Ad 468 X 60

Monday, June 26, 2023

سيفر امام حسين ع حضرت مسلم ابن عقيل ع

 

تحرير:  راشد علي چانڊيو

مقدمو: 

حضرت ابو طالب A جي تمام اولاد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي هر جاءِ تي مدد ڪئي ڇو ته جناب ابو طالب A پنهنجي ڀائٽي


حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي پرورش ڪئي ۽ ان ۾ نبوت جون تمام نشانيون ڏٺيون ان ڪري هر ميدان ۾ حمايت ڪندو رهيو جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ٿي ۽ حضرت علي A جيڪو حقيقي جانشين هيو ان کي خلافت کان محروم ڪيو ويو ته تمام هاشمي مولا علي A سان گڏ رهيا خصوصا آل ابو طالب ۽ آل عباس، جڏهن مولا علي A کي ظاهري خلافت ملي تڏهن هاشمي هر ميدان تي امام علي A جي حمايت ۾ مصروف رهيا، 40 هجري ۾ مولا علي A جي شهادت کان بعد ۾ جڏهن خلافت ڪجھ عرصو امام حسن A وٽ هئي ۽ ان کان بعد ۾ آل ابو سفيان  جي طرف هلي وئي ته هاشمي امام حسن A ۽ مولا امام حسين A سان هيا جڏهن سن 60 هجري ۾ يزيد تخت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم تي ويٺو ته امام حسين A بيعت کان انڪار ڪيو ۽ ان عرصي ۾ ڪوفي وارن امام حسين A کي خط لکيا ته اوهان مهرباني ڪري اسان جي طرف اچو اسان يزيد کان بيزار آهيون ۽ اوهان جي بيعت ڪرڻ چاهيون ٿا، امام حسين A پنهنجي باوفا ساٿي حضرت عقيل جي جگر جي ٽڪڙي حضرت مسلم A کي ڪوفي جي طرف موڪليو ۽ ڪوفي وارن بيعت ڪرڻ کان بعد ۾ بي وفائي ڪئي ۽ 9 ذي الحج سن 60 هجري ۾ ڪوفي ۾ شهيد ٿي ويو.

ولادت

حضرت مسلم ابن عقيل A جي ولادت جي تاريخ جو علم نه آهي، ان جي سال ولادت ۾ به اختلاف موجود آهي ڪجھ مورخ حضرت مسلم ابن عقيل A  کي وڏي عمر جو لکن ٿا ۽ ڪجھ مورخ هن جي عمر ننڍي لکن ٿا، مسلم ابن عقيل A 33 يا 34 هجري ۾ مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا ( چهره ها در حماسه ڪربلا 1394 ش، ص 167) جڏهن ته ڪجھ جو چوڻ آهي ته سن 10 هجري ۾ مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا (مسلم ابن عقيل پيش از واقعه عاشورا ص 99) پر معتبر روايت هي آهي ته پاڻ شهادت وقت فقط 26 يا 27 سالن جي عمر جا هئا (پور اميني، چهره ها در حماسه کربلا، ص 167)

والدين

حضرت مسلمA  جي والد جو نالو عقيل بن ابي طالبA  هيو جڏهن ته والده محترمه به هڪ وڏي عزت واري خاتون آهي ۽ اها ايراني ۽ ايران جي معتبر ۽ شريف قبيلي جي خاتون آهي جيڪو قبيلو ڪوفي ۽ بصري جي درميان خليج فارس ۾ رهندو هيو .

مسلم ابن عقيل A جون گهرواريون ۽ اولاد

حضرت مسلم ابن عقيل A  جي پهرين شادي حضرت امام علي A جي نياڻي جناب رقيه سلام الله عليها سان ٿيل هئي ان طرح سان پاڻ امام علي A جا دماد هئا (طبري ، تاريخ الامم والملوڪ، 1387ق، ج 4 ص 359؛ طبريس اعلام الوري 1417ق، ج 1 ص 397) پر ڪجھ منابع ۾ جناب عقيل لاءِ قبيله بني عامر بن صعصعه جي خاندان مان هڪ عورت سان به شادي جو احوال ملي ٿو (بلاذري ، انسان الاشراف 1974 م، ج 2 ص 70 و 71)

حضرت مسلم ابن عقيل A  جي اولاد جي لاءِ اختلاف آهي، جنهن جي علت مٿي به ذڪر ڪئي آهي ڇو ته جيڪي جناب مسلمA  جي عمر مبارڪ 50 سال لکن ٿا اهي تعداد اولاد جي لحاظ سان به لکن ٿا جيئن ذهبي تاريخ اسلام ۾ لکن ٿا ته جڏهن امام حسين A کي مڪه کان ڪوفي جي رستي ۾ حضرت مسلم ابن عقيل A  جي شهادت جي خبر پهتي ته جناب علي اڪبر A پنهنجي والد امام حسين A کي مشورو ڏنو ته بابا ڪوفي وارن بي وفائي ڪئي آهي ۽ اسان کي هاڻي ڪوفي جي طرف سفر نه ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي مسلم ابن عقيل A جي فرزندن امام حسين A کي ڪوفي جو سفر جاري رکڻ جو مشورو ڏنو ( ذهبي ، تاريخ اسلام ج 5 ص 11) ڪربلا جي شهيدن ۾ به جناب مسلم بن عقيل A  جي فرزندن جو ذڪر موجود آهي جن جا نالا هن ريت آهن عبدالله بن مسلم ۽ محمد بن مسلم ڪربلا ۾ شهيد ٿيا (طبري، تاريخ الامم والملوڪ، 1378 ق ، ج 4 ص 359، بلاذري انساب الاشراف، 1974 م، ج 6 ص 407 ؛ طوسي الرجال 1415ق، ص 103.)

ڪربلا جي شهيدن ۾ انهن کان علاوه به عون، مسلم، عبيدالله، جعفر ۽ احمد جي هجڻ کي لکيو ويو آهي ( پروهشي پيرامون شهداي ڪربلاءِ ص 91.)

انهن کان علاوه مسلم ابن عقيلA جي ٻن فرزندن محمد ۽ ابراهيم جو قصو به لکيو ويو آهي جيڪي امام حسين A جي شهادت کان بعد ۾ عبيدالله ابن زياد جي حڪم سان قيد ڪيا ويا ۽ پوءِ انهن کي شهيد ڪيو ويو (الصدوق ، الامالي، ص 143 کان 148)

مسلم ابن عقيلA  جي شخصت

جناب مسلم A  تمام معتبر شخصيت جا مالڪ هيا. مرحوم حاجي شيخ عبد الله مامقاني پنهنجي ڪتاب ”تنقيح المقال“ ۾ جناب مسلمA  جي باري ۾ لکن ٿا:

(مسلم ابن عقيل هو سيدالسعداء و اول الشهداء وسفير سيد الشهداء الي اهل الکوفة(

جناب مسلم بن عقيلA نيڪ ۽ سعادتمند انسانن جو سرور ۽ سردار آهي ۽ ڪربلا جي قيام جو پهريون شهيد آهي ۽ امام حسينA  جي طرف کان ڪوفي وارن جو سفير آهي.

(جلالته مما لا في قلم)  ڪنهن به لکڻ واري جي قلم کي اها قدرت ناهي جو جناب مسلمA جي عظمت ۽ شان لکي سگھي .”ولايحيط بهارقم“ جيڪو به لکيو ويو آهي، اهو جناب مسلم Aجي شخصيت کي بيان نٿو ڪري سگھي.

شيخ صدوق عليه رحمه  پنهنجي ڪتاب امالي ۾ صحيح سَنَد سان نقل ڪري ٿو : جناب اميرالمومنين A، حضرت رسول خدا3  کي عرض ڪيو: (يا رَسُولَ اللهِ اِنَّک لتُحِبُّ عَقِيلَا) اي خدا جا رسول؛ ڇا توهان جي عقيل سان محبت آهي؟

حضرت پيغمبر اڪرم3  جن فرمائن ٿا :”اِي وَاللهِ“ خدا جو قسم مان عقيل کي تمام گھڻو دوست رکندو آهيان. ”اِنِّي لَاُحِبُّهُ حُبَّينِ“ مان ته عقيل سان ٻه محبتون رکندو آهيان.

حُبَّا له و حُبَّا لِحُبِّ ابي طالبِ لَه“ هڪ خود عقيل سان محبت ڪندو آهيان ۽ ٻئي ان سان محبت ان جي والد بزرگوار ابي طالبA  جي ڪري محبت ڪندو آهيان.

اِنَّ وَلَدَهُ لَمَقتُولُ في مَحَبَّةِ وَلَدِکَ“ منهنجي جان علي؛ عقيل جو ٻچڙو تنهنجي ٻچڙي (حسين) جي عشق ۽ محبت جي ڪري شهيد ٿي ويندو .

فَتَدمَعُ عَليهِ عُيُونُ المومِنِينَ“ عجيب آهي جو حضرت پيغمبر 3 جناب مسلم بن عقيلA تي روئڻ کي مومن هجڻ جي نشاني بيان ڪيو آهي ، مومن ان تي ڳوڙها ڳاڙيندا.

وتُصَلِّي عليه المَلائِکَةُ المُقَرَّبُونَ“ خدا جا مقرب ملائڪ جناب عقيل جي ٻچڙي مسلمA تي درود ۽ سلام موڪلن ٿا.

ثُمَّ بَکَي رَسُولُ الله(3 ) حَتَّي جَرَت دُمُوعُه علي صَدرِه“ حضرت رسول اڪرم3  جن جناب مسلم A جي ذڪر سان روئيندا رهيا ايتري قدر جو جناب رسول خدا3  جي مبارڪ رخسارن تي ڳوڙها جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا .

امام حسين A جو ڪوفي لاءِ مسلم ابن عقيلA جو انتخاب

امام حسين A ڪوفي وارن جي خطن جي ڪري پنهنجي ڀاءُ چاچي جي پٽ جناب مسلم ابن عقيل A کي منتخب ڪيو ۽ ان جي هٿ ۾ پنهنجو خط ڏنو جنهن جو ڪجھ حصو هن طرح آهي:

اني باعِثُ اليکم اخي و ابن عمي وثِقَتِي من اهلِ بَيتِي“ مان توهان ڏانهن پنهنجي ڀاء، چاچي جي پٽ ۽ پنهنجي اهلبيت مان اعتماد واري شخص مسلم بن عقيلA کي سفير جي طور تي موڪليان ٿو.

مسلم A  جو ڪوفي وڃڻ

مسلم ابن عقيلA  15 رمضان سن 60 هجري جو مکه کان مدينه جي لاءِ نڪتو مدينه مان ٻه راه شناس ورتائين جيڪي ڪوفي لاءِ هر طرح جي رستي کان واقف هئا (مسعودي مروج الذهب، 1363ش، ج 3 ص 64. ) پر جڏهن اصلي رستن کان هٽي ڪري هلڻ لڳا ته انهن راه شناسن کان اصلي رستو گم ٿي ويو جنهن جي ڪري انهن جو سامان سفر ختم ٿيڻ لڳو ۽ پاڻي به ختم ٿي ويو جنهن جي ڪري هو ٻئي راه شناس ڪوفي پهچڻ کان پهريان ئي مري ويا حضرت مسلمA اڪيلو پنهنجي پاڻ کي هڪ آبادي وٽ پهچايو جتان هن امام حسين A کي خط لکيو جنهن ۾ سفر جو مڪمل احوال ذڪر ڪيو ۽ ان حالات کي فال بد طور تي امام جي خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ چاهيائين ته هن سفر کي اڳتي نه وڌائي پر ڇو ته امام جو حڪم هيو ان ڪري ان کي جاري رکيو (طبري، تاريخ الامم والملوک، 1387ق، ج 5 354، 355؛ ابن اعثم، الفتوح، 1411 ق، ج 5 ص 53)

حضرت مسلمA  ڪوفي ۾ پهچڻ

جناب مسلم ابن عقيلA  5 شوال تي ڪوفي ۾ پهتو (مسعودي، مروج الذهب 1363ش، ج 3، ص 54.) ۽ ڪوفي ۾ شعيه اڪبار جي گهرن مان مختار بن ابي عبيد ثقفي جي گهر جو انتخاب ڪيو (بلاذري، انساب الاشراف، 1974 م ج 2 ص 77؛ طبري، تاريخ الامم والملوک، 1378ق، ج 5 ص 355.) ڪجھ روايات جي مطابق مسلم ابن عوسجه جي گهر جو انتخاب ڪيو (طبري، تاريخ الامم والملوڪ، 1378ق، ج5 ص 347؛ مسعودي، مروج الذهب، 1363ش، ج 3 ص 54.) جنهن جاءِ تي مسلم ترسيل هيو شيعه اتي تمام گهڻي اچ وڃ ڪندا هئا ۽ پاڻ انهن جي لاءِ امام حسين A جو خط پڙهي انهن تائين امام حسين A جو پيغام پهچائيندا هئا (دينوري، الاخبار الطوال، 1330 ق، ص 231)

ڪوفين جي حضرت مسلم A  سان بيعت

حضرت مسلم ابن عقيل A  ڪوفي ۾ رهڻ کان فورن بعد پنهنجي مولا ۽ آقا حضرت امام حسين A جي لاءِ بيعت وٺڻ جي سلسلو شروع ڪيو بعيت هن عنوان تحت ورتي وئي، ڪتاب خدا، سنت رسول الله، ظالمين سان جهاد، مظلومن جو دفاع، غريبن جي مدد، عدالت سان بيت المال جي تقسيم،  اهل بيت عليهم السلام جي مدد، انهن سان صلح ڪبي جيڪي انهن سان صلح ڪندا، جنگ انهن سان ڪبي جيڪي انهن (اهل بيت ) سان جنگ ڪندا، اهلبيت جي تمام گالهين تي عمل ڪرڻ ۽ انهن ڳالهين تي عمل نه ڪرڻ جن جي منع ڪئي ويندي ( المقرم، عبدالرزاق، الشهيد مسلم بن عقيل، ص 104.)

ڪوفي ۾ ان وقت تقريا 60 هزار کان وڌيڪ جنگجو رهندا هئا جيڪي مختلف قبيلن ۾ ويرهايل هئا انهن جنگجو افراد مان اڌ جي تعداد يا ٽيون حصو ماڻهن امام حسين A جي بيعت ڪئي.

ڪوفي ۾ 12 هزار ماڻهن مسلم ابن عقيل A  جي مٿين شرطن سان بيعت ڪئي ۽ سڀني ان ڳالھ کي تسليم ڪيو ته مسلم ابن عقيل A امام حسين A جا نائب آهن انهن امام حسين A جو ساٿ ڏيڻ لاءِ حضرت مسلمA جي هٿ تي بيعت ڪئي (طبري، تاريخ الامم والملوڪ، 1378ق ج 5 ص 348) ڪجھ مورخن بيعت ڪرڻ وارن جي تعداد 18 هزار لکي آهي (دينوري، الاخبار الطوال، 1330ق، ص 235) جڏهن ته هڪ ٻي جاء تي 30 هزار ماڻهن لاءِ به ملي ٿو جن جناب مسلم بن عقيل A  جي هٿ تي امام حسين A جي بيعت ڪئي (ابن قتيبه الدينوري، الامامة والسياسة، 1413ق، ج2 ص 8.)

جنهن وقت امام علي A جي حڪومت ڪوفي ۾ هئي ته ان وقت ڪوفي جي آبادي 10 لکن جي قريب هئي پر امام A جي شهادت کان بعد ۾ ان جي آبادي ٿوري گهٽ ٿي پر وري به ڪوفه عراق جو مرڪز هيو جيڪو به ڪوفي تي مسلط ٿي ويندو هيو عراق جي ٻين شهرن تي آساني سان قابض ٿي ويندو هيو، ان ڪري امام حسين A به ڪوفي جو انتخاب ڪيو ۽ ڪوفي وارن مان ڪافي جنگجو افراد امام حسين A جي بيعت ڪئي.

مسلم ابن عقيلA  جي امام حسين A کي ڪوفي اچڻ جي دعوت

جڏهن مسلم ابن عقيل A ڏٺو ته ڪوفي ۾ اڪثر اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن امام حسين A جي بيعت ڪري چڪا آهن ته مسلم ابن عقيل A امام حسين A کي 11 ذي القعد سن 60 هجري ۾ ڪوفي وارن جي بيعت بابت ۽ امام حسين A کي ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني ( دينوري الاخبار الطوال، 1330ق، ص 243؛ طبري، تاريخ الامم والملوک، 1387ق، ج 5 ص 395.)

عبيدالله بن زياد لعين جو ڪوفي ۾ اچڻ

جڏهن حضرت مسلم ابن عقيلA  ڪوفي ۾ آيو ته ان وقت ڪوفي ۾ يزيد جو گورنر نعمان بن بشير انصاري هيو جنهن کي بلاذري نرم دل انسان ۽ صلح پسند انسان معرفي ڪيو آهي جڏهن تي ابن قتيبه دينوري جو چوڻ آهي ته نعمان بن بشير يزيد جي تخت تي ويهڻ تي خوش نه هيو التبه هو معاويه جي دور ۾ ڪافي عرصي کان ڪوفي جو گورنر هيو ۽ يزيد به ان کي باقي رکيو( ابن قتيبه دينوري، الامامة والسياسة 1413ق، ج 2 ص 4) جڏهن نعمان بن بشير کي خبر پئي ته ڪوفي جا ماڻهو مسلم بن عقيلA  جي ويجهو ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته بشير ماڻهن کي گهرائي چيو ته اوهان سڀ فتني کان پري رهو هي اوهان کي اوهان جي سردار جي نصيحت آهي اگر ان تي عمل ڪندو ته اوهان لاءِ بهتر رهندو، پر ان عمل تي يزيد جا حامي خوش نه هئا انهن بشير کي چيو ته مسلم(A ) سان ٿوکي نرمي نه ڪرڻ گهرجي تون به مسلم (A ) تي سختي ڪر نه ته تنهنجي سردار ختم ٿي ويندي پر بشير چيو مان ان سان جنگ نه ڪندس جيڪو مونسان جنگ نه ڪندو جيڪو مونسان جنگ ڪندو مان فقط انهي سان جنگ ڪندس مسلم (A) هن وقت تائين مونسان جنگ ناهي ڪئي ان ڪري مان به انسان جنگ نٿو ڪريان، هن ڳالھ تي يزيد جا طرفدار تمام گهڻا ناراض ٿيا ۽ بشير کي ڪمزور ۽ ڊيڄو انسان چوڻ لڳا جنهن جي جواب ۾ بشير چيو منهنجي قوي هجڻ کان هي بهتر آهي ته مان خدا جي فرمان جي برخلاف ڪم نه ڪريان ( دينوري، الاخبار الطوال، 1330ق، ص 233؛ طبري، تاريخ الامم والمکوک 1387ق، ج 5 ص 348)

ان وقت يزيد جا طرفدار عمر بن سعد بن ابي وقاص ۽ محمد بن اشعث ڪندي هئا جن يزيد کي خط لکي ڪوفي جي حالات کان باخبر ڪيو ۽ بشير بن نعمان انصاري جي شڪايت ڪئي يزيد کي چيائون ته اگر ڪوفو چاهين ٿو ته تنهنجي سلطنت هيٺ هجي ته جلدي ڪر ۽ ڪوفي جو حاڪم نعمان بن بشير تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي يا وري هن پنهنجي پاڻ کي بي وس ڪري ڇڏيو آهي (بلاذري، انسان الاشراف، 1974م، ج 2، ص 77،78.) ان ڪري يزيد عبيدالله بن زياد کي جيڪو ان وقت بصره جو حاڪم هيو ان سان گڏ ڪوفه جي به امارت هن جي حوالي ڪئي ( دينوري، الاخبار الطوال 1330 ق، ص 231) مورخين جو چوڻ آهي ته معاويه يزيد کي وصيت ڪئي هئي ته جڏهن به ڪنهن به جاءِ تي ڪا بغاوت ٿئي ته ان لاءِ عيبدالله بن زياد کي ان جي مقابله لاءِ موڪلجان ۽ هي تحرير معاويه جي غلام وٽ موجود هئي جنهن يزيد کي ڏيکاري (طبري، تاريخ الامم والملوڪ، 1378ق، ج 4 ص 265.)

عبيدالله يزيد جو حڪم ملندي ئي بصره کان ڪوفي جي طرف روانيو ٿيو ۽ جڏهن ڪوفي ۾ داخل ٿيو ته ڪوفي جا حالات يزيد جي حڪومت جي برخلاف ڏٺائين هي هڪ سازشي شخص، بي رحم ۽ ظالم هيو جيئن ئي ڪوفي جي ماڻهن ٻڌو ته عبيدالله ڪوفي ۾ اچي ويو آهي ته ڪافي ماڻهو ان ظالم جي ڊڄ کان مخفي ٿي ويا، هن ايندي ئي ڪوفي ۾ موجود قبيلن جي سردارن کي گهرائي انهن کي ڌمڪايو ڪجھ کي لالچون ڏنيون ۽ انهن تي زور رکيو ته توهان جي قبيلن مان جنهن به مسلم جي بيعت ڪئي آهي انهن کي منهنجي حوالي ڪيو يا مون سان وعدو ڪيو ته اوهان جي قبيلن مان ڪوبه شخص اموين جي مخالفت نه ڪندو، اگر اين نه ڪندو ته مان انهن جو خون وهائي ڇڏيندس ۽ انهن جي تمام مال کي حڪومت جي قبضي هيٺ آڻيندس (طبري تاريخ الامم والملوڪ، 1378 ق، ج 5 ص 359)

ابن زياد جي ايندي ئي ڪوفي جا حالات تمام گهڻا خراب ٿي ويا هر طرف افرا تفري وارو ماحول ڏسڻ ۾ پئي آيو، ايتري ۾ مسلم بن عقيلA  مختار ثقفي جي گهر کان نڪري ڪري هاني ابن عروه جي گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ خاص شيعه مسلم سان ملڻ جي لاءِ هاني بن عروه جي گهر ايندا رهندا هئا (بلاذري، انساب الاشراف، 1974م، ج 2 ص 79؛ دينوري، الاخبار الطوال 1330ق، ص 234 )

عبيدالله بن زياد جي قتل جي سازش

هي ڳالھ تاريخ جي ڪتابن موجود آهي ته مسلم بن عقيلA کي ڪجھ ماڻهن صلاح ڏني ته عبيدالله ابن زياد کي دوڪي سان قتل ڪيو وڃي شريڪ بن الاعور حارثي جيڪو بيمار هيو ۽ اهو حضرت علي A جي شيعن منجهان هيو ان جي دوستي عبيدالله بن زياد سان هئي عيبدالله بن زياد پنهنجي دوست جي عيادت ڪرڻ چاهي ۽ اهو ان وقت هاني بن عروه وٽ مقيم هيو ان ڪري عبيدالله هاني جي گهر جو قصد ڪيو ايتري ۾ حضرت مسلمA  کي صلاح ڏني وئي ته هاني جي گهر ۾ عبيدالله کي قتل ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ حضرت مسلمA  اچانڪ ان لعين جي مٿان حملو ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏي، جڏهن عبيدالله بن زياد آيو ته ان جي مٿان مسلم بن عقيلA  حملو نه ڪيو جنهن تي ان کان سبب پڇيو ويو ته تو هي بهترين موقعو پنهنجي هٿن کان ڇو ضايع ڪيو تنهن تي حضرت مسلمA  جواب ۾ فرمايو ته عيبدالله هاني جي گهر ۾ آيو ۽ هاني ميزبان هيو ۽ هاني ان عمل کان راضي نه هيو ته عبيدالله بن زياد ان جي گهر ۾ ماريو وڃي، ان کان علاوه پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم به منع فرمايو آهي ته ڪنهن به شخص کي دوڪي سان قتل نه ڪيو وڃي (دينوري الاخبار الطوال 1330 ق ص 235 ۽ 236)

جڏهن ته دور حاضر جا محقق حضرت مسلمA جي ان اقدام کي قبول نٿا ڪن ۽ هن واقع کي من گهڙت قرار ڏين ٿا ۽ انهن جو چوڻ آهي ته مسلم بن عقيل امام حسين A جو نائب هيو ۽ اهو هر گز اهڙي سوچ نٿو رکي سگهي ته ڪنهن به دشمن کي ڪنهن ٻي جي گهر ۾ قتل ڪرڻ جو سوچي ان ڪري هي ڳالھ ٺاهيل آهي ان ۾ ڪا به حقيقت نه آهي (دانش نامه امام حسين ج 4 ص 175 ۽ 176 ؛ زرگري ، نضهت امام حسين 1386 ش، ص 154 تا 157)

هاني جو قيد ٿيڻ ۽ حضرت مسلمA  جو قيام :

مسلم بن عقيلA  جو شيعن سان رابطو مخفي طور تي هيو، پر عبيدالله بن زياد جاسوسن کي حڪم ڏنو هيو ته حضرت مسلمA  جي خبر لڌي وڃي ته هو ڪنهن وٽ ترسيل آهي، ان جي جاسوسن اهتمال ڏيکاريو مسلم (A ) هاني وٽ ترسيل هوندو، عبيدالله تمام گهڻو چالاڪ هيو ان پنهنجي غلام کي جنهن کي اڪثر ڪوفي جي ماڻهن نه ڏٺو هيو هاني جي گهر حضرت مسلمA  سان ملاقات لاءِ موڪيو (بلاذري، انساب الاشراف، 1974م ج 2 ص 79ـ 80) جڏهن عبيدالله کي پورو يقين ٿي ويو ته مسلم A  هاني وٽ ترسيل آهي ته هن هاني کي پنهنجي قصر ۾ گهرايو ۽ هاني تي زور رکيو ته مسلمA  کي منهنجي حوالي ڪري پر هاني پهريان ته انڪار ڪيو پر عبيدالله ان غلام کي گهرائي هاني جي سامهون بيهارو، جنهن تي هاني سمجهي ويو ته عيبدالله کي سڀ خبر پئجي ويئي آهي پر پوءِ به هاني چيو ته هي منهنجي غيرت جي خلاف آهي جو گهر آيل مهمان کي ڪنهن دشمن جي حوالي ڪريان ۽ هو ان کي قتل ڪري، عبيدالله هاني کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن هي خبر مسلم بن عقيلA  وٽ پهتي ته حضرت مسلمA  تمام شعين کي پاڻ وٽ پهچڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن سان مشاورت ڪري قيام ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان وقت مسلم سان گڏ 4000 هزار جو لشڪر هيو جنهن جو نارو ” يا منصور امت“ هيو (بلاذري، انساب الاشراف، 1974 ج 2 ص 80؛ طبري، تاريخ الامم والملوڪ، 1378 ق، ج 5 ص 368 تا 371)

هن چار هزار لشڪر ۾ مسلم بن عقيلA  ڪجھ ماڻهن کي سردار ڏني جيئن عبدالرحمن بن کريز کي کندي قبيله وارن جي سرداري لاءِ مقرر ڪيو، مسلم بن عوسجه کي مذهجي (جيڪو هاني بن عروه جو قبيلو هيو) ابي ثمامه صيدواي کي تميم ۽ همدان جي سرداري، عباس بن جعده بن هيبره کي قريش ۽ انصار جي سردار لاءِ مقرر ڪيو (دينوري، اخبار الطوال 1330ق ص 239 تا 240)  حضرت مسلمA  4000 هزر جو لشڪر وٺي ڪوفي جي محل جي اڳيان اچي ويو ۽ ان وقت ان محل ۾ فقط 50 ماڻهو جن مان ڪجھ عبيدالله جي محافظت لاءِ مقرر ٿيل هئا ۽ ڪجھ خاص افراد موجود هئا (ابن سعد طبقه خامسه، ج 1 ص 461؛ بلاذري انساب الاشراف، 1974 م ، ج 2 ص 80. )

جڏهن عيبدالله هي 4000 هزار جو لشڪر محل جي ٻاهريان ڏٺو ته تمام گهڻو ڊنو ۽ پنهنجي ويجهن ساٿين جهڙوڪ محمد بن اشعث، کثير بن شهاب حارثي، شبث بن ربعي، قعقاع بن شور، حجار بن ابجر ۽ شمر بن ذي الجوشن کي انهن ماڻهن جي طرف موڪليو ته انهن ماڻهن کي مال دولت جي لالچ ڏيو اگر اهي مال ۽ دولت تي راضي نه ٿين ته انهن کي خوف ڏياريو ته شام کان هڪ وڏو لشڪر ڪوفي جي قريب پهچي چڪو آهي اگر اوهان هن وقت ان محل تي حملو به ڪري وٺو ۽ محل توهان جي قبضي ۾ به اچي وڃي پر جيڪو لشڪر شام کان پهچڻ وارو آهي ان جو مقابلو ڪيئن ڪندو ؟ ان ڪري پنهنجي اهل ۽ عيال جي فڪر ڪريو ۽ پنهنجن گهرن جي طرف هليا وڃو (طبري، تاريخ الامم الملوڪ 1378 ق، ج 5 ص 368 کان 370؛ بلاذري، انساب الاشراف 1974 م، ج 2 ص 80، 81)

عبيدالله بن زياد جو هي فريب ڏيڻ ڪارگر ثابت ٿيو پر ان کان وڌيڪ  اهم سبب هي هيو ته قاضي شريح کي عبيدالله بن زياد گهرائي چيو ته انهن سڀني ماڻهن کي وڃي ٻڌاءِ ته هاني خيريت سان آهي ۽ هو ابن زياد جي مهماني ۾ آهي عبيدالله ان کي جلدي ئي روانو ڪندو اوهان هن جاءِ کان پري هليا وڃو جڏهن هي خبرون  حضرت مسلمA  جي لشڪر وارن ٻڌيو ته آهسته آهسته مسلم کان جدا ٿيڻ شروع ٿيا تان جو حضرت مسلمA  رات جو اڪيلو ٿيو ويو ۽ ڪٿي رهڻ جي جاءِ به نه پئي مليس ( طبري تاريخ الامم والملوڪ، 1378 ق، ج 5 ص 369 تا 371)

مسلم بن عقيلA جي گرفتاري ۽ شهادت

ڪوفي وارن 8 ذو الحج جي رات ڪوفي جي مسجد ۾ جناب مسلمA کي اڪيلو ڇڏي، بيعت ٽوڙي هليا ويا. ۽ ان کي بيوس ۽ لاچار ڪري ويا . امام حسين A  جو سفير گلين ۽ گھٽين ۾ هڪ اڻ ڄاڻ وانگر ڪنهن وقت ڪنهن جي در تي وڃي ها ته ڪنهن وقت ڪنهن وٽ وڃي ها،  هڪ وقت اهڙو آيو جو خدا جو سفير هڪ پوڙهي عورت جنهن جو نالو ”طوعه “ هيو ۽ اها اهل بيتE  جي مريدياڻي هئي ان جي گھر جي دروازي تي آيو، جڏهن ته اها پوڙهي لڳاتار دروازي کان ٻاهر جھاتيون پائي رهي هئي تاڪه ان واقعي جي پٽ کان معلومات حاصل ڪري.  جناب مسلمA جڏهن ان عورت کي ڏٺو ته ان کي چوڻ لڳو: ”ياامة الله اسقيني ماءا“ اي خدا جي ٻانهي، يا ڪنيز مون کي پاڻي پيارينديئين  ان عورت جناب مسلمA لاء هڪ وٽو پاڻي جو آندو ۽ حضرت مسلمA کي ڏنائين ۽ اندر گھر هلي وئي. ٿوري دير گذرڻ کان پوء واپس آئي ۽ حضرت مسلمA کي عرض ڪرڻ لڳي: اي خدا جا بندا پاڻي سان ڍئو ڪيو اٿئي؟ جناب مسلمA فرمايو: جي ها. ته ان عورت وراڻيو : پوء هاڻي تون پنهنجي گھر واپس هليو وڃ. ڇو جو شهر جي اهڙي حالت آهي جو تنهنجي لاءِ هتي ويهڻ مناسب ناهي . حضرت مسلمA ڪو به جواب نه ڏنو، طوعه وري چيو: ليڪن حضرت جواب نه ڏنو. ٽيون مرتبو چيو: ”سبحان الله يا عبد الله قُم عافاکَ الله الي اَهلِکَ فانه لايَصلحُ لک الجلوسُ علي بابِي ولا اُحِلُّهُ لَک“ پاڪ آهي الله جي ذات .اي خدا جا بندا ؛ اٿي ۽ پنهنجي گھروارن ڏانهن موٽي وڃ ۽ منهنجي گھر جي سامهون ويهڻ ڀلو ناهي ۽ مان به توکي اجازت نه ڏيندس ته تون منهنجي گھر جي ديوار سان ٽيڪ ڏئي ويٺو رهين.

جناب مسلم جواب ڏين ٿا: ”يا امة الله، مالي في هذا المِصرِ منزل ولا عشيرة“ اي خدا جي ٻانهي؛ منهنجو هن شهر ۾ ڪو به خاندان، قبيلي ۽ قوم وارو ناهي .

فهل لک في اجر  و معروف ولعلي اُکَافِئُک به بَعد اليوم“ ڇا تون چاهين ٿي ته ڪجھ ثواب ۽ نيڪي حاصل ڪرين؟ ۽ مان ان جي بدلي ۾ تنهنجو پوراءُ ڪندس .

طوعه وراڻيو: تون ڪير آهين؟ ۽ ڪٿان کان آيو آهين؟ هتي ڇا ٿو ڪرين؟ جناب مسلمA فرمايو: مان مسلم بن عقيل(A) آهيان، ڪوفين مون سان ڌوڪو ڪيو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهايو آهي، مون کي هن شهر ۾ دعوت ڏئي گھرايو آهي، ليڪن اهي مون کي اڪيلو ڪري ڇڏي هليا ويا. طوعه چوڻ لڳي: ڇا تون سچ چوين ٿو ته تون مسلم(A) آهين؟

حضرت فرمايو : هائو، ان بهادر ۽ دلير عورت چيو : منهنجي گھر ۾ اندر هلي اچ. پوء ان جي لاء هڪ ڪمرو مخصوص ڪيو ۽ ان ۾ ان کي بسترو بڻائي ڏنو ۽ پيئڻ لاء پاڻي رکيو ۽ جيڪو کاڌو موجود هيو اهو جناب مسلم لاء آندو ليڪن جناب مسلمA نه کاڌو.  حضرت مسلمA ذڪر ۽ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. ڪافي دير کان بعد ۾ آرامي ٿيا ، جڏهن بيدار ٿيا ته تمام گھڻو روئڻ لڳا ۽ روئيندا رهيا.

طوعه هڪ پيالو پاڻي جو کڻي آئي ۽ جناب مسلمA کان روئڻ جو سبب پڇيو، ته حضرت مسلم A فرمايو : ”رايت عمي عليا امير المومنين فهو يقول: العجل العجل“ مان پنهنجي چاچي جناب امير المومنين عليA کي خواب ۾ ڏٺو ته اهي مون کي فرمائن پيا. جلدي ڪر جلدي ڪر .”وما اظن الا انها آخر حياتي من الدنياو اولها من الآخرة“ مان انهي خواب مان اهو سمجھان ٿو ته منهنجو دنيا جي زندگي جو آخري لحظو آهي ۽ آخرت جو پهريون لحظو آهي .

پوء ٻئي ڏينهن جو ابن زياد کي خبر لڳي ۽ ابن زياد جي دستور سان انهي گھر تي حملو ڪيو ويو. حضرت مسلمA ماڻهن جو آواز ٻڌو ته جلدي انهي گھر کان ٻاهر آيو ۽ جناب مسلمA ۽ دشمنن جي درميان تمام سخت جنگ شروع ٿي وئي، لشڪر مان هڪ شخص تلوار جو وار ڪيو ۽ اهڙو وار ڪيو جو تلوار جناب مسلمA جي چهري کي چيريندي وئي ۽ هڪ ٻئي فوجي وري مٿان هڪ پٿر هنيو ته ان کان پوء محمد بن اشعث جي هٿان گرفتار ٿيو.

حضرت مسلمA تمام گھڻو پياسو هيو ۽ انهي پياس جي شدت جي ڪري پاڻي گھريو ، انهن هڪ پيالو پاڻي جو آندو ته حضرت مسلمA چاهيو ته اهو پاڻي پيئي. جڏهن اهو پيالوکڻي پاڻي پيئڻ چاهيو پئي ته ان ۾ خون جا قطره پوڻ لڳا ته ان پاڻي کي حضرت مسلمA زمين تي هاريو، انهن ٽي مرتبا اهڙي طرح ڪيو ليڪن پاڻي نصيب نه ٿيو. ڇو جو پاڻي خون سان نجس ٿي وڃي پيو ۽ خون وارو نجس پاڻي پيئڻ حرام آهي . ليڪن ان وقت خدا جي حڪم جي رعايت ڪندي اهو پاڻي زمين تي اڇلايو،  چوڻ لڳو: الحمد لله، جيڪڏهن منهنجو نصيب هجي ها ته مان پيئان ها . مون کي معلوم ٿي ويو آهي ته دنيا تان منهنجو رزق ۽ روزي ختم ٿي وئي آهي .

پوء جناب مسلمA، محمد بن اشعث کي چيو ته هڪ نيڪي جو ڪم انجام ڏيندين اهو هي آهي ته ڪنهن هڪ کي امام حسينA  جي طرف روانو ڪر شايد امامA پنهنجي اهل بيتA سان گڏ اوهان جي طرف اچي رهيو آهي اهو شخص وڃي امام حسينA  کي پيغام پهچائي ته اهي ڪوفي ڏانهن نه اچن ڇو جو ڪوفين بي وفائي ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجن واعدن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ مان انهن وٽ گرفتار آهيان خدا جي صدقي پنهنجي اهل بيتE  کي ڪوفي نه وٺي اچن . اي منهنجا آقا هي اها ئي قوم آهي جن کان نجات حاصل ڪرڻ لاء توهان جي والد محترم عليA  به موت کي چاهيو هيو.

پوء جناب مسلمA کي ابن زياد جي دربار ۾ وٺي آيا ۽ ابن زياد بي حيائي جي حد ڪري ڇڏي ۽ حضرت امام حسينA  ۽ جناب عليA  ۽ جناب مسلمA جي والد محترم کي برو ڀلو بڪندو رهيو . جناب مسلمA اهائي وصيت جيڪا محمد بن اشعث کي فرمائي هئي اهائي وصيت عمر بن سعد کي فرمائي : ليڪن ٻن مطلبن کي اضافو ڪندي فرمايو : منهنجي شهادت کان پوء منهنجي زرهه کي وڪڻجان ڇو جو مون تي هن شهر ۾ قرض آهي انهي زرهه جي پئسن مان پهريان اهو قرض ادا ڪجان ۽ باقي بچيل رقم مان منهنجو دفن ڪفن ڪجان ۽ امام حسينA  جي طرف اهو پيغام موڪلجان ته اهو ڪوفي نه اچي .

ڪجھ وقت کان پوء ابن زياد ملعون حڪم ڏنو ته ان کي دار الاماره تي وٺي وڃي ان جي سر کي بدن کان جدا ڪيو وڃي. (مفيد الارشاد، 1414ق، ص 53) جنهن وقت حضرت کي دار الاماره جي مٿان وٺي آيا ته حضرت اتي ٽي معنوي ڪم انجام ڏنا.

پهريان تڪبير چئي: الله اڪبر! يعني خداوند عالم منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو آهي ۽ هي حڪومت ۽ حڪومتي ماڻهو سڀ شيطان جا غلام آهن ۽ منهنجي نظر ۾ پست آهن. ان کان پوء استغفار انجام ڏنو ۽ ان کان پوء جناب رسول خدا3  تي سلام ۽ درود موڪليندو رهيو ۽ چوندو رهيو :

اللهم احکم بيننا و بين قوم غرونا و کذبونا وخذلونا “اي منهنجا الله؛ اسان ۽ انهن ماڻهن جي درميان حڪم فرما انهن اسان سان فريب ۽ ڌوڪو ڪيو ۽ اسان سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. پوء ان حال ۾ جو جناب مسلم جي زبان تي ذڪر خدا جاري هيو، ان جي سر مبارڪ کي ان جي بدن مبارڪ کان جدا ڪيو ويو.  جناب مسلمA جي  مقدس ۽ پاڪ بدن کي دارالاماره جي چوٽي تان زمين تي اڇلايو ويو.

جناب مسلم جي شهادت سان ڪربلا جي ڪاري تاريخ جي ابتدا ٿي ۽ تاريخ  ۾ انسانيت  جو بي دردي سان قتل ڪيو ويو. انهن ظالمن انسانيت جي عظمت ۽ شان کي بلڪه خدا ۽ ان جي خدائي کي وساري ڇڏيو ۽ خدا جي محبوب، رسول الله3 جي اڪيلي نياڻي جي جگر جي ٽڪڙي، امام حسينA  جي قتل جون سازشون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون  ۽ ان کي عاشور جي ڏينهن بکيو ۽ پياسو شهيد ڪيو.  (مسعودي، مروج الذهب 1363 ش ج 3 ص 65، به نقل از ميزا خليل کمره اي عنصر شجاعت ج 4 ص 773) جناب مسلم ابن عقيل A جي شهادت کان بعد ۾ هاني بن عروه ۽ جناب مسلم A جي لاشن کي عبيدالله بن زياد جي حڪم سان بازارن ۾ ڦيرايو ويو ( القمي، نفس لامهموم في مصيبة سيدنا الحسين المظلوم و يليه نفثة المصدور فيما يتحدد به حزن العاشور، الناشر، المکتبة الحيدرية ص 110)

رموک من القصر اذا اوثقوک فهل سلمت فيک من جارحه
و سحبا تجرّ باسواقهم الست اميرهم البارحه
قُتلتَ ولم تبکک الباکيات امالک في المصر من نائحه
توکي ٻڌل هٿن سان محل جي مٿان کان زمين تي اڇلايو ويو ڇا ان کان بعد به تنهنجي بدن جا عضوا سالم رهيا هوندا؟

تنهنجي جسم کي بازارن ۾ ڦيرايو ويو پر ڇا تون ڪالھ تائين انهن جو امير نه هئين ؟ (ڇا هو تنهنجي بيعت نه ڪري چڪا هئا)

تون قتل ڪيو وئين پر تنهنجي مٿان ڪو به نه رُنو ڇا تنهن لاءِ شهر ۾ روئڻ وارو به نه هيو؟ (شُبر، ادب الطف او شعراءِ الحسين (ع) ، 1409ق، ج 8، ص 221)  

امام حسين A لاءِ پهرين مصيبت

امام حسين A 28 رجب سن 60 هجري ۾ مدينه کان مڪه جي طرف سفر شروع ڪيو، پر پاڻ 9 ذي الحج تي مڪه کان ڪوفي جي طرف سفر تي نڪري پيا پاڻ جڏهن منزل ”زباله“ تي پهتا ته ان وقت مسلم ابن عقيل A  جي شهادت جي خبر پهتي ۽ ڪاروان حسيني ۾ ڪهرام مچي ويو هر طرف کان روئڻ جون آوازون اچڻ لڳيون امام حسين A جا مخلص دوست مولا امام حسين A جي ويجهي اچڻ لڳا ۽ ڪجھ ماڻهو اتان کان جدا ٿيڻ شروع ڪيو ڇو ته انهن کي يقين ٿي ويو ته ڪوفي وارن بي وفائي ڪئي آهي ۽ هاڻي حسين A يزيد جي قهر کان بچي نه سگهندا.

التماس سوره فاتحه براي مرحوم برڪت علي چانڊيو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: