Ad 468 X 60

Friday, March 27, 2015

امام زمانہ C جون لکتون ۽ توقيعات

امام زمانہ C جون لکتون ۽ توقيعات
 تحرير: راشد علي چانڊيو
مهاڳ:
هن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ته زمين ڪنهن به وقت الله تعالي جي نمائيندي ۽ هادي کان خالي ناهي هوندي، هميشه هڪ معصوم  ماڻهن جي درميان موجود هوندو آهي جيڪو انهن جي درميان الله تعالي جي حڪم کي بيان ڪندو آهي
، اڄ به پيغمبر اڪرم 4 جي جانشينن منجهان هڪ جانشين موجود آهي جيتوڻيڪ اُهو هادي ماڻهن جي نظر کان اوجهل آهي پر سندس برڪتون ۽ خيراتون اڄ به مسلمانن جي مٿان جاري آهن.
هن وقت به پيش ايندڙ مسائل ۽ شبهات جي حل لاءِ امام زمانه عجل الله فرجه الشريف جي توقيعات ۽ لکتن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي ٿو، اُهي توقيعات ۽ لکتون امامC پنهنجي خاص، مورد اعتماد ۽ جليل القدر اصحاب ۽ علماءِ ڏانهن موڪليون آهن. هن تحرير ۾ امامC جي توقيعات ۽ لکتن جي مختصر وضاحت ڪنداسين.

توقيع ڇا آهي ؟
توقيع جي معنا آهي حاشيو لکڻ ۽ اصطلاح ۾ ان خط ۽ حڪم کي چيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن بادشاه يا خليفي جي چوڻ تي اُن جو خاص فرد لکندو آهي. (1) پر شيعن وٽ انهن لکتن، فرمانن ۽ خطن کي توقيع ڪوٺيو ويندو آهي جيڪي امام زمانہ C جي غيبت ۾ امام C جي طرفان پنهنجي شيعن تائين پهتا آهن ۽ توقيعات مان اسان جي مراد به اِها ئي آهي، مشهور  شيعه ڪتابن جهڙوڪ: ڪمال الدين شيخ صدوق، غيبت شيخ صدوق، احتجاج طبرسي، بحارالانوار مجلسي وغيرهه ۾ امام زمانه C جون تقريبا 80 توقيعات  نقل ٿيل آهن انهن مان اڪثر جو تعلق سفيرن ۽ پنهنجي نواب خاص سان آهي، ڪجهه جو تعلق  شيعه علماء  سان آهي جيڪي ڪجھ سوالن جي جوابن ۾ ذڪر ٿيون آهن ۽ ڪجھ انهن شخصن جي باري ۾ لعنت ۽ نفرين تي مشتمل آهن جن امامC ڏانهن ڪوڙي نيابت يا ڪوڙ جي نسبت ڏئي پنهنجي پاڻ کي امام جو سفير چورايو هو.

توقيعات جا قسم
الف ـ امام C پاران غيبت صغرا ۾ توقيعات
غيبت صغرا جي ( 255کان 329ھ تائين واري) محدود عرصي دوران جيڪو تقريبا 74 سال تي مشتمل آهي امام زمانه C جون توقيعات چار خاص نائبن (عثمان بن سعيد، محمد بن عثمان، حسين بن روح ۽ علي بن محمد سمري) جي ذريعي  شيعن جي سوالن جي جواب طور ۽ انهن کي پيش ايندڙ شبهات جي جواب ۾ موڪليون وينديون هيون، اسان هتي  امام C طرفان پنهنجي آخري نمائيندي (علي بن محمد سمري) ڏانهن موڪليل توقيع  کي بيان ڪريون ٿا:
 ) بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ يَا عَلِيَّ بْنَ مُحَمَّدٍ السَّمُرِيَّ أَعْظَمَ اللَّهُ أَجْرَ إِخْوَانِكَ فِيكَ فَإِنَّكَ مَيِّتٌ مَا بَيْنَكَ وَ بَيْنَ سِتَّةِ أَيَّامٍ فَاجْمَعْ أَمْرَكَ وَ لَا تُوصِ إِلَى أَحَدٍ فَيَقُومَ مَقَامَكَ بَعْدَ وَفَاتِكَ فَقَدْ وَقَعَتِ الْغَيْبَةُ التَّامَّةُ فَلَا ظُهُورَ إِلَّا بَعْدَ إِذْنِ اللَّهِ تَعَالَى ذِكْرُهُ وَ ذَلِكَ بَعْدَ طُولِ الْأَمَدِ وَ قَسْوَةِ الْقُلُوبِ وَ امْتِلَاءِ الْأَرْضِ جَوْراً وَ سَيَأْتِي إِلَى شِيعَتِي مَنْ يَدَّعِي الْمُشَاهَدَةَ أَلَا فَمَنِ ادَّعَى الْمُشَاهَدَةَ قَبْلَ خُرُوجِ السُّفْيَانِيِّ وَ الصَّيْحَةِ فَهُوَ كَذَّابٌ مُفْتَرٍ وَ لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ الْعَلِيِّ الْعَظِيم( (2)
شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان ۽ رحيم آهي، اي علي بن محمد سمري! خداوند عالم منهنجي غيبت دوران تنهنجي ڀائرن جو اجر وڌائي، ڇو جو تون ڇهن ڏينهن کان پوءِ هن دنيا کان هليو ويندين، تنهن ڪري پنهنجا ڪم سميٽي وٺ ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نائب نه بڻاءِ، ڇو جو هاڻي منهنجي غيبت ڪبري شروع  ٿي رهي آهي ان ڪري جو هاڻي مان ظاهر نه ٿيندس سواءِ الله تعالي جي حڪم جي  تمام گهڻي عرصي کان پوءِ جڏهن دليون زنگجي وينديون ۽ زمين ظلم ۽ جور سان ڀرجي ويندي، عنقريب منهنجي شيعن پاران منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪئي ويندي، ڄاڻي وٺو ته جيڪو به سفياني جي خروج ۽ آسمان کان آواز اچڻ کان اڳ منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪري اهو ڪوڙو  ۽ بهتان هڻڻ وارو آهي، ڪابه طاقت ۽ قدرت  الله تعالي، بزرگ ۽ اعلي کان وڏي نه آهي .
ب ـ امام طرفان غيبت ڪبري ۾  توقيعات
اڄ به غيبت ڪبري دوران امام مهدي C جو پنهنجي شيعن سان اڻسڌو رابطو جاري آهي، هن عرصي دوران امام جون توقيعات شريف پنهنجي خاص ماڻهن ڏانهن صادر ٿيون آهن، غيبت ڪبري دوران جيڪي توقيعات صادر ٿيون آهن انهن ۾ ٻه خصوصيتون آهن
پهرئين: اها ته اُهي توقيعات ضرورت وقت هر ڪنهن جي لاءِ صادر نه ٿيون آهن( يعني صرف خاص افراد تائين محدود رهيون آهن)
ٻئين: اها ته اهي شبهات جي جواب، جرح، ڪنهن شخص جي عدالت ۽ روزانه پيش ايندڙ مسائل جي حل لاءِ صادر ٿيون آهن.
دليل جي طور تي اسان هتي امام C جي غيبت ڪبري دوران اهم توقيع ڏانهن جيڪا شيخ مفيد S سان خطاب طور صادر ٿي آهي اشارو ڪريون ٿا:
اسان تنهنجي دعائن تي توجهه ڏني آهي، الله سائين تنهنجي ان مقام سبب جيڪو دوستن جي نزديڪ رکين ٿو تنهنجي حفاظت ڪري ۽  تو کي دشمنن جي سازشن کان محفوظ رکي. جيتوڻيڪ اسان اهڙي جاءِ تي آهيون جتي دشمن اسان تائين نٿا پهچي سگهن جڏهن ته هاڻي ۽  جيستائين هي دنيا فاسقن جي هٿن ۾ آهي خداوند عالم جي مصلحت به اسان ۽ اسان جي شيعن بابت اها آهي. اسان تنهنجي زندگي کان هر وقت آگاهه آهيون ۽ جيڪي خبرون ۽ اذيتون اسان جي دشمنن جي طرفان تو کي ملن ٿيون انهن کان به آگاه آهيون، جيڪي اذيتون توکي ملن ٿيون اهڙيون اڳين صالح شخصن کي به ملنديون هيون. پر اسان توکي ڪڏهن به وساريو ناهي توتي مڪمل توجهه ڏني آهي نه ته تون تمام وڏين مصيبتن ۾ اچي وڃين ها يا وري دشمن توکي تباهه ڪري ڇڏين ها، تقوا ۽ پرهيز گاري کي هميشه پاڻ سان گڏ رکجان..(3)
امام Cجا خط ۽ توقيعات شريفه
هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪي توقيعات امام C ڏانهن منسوب ٿيل آهن ڇا حقيقت ۾ به اُهي توقيعات امام C جون پنهنجيون لکتون ۽ خط آهن؟
يعني امام پنهنجي هٿن سان لکيون آهن يا نه امام ڪنهن کي حڪم ڪيو آهي ان امام جي چوڻ تي توقيع لکي آهي؟ جواب ۾ چونداسين ته ائين نه آهي جو سڀئي توقيعات امام C پنهنجي مبارڪ هٿن سان لکيون هجن  پر انهن مان ڪجهه يقني طور تي امام C پنهنجي هٿن سان لکيون آهن ۽ ڪجهه ٻيون پنهنجي معتمد اصحاب کان لکرايون آهن. جيئن ڪجھ عالمن جو اعتقاد آهي ته ڪجهه توقيعات کي لکڻ وارو امام C پاڻ ئي آهي ايستائين جو امام C جا جيڪي خاص اصحاب ۽ اُن وقت جا مشهور عالم هئا انهن وٽ مشهور هئو ۽ اهي انهي تحرير کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا ۽ هن دعوا جا ڪجهه شاهد آهن جن کي هتي ذڪر ڪريون ٿا:
1ـ اسحاق بن يعقوب چئي ٿو: مون کي هڪ مشڪل پيش آئي مون هڪ خط لکي محمد بن عثمان جي ذريعي سان حضرت مهدي C جي خدمت ۾ موڪليو، مون کي اُنهي جو جواب امام C جي پنهنجي هٿن سان لکيل خط ذريعي مليو. (4)
2ـ شيخ صدوق S کان به انهي طرح نقل ٿيو آهي: امام زمانه C پاران منهنجي والد محترم لاءِ هڪ خط صادر ٿيو هئو جيڪو هن وقت تائين مون وٽ موجود آهي. (5)
3ـ شيخ ابو عمر عامري چئي ٿو: ابن ابي غانم قزويني جو شيعن جي هڪ وڏي ٽولي سان ڪنهن مسئلي تي اختلاف ٿي پيو. انهن پنهنجي اختلاف کي حل ڪرڻ لاءِ امام زمانه C جي خدمت ۾ خط لکيو ۽ پنهنجي مسئلي کان امام C کي آگاه ڪيائون، امامC پاران اُنهي مسئلي جو پنهنجي هٿن سان لکيل جواب کين موصول ٿيو. (6)
ٻئي نظرئي مطابق جن جو چوڻ آهي ته توقيعات امام C پنهنجي هٿن سان ناهن لکيون پر انهن جي حڪم سان سندن معتمد افراد لکيون آهن به ڪجهه شاهد ذڪر ڪيا ويا آهن جن مان ڪجهه هتي پيش ڪريون ٿا.
1ـ ابو نصر هبة الله چئي ٿو: امام زمانه C جون توقيعات اُنهن خطن وانگر ئي صادر ٿينديون هيون جيئن امام حسن عسڪري عليه السلام جي دور ۾ عثمان بن سعيد ۽ محمد بن عثمان جي ذريعي شيعن جي لاءِ صادر ٿينديون هيون. (7)
2ـ عبدالله بن جعفر حميري کان نقل ٿيل آهي ته: جڏهن عثمان بن سعيد وفات ڪري ويو امام C جون توقيعات جهڙي نموني سان عثمان جي زندگي ۾ اسان تائين پهچنديون هيون اهڙن ئي اکرن سان ملنديون رهيون. (8)
هن وضاحت مان اهو نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته ڪجهه توقيعات امام زمانه C جي پنهنجي اکرن سان صادر ٿيون آهن ۽ ڪجهه امام C جي چوڻ تي ڪنهن معتمد شخص جي لکت سان، هر لحاظ سان هي توقيعات امام زمانه C جي طرفان ئي صادر ٿيون آهن.
حضرت امام مهدي C جي طرفان جاري ٿيل توقيعات  ۾ ڪافي خصوصيتون آهن جن مان اسان ڪجهه جي طرف اشارو ڪريون ٿا.
امام C جو پنهنجي غيبت ڪبري جي خبر ڏيڻ ۽ پنهنجي ظهور جون علامتون بيان ڪرڻ:
امام C پنهنجي ان توقيع ۾ جيڪا علي بن محمد سمري ڏانهن لکي هيائون، فرمائن ٿا  ) فقد وقعت الغيبة التامة فلا ظهور الا بعد اذن الله ا...( (9)  هاڻي منهنجي غيبت ڪبري شروع ٿي چڪي آهي ۽ منهنجي ظهور جي ڪا خبر ناهي سواءِ ان جي جو جڏهن الله جو حڪم ٿيندو اهو به تمام گهڻي مدت کان پوءِ جڏهن ماڻهن جي دلين تي زنگ چڙهي ويندا ۽ هي دنيا ظلم ۽ جور سان ڀرجي ويندي.
امام Dجو شيعن جي احوال کان واقف هجڻ
امام C شيخ مفيد Sکي پنهنجي توقيع ۾ هن طرح ارشاد فرمايو: اسان تنهنجي زندگي جي تمام حالتن کان واقف آهيون، جيڪي خبرون ۽ اذيتون توکي دشمنن جي طرفان رسن ٿيون انهن کان به مڪمل طور تي آگاه آهيون، جيڪي تو کان پهريان صالح انسان هئا انهن جي به اهڙي ڪيفيت هوندي هئي، پر اسان ڪڏهن به تو کي وساريو ناهي تو تي اسان جي مڪمل توجهه آهي نه ته تون تمام وڏين مصيبتن ۾ پئجي وڃين ها يا وري دشمن تو کي نابود ڪري ڇڏي ها، تقوا ۽ پرهيز گاري کي هميشه پاڻ سان گڏ رک... (10)

امام Cجو پنهنجي ديدار ۽ نائبي جي دعوا ڪرڻ وارن کان لاتعلقي
امام C هڪ خط علي بن محمد سمري ڏانهن  انهن شخصن جي باري ۾ لکيو جن امام C جي ديدار ۽ سندس نائب هجڻ جي دعوا ڪئي هئي. جنهن ۾ امام C فرمايو:
)وسياتي من شيعتي من يدعي المشاهدة...( (11) عنقريب منهنجي شيعن منجهان ڪجهه منهنجي ڏسڻ ۽ منهنجي نيابت جي دعوا ڪندا، ڄاڻي وٺو ته جيڪو به شخص سفياني جي خروج ۽  آسماني آواز کان پهريان منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪري اهو ڪوڙو آهي ۽ مون ڏانهن ڪوڙ جي نسبت ڏئي رهيو آهي.

آئمه اهلبيت   F بابت شڪ ڪرڻ وارن جو شڪ دور ڪرڻ لاءِ توقيع
امام C ڪجهه شيعن لاءِ توقيع صادر ڪئي جن جو گمان هئو ته امام حسن عسڪري C جو ڪو به جانشين ناهي، امام C هن ريت فرمايو: توهان منهنجان ڪجهه ماڻهن دين جي امر ۾ شڪ ڪيو آهي ۽ جيڪو شڪ ۽ ترديد صاحبان امر جي باري ۾ توهان جي دلين ۾ موجود آهي اُن جي خبر مون تائين پهتي آهي، هن کي ٻڌي ڪري  نه توهان جي خاطر ۽ نه پنهنجي خاطر غمگين ٿيو آهيان، ڇو جو حق اسان سان آهي، اسان ڪنهن ٻئي جا محتاج ناهيون سواءِ الله تعالي جي. ان لحاظ سان جيڪو به اسان جي اطاعت کان منهن موڙيندو اهو اسان کي ڪڏهن به وحشت ۾ نه وجهندو. اسان الله جي نعمتن جو سبب آهيون ۽ ماڻهو اسان جي وجود جي طفيل انهن نعمتن کان سيراب ٿين ٿا، اي انسانو! ڇا جي ڪري توهان شڪ ڪري رهيا آهيو؟ هن ڳالهه کي توهان مشڪوڪ ڪري رهيا آهيو؟ ڇا توهان ناهي ٻڌو ته الله تعالي جو فرمان آهي )يا ايها الذين آمنو اطيعو الله و اطيعو الرسول و اولي الامر منکم( (12) ڇا توهان ناهي ٻڌو ته توهان جي گذريل امامن F سان حادثا پيش آيا آهن ۽ ايندڙ امامن کي به حادثا پيش ايندا؟ ڇا توهان کي خبر ناهي ته الله سائين توهان لاءِ مضبوط ڪوٽ ۽ قلعا قرار ڏنا آهن جن وٽ پناهه وٺو ۽ اوهان لاءِ حضرت آدم C جي زماني کان وٺي امام عسڪري C جي زماني تائين مورچا ۽ پناهگاهون قرار ڏنيون اٿس ته انهن ۾ پناهه وٺو ۽ علامتون مقرر ڪيون اٿس جن وسيلي هدايت وٺو اهڙي ريت جو جيڪڏهن انهن منجهان هڪ لڪي ٿو ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو ۽ جڏهن به هڪ ستارو غروب ڪري ٿو ٻيو چمڪڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن امام حسن عسڪريC رحلت ڪئي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ماڻهن کان جدا ٿي ويو ته توهان گمان ڪيو ته پالڻهار پنهنجي دين کي باطل ۽ پنهنجي ۽ ماڻهن جي درميان واري واسطي کي قطع ڪري ڇڏيو. ايئن نه هئو ۽ قيامت تائين به ائين نه ٿيندو ايستائين جو خدا جو امر ظاهر ٿئي. جڏهن ته ماڻهن کي اهو امر نه وڻندو. گذريل امام (عسڪري C) سعادت واري موت ماڻي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ماڻهن کان جدا ٿي ويو. ليڪن ان جي وصيت، ان جو علم، ان جو اولاد، ان جو جانشين اسان جي درميان آهي ۽ ظالمن ۽ گنهگارن کان سواءِ ڪنهن جو ان بابت اسان سان ڪو نزاع ڪونهي ۽ ڪافر ۽ منڪر کان علاوهه ٻيو ڪو ان عظيم منصب جي دعوا نه ڪندو، جيڪڏهن الله جي امر مغلوب ٿيڻ ۽ الله جي راز ظاهر ٿيڻ جو لحاظ نه رکيو وڃي ها ته اسان جو امر اهڙي ريت اوهان جي سامهون ظاهر ٿئي ها جو توهان جا عقل دنگ رهجي وڃن ها ۽ توهان جا شڪ شبها ختم ٿي وڃن ها... ڇا توهان نٿا ڄاڻيو ته جيڪي واقعا گذريل امامن F سان ٿيا اهي روايتن جي روشني ۾ توهان جي سامهون آهن.

امام Cپاران پنهنجي شيعن لاءِ دعائيه توقيع
امام C پنهنجي پهرئين نائب جناب عثمان بن سعيد جي رحلت کان پوءِ هن ريت فرمايو: خداوند عالم سندس پٽ جي حفاظت ڪري جيڪو پنهنجي پيءَ جي موجودگي ۾  به قابل اعتماد هو، خداوند عالم کانئس ۽ سندس پيءَ کان راضي هجي ۽ سندس پيءَ جي روح کي خوشحال ڪري، جنهن جو پٽ اسان جي نزديڪ پنهنجي پيءَ واري منزلت رکي ٿو، جيڪو ڪجهه هو اسان جي طرفان چوي اهو اسان جي ئي چوڻي آهي ۽ اسان جي فرمانن تي عمل ڪرڻ آهي. (13)
يا جيڪو ابو عمر عمري کان نقل ٿيل آهي امام C اُنهي توقيع ۾ پنهنجي شيعن کي فرمائي ٿو: بسم الله الرحمن الرحيم. پروردگار عالم اوهان کي فتنن کان بچائي، اسان کي ۽ اوهان (شيعن) کي يقين وارو روح عطا فرمائي ۽ اسان ۽ اوهان کي بري عاقبت کان پري رکي. (14)
امام C احمد بن اسحاق اشعري  جي حق ۾ دعا ڪندي هي توقيع لکي: بسم الله الرحمن الرحيم اي اسحاق! تنهنجو خط مون تائين پهتو خداوند عالم تو کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. (15)
يا جيڪا توقيع امام C شيخ ابوالقاسم حسين بن روح کي لکي: خداوند عالم تنهنجي عمر طولاني فرمائي، سڀ ڀلايون تو تي وسائي، تنهنجي عمل کي خير ۽ خوبي سان تمام ڪري ۽ تنهنجي نيڪ بختي کي هميشه قائم رکي. (16)

امام عليه السلام پاران مخالفن ۽ بدعت ڪرڻ وارن کان لاتعلقي لاءِ توقيع
امام عليه السلام محمد بن علي شلمغاني جيڪو ”ابن ابي الغراقر“  جي نالي سان مشهور هئو، کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو ۽ مٿس لعنت ڪئي، هو پهريان شيعه مذهب تي هئو بعد ۾ منحرف ٿي ويو ۽ هڪ جعلي مذهب کي اختيار ڪيائين، امام C هن ريت فرمايو: (اي ابو القاسم حسين بن روح) جن جي دينداري ۽ اعتماد بابت تو کي يقين هجي، انهن تائين هي حڪم پهچاءِ ته محمد بن علي شلمغاني جنهن تي خدا پنهنجي عذاب ۾ جلدي ڪري ۽ کيس مهلت نه ڏئي اسلام کان منحرف ٿي ويو آهي، ان کان پري ٿي وڃو هن خدا جي دين ۾ ملحدي وارو طريقو اختيار ڪيو آهي، هن اهڙي دعوا ڪئي آهي جيڪا ڪفر جو باعث بڻي آهي، خدا تي ڪوڙ ۽ تهمت هنئي اٿس ۽ پنهنجي پاڻ کي وڏي مصيبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو اٿس، جيڪو به حق کان ڦري وڃي ۽ خدا تي ڪوڙ هڻي اهو گمراه ۽ پنهنجو نقصان ڪندڙ آهي. اسان هن کان خدا ۽ ان جي رسول جي خاطر بيزاري اختيار ڪريون ٿا ۽ مٿس لعنت ڪريون ٿا، اُن جي ظاهر ۽ باطن تي هر وقت خدا جي لعنت هجي ۽ انهن تي به لعنت هجي جيڪي هن جا پيروڪار آهن. (17)

دعا جي تعليم ۽ توسل جي لاءِ توقيع
نقل ٿيل آهي ته عبدالله بن جعفر حميري دعا جو طريقو ۽ توسل پيدا ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو، امام C توقيع جي ذريعي سان فرمايو: جڏهن به چاهيو ته اسان جي واسطي سان الله ۽ اسان سان توسل پيدا ڪريو ته هن طرح خداوند عالم کي عرض ڪريو: )سلام علي آل ياسين السلام عليک يا داعي الله و رباني آياته ، السلام عليک يا باب الله و ديان دينه..{ (18)
هن جي وضاحت هن ريت آهي ته هي دعا ”زيارت آل ياسين” جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن کي محدث قمي مفاتيح الجنان ۾ امام زمانه C جي زيارت جي عنوان سان ذڪر ڪيو آهي.

شبهات ۽ فقهي حڪمن جا جواب
محمد بن يعقوب ڪليني S، اسحاق بن يعقوب کان نقل ڪيو آهي: مون محمد بن عثمان بن سعيد عمري جي خدمت ۾ عرض ڪيو، منهنجو خط ”جنهن ۾ پنهنجو مشڪلون لکيون اٿم امام C جي خدمت تائين پهچايو. امام C جو توقيع ۾ جواب آيو: انهن جي قريب ٿيڻ ايئن آهي جو انهن کي خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ قرابت جي ڪا به ضرورت ناهي، جيڪو به منڪر ٿيندو اهو اسان منجهان ناهي ۽ اُن جو حشر نوح جي پٽ وارو ٿيندو، منهنجي چاچي جعفر (ڪذاب) جو حشر  حضرت يوسف پيغمبر جي ڀائرن وارو ٿيندو .
هاڻي تنهنجو جواب ته فقاع (اُٻريل جوءَ جو پاڻي) پيئڻ حرام آهي... ۽ اٻريل گوگڙو جو پاڻي پيئڻ ۾ ڪو اشڪال ڪونهي.
مان توهان جي رقمن کي قبول نه ڪندس سواءِ ان جي جو توهان پنهنجي پاڻ کي پاڪ ڪريو، هر هڪ جي مرضي آهي  ته هو اسان سان ٿئي يا چاهي اسان کان جدا ٿئي، ڇو جو جيڪا نعمت خداوند عالم اسان کي ڏني آهي اُها اوهان کي ڏنل نعمتن کان وڌيڪ بهتر آهي، پر جيڪي شبهات يا واقعا پيش اچن ٿا اُن لاءِ روايتن ۽ اسان جي علماءَ جي طرف رجوع ڪريو اُهي اسان جي طرفان اوهان لاءِ حجت آهن ۽ مان الله جي طرفان انهن تي حجت آهيان. (19)

حوالا
[1] ـ ر.ڪ سيماي آفتاب حبيب الله طاهري ص 242
2ـ ڪمال الدين جلد 2 ص 516
3ـ بحارالانوار:ج 53 ص 174
4ـ بحارالانوار:ج 51ص 349
5ـ انوارالنعمانيه :ج 3 ص 24
6ـ بحارالانوار:ج 53 ص 178
7ـ بحارالانوار:ج 51 ص306
8ـ بحارالانوار:ج  51 ص 349
9ـ  ڪمال الدين :ج 2 ص 516
10ـ بحار الانوار ج 53ص 174
11ـ ڪمال الدين :ج 2 ص 516
12ـ سوره انسان: آيه 59
13ـ ر.ک سيماي آفتاب ص 242.
14ـ  بحارالانوار :ج 53 ص 178
15ـ  احتجاج :ج2 ص 279
16ـ احتجاج :ج ج2 ص 290
17ـ بحارالانوار :ج 2 ص 290
18ـ بحارالانوار:هج 53 ص 171
19ـ احتجاج : ج 2 ص 283


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: