Friday, February 8, 2019
حضرت فاطمه زهرا س جو مرثيو
حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات تي جناب فاطمه زهره سلام الله عليها جو مرثيو“
منقول آهي ته حضرت فاطمه زهره سلام الله عليها پنهنجي
پدربزگوار جي وفات کان بعد هي مرثيو پڙهيو:-
ترجمو:
درحقيقت رسولُ الله صلي الله عليه
واله وسلم جي وفات سان اسان تي هڪ اهڙي مصيبت پئي آهي (جيڪا ناقابل برداشت آهي ڇو
جو ) پاڻ صه بي ڪينه صاف دل، صاف طبعيت، پاڪ و پاڪيزه نسل و خاندان مان هيا.
بابا! توهان هڪ اهڙو نور هيا جنهن
کان ماڻهو روشني حاصل ڪندا هيا، توهان وٽ خداءِ عزيز جي طرف کان وحي ايندي هئي،
جبريل روح الامين توهان جي هوندين اسان جي گهر ايندا هيا، افسوس اهو به غائب ٿي
ويو ۽ هاڻي هر طرح جون خبرون پوشيده ٿي ويون.
ڪاش! توهان جي وفات ۽ پرده ۾ لڪي
وڃڻ کان پهريان مونکي موت اچي وڃي ها، آه، اسان تي اهڙي مصيبت پئي جو اڄ تائين
ڪنهن عجمي ۽ عربي تي ناهي پئي، الله جي هي زمين باوجود وسعت جي اسان تي تنگ ٿي وئي
آهي.
بابا! توهان جا ٻئي نواسه (امام
حسن عه امام حسين عه) توهان جي غم ۾ بي حال آهن ۽ مون تي وڏو رنج و غم طاري آهي،
خدا جو قسم، توهان سڄي زماني کان افضل و بهتر هيا ۽ جنهن جڳهه صدق و ڪذب موجود هجي
اهڙي ماحول ۾ توهان سڀ کان وڌيڪ وڏا صادق هيا، هاڻي جيستائين اسان جون اکيون باقي
آهن اسان توهان تي روئندا رهنداسين.
عمر بن دينا ر حضرت امام جعفر
صادق عليه السلام کان روايت بيان ڪئي آهي ته امام عه جن فرمايو: جناب رسول الله
صلي الله عليه واله وسلم جي وفات کان بعد
حضرت فاطمه زهره سلام الله عليها جيستائين زندهه رهي ڪنهن به ان کي کلندي نه ڏٺو.
”ڪتاب بحارالانوار جلد 3 صفه 191“
هڪ جهڙيون تحريرون:
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: