Ad 468 X 60

Saturday, June 10, 2023

آل علي جي ٻئين ڪربلا حسين شهيد فخ

 

تحرير: راشد علي چانڊيو

نالو ۽ نسب

شهيد فخ جو نالو حسين بن علي بن حسن بن حسن بن علي عليه السلام هيو، پاڻ صاحب فخ يا شهيد فخ جي نالي سان مشهور هيو،


ان جي ڪنيت ابا عبدالله هئي، امام حسن مجتبي عليه السلام جي اولاد منجهان مدينه منوره ۾ زندگي گذاريندو هيو، هن جي ولادت جي تاريخ جو صحيح علم نه آهي پر چيو ويو آهي ته گهڻو ڪري هي 128 هجري قمري ۾ پيدا ٿيو، هن جو بابو علي بن حسن تمام گهڻو عابد هيو جيڪو علي الخير ۽ علي الاغر (نيڪ) سان مشهور هيو، هن جي والده گرامي زينب بن عبدالله بن حسن بن حسن بن علي عليه السلام هئي، جناب شهيد فخ جا والدين عبادت جي حوالي سان ٻئي مشهور هئا هن جو بابو علي بن حسن قيام نفس زڪيه جي ڪري ڪجھ علوي سادات سان گڏ منصور عباسي جي حڪم سان جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ انهي مصيبت دوران وفات ڪري ويو.

شيهد فخ جي شخصيت

حسين بن علي تمام ڀلو خطيب، اديب، زاهد، تقوا رکندڙ، رات جو عبادت ڪندڙ، شجاع، ڪريم، فقراء جي مدد ۽ بي سهارا ماڻهن کي سهارو ڏيندڙ هيو (ابوالفرج اصفهان، مقاتل الطالبين 1408 ق ص 368، 371؛ ناطق بالحق، ص 26.)

شيخ طوسي هن کي امام جعفر صادق عليه السلام جي شاگردن منجهان قرار ڏنو آهي، شهادت وقت هن جي عمر مبارڪ 41 يا 57 سال هئي جڏهن ته هن جي ڪابه اولاد زنده نه رهي جنهن مان شهيد فخ جي نسل جاري رهي.(بخاري سرالسلسلة العلويه، ص 15؛ ناطل بالحق ص 28؛ فخرراز الشجرة المبارڪه ص 22.)

 

شهيد فخ بابت پيشنگوئي

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم هڪ سفر دوران جڏهن فخّ وٽ پهتا ته پنهنجي اصحاب کي نماز پرهڻ جو حڪم ڏنو تمام اصحابن نماز قصر ادا ڪئي ۽ پنهنجي اصحاب کي فرمايو: هن جاءِ تي منهنجي خاندان منجهان هڪ شخص ايمان وارن ماڻهن سان گڏ شهيد ڪيو ويندو جنهن جو ڪفن ۽ حنوط بهشت کان آندو ويندو ۽ جنهن جو روح نڪرڻ سان ئي بهشت جي طرف هليو ويندو.( تاريخ يعقوبي ج 2 ص 417)

ساڳي ئي مضمون واري روايت امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل آهي .(تاريخ يعقوبي ج 2 ص 418)

فعاليت جو آغاز

جناب حسين جي فعاليت جو احوال سن 169 قمري هجري کان پهريان تاريخ جي ڪتابن ۾ نٿو ملي ان کان بعد جي احوال مطابق پاڻ ڪوفي ۾ پنهنجي قيام کان پهريان ماڻهن کان بيعت ورتي هئي، ان سان گڏ مڪه ۽ مدينه وارن کي به بعت جو چيو هيوس جڏهن ته خراسان ۽ حَبَل (گهڻو ڪري گيلان) ڏانهن به پنهنجا نمائندا موڪليا هيائين.( طبري ج 8 ص 193؛ بلعمي، تاريخ نامه طبري ، ج 2 ص 1177 ؛ حسني ص 284)

ان وقت جي حالات کي ڪجھ مورخن بيان ڪيو آهي ته حسين شهيد فخ پنهنجي قيام کان پهريان عباسي حڪمرانن جا تمام گهڻا مخالف سمجها ويندا هئا ۽ عباسي حڪمران ان کان ڊڄندا هئا ته هي ماڻهن کي اسان جي خلاف ڀڙڪائيندو رهي ٿو ماڻهو اسان جي حڪومت جا مخالف ٿي پوندا، شهيد فخ ڪوفي کان علاوه بغداد ۾ به مهدي عباسي جي دور ۾ ماڻهن سان ملاقاتون ڪندو رهيو، هن جو اثر رسوخ ماڻهن ۾ وڌندو رهيو ڇو ته هي علوي سيد هيو ( طبري ج 8 ص 200؛ ابوالفرج اصفهاني، مقاتل الطالبين ص 372.)

ابو الفرج اصفهاني جي مطابق حسين شهيد فخ نفس زڪيه جي قيام ۾ شرڪت ڪئي هئي پر نفس زڪيه ( محمد بن عبدالله نفس زڪيه جنهن 145 هجري ۾ قيام ڪيو هيو)  ڄاڻين پيا ته اگر مونکي ڪجھ ٿي ويو ته حسين انهن شخصن منجهان آهي جيڪو منهنجي مقصد کي اڳتي وڌائيندو ان ڪري نفس زڪيه مناسب سمجهيو ته عين جنگ جي حالت کان پهريان حسين کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو ته جيئن اگر مان قيام ۾ ڪامياب نه ٿيان ته تون ان کي اڳتي وڌائجان، ( ابوالفرج اصفهاني، مقاتل الطالبين ص 246)

ابن تغري جو نائين صدي هجري جو مولف آهي ان پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته حسين شهيد فخ پنهنجي اصلي قيام يعني جيڪو هن 169 هجري ۾ ڪيو هيو ان کان پهريان به بني عباس جي خلاف قيام ڪري چڪو هيو پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو هيو ( ابن تغري، النجوم الزاهره ج 2 ص 59 ) ممڪن آهي ته ابن تغري قيام نفس زڪيه جي طرف اشارو ڪندا هجن ڇو ته هي قيام 145 هجري ۾ ٿيو هيو ۽ حسين شهيد فخ جي عمر ان وقت 17 سال هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته حسين شهيد فخ ان قيام جي حمايت ڪئي هجي.

حسين شهيد فخ پنهنجي فعاليت کان پهريان تمام اطراف چاهي اهي ويجها هئا يا پري سڀني کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي طرفدارن کي اڳواٽ ٻڌائي چڪو هيو ته حج جي موسم مڪه کان قيام شروع ڪنداسين ان ڪري ان ڪوفه وارن کان ان جي بيعت به وٺي ڇڏي هئي ۽ ڪوفي وارن ان جي بيعت به ڪئي هئي ( حسني، المصابيح ص 468)

 

واقعه فخ

حسين شهيد فخ ذيقعد سن 169 هجري ۾ مدينه منوره ۾ قيام ڪيو ان سڀ کان پهريان مدينه ۾ موجود عباسي والي سان جنگ ڪئي هي جنگ 11 ڏينهن تائين جاري رهي، هن کي اسان جنگ جو نالو ڏنو آهي ڇو ته حسين عباسي والي کي سڀ کان پهريان تسليم ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان تسليم ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ حسين مدينه جو محاصرو ڪيو ۽ 11 ڏينهن تائين محاصرو جاري رهيو مخالفن جا ڪجھ قتل ٿيا بلآخر مدينه جو والي تسليم ٿي ويو ۽ ان طرح سان حسين جي هٿان مدينه عباسين جي تسلت کان خارج ٿي ويو ( تاريخ طبري ج 8 ص 194) حسين دنيار خزاعي کي مدينه جو والي مقرر ڪري 300 نفرن سان گڏ 24 ذيقعد تي مدينه کان مڪه جي طرف سفر شروع ڪيو (تاريخ طبري ج 8 ص 195)

عباسين کي جڏهن ان واقعه جي خبر پئي ۽ اطلاع ملين ته حسين مدينه کي عباسين کان کسي ڇڏيو آهي ۽ اتي هن وقت حسين جو شخص مدينه جو والي آهي ۽ حسين پاڻ مدينه کان مڪه جي طرف اچي رهيو آهي انهن کي خوف هيو ته اگر حسين مڪه ۾ داخل ٿيو ويو ته ممڪن آهي ان جو انقلاب عباسي حڪومت جي زوال جو سبب نه بڻجي وڃي ان ڪري عباسين حسين جي مقابلي ۾ 4000 (چار هزار ) سپاهي روانه ڪيا جيڪي 8 ذي الحج تي فخ نالي جڳھ تي حسين جي مقابلي ۾ اچي ويا، سڀ کان پهريان عباسين لشڪر جي سالار حسين کي آمان ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر حسين ان آڇ کي قبول نه ڪيو ۽ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي حسين ۽ ان جا ڪافي ساٿي شهيد ٿي ويا (تاريخ طبري ج 8 ص 195 کان 200 تائين، ابوالفرج اصفهاني، مقاتل الطالبين ص 377 کان 379 تائين ) ٻڌايو وڃي ٿو ته جڏهن حسين ۽ ان جا ڪافي ساٿي شهيد ٿيا ته ڪجھ ساٿي عباسين جي هٿان گرفتار ٿي ويا ۽ ڪجھ تعداد حسين جي شهيد ٿيڻ کان بعد ۾ اتان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ( تاريخ طبري ج 8 ص 200) مسعودي پنهنجي ڪتاب مروج الذهب ۾ لکن ٿا ته عباسي لشڪر ڪافي تعداد ۾ حسين جي لشڪر مان جيڪي قيدي ٿيا هئا انهن کي قتل ڪيو (مسعود، مروج الذهب ج 3 ص 327)

جڏهن حسين شهيد ٿي ويو ۽ ڪجھ ساٿي اسير ٿيا ته عباسين جي فوج شهيدن جا سر وڍي اسيرن سان گڏ بغداد ۾ هادي عباسي وٽ موڪليا ( مقاتل الطالبين ص 380 )

 

مقام فخ

فخ اها جڳھ آهي جتي حسين ۽ بني عباس جي فوج جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو هي جڳھ مڪه جي ڏکڻ کان هئي ان وقت هي جڳھ مسجد الحرام کان فقط چار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود هئي. جڏهن حسين ۽ ان جا ساٿي شهيد ٿيا ته انهن کي انهي جاءِ تي دفن ڪيو ويو، ڪجھ مورخ چون ٿا ته جنهن جڳھ تي حسين جي ساٿين کي دفن ڪيو ويو ان کان پهران قريش واري به انهي جاءِ تي پنهنجن عزيزن کي دفن ڪندا هئا، ڪجھ جو چوڻ آهي ته شهداءِ فخ کي ٻن حصن ۾ دفن ڪيو ويو هڪ کي ان جاءِ تي جتي مقبره عبدالله ابن عمر جي تختي لڳل هئي ۽ ٻين کي جبل فخ وٽ دفن ڪيو ويو.

سن 601 هجري ۾ حسين شهيد فخ جي قبر مٿان مقبرو تعمير ڪيو ويو، ( المحلي، الحدائق والورديه ج 1 ص 328 ) جبل فخ جي ڀرسان هڪ جڳھ به آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم مڪه ۾ عمرو ڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ صلح حديبه ٿي هئي ته ان وقت قريش ان جاءِ تي جمع ٿيندا رهيا هئا ۽ اتي ميٽنگون ڪندا هئا.

 

حسين شهيد فخ ۽ امام موسي ڪاظم عليه السلام

حسين جنهن زماني ۾ پنهنجي فعاليت جو آغاز ڪيو اهو زمانو امام موسي ڪاظم عليه السلام جي امامت جو هيو، حسين امام موسي ڪاظم عليه السلام کي دعوت ڏني ته مان قيام ڪيان ٿو اوهان هن قيام ۾ شريڪ ٿيو پر امام موسي ڪاظم عليه السلام ڄاڻين پيا ته هي قيام ڪامياب نه ٿيندو ۽ جڏهن ڏٺائين ته حسين پنهنجي قيام تي بضد آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ جو نالو نٿو وٺي ته امام عليه السلام هن کي فرمايو ته تون هن قيام ۾ شهيد ٿي ويندين، تون پنهنجي جهاد ۾ گهڻي ڪوشش ڪر هي گروه پليد ماڻهن جو آهي جيڪي ايمان جو اظهار ته ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ايمان ۽ اعتقاد نٿا رکن مان تنهنجي لاءِ هن راه ۾ الله سائين کان اجر ۽ ثواب طلب ڪندس (ڏياريندس )

جڏهن حسين شهيد ٿيو ويو ته امام موسي ڪاظم عليه السلام تمام گهڻا رونا ۽ هڪ روايت مطابق امام موسي ڪاظم عليه السلام ان سال حج تي هئا ۽ جسد مبارڪ جي مٿان جناز جنازه پڙهي ۽ پنهنجي هٿن سان دفن ڪيو جڏهن ته ٻي روايت موجب بني عباس وارن حسين شهيد فخ ۽ ان جي ساٿين جا سر وڍي بغداد منتقل ڪرڻ کان پهريان مدينه ۾ کڻي آيا ۽ هڪ جشن جو انعقاد ڪيائون جنهن ۾ امام موسي ڪاظم عليه السلام کي زبردستي سان شرڪت ڪرائي امام عليه السلام جي سامهون حسين جو سر رکي سوال ڪيائون ته ڇا توهان ان کي سڃاڻو ٿا؟ امام عليه السلام ڪلمات استرجاءِ (انا لله...) فرمائڻ کان بعد ۾ فرمايو: مضي والله مسلما صالحا صوما آمر بالمعروف و ناها عن المنڪر ما کان في اهل بيته مثله“ حسين شهيد فخ ۽ سندس يارن جا لاش ٽن ڏينهن تائين انهي ميدان تي پيل رهيا.

 

حسين شهيد فخ جو قيام امام جواد عليه السلام جي نگاه ۾

هي اهڙو واقعو آهي جنهن ۾ علوي سادات تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان ۾ علوي سادات تمام گهڻا شهيد ٿيا هئا ان ڪري امام جواد عليه السلام ان واقعه کي ڪربلا کان بعد ۾ بني هاشم ۽ علوي سادات جي لاءِ سڀ کان وڏي مصيب وارو قرار ڏنو آهي ۽ هن واقعي ۾ به علوي سادات کي ٽن ڏينهن تائين بي غور ۽ ڪفن رکيو ويو شهادت جي ٽئين ڏينهن تي انهن کي دفنايو ويو ۽ حسين شهيد فخ سان گڏ جيڪي ساٿي هئا انهن جا سر وڍي هادي عباسي جي دربار ۾ بغداد ۾ موڪليا ويا هئا، هن واقعي ۾ 100 کان وڌيڪ شهيد ٿيا جن ۾ اڪثريت علوي سادات جي هئي.

 

 

نتيجو:

حسين حسني سادات منجهان اهڙو شخص هيو جنهن جو احترام پنهنجن سان گڏ پراوا به ڪندا هئا ايتري تائين جو عباسي حڪمرانن جو سپه سالار به ان جي شخصيت کي ڏسي متاثر ٿيو ۽ سڀ کان پهريان آمان ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر حسين قرباني ڏيئي وري ٻي ڪربلا جو بنياد رکيو پاڻ تمام گهڻا عبادت گذار، سخي ۽ تواضع رکندڙ هئا، هن جي شخصيت اهڙي ته ڀلي هئي جو ان جي بيعت لاءِ هر علائقه کان ماڻهو تيار هئا ۽ انهن وعدو به ڪيو هيو ته اوهان سان مڪه ۾ اچي ساٿ ڏينداسين پر افسوس سان حج کان پهريان ئي جنگ شروع ٿي ويئي ۽ حسين حرم مڪه تائين نه پهچي سگهيو ۽ پنهنجن ڪجھ ساٿين سان گڏ فخ نالي جڳھ وٽ شهيد ٿيو ۽ ان جڳھ جي ڪري حسين شهيد فخ سان مشهور ٿيو الله سائين اسان سڀني کي آئمه اهلبيت ۽ انهن جي جانثار مڃڻ وارن جي سيرت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين. التماس سوره فاتحه براي مرحوم برڪت علي چانڊيو

 

 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: