Friday, February 8, 2019
حضرت فاطمه زهرا س جو احتجاج
ابوبڪر جي سامهون مسجد نبوي ۾
جناب سيده فاطمه زهرا سلام الله عليها جو خطبو
فدڪ جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي قبضي ۾ هيو پر رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان
پوءِ حاڪم وقت ان تي قبضو ڪيو ۽ حضرت فاطمه سلام الله عليها جي عمال کي زبردستيءَ حڪومت
جي قبضي ۾ آندو ۽ جناب سيده کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو.
جناب سيّده سلام کي
جڏهن فدڪ جي ضبط ٿيڻ جو معلوم ٿيو ته پاڻ حضرت امير الؤمنين عليه السلام سان مشورو ڪيو. پاڻ فرمايائون ته
صبر هر حالت ۾ بهتر آهي. پر اتمام حجت به
ضروري آهي. جناب سيّده سلام الله عليها طبعيت جي ناسازيءَ جي باوجود چادر پائي ڪجھ
عورتن جي حلقي ۾ مسجد نبويءَ ۾ تشريف فرما ٿي ته عورتن هڪ سفيد پردو لڳايو جنهن جي
پٺيان پاڻ بيهي رهي. .
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها پنهنجي دعويٰ (ته جناب
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کيس فدڪ هبه ڪري ڏنو آهي) جي ثبوت لاءِ جيڪي
شاهد پيش ڪيا انهن ۾ حضرت علي عه م امام حسّن عه، امام حسين عه ۽ پان معظمه عليهم
السلام جن آهن.
هبه جي متعلق جڏهين جناب فاطمه الزهره عه ۽ سندس شاهدن کي
سچو نه سمجهيو ويو ۽ سائيڻ جي اها دعويٰ رد ڪئي وئي ته سيدته النساء العالمين پردي
جي پٺيان پاڻ الله جي حمد و ثنا ۽ رسول الله صه تي درود و سلام پڙهڻ کانپوءِ هڪ
خطبو پڙهڻ شروع ڪيو (جيڪو اسان هتي تمام اختصار سان پيش ڪريون ٿا.
”خطبو“
حقيقي حمد فقط خدا
جي لاء ئي مخصوص آهي جيڪو نعمت جو عطا ڪندڙ آهي ۽ درود ۽ سلام الله ۽ ان جي رسول
صلي الله عليه وآله وسلم تي جنهن کي رسول بنائي موڪلڻ کان پهريان مختار ۽ ممتاز
بنايو ويو:
( حمد خدا کان پوءِ حضرت فاطمه زهره سلام الله عليها جن فرمايو:)
اي بندؤ! ڄاڻي وٺو ته مان فاطمه (سلام الله عليها) آهيان، منهنجو
والد حضرت محمّد مصطفيٰ (صلي الله عليه وآله وسلم ) آهي جيڪا ڳالهه مان توهان کي
شروع کان چئي رهي آهيان اها آخر تائين چوندي رهنديس ۽ مان جيڪي ڪجهه چوان ٿي اهو
(حق ۽ سچ چوان ٿي) غلط نٿي چوان ۽ پنهنجي فعل ۾ حد کان تجاوز نٿي ڪريان.
بس پوءِ جڏهين خداوند عالم پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه
وآله وسلم جي لاءِ پهرين نبين جي گهر ۽
پنهنجي اصفياء جي مسڪن کي پسند فرمايو: ته توهان ۾ نفاق ۽ دشمني ظاهر ٿي، دين جي
چادر بوسيده ٿي ويئي، گمراهن جي زبان کلي ويئي، ۽ گمنام ۽ ذليل ماڻهو مٿي نڪري آيا
۽ باطل پرستي جو اُٺ ڳالهائڻ لڳو ۽ انهيءَ توهان جي صحن ۾ پنهنجو پُڇُ لوڏڻ شروع ڪيو. شيطان پنهنجي ڪنڊ مان مٿو ٻاهر
ڪڍيو، انهيءَ توهان کي سڏڻ جو آواز ڏنو ۽ پنهنجي سڏ تي توهان کي لبيڪ چؤندي ڏٺائين
۽ پنهنجي فريب ڏانهن توهان کي نگران ڏٺائين، پوءِ هن توهان کي پنهنجي اطاعت جي
لاءِ اٿڻ جو حڪم ڏنو ته توهان کي فورن تيار ٿيندڙ ڏٺائين ۽ توهان کي ڀڙڪايائين ته
پنهنجيءَ مدد لاءِ توهان کي غضبناڪ ۽ تيز ڏٺائين لهٰذا توهان پنهنجي اُٺ جي بدران
ٻئي جي اُٺ کي داغيو ۽ پنهنجو گهاٽ ڇڏي ٻئي جي گهاٽ تان پاڻي، پياريو يعني جيڪو
ٻئي جو حق هو ان کي زبردستيءَ پنهنجو حق بڻائي ڇڏيو حالانڪ رسول صه جو زمانو نزديڪ
۽ سندن جدائي جو زخم ڪچو هو ۽ چُٽي ڪونه ويو هو ۽ رسول خدا صه اڃان دفن به نه ٿيا
هئا ته توهان شيطاني ڪمن ڏانهن سبقت ڪئي اهو گمان ڪري ته فتني جو خوف پيدا ٿي چڪو
هو حالانڪ اهو گمان غلط هو.
ڄاڻي وٺو ته منافق وري به فتني ۾ وڃي ڪريا آهن ۽ بيشڪ جهنم
ڪافرن کي گهيرڻ وارو آهي.
ظالمن جي لاءِ سندن ظلم جو تمام برو بدلو آهي ۽ جو شخص به
اسلام کانسواءِ ڪنهن ٻئي طريقي تي هلندو ته هن کان اهو قبول نه ڪيو ويندو ۽ آخرت ۾
اهو نقصان کڻن وارن مان هوندو. پوءِ توهان ايترو به نه ترسيؤ ته فتني جي نفرت ڪجهه
گهٽ ٿئي ها ۽ ان تي قابو پائڻ ڪجهه آسان ٿي پوي ها. بلڪ توهان ته باهه کي ويتر
وڌيڪ ڀڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ان جون چڻگون تيز ڪرڻ لڳؤ. شيطان گمراهه جي آواز تي
ليبڪ چوڻ، دين روشن جي نور کي وسائڻ ۽ پيغمبر برگزيده جي سنتن کي مٽائن لاءِ تيار
ٿي ويو.
بظاهر توهان اسلام اختيار ڪري، رکيو آهي ليڪن دراصل باطن ۾
منافق آهيو. رسول خدا صه جي اهلبيت عه ۽ اولاد جي خلاف گهاٽن وڻن ۽ ٽارين ۾ لڪي
چال هلڻ لڳؤ ۽ اسان توهان جي ڪرتوتن تي ائين صبر ڪرڻ لڳاسين جيئن ڪو ڇُريءَ جي چهڪ
۽ سيني ۾ نيزي جي گهاءُ تي صبر ڪندو آهي.
۽ هاڻي توهان اهيو گمان ڪرڻ لڳا آهيو ته مونکي پنهنجي پدر بزرگوار جي ترڪي ۾ ڪو به
وراثت جو حق ڪونه آهي، ڇا توهان جاهليت جا احڪام پسند ڪريو ٿا؟ يقين رکڻ واريءَ
قوم لاءِ خدا کان بهتر حڪم ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟ ڇا توهان نٿا ڄاڻو؟ نه نه بيشڪ
توهان ڄاڻو ٿا ۽ توهان جي لاءِ هيءَ امر منجهند جي سج وانگر ظاهر آهي ته مان
پيغمبر صه جي ڌيءَ آهيان.
مسلمانو! ڇا توهان انهي تي راضي آهيو ته منهنجي ميراث مون
کان ڦري وڃي ۽ اي ابوقحافه جا پٽ؟ ڇا اهو ڪتاب الله ۾ آهي ته توکي تنهنجي پيءُ جي
ميراث ملي ۽ مونکي منهنجي پيءُ جي ميراث نه ملي؟ تو هيءَ ڪهڙي نه خراب ڳالهه پيش
ڪئي آهي. ڇا توهان ماڻهن ديده ودانسته خدا جي ڪتاب کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان کي پٺيءَ
تي ورائي ڇڏيو آهي؟ حالانڪ ان ۾ ذڪر آهي ته جناب سليمان عه کي پنهنجي پيءُ دائود
عه جي ميراث ملي ۽ جناب يحييٰ عه جي قصي ۾ حضرت زڪريا عه جي هي دعا مذڪور آهي
”خداوندا مونکي پنهنجي طرفان اهڙو وارث عطا فرماءِ جيڪو منهنجي ميراث وٺي ۽ آلِ
يعقوب عه جو ورثو به وٺي“
وري ارشاد آهي ته جيڪڏهن ڪو مرڻ وقت مال ڇڏي وڃي ته اهو
والدين ۽ قريبي رشتي دارن جي لاءِ نيڪي يعني ميراث جي وصيت ڪري وڃي.
خدا ته ائين فرمائي ٿو ۽ تون گمان ڪري رکيو آهي ته منهنجو
ڪو حق ئي ڪونه آهي مان پنهنجي پيءُ جي وارثه ئي نٿي بڻجي سگهان ۽ اسان جي درميان
ڪابه رحمي قرابت ئي ڪانه آهي. ڇا خداوند عالم ميراث جي معاملي ۾ توکي ڪنهن آيت سان
مخصوص ڪيو آهي جنهن کان منهنجي پدر بزرگور کي مستثنيٰ ڪيو ويو آهي يا تون چوين ٿو
ته دولت وارا پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا وارث نٿا ٿين؟ ته ڇا مان ۽ منهنجو والد بزرگوار هڪڙيءَ ملت تي نه آهيون؟ شايد تون
منهنجي پدر بزرگوار ۽ منهنجي ابن عم (علي عه) کان بهتر قرآن جي خاص ۽ عام
آيتن کي سمجهين ٿو. ٺيڪ آهي.
تون اڄ فدڪ کي اهڙيءَ طرح قبضي ۾ ڪر جهڙيءَ طرح مهار ۽ پلڻ
ٻڌل اُٺ قبضي ۾ ڪيو ويندو آهي.
اي ابوبڪر! تون هن جي نتيجن سان قيامت جي ڏينهن مُلاقي
هوندين ۽ خدا تمام سٺو حڪم ڪرڻ وارو هوندو ۽ محمّد صه اسان جو ضامن ۽ ڪفيل هوندو.
بس اي ابوبڪر! هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي واعده گاهه قيامت آهي ۽ قيامت جي ڏينهن باطل
پرست گهاٽي ۾ هوندا ۽ ان وقت جو پڇتاءُ توهان کي ڪوبه فائدو ڪونه پهچائيندو هر امر
جي لاءِ هڪ وقت مقرر آهي ۽ عنقريب توهان انهيءَ شخص کي معلوم ڪري وٺندؤ جنهن تي
عذاب نازل ٿي کيس خوار و خراب ڪندو ۽ انهيءَ لاءِ هميشه جو عذاب مقرر هوندو.
”ڪتاب سيدة نساءِ العالمين بنت رحمته اللعالمين جي صفه 434
تا 450“
هڪ جهڙيون تحريرون:
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: