Friday, March 27, 2015
غدير شيعه ۽ اهل سنت جي نگاه ۾
تحریر: راشد علی چانڊيو
پيغمبر اسلام
حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واله وسلم سن ڏه هجري ۾ پنهنجي زندگي جو آخر حج
پڙه آخري حج کي ”حجَّةُالوداع“ ”حجَّةالاسلام“ ” حجَّةُالبلاغ“
حج پڙهڻ کان
پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم مڪي کان مدينه جي طرف سفر روانا ٿيا پاڻ
ڪريم جن جو ڪافلو جڏهن مڪه کان ٻاهر غدير خم تي پهتو ته هي آيت نازل ٿي
” يا
اَيُّهَاالرَّسُولُ بَلِّغۡ مٰا اُنزِلَ اِلّيک مِنۡ رَبِّکَ وَ اِنۡ لَمۡ
تَفۡعَلۡ فَمَا بَلَّغۡتَ رِسٰالَتہُ....“(مائده 67)
پيغمبر اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم هڪ لک ويھ هزار حاجين کي اُتي بيهڻ( رڪڻ) جو حڪم ڏنو. هي اُها
جاء هئي جتي وڻ وغيره نه هئا ۽ هوا تمام گهڻي گرم هئي منجهند جو وقت هيو ، رسول
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نماز ظهر جي انجام ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ٻه رڪعت ظهر جون
قصر طور جماعت سان پڙهي هڪ بلند جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڏنائي حاجين سڳورن پنهنجن اٺن جي
پلاڻن سان ممبر تيار ڪيو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم اُنهي ممبر تي بيهي سڀ
کان پهريان الله تعالي جي حمد و ثناء بيان ڪئي خدا تعالي جون صفتون، احڪام حلال و
حرام کي بيان ڪيائون پنهنجي گذريل زندگي مان ڪجھ مشڪل حالات ذڪر ڪيائين ۽ پنهنجي
عمر جي آخري حصي جي خبر ڏنائون تمام اصحاب
کي پنهنجي رسالت جو اقرار ورتائين ۽ دينداري جي باري ۾ نصيحتون ڪيائين ۽ پنهنجي
اهلبيت عليهم السلام جي باري تمام گهڻي تاڪيد ڪيائين قرآن ۽ اهل بيت عليهم السلام سان
گڏ رهڻ جو حکم ڏيندي فرمايائين ”اني تارک فيکم
الثقلين کتاب الله و عترتي اهل بيتي ما ان تمسکتم بهما لن تضلوا بعدي....“ مان توهان جي درميان ٻه وڏيون شيون ڇڏي ٿو وڃان هڪ الله جي ڪتاب ۽ ٻي منهنجي اهلبيت
جيڪڏهن توهان انهن ٻنهي سان ڳانڊاپو (انهن
ٻنهي جي پيروي ڪئي) رکيو ته مون کان بعد ڪڏهن به گمراه نه ٿيندو ..
اُن کان پوءِ
پاڻ ڪريم حضرت علي عليه السلام جا فضائل بيان ڪيا
۽ حضرت علي عليه السلام جي امامت جو تذڪرو ڪيائين. ۽ هن آيت جي تلاوت ڪيائين” بسم
الله الرحمن الرحيم "يا ايهاالرسول بلغ ما انزل اليک من ربک وان الم تفعل فما بلغت رسالته والله يعصمک من
الناس ان الله لا يهدي القوم الکافرين“
اي
پيغمبر جيڪو توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان
لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن نه
پهچايئي ته ڄڻ تو رسالت جو ڪجه ڪم ئي انجام نه ڏنو آهي ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ
ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
اي انسانو: دين جي تبليغ ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي ناهي ڪئي ۽ مان
هن آيت جي شان نزول کي توهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو جبرائيل مون وٽ ٻه مرتبه نازل
ٿيو آهي ۽ الله تعالي جي طرفان منهنجي لاءِ حڪم کڻي آيو آهي ته هن جاءِ ته هر ڪاري
۽ چٽي ۽ هر قبيلي جي لاءِ اعلان ڪيان ته علي ابن
ابي طالب منهنجو جانشين، وصي ۽ مون کان پوءِ هن امت جا امام آهن هو الله ۽ رسول
کان بعد ولي ۽ توهان جو سرپرست آهي.
۽ هن ريت علي عليه السلام جي سڃاڻپ ڪرايائون:
خداوند عالم منهنجو مولا آهي ۽ مان اوهان جو مولا آهيان ”الستُ اولي بکم من انفسکم“؟ ڇا مان اوهان کان وڌيڪ
اوهان جي نفسن تي حاڪم ناهيان؟ سڀني هڪ ئي آواز سان چيو ”ها“ اُن کان پوءِ حضرت علي عليه السلام جا ٻئي هٿ بلند ڪري فرمايائون
”هذا علي اخي و صيي، من کنت مولاه فهذا علي
مولاه“
هي علي منهنجو ڀاءُ ، منهنجو وصي، جنهن جنهن جو مان مولا آهيان علي اُن جو مولا آهي پوءِ دعا ڪيائين اي
منهنجا پالڻهار تون اُن کي دوست رک جيڪو
علي کي دوست رکي ، تون ان سان دشمني رک جيڪو علي سان دشمني رکي ، اُن کان پوءِ هن
آيت کي نازل ڪيائين
” اليوم اکملت لکم دينکم و اتممت عليلم نعمتي و رضيت لکم
الاسلام دينا..“
اڄ جي ڏينهن(غدير) مان توتي دين کي تمام ڪيو ۽ توتي پنهنجي
نعمت کي تمام ڪيم ۽ مان پنهنجي دين اسلام تان راضي ٿيم،(مائده 3) (هن آيت جي نازل
ٿيڻ جي جڳه ۾ ٻنهي فرقن ۾ اختلاف آهي، شيعه وٽ هي مسلمه آهي ته غدير ۾ نازل ٿي ،(
اهل سنت وارا عرفات جا قائل آهن)
جڏهن حضرت علي
عليه السلام ممبر تان لهڻ لڳو تمام حاجين حضرت علي
عليه السلام کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، رسول خدا حڪم ڏنو ته هڪ چادر لڳائي وڃي ۽ هڪ هڪ
ٿي ڪري حضرت علي عليه السلام جي بيعت ڪيو ۽ هي چئو
”السلام عليک يا اميرالمومنين“
تاريخ وارن بيان
ڪيو آهي ته سڀ هڪ هڪ ٿي ڪري بعيت ڪندا ويا حضرت عمر آيو سلام ڪيائين ۽ چيائين” بخ بخ يا بن ابي طالب، اصبحت مولاي و مولي کل مومن و مومنة“ مبارڪ هجي مبارڪ هجي اي علي ابن ابي طالب توکي
اڄ کان پوءِ تون منهنجو مولا آهين ۽ تمام مردن ۽ عورتن جو مولا آهين.
(الروضة
المعجزات والفضائل: ص 129 ، بحارالانوار ج 37 ص 344، الامام اعلي في اراء الخلفاء
ص 62، شرح احقاق الحق ج 6 ص 396، )
هن بيعت جو
سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو سڀني حضرت علي عليه السلام جي هٿ تي بيعت ڪئي
هن واقعي کي هٿي
تمام مختصر ڪري بيان ڪيو آهي هن واقعي جي تمام گهڻي شهرت آهي هن واقعي جي باري ۾
تمام گهڻن محقق تحقيق سان بيان ڪيو آهي مرحوم علامه اميني ڪتاب الغدير ۾ هن واقع
کي سند جي لحاظ سان ۽ پڻ دلالت جي لحاظ سان بيان ڪيو آهي،
غدير
”متعصب“ اهل سنت جي نگاه ۾
اسلامي تاريخ ۾
ٻين واقعن وانگر غدير خم جو واقعو به مختلف مؤرخن مختلف انداز سان لکيو آهي. ان
کان علاوه تاريخ ۾ رقم ٿيل ڪنهن به واقعي کي درست طرح سمجهڻ لا اسان کي قرآن پاڪ ۽ حديث جي
معتبر ڪتابن کان به مدد وٺڻي پوندي.
صحيح
بخاري ۽ غدير خم جو پس منظر
بخاري
جي حديث 4349 ۽ 4350 جو متن
جناب بريده بن
الحصيب بيان ڪن ٿا ته ...
نبي پاڪ يمن ۾ ( لشڪر جي اڳواڻ) خالد بن وليد ڏانهن سيدنا حضرت علي ڪرم الله وجهه کي موڪليو ته جيئن خالد بن وليد اتي مليل مال غنيمت مان پنجون حصو الڳ ڪن ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه اهو پنجون حصو وصول ڪري مديني کڻي اچن.
جڏهن حضرت خالد بن وليد مال غنيمت جو پنجون حصو الڳ ڪيو ته ان غنيمت جي مال ۾ ڪجهه قيدي به هئا جن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري به شامل هئي، اها سڀني قيدين ۾ وڌيڪ فضيلت واري هئي. (حسن ،خوبصورتي ۽ عقلمندي ۾). ان کان بعد ( جڏهن مال غنيمت حضرت علي ڪرم الله وجهه جي حوالي ڪيو ويو) سيدنا حضرت علي ڪرم الله وجهه ( پنهنجي گهر يا خيمي کان) ٻاهر تشريف آندي ته سندن مٿو مبارڪ ڍڪيل هو ( ڪنهن ٽوال يا ڪپڙي سان) ۽ پاڻ غسل ڪري ٻاهر نڪتا هئا. اصحابي سڳورن انهن کان پڇيو ته پاڻ فرمايائون ته اها نوجوان ڇوڪري جيڪا قيدين ۾ شامل آهي اها جيئن ته سندن ٿي چڪي آهي انڪري ان کي پسند ڪري چڪا آهن. (يعني ان سان صحبت ڪري ڇڏي آهي.) اهو ٻڌي ڪجهه اصحابي سڳورا حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ان عمل کي ناپسند ڪرڻ لڳا، جنهن کان پو بريده بن حصيب، خالد بن وليد جو هڪ خط کڻي نبي پاڪ وٽ پهتو. (جنهن ۾ هن واقعي جو اطلاع هو.)

بريده بن حصيب حضرت علي ڪرم الله وجهه کان
ناراضگي اختيار ڪرڻ وارن ۾ شامل هو. نبي پاڪ کي جڏهن خالد بن وليد جو خط مليوته
حضرت علي ڪرم الله وجهه ان وقت خمس جو مال کڻي يمن کان مڪي پاڪ پهچي چڪو هو ۽ پاڻ
سڳورا حج ڪرڻ لا انهن ڏينهن ۾ مڪي پاڪ ۾ تشريف فرما هئا، حج کان پو جڏهن مديني ڏانهن واپسي ٿي ته
حضرت علي ڪرم الله وجهه به ساڻن گڏ هئا. معلوم ٿئي ٿو ته خالد بن وليد جو خط نبي
پاڪ کي غدير خم جي مقام تي پهتو هو.
پاڻ سڳورن ان خط جي تصديق ڪئي جيڪو سيدنا خالد بن وليد جي طرف کان آيو هو ۽ جنهن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ان غلام ڇوڪري سان سلوڪ بابت ذڪر هو. اهو خط ملڻ کان پو حضور جن بريده کان پڇيو ته: اي بريده! ڇا تون علي سان بغض رکين ٿو؟ ( ان سان ناراض آهين؟) ته انهن فرمايو: جي ها. (مان ان سان ناراض آهيان.) پاڻ سڳورن فرمايو: ان سان بغض نه رک. انڪري جو بيشڪ علي مال خمس (مال غنيمت جي پنجين حصي) مان ان غلام ڇوڪري کان به وڌيڪ جو حصيدار آهي."
بخاري جي تشريح ۾ درج آهي

هڪ ٻي روايت موجب حضرت بريده رضي الله تعالى عنه
فرمائين ٿا ته ان کان پو مان حضرت علي ڪرم الله وجهه
سان سڀني کان وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳس.
امام احمد جي روايت ۾ اچي ٿو ته پاڻ سڳورن فرمايو ته علي سان دشمني نه رک، اهو منهنجو آهي ۽ مان ان جو آهيان، ۽ مون کان پوءِ علي توهان جو ولي آهي.
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته حضرت علي خلاف شڪايت ٻڌي پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ سرخ ٿي ويو ۽ پاڻ فرمايائون: جنهن جو مان ولي آهيان علي به ان جو ولي آهي.

صحيح بخاري جي
مٿين بنيان سان ڪنهن ڪنهن موافقت ڪئي آهي ؟؟
تاريخ
ابن ڪثير بداية والنهاية جي جلد نمبر 5 جي
صفحه 152 ۽135 (اردو ايڊيشن) تي بخاري سان موافقت ڪندي هن به غدير جو پس منظر يمن
واري واقعي کي قرار ڏنو آهي
ان کان علاوه
تاريخ طبري جلد نمبر 2 ص 370 (اردو ايڊيشن) تي ٿوري فرق سان موجود آهن
يعني اهلسنت جي عالمن
هن واقعي جي پس منظر کي قرآن جي آيت مان نٿا وٺن تنهن ڪري انهن هن واقعي کي ڪنهن
ٻي رخ جي طرف موڙي ڇڏيو.
اهل سنت وارا نه
غدير جي مقام جو انڪار ڪن ٿا نه خطبه جو انڪار ڪن ٿا ۽ نه ”من کنت مولا فهذا علي مولا“ جو انڪار ڪن ٿا ۽ نه وري عمر جو بخ بخ
چوڻ تي انڪار ڪن ٿا،
اهي هڪ ته غدير جو
پس منظر يمن واري واقعي کي وٺن ٿا (جڏهن ته ٻيا ڪافي اهلسنت جا علماء غدير جو پس
منظر آيت ابلاغ کي ئي تسليم ڪن ٿا،) ۽ ٻيوته حديث ۾ لفظ مولا مان مراد دوست جي وٺن
ٿا،
آيت
ابلاغ جو پس منظر شيعه ۽ اهلنست جي نظر ۾
اهلسنت جي مفسرن
آيت ابلاغ جو ترجمو هن طرح ڪيو آهي
سورت
المائده آيت 67
اي پيغمبر جيڪو (قرآن) توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (ايئن) نه ڪيئي ته سندس پيغام نه پھچايئي، ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

علماء
اهل سنت جي توجيه
(1)
حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن شروعات ۾ اسلام جي دعوت
مخفي طور ڏيندا هئا، ڇو ته ڪافر گهڻا هوندا هئا ۽ اهي حضور جن ۽ اصحابين سڳورن کي
ايذائيندا هئا، پو الله جله شانه هي آيت نازل ڪري کين
تسلي ڏني ته: هاڻي اوهان اسلام جي کلي دعوت ڏيو، الله تعالى اوهان کي ڪافرن کان
محفوظ رکندو. پو پهريان پهريان حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى
عنه جي هٿان اسلام جي اظهار جو ڪم شروع ڪيو ويو. حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى
عنه کلي طرح مسلمان ٿيو ۽ الله جل شانه حبيب ڪريم صلي
الله عليه وآله وسلم جن تي آيت مبارڪ "يا
ايهاالنبي حسبک الله ومن اتبعک من المؤمنين" اي نبي! اوهن جي لا الله ڪافي آهي ۽
جيڪو مومنن مان اوهان جو تابع ٿيو، نازل ڪرڻ فرمائي. (قرطبي جلد 6، ص 442)
(2)
محمد بن ڪعب قرطي کان روايت آهي
ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن سفر جي دوران جيڪڏهن ڪنهن ميدان ۾ منزل ڪندا
هئا ته اصحابي سڳورا رضي الله عنهم ڪو گهاٽي ڇانو وارو وڻ
ڏسي کين اتي تشريف فرما ٿيڻ لا عرض ڪندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ هڪ وڻ هيٺان تشريف
فرما هئا ته هڪ اعرابي آيو ۽ اچي عرض ڪيائين ته : اوهان پنهنجي اها تلوار مون کي
ڏيو ته مان ڏسان. پاڻ ڪريمن ان کي تلوار ڏنائون، ان هٿ ۾ وٺي کين چيو ته: هاڻي
اوهان کي مون کان ڪير بچايئندو؟ پاڻ ڪريمن فرمايو ته : الله (جل شانه). بس ايئن ٻڌڻ
سان ان جي بدن تي ڏڪڻي طاري ٿي ۽ تلوار ته هٿن مان ڪري پيس پر دماغ ايترومتاثر ٿيس
جو پاڻهي وڻ سان ٽڪر هڻي پنهنجو مٿو ڦاڙي وڌائين ۽ اتي جو اتي مري ويو. ( ابن جرير
جلد 4 جز 6، ص 199) ۽ الله جل جلاله پنهنجي پياري حبيب
صلي الله عليه وآله وسلم جن تي مٿين آيت نازل ڪئي جنهن جو مطلب آهي ته : اي پيارا
حبيب! اوهان دين جي دعوت ڏيندا رهو الله جل شانه اوهان جو محافظ ۽ مددگار آهي.
هن
آيت تي شيعه مڪتب فڪر جو استدلال
شيعه
مڪتبه فڪر موجب: الله جل شانه نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي حڪم ڏنو هو
ته حضرت علي المرتضى کي پنهنجي سڀني ماڻهن جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ ٻين ماڻهن کي به اهو
اطلاع ڏيو، پر حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن ان انديشي کان ته اها ڳالهه منهنجي
اصحابن مان هڪ ٽولي کي ڳري لکندي ۽ ماڻهو چوندا ته پنهنجي سؤٽ جي نفعي لا ٿو
ايئن چوي خاموش رهيا پو جڏهن
غدير جي مقام تي هي آيت "ياايهاالرسول بلغ ما انزل
اليک" نازل
ٿي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن حضرت علي ڪرم الله وجهه جو هٿ مبارڪ
پنهنجي هٿ ۾ وٺي ماڻهن کي ڏيکاري فرمايو ته : من
ڪنت مولاه فعلي مولاه. (
1.ترجمه مقبول ص 142، 2. ترجمه فرمان علي سنڌي حاشيه 1، ص 164 اشِه 30)
ڪنهن
به شيعه مفسر هن آيت جو شان نزول کي اول اسلام سان ناهي جوڙيو شيعه مفسرن وٽ اتفاق آهي
ته هي آيت غدير جي ميدان تي نازل ٿي
بعض اهل
سنت جي علماء هن آيت جي شان نزول کي غدير وارو واقعو قرار ڏنو آهي
(1)حافظ ابو جعفر محمد ابن جرير طبري متوفي 31، (پنهنجي شرح ، ج 1 ص 166)تي پنهنجي
تحقيق ڪيل حدثن سان بيان ڪن ٿا (۽ پنهنجي ڪتاب الولاية ۾ پڻ ذڪر ڪيو اٿس) : هن
حديث جو طريق زيد ابن ارقم کان نقل ڪيو آهي فرمائن ٿا : ڇو جو رسول خدا حجة الوداع
کان فارغ ٿي جڏهن غدير خم وٽ پهتا اُن وقت ظهر جو وقت هيو تمام گهڻي گرمي هئي
اُنهي وقت پيغمبر ظهر جي نماز با جماعت سان پڙهڻ جو چيو جڏهن اسان سڀ جمع ٿياسين
ته پپيغمبر اڪرم اُتي بيهي ڪري خطبو ارشاد فرمايو ۽ هن آية ” يا ايها الرسول
بلغ....) جي تلاوت ڪيائين ۽ فرمايائين ته اڄ مون وٽ الله جي طرفان جبرائيل آيو ۽
الله جو خاص پيغام کڻي آيو آهي جنهن جو مونکي حڪم ڏنو اٿس ته تمام ماڻهن جي درميان
مان اُن حڪم کي بيان ڪيان.اُهو حڪم هي آهي ته علي ابن ابي طالب منهنجو ڀاءُ، منهجو
وصي، منهنجو خليفو آهي ۽ مون کان پوءِ علي رهبر ۽ پيشوا آهي. مون جبرائيل کان
درخواست ڪئي ته خدا مونکي هن حڪم جي پهچائڻ کان آزاد فرماءِ ڇو جو مان ڄاڻيان ٿو
ته جيڪي تقوا وارا آهن اُهي گهٽ آهن ۽ ملامت ڪرڻ وارا گهڻا آهن، منهنجي اسرار کان
پوءِ خدا هن طرح منهنجي لاءِ ارشاد فرمايو آهي ته خدا اوهان کي ماڻهن کان بچائيندو
۽ هن حڪم جي ذمن ۾ خدا مونکي انهن ماڻهن جا نالا به ٻڌايا آهن جيڪي منهنجي خلاف
سازش ۾ مبطلا آهن ۽ هن آيت جي تلاوت ڪيائين” و منهم الذين يوذون النبي و يقولون هو
اذن قل اذن خير لکم“ اگر مان چاهيان ته انهن جا نالا به بيان ڪري سگهان ٿو، پر مان
نٿو چاهيان،
پوءِ ارشاد فرمايائين اي انسانو خدا منهنجي هن تبليغ جي قبوليت کي هن حڪم (ولايت علي ) جي اعلان جو جز قرار ڏنو آهي، اي انسانو توهان ڄاڻيو ته الله تعالي هن (علي) کي اوهان جو امير ۽ امام مقرر ڪيو آهي ۽ هن (علي) جي عطاعت کي سڀني جي لاءِ لازم ۽ واجب قرار ڏنو اٿس جنهن جو هو (علي) حڪم ڏي اُهو نافظ ٿي ويندو جيڪو هن سان مخالفت ڪندو اُهو رحمت خدا کان دور ٿي ويندو، جيڪو هن کي قبول ڪندو اُهو خدا جي رحمت جي سايه ۾ هوندو، جيڪو هن کان ٻڌو اُن جي عطاعت ڪيو، خدا اوهان جو مولا آهي ۽ علي اوهان جو امام (پيشوا ) آهي.

(2) حافظ
ابن ابي حاتم، ابو محمد حنظلي ، رازي ، متوفي 327 (پنهنجي شرح، ج 1
ص 169) تي بيان ڪن ٿا ته هن آيت غدير خم تي پيغمبر اڪرم تي نازل ٿي حضرت علي عليه
السلام جي امامت جي باري ۾ .
(3)حافظ، ابو عبد الله محاملي متوفاي 330 (شرح حال او در ج 1 ص 169 ) هن پنهنجي امالي ج، ص 98، تي ابن عباس کان روايت نقل ڪئي ته آيت ابلاغ رسول خدا تي اُن وقت نازل ٿي جڏهن رسول خدا حجة الوداع پڙهي ڪري مدينه جي طرف اچي رهيا هئا ته غدير خم وٽ هي آيت حضرت علي عليه السلام جي باري ۾ نازل ٿي
(4)حافظ ابوبکر فارسي، شيرازي، متوفاي 11/407 (شرح حال او در ج 1 ص 178) پنهنجي ڪتاب ” مانز من القرآن في اميرالمومنين“ ۾ پنهنجي سند سان ابن عباس کان روايت نقل ڪن ٿا ته هي آيت غدير جي ميدان تي حضرت علي عليه جي باري ۾ نازل ٿي.
(5) حافظ، ابن مردويه، متولد سال 323 و متوفاي سال 416 (شرح حال او در ج 1 ص 178)
پنهنجي سند سان بيان ڪن ٿا ته ابن سعيد خدري کان روايت آهي ته هي آيت”ابلاغ“ غدير واري ڏينهن حضرت علي جي باري ۾ نازل ٿي.
سائين اڃان ڪيترو بيان ڪجي ته جيڪو اوهان هن واقعي جو پس منظر بيان ڪيو آهي اُنهي کي ته اوهان جا علماء سڳورا به قبول نٿه ڪن ۽ ”من کنت مولا فهذا علي مولا“ کي ولايت طور ئي تسليم ڪري رهيا آهن،
آيت ابلاغ ۾ واضح الله جي طرفان حڪم آهي ته هن حڪم کي تمام مردن تائين پهچا ۽ هن غدير جو پس منظر به هن آيت سان منسلق آهي نه اُهو جيڪو اوهان بيان ڪيو آهي
انهن عالم سڳورن جيڪو بيان ڪيو آهي اگر امت اُنهي کي ئي غدير جو پس منظر سمجهي ها ته اڄ مسلمانن جي درميان ڪنهن به قسم جو اختلاف نه هجي ها، ڇو جو هن واقع ۾ رسول خدا واضح الفاظ سان حضرت علي عليه السلام کي مومنن جو امير مقرر ڪيو هو

ڪجه
اهم ڳالهيون
(1)
غدير وارو واقعو سند ولايت علي عليه
السلام آهي، پاڻ ڪريم فقط هن جاءِ تي حضرت علي عليه السلام جي لاءِ ولايت جو اعلان
ناهي ڪيو پر اول اسلام ۾ پيغمبر حضرت علي عليه السلام کي پنهنجو خليفو ۽ نائب مقرر
ڪري چڪا آهن.
(2)
هن حديث جي شهرت ۾ ڪنهن قسم جو شڪ ناهي جڏهن ته هن جو پڻ اهل سنت وارن اقرار
ڪيو آهي علامه اميني هن واقعي جي 110 صحابه 84 تابعين، 360 علماء اهلسنت،
کان پنهنجي ڪتاب الغدير ۾ نقل ڪيو اٿس.
(3)
هن جاءِ تي جيڪو شبهو بيان ڪيو ويو آهي اُن کي بيان ڪجي ٿو ته ڪجه متعصب علماء
اهلسنت هن واقعي ۾ بيان ٿيل حديث ”من کنت مولي فعلي
مولي“ ۾ لفظ مولي جي معني کي سرپرست،
ولايت ۽ حاڪميت لاءِ قبول نٿا ڪن چون ٿا ته لفظ مولا جيڪو رسول خدا غدير واري مقام
تي ارشاد فرمايو اُنهي جو مطلب ولايت الهي ۽ امامت جو هر گز ناهي انهن دوست ۽
مددگار جي معني ورتي آهي ۽ اهي دعوا ڪن ٿا ته هي واقعو حضرت علي عليه السلام جي
ولايت تي دلالت نٿو ڪري، اهل لغت وارن جيڪا مولا جي معني ڪئي آهي انهن منجهان دوست
جي معني به ڪئي آهي هاڻي ڇا جيڪي جيڪي لفظ مولا جون معنائون هجڻ ڇا اُهي سڀ ورتيون
وينديون؟ ڇا بعض کي اخذ ڪيو ويندو بعض کي رد ڪيو ويندو؟ جڏهن ته لفظ مولا جو معنائون
گهڻيون ئي آهن اهل سنت وارن فقط مولا جي معني ”دوست“ ڇو اخذ ڪئي آهي ؟؟؟ ڇا قرآن
مجيد ۾ جيڪو لفظ مولا استعمال ٿيو آهي ڇا اهو دوست جي معني ۾ آهي ؟؟؟
انهن هٺين آيت ۾ لفظ مولي
”فاليوم لا يوخذ منکم فدية ولا
من الذين کفروا ماويکم النار هي مولايکم و بئس المصير (حديد آيت (15)
” واعتصموا بالله هو موليکم فنعم لامولي و نعم النصير“ حج(78)
”ذالک بان الله مولي الذين آمنو و ان الکافرين لا مولي لهم“
محمد (11)
” بل الله موليکم وهو خير النصرين“ آل عمران ( 150)
”قل لن يصيبنا الا
ما کتب الله لنا هو مولينا“ توبه (51)
يدعوا لمن ضره اقرب من نفعه لبئس المولي و لبئس العشير“ حج
(13)
هنن سڀني آيتن ۾ مفسرين لفظ مولي جي
معني ولي ۽ سرپرست ڪئي آهي ۽ پڻ حديث ۾ به
آيو آهي
” ايما امراة نکحت بغير اّن مولاها
فنکاحها باطل( ابو جعفر محمد بن الحسين
طوسي، الاقتصاد الهادي الي طريق الرشاد“ نقل از مسند احمد ج 6 ص 44)
هن حديث ۾ محدثين مولي مان ولي جي معني ورتي آهي يعني عورت جو ولي ، ”عورت جو
ولي ڪير آهي؟ ڇا دوست وٺي سگهون ٿا؟ هر گز نه جهڙي ريت آيتن ۾ بيان ٿيو آهي انهن
کي اسان دوست جي معني ۾ نٿا وٺي سگهون اهڙي طرح هتي به ولي جي لاءِ استعمال ٿيو
آهي عورت جو ولي جيڪا ڪنواري هوندي آهي پيءَ يا ڏاڏو هوندو آهي.
علامه اميني
صاحب پنهنجي ڪتاب الغدير ۾ 14 اهل سنت جي محدثن ۽ عالمن کان لفظ مولي جي
معني غدير واري خطبي ۾ ”ولي ۽ سرپرست“ جي نقل ڪئي آهي يعني انهن سڀني اقرار ڪيو
آهي ته هتي لفظ مولي مان ولي ۽ سرپرست مراد آهي.
شواهد ۽ قرائن
هن واقعي جا
ڪافي شاهد ۽ اهڙا قرينا موجود آهن جن مان هن لفظ مولي جي معني کي سمجهي سگهجي ٿو.
الف؛ رسول خدا جو هڪ لک چوويھ هزار حاجين کي هڪ
بيابان ۾ قيام ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جڏهن ته پاڻ ڏسن به پيا ته انهن منجهان ڪافي پوڙها
به آهن انهن جي لاءِ هن اُس ۾ قيام ڪرڻ مشڪل آهي ڇا ٿي سگهي ٿو ته صرف انهي اعلان
جي لاءِ ته جنهن جو مان دوست آهيان علي اُن جو دوست آهي؟؟؟ ڇا رسول اڪرم ۽ حضرت
علي جي رشتي جي ڪنهن کي خبر نه هئي؟؟؟ ڇا صحابه نه ڄاڻيندا هئا ته نبي پاڪ جي حضرت
علي سان ڪيتري محبت هئي؟؟
جيڪڏهن اسان
رسول خدا جي غدير کان پهريان واري زندگي تي نظر ڪنداسين ته اسان کي زبان پيغمبر جي
۽ فضائل علي جا ٻڌڻ ۾ ايندا، هر وقت علي جي فضيلت کي بيان ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي ؟
چا انهن صحابه علي جا فضائل نه ٻڌا هئا؟ ڇا ٿي سگهي ٿو ته جيڪو اسلام ۾ ايڏو فعال
هجي ۽ رسول خدا اُن کي دوست نه رکي ۽ وري ايڏي وڏي مجمع ۾ فقط علي جي دوستي جو اعلان
ڪري ؟؟؟؟
ب: خطبه غدير
جو مقدمه مان جيڪو پاڻ ڪريمين قريب ۾ رحلت پنهنجي رحلت جي پيشن گوئي ڪنهن هي اِن
ڳالھ جو قرينو آهي ته پيغمبر جانشين طور مولي جو لفظ استعمال ڪيو آهي نه دوستي جو
ڇو جو رسول خدا جي رحلت جو وقت قريب هو ۽ پاڻ ڄاڻين پيا ته آئون انقريب هن دنيا ۾
رحلت ڪري ويندس تنهن ڪري هن غدير خم تي پنهنجي جانشين جو اعلان ڪيو نه ڪه پنهنجي
دوست جو !!!
ج: پيغمبر
هن خطبي ۾ حاجين کان مخاطب ٿي ڪري فرمايائون ”الست اولي بکم من انفسکم ؟“ ڇا مان
توهان جي نفسن تي توهان کان وڌيڪ حاکم ناهيان ؟؟ سڀني هڪ آواز ۾ مثبت جواب ڏنو
”ها“ اُن کان فورن بعد پيغمبر ارشاد
فرمايو ” من کنت مولا فهذا علي مولا“ جنهن جنهن جو مان مولا آهيان بس علي هن جو
مولا آهي“
د: خطبي غدير جي اختتام تي حاجين جو مولا
علي عليه السلام کي مبارک ڏيڻ هي مربوط آهي فقط ولايت سان ، ڪو ڪنهن جو دوست ٿئي
ته مبارڪ ڏني ويندي آهي يا ڪو ڪنهن عهدي تي منتخب ٿئي پوءِ مبارک ڏني ويندي آهي
؟؟؟ ها جنهن کي قبول نه ڪرڻو هوندو اهي ته هزار تعويلن سان هن معني کي پنهنجي مدعي
۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر هن جاءِ تي وڏن وڏن صحابن حضرت علي عليه السلام کي اميرالمومنين چئي ڪري مبارک ڏني آهي
، جيئن اهلسنت وارن به نقل ڪيو آهي ته حضرت عمر به حضرت علي عليه السلام کي مبارک
ڏني هئي ته تون اڃ کان پوءِ منهنجو ۽ هر مومن ۽ مومنه جو ولي آهين،
ه: آيت
اڪمال دين و اتمام نعمت جو نازل ٿيڻ فقط انهي دوستي جي اعلان تي ؟؟ ڇا ٿي سگهي ٿو
ته اسان اِهيو چئي ڪري جان ڇڏرايون ته حضرت علي سان دوست تي دين جي تڪميل ٿي؟؟؟
و: حسّان بن ثابت جيڪو عرب جو مڃايل
شاعر آهي غدير واري ڏينهن تي رسول خدا کان اجازت وٺي ڪري مولا علي عليه السلام جي
مدح ۾ جيڪي شعر پڙهيا هن انهن شعرن ۾ لفظ مولا مان امام ۽ هادي مراد ورتو
”فقال لہ: قُم يا علي فانّنِي رضيتُک من بعدي اماماً و هاديا
۽ جڏهن حضرت علي عليه السلام معاويه جي لاءِ هڪ خط موڪليو هيو اُن ۾ به مولا
پنهنجي ولايت جو ذڪر ڪيو هو
و اجب لي ولايتہ عليکم رسول الله يوم غدير خُم
اوهان جي لاءِ الله جي رسول منهنجي ولايت کي واجب قرار ڏنو هو غدير جي ڏينهن“
(4) هڪ اهم مغالطو
هڪ اهم مغالطو
جيڪو برادران اهلسنت وارن جي صفن ۾ موجود آهي اُهو هي ته جيڪو ابن ڪثير حادثہ غدير
جي وجه کي قرار ڏنو آهي
هي ڳالھ واضح
ٿيڻ گهرجي ته جڏهن حضرت علي عليه السلام يمن جي طرف ويا هئا ته مولي جي ماتحت 300
سپاهي هئا مولا حج لاءِ مکه ۾ انهن سڀني سپاهين سان گڏجي حج کان پهريان ئي پهچي
ويا هئا
ابن
ڪثير جي مطابق انهن سپاهين حضرت علي عليه السلام جي لاءِ بجا
تصرف( يعني ڪنيز سان مصاحبت) جي شڪايت ڪئي (بداية النهايہ ج 5 ص 208_ 209)
ابن
ڪثير بيان ڪيو ته غدير جو پس منظر يمن واري واقعي جي ڪري هو تڏهن
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن حاجين جي درميان علي جي امانت داري ۽
عدالت کي واضح ڪيو ۽ دوست طور تي حضرت علي جو تعارف ڪرايو .(بداية. ج 5 ،.208)
هي توجيه ڪرڻ
صحيح ناهي ڇو جو جڏهن حضرت علي عليه السلام مکه ۾ وارد ٿيا هئا تڏهن جيڪي حضرت علي
عليه السلام سان گڏ سپاهي هئا انهن شڪايت ڪئي هئي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم انهن سڀني کي حج کان پهريان ئي فرمايو هو:
يا
ايها الناس لا تشکوا علياً فوالله انہ لاخشن في ذات الله او في سبيل الله(من ان
يشکي)
اي انسانو توهان علي جي متعلق شڪايت نه ڪيو ڇو جو
علي خدا جي فرمان کي جاري ڪرڻ ۾ سختي سان عمل ڪندو آهي ۽ ڪنهن ٻي(ڊڄ) جي پرواه
ناهي ڪندو(تاريخ الامم والملوک ج 3 ،ص 168، (نهاية الارب في فنون الادب، ترجمه
محمود مهدوي دامغاني،ج 2 ص 329، البداية والنهاية ج 5 ص 209 ر ک: ترجمة الامام علي
من تاريخ مدينة الدمشق، تاليف حافظ اب عساکر، تحقيق الشيخ محمد باقر
المحمودي(بيروت:دارلتعارف للمطبوعات، 1395 ه ق ) ج 1 ص 386)
بس رسول خدا وٽ
جيڪا شڪايت ڪئي وئي اُها رسول خدا ٽي سئو نفر کي مخاطب ڪر حضرت علي عليه السلام جي
باري ۾ شڪايت جو ازالو ڪيو هاڻي غدير ۾ انهي ساڳي ڳالھ کي دهرائڻ کا معقول وجه
ناهي ڇو جو جڏهن ٽي سئو جي رنجش ختم ٿي وئي ته هڪ لک چوويھ هزار نفرن جي سامهون
اهڙي ڪا به ڳاله نه ڪئي جيڪا يمن واري واقعي سان تعلق رکي ۽ نه ئي پنهنجي خطبي جي
اندر علي جي باري ۾ يمن جي شڪايت جو تذڪرو ڪيو غدير وٽ الله جو پيغام پهچائڻ مقصد
هو جيڪو پاڻ ڪريم تمام حاجين سڳورن تائن پهچائي چڏيو
هڪ جهڙيون تحريرون:
غدير بابت مسلمانن جا نظريه
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: