Ad 468 X 60

Saturday, January 21, 2017

عاشورا جا پيغام عاشورا وارن جي زباني




مقدمو:
ڪربلا جي واقعي ڏانهن دانشور ٻن نگاهن سان ڏسندا آهن. هڪ نوراني ۽ مثبت نگاهه آهي، ٻئي منفي ۽ تاريڪ نگاهه آهي. منفي نگاهه اها آهي ته ڪربلا ۾ صرف ظلم، ڏاڍ، پستي، تاريڪي ۽ حيوانيت ڏٺي وئي. جنهن ۾ گهڻن بيگناهه انسانن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو، خيمن کي باهه لڳائي وئي، عورتن کي قيدي بڻايو ويو.

عاشورا ڏانهن نوراني نگاهه اها آهي ته ڪربلا ۾ فخر، عزت، عدالت، انسانيت ۽ حق پرستي ڏٺي وئي. منفي ۽ تاريڪ نگاهه جو تعلق يزيديت سان آهي ۽ نوراني نگاهه جو تعلق حسينيت سان آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو ڏٺا ويا جن ٻنهي نگاهن کي الٽو ڪري ڇڏيو، نوراني نگاهه کي تاريڪ ۽ تاريڪ نگاهه کي نوراني بڻائي ڇڏيو. اچو نوراني نگاهه سان تعلق رکندڙ پيغام، ڪربلا وارن جي زباني ٻڌون.



عقيدتي پيغام
امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪلمات، اشعار ۽ رجز ۾ مبدا ۽ معاد کي جهاد ۽ فداڪاري لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم اصول قرار ڏنو آهي. معاد تي عقيدي رکڻ سان انسان جو تعلق دنيا ۽ دنيا داري کان ٽٽي ويندو آهي. ان لاءِ ئي ته امام عليه السلام فرمايو: اي الله منهنجي پناهگاه فقط تنهنجي ئي ذات آهي.
پيغمبر اڪرم صلي لله عليه و آله وسلم جي رسالت تي عقيدو
امام حسين عليه السلام سفر ۾ هر وقت رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي ياد رکيو ۽ پنهنجو تعارف هنن لفظن سان ڪرايو ته: مان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جو پٽ آهيان، پنهنجي لاءِ عزت، شرافت ۽ فخر سمجهان ٿو جو مان انهن جو پٽ آهيان.

اخلاقي پيغام (ايثار ۽ قرباني)
حضرت مسلم بن عوسجه امام حسين عليه السلام کي چيو ته: اوهان کان ڪڏهن به جدا نه ٿيندس، جي مون وٽ هٿيار نه هوندا ته پٿرن سان به دشمن تي حملو ڪندس.

حضرت ابو الفضل العباس فرمايو: ڪڏهن به اوهان جي حفاظت تان هٿ نه کڻندس، اوهان کان بغير ڪهڙي زندگي آهي. ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا مقام آهن جن مان ايثار ۽ فداڪاري پئي ٿي نظر اچي.

عزت ۽ افتخار
ڪربلا وارن پنهنجي عمل ۽ گفتار ذريعي اها ڳالهه ثابت ڪئي ته اهي پنهنجي عزت ۽ افتخار جا محافظ هئا، ان لاءِ ئي ته امام عليه السلام (کان جڏهن يزيد لاءِ بيعت گهري وئي ته) فرمايو: ڪڏهن به ذليلن وانگر پنهنجو هٿ يزيد جي هٿ ۾ نه ڏيندس. ڪربلا وارن يزيد جي بيعت کي پستي، ذلت ۽ تاريڪي پئي سمجهيو.

رضا ۽ تسليم
ڪربلا وارا الله جي چاهت ۽ تقدير الاهي تي مڪمل راضي هئا، هر مشڪل ۽ تڪليف ۾ الله تي ڀروسو ڪندا هئا. امام حسين عليه السلام جڏهن مديني کان نڪرڻ جو ارادو ڪيو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي قبر تي الوداع ڪرڻ ويا ۽ فرمايائون: نانا مان ان ڳالهه تي راضي آهيان جيڪا خدا مون لاءِ مقرر ڪئي آهي. مشهور شعار رضا الله رضانا اهل البيت، الله سائين جنهن ڳالهه تي راضي آهي اسان اهل بيت به ان ڳالهه تي راضي آهيون. ڪربلا وارن جي رضا ۽ تسليم تي وڏو دليل آهي.

الله جي ياد
امام حسين عليه السلام مشڪل گهڙين ۾ ۽ هر حال ۾ صرف الله کي ئي ياد ڪندا هئا. جڏهن امام عليه السلام خطبو ڏيندا هئا. ان جي شروعات الله جي حمد ۽ ثنا سان ڪندا هئا، امام عليه السلام مشڪل ترين گهڙين ۾ به هڪ لمحي لاءِ به الله کان غافل نه ٿيا، سندن زبان تي هميشه مختلف ذڪر جاري رهندا هئا جيئن: لا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم، الحمد لله علي کل حال، الله اکبر وغيرهه.

تاريخي پيغام (اتمام حجت)
امام عليه السلام ڪربلا جي ميدان تي مسلمانن مٿان حجت قائم ڪري رهيا هئا، انهن کي چٽا دليل ڏئي سڌي رستي تي آڻڻ پئي گهريائون ته جيئن ڪو جهالت سبب الله جي عذاب جو شڪار نه ٿئي. ان لاءِ ئي ته امام عليه السلام مختلف مقامات تي ماڻهن اڳيان پنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو: اي انسانو! جيڪو مون کي سڃاڻي ٿو اهو ته سڃاڻي ٿو ۽ جيڪو نه ٿو سڃاڻي اهو ڄاڻي وٺي ته مان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جو پٽ ۽ امير المومنين علي عليه السلام جي جگر جو ٽڪڙو آهيان. امام سجاد عليه السلام ۽ بيبي زينب سلام الله عليها جا خطبا به اهڙي مواد تي مشتمل هئا.

اجتماعي پيغام (امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر)
قرآن ڪريم ۾ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي بنيادي فرض ڳڻيو ويو آهي. امام عليه السلام به ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجي خطبن ۾ اهو ارشاد فرمايو ته منهنجو ارادو آهي نيڪي جو شوق ڏيارڻ ۽ برائي کان بچائڻ جو.

عدالت
ڪربلا وارا پوري انسانيت کي عدالت قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا، ان ڪري جو عدالت کان سواءِ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي تباهه ٿي ويندي آهي. امام عليه السلام پنهنجي هڪ خطبي ۾ ارشاد فرمايو: نانا رسول الله ان ڳالهه جي تاڪيد ڪئي هئي ته ظالم حڪمرانن اڳيان قيام ڪجان.
ان لاءِ ئي حضرت مسلم بن عقيل ابن زياد کي چيو هئو ته: اسان ان ڳالهه لاءِ آمادهه آهيون ته ماڻهن کي عدالت جي طرف دعوت ڏيون.

اصلاح
امام عليه السلام فرمايو: مان ان لاءِ نڪتو آهيان جيئن نانا جي امت جي اصلاح ڪريان، اصلاح ان وقت ٿيندي آهي جڏهن معاشري ۾ ڪو فساد برپا ٿيل هجي، معاشري ۾ اهڙو ڪهڙو فساد برپا ٿيو هئو جنهن جي اصلاح لاءِ امام عليه السلام پنهنجي جان ڏيڻ، پنهنجي اصحاب ۽ اهل بيت جون جانيون ڏيڻ، ناني جي قبر کان جدائي، خواتين عصمت و طهارت جي پردي جي قرباني، ڊگهي سفر ۽ ايڏين مصيبتن سهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڇا اهو فساد خود اسلام جي بربادي کان علاوهه ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو؟
ڪتاب خدا ۽ سنت پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي زندهه ڪرڻ
 امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪيترن ئي خطبن ۾ ماڻهن کي اهو سمجهايو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت تباهه ٿي رهي آهي ۽ بدعت وڌي رهي آهي. منهنجو مقصد نانا جي سنت کي رائج ڪرڻ ۽ بدعتن کي پاڙان پڻڻ آهي.

جيڪڏهن اڄ امام حسين عليه السلام جي قرباني نه هجي ها ته دين به زندهه نه هجي ها، الله اڪبر جو صدائون فضائن ۾ نه گونجن ها. اڄ جيڪڏهن الله اڪبر جو صدائون اسان جي ڪنن تائين پهچن ٿيون ته اهي صرف ۽ صرف امام حسين عليه السلام جي قرباني ۽ شهادت جي مهابي آهن.
نماز کي زندهه ڪرڻ امام حسين عليه السلام پنهنجي اصحاب سان گڏ ڪربلا جي مشڪل سفر ۾ به نماز کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا هئا. امام عليه السلام عاشورا جي رات صرف ان لاءِ مهلت گهري ته الله جي عبادت ۽ ساڻس راز و نياز ڪري سگهن. امام عليه السلام فرمائيندا هئا: الله گواهه آهي ته منهنجو نماز، دعا، استغفار ۽ قران جي تلاوت سان ڪيڏو عشق آهي.
عاشورا جو پيغام اهو آهي ته نماز کي قائم ڪريو، نماز گزار نسل جي تربيت ڪريو، اهڙو نسل تيار ڪريو جيڪو خدا سان محبت ڪندڙ، اهل تهجد ۽ عرفان هجي.

منابع
1. ڪلمات امام حسين عليه السلام، محمود شريفي
2. مناقب آل ابي طالب، ابن شهر آشوب.
3. حيات امام حسين عليه السلام، باقر قرشي
4. حماسه حسيني، شهيد مرتضي مطهري
5. احتجاج، احمد بن علي طبرسي



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo