرن ۾ ته موجود هجي پر ان مٿان مٽي پئجي وئي هجي ۽ ان کي ڪو پڙهڻ وارو نه هجي.[4]

6: حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: عورتن لاءِ بهترين مسجد انهن جا پنهنجا گهر آهن .[5]

7: حضرت امام حسن مجتبي عليه السلام فرمائن ٿا: هر اهو شخص جيڪو مسجد ۾ داخل ٿئي ٿو اهو الله جو مهمان آهي ۽ اهو الله جو زائر به آهي.[6]


مسجد ۾ وڃڻ جا ڪجھ ٻيا فائده

1: پنهنجي ديني ڀائرن کي ڏسي ٿو جيڪي هڪ ئي راه تي هلي رهيا آهن .

2: خداوند عالم جي رحمت انهن جي مٿان وسي ٿي.

3: اهي قرآن مجيد جي آيتن کي ٻڌن ٿا جيڪو انسان کي هدايت جي طرف رهنمائي ڪري ٿو، يا هو اهڙا قرآني لفظ ٻڌي ٿو جيڪي ان کي بري ڪم کان روڪين ٿا.

4: مسجد ۾ وڃڻ جي ڪري هو گناهن کان پري رهي ٿو ، ڇو جو جڏهن هو گناه جو ارادو ڪندو ته ان کي حيا ٿيندو يا الله سائين جو خوف ان جي دل ۾ اچي ويندو. ڇو جو قرآن مجيد جي آيت ان ڳالھ جي شاهد آهي ته نماز براين کان روڪي ٿي.




[1] . بحارالانوار:
[2] . بحارالانوار.
[3] . امالي شيخ صدوق.
[4] . خصال صدوق.
[5] . تهذيب الاحڪام ، شيخ طوسي.
[6] . فضائل ( رضا جاهد) 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo