Friday, March 27, 2015
اميرالمومنين ڪير آهي ؟؟؟
تحرير: راشد علي چانڊيو
جيئن ئي تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو ته اسان کي تمام گهڻي تعداد ۾ اميرالمومنين ڏسڻ ۾ اچن ٿا تاريخ ۾ هر خاص ۽ عام کي اميرالمومنين ڪوٺيو ويو آهي چاهي اُهو ڪنهن ننڍي رياست جو سردار هجي يا وري مسلمانن جو خليفو هجي.
رسول خدا ص جي موجودگي ۾ هي لقب فقط هڪ شخص ئي لاءِ مخصوص هو پر جڏهن رسول خدا ص هن دنيا مان رحلت ڪري ويا ته هي لقب هر والي کي ملڻ شروع ٿي ويو چاهي اُهو ڪنهن رياست جو والي هجي يا ڪنهن شهر جو والي هجي يا وري مسلمانن جو خليفو هجي بغير ڪنهن فرق جي هي لقب عام ٿي ويو.
هاڻي غور ۽ فڪر جي ڳالھ هي آهي ته رسول خدا ص جي زندگي ۾ هي لقب هڪ شخص لاءِ خاص هو ته پوءِ هي لقب عام ڇو ٿي ويو ؟؟
هن جي خاص وجه هي آهي ته اگر هن لقب کي هر ڪنهن والي جي لاءِ معين نه پيا ڪن ته انهن کي اصلي اميرالمومنين کي تسليم ڪرڻو پوي پيو حقيقي اميرالمومنين کي تسليم ڪرڻ سان انهن لاءِ حڪومت هلائڻ جو جواز ئي نه پيو ٿئي اِن ڪري انهن پنهنجي پاڻ کان وٺي هر شهر ۽ رياست جي والي کي اميرالمومنين جو درجو ڏئي ڇڏيو ته جيئن هي لقب ڪنهن خاص فرد ۽ شخصيت لاءِ باقي نه رهي سگهي، هاڻي اسان تاريخ ڏانهن رجوع ڪيون ٿا ته رسول خدا ص ڪهڙي شخيصت جي لاءِ اميرالمومنين جو لقب مخصوص ڪيو ؟؟
جڏهن رسول خدا ص هن دنيا مان رحلت ڪري ويا ۽ مسلمانن غدير واري اعلان کي وساري ڪري حضرت ابوبڪر کي رسول خدا ص جي جانشين طور بيعت ڪئي هن جي جي بيعت انصار ۽ مهاجرين گڏجي ڪئي سواء حضرت علي ۽ ڪجه مخصوص اصحاب جي.
ابوبڪر جي بيعت جي بيان ۾ آهي
سليم بن قيس هلالي کان روايت آهي ته حضرت عمر، حضرت ابوبڪر کي چيو ته ڪنهن قاصد کي حضرت عليؑ ڏانهن موڪليو ته هو اسان وٽ بيعت ڪرڻ جي لاءِ اچي، ڇو جو حضرت عليؑ جي بيعت ڪرڻ سان اسان جي بادشاهي ۽ سلطنت مضبوط ٿيندي
حضرت ابوبڪر هڪ شخص کي حضرت عليؑ ڏانهن موڪليو ته توهان هينئر تائين منهنجي بيعت لاءِ ناهيو آيا اوهان اچو ۽ منهنجي بيعت ٻين اصحاب رسول مهاجرين ۽ انصار وانگر ڪيو.
حضرت علي ؑ جواب ۾ فرمايو ايتري جلدي ۾ رسول خدا جي طرف ڪوڙي نسبت ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ابوبڪر ۽ جيڪي اُنجي اطراف ۾ آهن اُهي سڀ ڄاڻين ٿا ته خدا ۽ ان جي رسول ابوبڪر کي خليفو مقرر نه ڪيو آهي پر مون کي الله ۽ اُن جي رسول خليفو مقرر ڪيو.
ٻئين دفعي ابوبڪر، حضرت علي عليه السلام ڏانهن پيغام موڪليو ته اچي ڪري پنهنجي اميرالمومنين جي بيعت ڪيو، جڏهن هي پيغام پاڻ ع ٻڌو ته فرمايائين:
سبحان الله رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي هن دنيا مان ويندي ايتري دير به نه ٿي آهي جو اِنهن پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي وساري ڇڏيو! خدا جي قسم ابوبڪر ڄاڻي ٿو ته هو هن لقب(اميرالمومنين) جي صلاحيت نٿو رکي هي لقب فقط منهنجي لاءِ آهي ۽ مان ان جي صلاحيت به رکان ٿو.
رسول خدا ڇهن اصحابن کي حڪم ڏنو هو ته مون کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪن، اُن تي ابوبڪر ۽ هن جي رفيق ( عمر) رسول خدا کان سوال ڪيو هو ڇا هي حڪم حق آهي؟ ۽ ڇا هي حڪم خدا ۽ ان جي رسول جي طرفان کان آهي؟ پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ارشاد فرمايو ها هي حڪم سچو آهي، الله ۽ ان جي رسول جي طرفان آهي ، علي عليه السلام اميرالمومنين ، سيد المسلمين ۽ صاحب پرچم مومنين آهن، ۽ جيڪي قيامت جي ڏينهن نوراني چهرن وارا هوندا،خداوند عالم علي عليہ السلام کي پل صراط تي معين ڪندو ۽ علي کي اجازت ڏيندو ته تون اولياء ۽ پنهنجن دوستن، مڃڻ وارن کي جنت ۾ موڪل ۽ پنهنجي دشمنن کي جهنم ۾ موڪل.( احتجاج طبرسي ج 1 ص 107 ، مدينة المعاجز بحراني در ذيل معجزه دوم)
ان روايت کان علاوه حضرت علي عليه السلام جي لاءِ اميرالمومنين جو لقب مخصوص هجڻ جي لاءِ هن واقعي کي به نقل ڪيو ويو آهي
سيد ابن طاووس جرياني حذيفہ کان نقل ڪن ٿا ته حذيفہ حضرت علي عليہ السلام جي دور کان پهريان (يعني عثمان جي خلافت ۾) مدائن جو گورنر هو، حضرت علي السلام خلافت تي ايندي ئي حذيفہ ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ پنهنجي بيعت جي لاءِ حذيفه ۽ اُتان جي ماڻهن کي چيائين، جڏهن حذيفہ وٽ مولا علي عليہ السلام جو خط پهتو حذيفہ بيمار هيو، هو مريض هجڻ جي باوجود صحيح ٿي ويٺو ۽ ٽي مرتبه چيائين خدا جي قسم هي حقيقي اميرالمومنن آهي، ۽ توهان جي مٿان هي والي آهي،
حذيفہ جي درٻار مان هڪ فارس سان تعلق رکڻ وارو جوان تلوار ۾ هٿ وجهي ڪري پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ عرض ڪيائين اي امير اگر اجازت هجي ته ڪجه چوان، حذيفہ چيو چئو، هن جوان سوال ڪيو ڇا علي عليہ السلام هاڻي اميرالمومنين ٿيو آهي يا پهريان کان ئي اميرالمومنين هيو؟ حذيفہ چيو علي عليہ السلام پهريان ئي اميرالمومنين هيو، اُن جوان چيو اهو ڪيئن؟ حذيفہ چيو پيغمبر اڪرم ص حڪم ڏئي ڇڏيو هو ته جنهن وقت دحيه ڪلبي مون وٽ هجي ٻيو ڪير به اندر نه اچي،
هڪ ڏينهن مان ڪنهن ضروري ڪم سان رسول خدا ص جي خدمت ۾ اچڻ چاهيس ته دحيہ ڪلبي رسول خدا ص وٽ ويٺو هيو ۽ رسول خدا آرام ۾ هئا پوءِ مان حضرت علي السلام وٽ آيس ۽ عليؑ کي پنهنجي ڪم کان آگاه ڪيم پوءِ مان ۽ حضرت عليؑ گڏجي آياسين مان دروازي جي قريب بيهي رهيس ۽ حضرت عليؑ اندر داخل ٿيا ۽ سلام ڪيائين دحيہ ڪلبي سلام جي جواب ۾ چيو عليڪم السلام ورحمة الله وبرڪاتہ يا اميرالمومنين ،اُن وقت رسول خدا دحيہ ڪلبي جي هنج ۾ آرام ڪري رهيا هئا ۽ دحيہ ڪلبي حضرت عليؑ کي مبارڪ ڏني ته ياعلي ع پيغمبر اڪرم ص فرمايو آهي ته علي عليہ السلام کي مبارڪ ڏجو ته الله تعالي تمام ملائڪه کي حڪم ڏنو آهي ته عليؑ کي تمام جهان جو اميرالمومنين ڪري سلام موڪليو، پوءِ حضرت عليؑ ٻاهر آيو ۽ فرمايائين : اي حذيفہ ڇا ٻڌئي؟ مون چيو: جيڪو دحيہ ڪلبي اوهان جي باري ۾ جيڪو چيو مون اُهو سڀ ٻڌو.
اُن وقت فارسي جوان چيو ته جنهن ڏينهن ابوبڪر جي بيعت ورتي پئي وئي اُن ڏينهن توهان جون تلوارون ڪاڏي ويون هيون؟ حذيفہ چيو اي جوان اُن ڏينهن اسان جون اکيون ۽ ڪن بند هيا ۽ موت جو خوف هيو زندگي کي خوبصورت سمجهوسين ۽ اسان خدا جي حڪم کان ڪنارو ڪيوسين ۽ اُنهي گناه جي معافي سڄي زندگي الله کان وٺندو ٿو اچان اُهو ئي صاحب اختيار آهي]( بحارالانوار ج 37 ص 325 )
امام محمد باقر عليہ السلام کان روايت
هڪ حديث ۾ آهي ته امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا جڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم حڪم ڏنو ته علي عليه السلام کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪندا ڪيو ته اهي ٻه ماڻهو (ابو بڪر ۽ عمر) ٻاهر نڪري هڪ ٻي کي چيائون ” والله لا نسلّم لہ ما قال ابداً “ خدا جي قسم اسان ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين“ ( بحارالانوار ج 37 ص 323)
اهي اصحاب ته آخر تائين زبان سان ته اميرالمومنين جو اقرار ڪندا هئا پر ڪڏهن به دل سان اميرالمومنين نه چيائون ۽ انهي سبب جي ڪري حضرت علي عليہ السلام سان دشمني ڪندا رهيا ۽ حضرت عليؑ جو جيڪو حق خلافت هيو ان کي به غصب ڪيو ويو ۽ مسلمانن اکيون بند ڪري حضرت علي ع جي جاء تي ٻين کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو پر حق جي پيروڪارن ڪڏهن به انهن کي پنهنجو ولي ۽ آقا تسليم نه ڪيو
رسول خدا صلي الله عليہ وآلہ وسلم تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن شخص کي حضرت علي عليہ السلام تي حاڪم يا سردار مقرر نه ڪيو :
اميرالمومنين لاءِ ابن شهر آشوب جي روايت
ابن شهر آشوب مخالفين کان روايت نقل ڪئي آهي ته برده ۽ بُراء پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کان روايت نقل ڪن ٿا ته پيغمبر ٻن گروهن کي يمن جي طرف موڪليو هڪ گروه جو سردار علي ابن ابي طالبؑ کي قرار ڏنائين ۽ ٻي گروه جو سردار خالد بن وليد کي قرار ڏنائين پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ٻنهي گروهن کي مخاطب ڪندي فرمايو، جيسيتائين توهان گڏ هجو ته لشڪر جو سردار حضرت علي عليہ السلام هوندو جتي جدا ٿيو ته مقرر ڪيل ئي لشڪر جو سردار هوندو ۽ پيغمبر ص جو طريقه ڪار به ايئن ئي هوندو هو ته هميشه حضرت علي عليه السلام کي ماڻهن جو مولا ، فرمانده ۽ حاڪم مقرر ڪندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي شخص کي حضرت عليؑ تي مولا يا حاڪم مقرر نه ڪيائين(بحارالانوارج 37 ص 335)
ٻي روايت:
هڪ شخص جنهن جو نالو عليّ بن خرّور آهي چيو ٿو:مان ۽ اعلاء بن هلال خفاف، ابو اسحاق سبيعي وٽ وياسين جيڪو خراسان کان آيو هو، مون ابو اسحاق کي چيو ، مان چاهيان ٿو ته توکي هڪ حديث ٻڌايان جنهن کي ابو داود، عمران بن حصين خزائي کان ۽ ان بريده بن حصيب اسلميّ کان روايت ڪئي آهي،
ابو اسحاق چيو ها ٻڌايو: مون (عليّ بن خرّور) چيو ته ابو داود چيو ته جڏهن ماڻهن حضرت ابوبڪر جي بيعت ڪرڻ تي آماده ٿيا، بريده عمران بن حصين وٽ ويو ۽ چيائينس: اي عمران ڏسين ٿو ته ماڻهن جيڪو رسول خدا ص کان ٻڌو اُنهي کي وساري ڇڏيو جڏهن رسول خدا ص هو ته ماڻهو رسول خدا ص وٽ ايندا هئا، سلام ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآله وسلم اُنهن کي چوندا هئا ته وڃو علي عليہ السلام کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو، ته ڪنهن به شخص اُن تي اعتراض نه ڪيو هو سواءِ حضرت عمر جي، حضرت عمر چيو هو ته يا رسول الله ڇا هي حڪم الله ۽ ان جي رسول جي طرفان آهي ؟ پيغمبر فرمايو هيو، ها هي حڪم خدا ۽ اُن جي رسول جي طرفان آهي.
عمران چيو ها ٻڌو آهي، اُن وقت عمران بريده کي چيو ته اچ ابوبڪر کان هلي پڇون ٿا ته جڏهن رسول خدا ص حضرت عليؑ جي باري ۾ چيو ته هن کي اميرالمومنين ڪري سلام ڪيو ته ڇا هي حڪم رسول خدا ص کان واقعي جاري ٿيو هو ۽ منهنجي خيال ۾ حضرت ابوبڪر رسول خدا ص کان ڪوڙ نقل نه ڪندو ۽ نه رسول خدا جي طرف ڪوڙ جي نسب ڏيندو
عمران ۽ بريده حضرت ابوبڪر وٽ آيا ۽ حضرت ابوبڪر کان پڇائون ته ڇا تون به انهن منجهان آهين جن کي رسول خدا فرمايو هو ته حضرت عليؑ کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو؟ حضرت ابوبڪر چيو يقيناً مان به انهن منجهان هيس، اسان کي رسول هي حڪم ڏنو هو ۽ اسان علي ؑ کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو هو، بريده چيو ته: تون ان ڳالھ جو اقرار ڪرين ٿو پوءِ ڪنهن به مسلمان جي لاءِ مناسب ناهي ته هو حضرت علي عليہ السلام تي ولي(فرمانروا، حاڪم) ٿئي، جڏهن ته رسول خدا عليؑ کي اميرالمومنين بڻايو هو؟
جيڪڏهن تون پيغمبر ص جي طرفان ڪو خاص حڪم رکين ٿو يا توکي رسول خدا ص پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي ته اسان کي ٻڌا اسان توکي سچ ڳالهائڻ وارو سمجهي رهيا آهيون!!
حضرت ابوبڪر چيو: نه خدا جي قسم نه مون وٽ رسول خدا ص جي طرفان ڪو عهدو آهي ۽ نه ئي ڪو حڪم، فقط مسلمانن پنهنجو نظريو ڏنو ۽ مان اُنهي جي پيروي ڪري رهيو آهيان( يعني مون کي مسلمانن هن جاءِ تي ويهاريو آهي)
بريده چيو: خدا جي قسم تون ۽ مسلمان هي حق نٿا رکو ته رسول خدا ص جي نافرماني ڪيو.
حضرت ابوبڪر چيو ٿورو صبر ڪيو مان ڪنهن کي حضرت عمر وٽ موڪليان ٿو، حضرت عمر آيو، حضرت ابوبڪر، عمر کي چيو ته هي ٻه شخص هڪ مسئلو کڻي آيا آهن، مسئلي کي عمر سان بيان ڪيائين، عمر به ان ڳالھ جي تصديق ڪئي ته مون به رسول خدا کان ٻڌو هو پر مون وٽ هن جو حل(يعني خلافت لاءِ ابوبڪر کي اهل قرار ڏيڻ جو) موجود آهي،
بريده چيو تو وٽ ؟
عمر چيو ها مون وٽ.
بريده چيو تو وٽ ڪهڙو حل آهي؟
عمر چيو ته نبوت ۽ حڪومت( خلافت) هڪ ئي جاندان ۾ جمع ناهي ٿيندي ۽ هي الله جي قانون جي خلاف آهي !!!!!
بريده جيڪو تمام گهڻو فصيح، حاضر جواب ۽ تمام گهڻي جرئت وارو هو موقعہ جو فائدو وٺندي عمر کي چيائين:
ڇا تون الله تي تهمت هڻي رهيو آهين؟ ڇا تو خداوند عالم جي ڪتاب قرآن مجيد مان هن آيت جي تلاوت ناهي ڪئي؟ [ام يحسدون الناس علي ما آتاهم الله من فضلہ فقد آتينا آل ابراهيم الکتاب والحکمة وآتيناهم ملکاً عظيماً] (سوره نساء 54)
ماڻهون حسد ڪن ٿا ته الله تعالي پنهنجو فضل عطا ڪيو آهي آل ابراهيم جي لاءِ ڪتاب ۽ حڪمت ۽ انهن جي لاءِ ئي وڏي حڪومت آهي.
بس خداوند عالم انهن جي لاءِ ئي پيغمبري ۽ حڪومت کي قرار ڏنو آهي ۽ هڪ ئي جاء تي ٻئي آهن پيغمبري ۽ حڪومت.
حضرت عمر جڏهن هي لفظ ٻڌا ته تمام گهڻو ناراض ٿيو ۽ مون ڏٺو ته عمر جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون، پوءِ چيائين ته توهان ان ڪري آيا آهيو ته امت جي اتحاد کي خراب ڪيو ؟ ۽ امت جي درميان فتنو پيدا ڪيو ؟ (مناقب ابن شهر آشوب: ج 3 ص 52 )
هن روايت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري قدر پاڻ به تسليم ڪندا هئا ته حضرت علي عليه السلام جي ڪيتري فضيلت آهي انهن سچ کي لڪائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ تمام گهڻن ئي بهانن سان پنهنجي حڪومت جو دفاع ڪيائون حق ٻڌي حق ڏسي ڪري به حق پٺيان نه لڳا ۽ پنهنجي حڪومت جي خاطر پياري نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي فرمانن کي ٺڪرائيندا رهيا،
جڏهن حضرت علي عليہ السلام تمام مومنين جو امير آهي ته ڪنهن کي جرئت آهي جو حضرت علي عليہ السلام تي حڪمراني ڪري؟ جڏهن ته حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ٻنهي اِن ڳالھ کي تسليم ڪيو ته رسول خدا اسان کي حڪم ڏنو هو ته علي عليہ اسلام کي اميرالمومنين ڪري سلام ڪيون پوءِ به حضرت علي عليہ السلام جي حق کي غصب ڪيو ويو ۽ جڏهن بريده اعتراض ڪيو ته ڪهڙي انداز سان حضرت عمر جواب ڏنو ته پيغمبري ۽ حڪومت هڪ جاءِ تي جمع نه ٿيندا، ڪهڙي مذهب مان هن استدلال ڪيو ؟ ڇا هنن ايترو جلد قرآن کي وساري ڇڏيو هو؟ وري جڏهن انهن کي دليل طور تي هڪ آيت ٻڌائي وئي ته پنهنجو روايتي غصو ظاهر ڪندا رهيا ؟ هاڻي اندازو توهان پاڻ ئي لڳايو ته ڇا حضرت علي عليہ السلام کان علاوه ٻيو ڪو اميرالمومنين آهي؟ رسول خدا به هن لقب کي فقط حضرت علي عليہ السلام جي لاءِ ئي قرار ڏنو آهي پر تمام گهڻي حيرت سان اسان تاريخ ۾ يزيد جهڙي فاسق ۽ فاجر انسان لاءِ به اميرالمومنين جو لفظ ٻڌو آهي ، يعني علي جي مخالفن وٽ ڪوبه آئين نه آهي جيڪو به حڪومت ڪري اُهو اميرالمومنين آهي، جيئن هاڻ(دائش جو سربراه) ابوبڪر البغدادي به پاڻ کي خليفو سڏرائي چڪو آهي، اميرالمومنين لقب صرف ۽ صرف مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليہ السلام جي لاءِ ئي آهي، اسان شيعن وٽ حضرت امام حسن عليہ السلام به اميرالمومنين نه آهن ۽ نه وري باقي ٻيا امام اميرالمومنين آهن پر جيڪي غير شيعه آهن انهن وٽ ته هر حڪومت ڪرڻ وارو اميرالمومنين آهي چاهي اُهو حجاج بن يوسف جهڙو ظالم ئي ڇو نه هجي
هاڻي توهان جي سوچ تي موقوف آهي ته توهان ڪيتري قدر حق کي سمجهو ٿا. ۽ حق جي پيروي ڪيو ٿا
خدا اسان سڀني کي پنهنجي حقيقي رهبرن جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ آمين
التماس سوره فاتحه مرحوم برڪت علي چانڊيو
هڪ جهڙيون تحريرون:
حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: