Thursday, January 19, 2017
الله سائين بابت شيعه ۽ سني عقيدو
مولف
ڊاڪٽر محمد تيجاني سماوي
خدا
وند عالم کي ڏسڻ جي باري ۾ شيعه ۽ اهل سنت جو موقف ڪتابن ۾ بلڪل واضح آهي ، اهل
سنت خداوند عالم جي باري ۾
هي عقيدو آهي ته الله سائين قيامت کان پوءِ جنت ۾ سڀني کي پنهنجو ديدار ڪرائيندو
ان قسم جون روايت اهل سنت جي مستند ڪتابن ۾ موجود آهن، جيئن بخاري ۽ مسلم وغيره ۾
اهڙيون روايتون موجود آهن جن ۾ هي باور (يقين ڏياريو ويو آهي) ڪرايو وڃي ٿو ته
الله سائين کي حقيقي طور تي ئي ڏٺو ويندو .[1]
بلڪه
انهن ڪتابن ۾ اهڙيون به روايتون موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته خداوند عالم ڄڻ
ته عام ماڻهن وانگر آهي، هو کلندو به آهي[2] ايندو ويندو به آهي، گهمندو ڦرندو آهي، ستين
آسمان کان پهرين آسمان تي لهندو آهي.[3] ايسيتائين جو هو پنهنجي پنين کي کوليندو آهي
آهي جنهن تي سڃاڻپ جي نشاني ٺهيل آهي،[4] ۽ جڏهن هو پنهنجو هڪ پير جهنم ۾ وجهندو ته جهنم
ڀرجي ويندي، مطلب ته اهڙيون ڳالهيون الله سائين جي لاءِ انهن پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيون
آهن جن کان خداوند عالم جي ذات پاڪ ۽ منزه آهي.[5]
مونکي
ياد آهي ته هڪ دفعي منهنجو ڪينيا (مشرقي آفريقه) جي شهر لامو کان گذر ٿيو، اتي
مسجد ۾ هڪ وهابي عالم دين نمازين کي خطاب ڪري رهيو هيو، هو چئي رهيو هيو ته الله
سائين جا ٻه هٿ آهن، ٻه پير آهن، ٻه اکيون ۽ منهن آٿس.
جڏهن مون ان تي اعتراض ڪيو ته ان پنهنجي ڳالھ جي تائيد لاءِ
قرآن مجيد جون ڪجھ آيتون تلاوت ڪيون، فرمايو:
” وَقَالَتِ
الْيَهُودُ يَدُ اللّهِ مَغْلُولَةٌ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُواْ بِمَا قَالُواْ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ
......“
يهود چون ٿا ته الله سائين جا هٿ ٻڌل آهن، ٻڌهجن انهن جا هٿ! ۽
لعنت هجي انهن تي جيڪي هي چئي رهيا آهن، الله جا هٿ ته لکيل آهن.
ان کان پوءِ ٻه آيتون ٻيون به پڙهيائين ” وَاصْنَعِ الْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا
“ اسان
جي اکين جي سامهون ٻيڙي ٺاهيو، ۽ ” کل من عليها فان و يبقي وجه ربک ذو الجلال و الاکرام “ جيڪا مخلوق زمين تي
آهي اها فنا (ختم) ٿي ويندي، ۽ توهان جي پروردگار جو منهن جلال ۽ عظمت وارو آهي
اهو باقي رهندو .
مون چيو: جيڪي آيتون توهان پڙهيون آهن اهي الله سائين جي باري ۾
مجازي آهن حقيقي نه آهن، چوڻ لڳو سڄو قرآن حقيقت آهي ان ۾ ڪابه مجازي شي ناهي، ان
تي مون چيو : پوءِ توهان هن آيت جي لاءِ ڇا چوندو ؟ ” وَمَن كَانَ فِي هَـذِهِ
أَعْمَى فَهُوَ فِي الآخِرَةِ أَعْمَى “ ڇا توهان هن آيت کي
حقيقي معني ۾ وٺندو ؟ ڇا سچيءَ ۾ جيڪو شخص دنيا ۾ انڌو آهي اهو آخر ۾ به انڌو
هوندو ؟
امام صاحب جواب ڏنو : اسان الله جا هٿ، الله جون اکيون، الله جي
مونهن جي باري ۾ ڳالھ ڪري رهيا آهيون، انڌن سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي (؟؟؟)
مون چيو: ٺيڪ آهي اسان انڌن کي ڇڏي ٿا ڏيون. توهان جيڪا آيت پڙهي
آهي ” کل من عليها
فان و يبقی وجه ربک ذو الجلال و الاکرام “
هن جي
تشريح توهان ڪيئن ڪندو ؟
امام صاحب نمازين کي چيو ته ڇا توهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو هن آيت
جو مطلب نه ڄاڻيندو هجي؟ هن جو مطلب ته چٽو ۽ پڌرو آهي. هي آيت به هن آيت وانگر
آهي ” كلّ شيءٍ هالك إلّا وجهه “
مون چيو: توهان ته اڃا وڌيڪ ڳالھ کي وڃائي ڇڏيو . منهنجو ۽ توهان
جو اختلاف قرآن مجيد جي باري ۾ آهي، توهان جي دعوا هي آهي ته قرآن ۾ مجاز نه آهي
سب حقيقت آهي، مان چوان ٿو ته قرآن ۾ مجاز به آهي خصوصا انهن ۾ آيتن ۾ جن ۾
تجسم(خدا جي جسم) ۽ تشبيه جو شبهو هجي. جيڪڏهن
توهان پنهنجي راءِ تي اٽل بيٺا آهيو ته
پوءِ توهان کي هي مڃڻو پوندو ته” كلّ شيءٍ هالك إلّا وجهه“ هن آيت جو مطلب هو آهي ته الله جا هٿ پير، ۽ پورو جسم به فنا ٿي
ويندو ۽ فقط الله جوچهرو باقي بچندو ؟(نعوذ بالله) پوءِ مون حاضرين کي مخاطب ٿي ڪري
چيو ته : ڇا توهان کي هي تفسير منظور آهي ؟؟ سڃي مجمعو خاموش ٿي ويو، ۽ امام صاحب
جو به منهن بند ٿي ويو، مون انهن کان جدا ٿيڻ وقت هي دعا ”ته الله سائين انهن کي
هدايت جو توفيق عطا فرمائي“ ڏيئي روانو ٿيس.
هن ۾ حقيقت آهي ته انهن جو هي عقيدو انهن جي معتبر ڪتابن ۾ بيان ٿيل
آهي ۽ هو پنهنجن خطبن ۾ به ان تي تمام وڏي گهڻي بحث به ڪندا آهن، علماء اهل سنت جي
اڪثيرت جو چوڻ آهي ته آخرت ۾ الله سائين جو ديدار ٿيندو ۽ اهو ان کي ايئين ڏسندا
جيئن چوڏهين جو چنڊ ڏسندا آهن .
انهن جي دليل قرآن مجيد جي هي آيت آهي” وجوه يومئذ ناضرة إلى ربها ناظرة “[6] ان ڏينهن ڪجھ چهرا
خوشحالي ۾ خدا جي طرف ڏسندا “
جيئن ئي توهان کي هن جي باري ۾ شيعن جو عقيدو معلوم ٿيندو اوهان جي
دل کي اطمينان ٿي ويندو ۽ اوهان جي عقل به ان کي تسليم ڪندي، ڇو جو شيعه انهن
قرآني آيتن ۾ جن ۾ تجسيم يا تشبيه جو شبهو هوندو آهي ان ۾ تعويل ڪندا آهن ۽ انهن
کي مجاز تي حمل ڪندا آهن ۽ حقيقت تي نه ۽ اهو مطلب ناهن وٺندا جيڪو ظاهر الفاظ مان
معلوم ٿيندو آهي، ان باري ۾ امام علي عليه السلام جو فرمان آهي:
همت ڪيتري ئي بلند پروازي سان ڪم ڪري، عقل ڪيتري ئي گهرائي غوطا هڻي،
الله جي ذات جو ادراڪ(سمجهڻ) نا ممڪن آهي، ان جي صفات جي ڪابه حد نه آهي ۽ نه ئي
ان جي تعريف ممڪن آهي، نه ان جو وقت معين آهي ۽ نه ئي ان ڪو زمانو مقرر آهي.[7]
حضرت امام محمد باقر عليه السلام تجسيم الهي جي ترديد ڪندي ڪيتري
فلسفيانه ، علمي ۽ نازڪ ڳالھ ڪندي فرمائن ٿا: اسان چاهي جنهن به شي جو تصور ذهن ۾
کڻي اچون ۽ ان جي باري ۾ جيترو به سوچيون، اسان جي ذهن ۾ جيڪا به تصوير ايندي اها
اسان جهڙي ئي مخلوق هوندي.[8]
تجسيم ۽ تشبيه جي رد ۾ اسان جي لاءِ الله تعالي جي پنهنجي ڪتاب ۾
قول ئي ڪافي آهي
”ليس کمثله شيءُ“ ۽ ” لاتدرکه الابصار“ هن جهڙي ڪا به شي نه آهي، ۽
اکيون ڪڏهن به ان جو ادراڪ(ڏسڻ) نٿيون ڪري سگهن.
جڏهن حضرت موسي عليه السلام الله سائين کي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽
چيو : ربّ أرني أنظر إليك "تو جواب ملا "لن ترانی “تون مونکي ڪڏهن به ڏسي
نٿو سگهين، ۽ زمخشري جي چوڻ آهي ته ”لن“ جي مفهوم ۾ تابيد شامل آهي، يعني ابد
(هميشه) تائين ڪڏهن به نه ڏسي سگهندين.
هي سڀ شعيه عقيده جي صحت تي دليلون آهن ، اصل ڳالھ هي آهي ته شيعه
هميشه اهل بيت جي اقوالن کي نقل ڪندا آهن جيڪي علم جا سرچشما آهن جن کي الله جي ڪتاب
جو علم ميراث طور مليو هو.
هڪ جهڙيون تحريرون:
توحيد بابت عقيدا
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: