Ad 468 X 60

Tuesday, June 6, 2023

عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب (68 ه.ق)


عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب (68 ه.ق)

تحرير: راشد علي چانڊيو

 

ابوالعباس، عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدمناف جو شمار انهن علماءِ منجهان ٿئي ٿو جيڪي پهرين صدي هجري ۾ هئا،


هي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي چاچي  حضرت عباس جو پٽ، هن جي ماءُ جو نالو لبابه بنت حارث بن حزن بن بجير هلاليه، جيڪا قبيله هلال بن عامر مان هئي. (1) هن جي پدائش جي تاريخ ۾ اختلاف آهي  البته مشهور هي آهي ته پاڻ هجرت کان ٽي سال پهريان شعب ابي طالب مڪه ۾ پيدا ٿيا. (ٰ2) هن جو ننڊپڻ مڪي ۾ گذريو ۽ بعد ۾ هجرت ڪري پنهنجي والد حضرت عباس رضه سان گڏ فتح مکه کان پهريان مديني منوره ۾ آيو، ان جي هجرت جي باري ۾ مشهور هي آهي ته هي اڍائي سال رسول الله جي رحلت کان پهريان مديني ۾ آيو ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي صحبت ۾ فقط 30 مهينا رهيو ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هن جي لاءِ دعاء خير به گهري هئي، هن لاءِ جيڪا دعا خير گهري هئي ان لاءِ مختلف الفاظ ملن ٿا: جهڙوڪ: ” اللهم علمہ الحکمة و تاويل القرآن“ يا ” اللهم فقهہ في الدين علم التاويل“ يا ”اللهم بارک فيه و انشر منه واجعله من عبادک الصالحين“ (3)

حضرت عبدالله بن عباس جي عمر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت وقت 13 سال لکي وئي آهي جڏهن ته عمر لاءِ وڌيڪ اقوال به موجود آهن جن ۾ 10 سالن کان وٺي 15 سالن تائين بيان ڪئي وئي آهي. (4)

جناب ابن عباس خلفاء جي نگاه ۾ تمام گهڻي اهميت رکندا هئا خصوصا ٻئين ۽ ٽئين خليفه وٽ جڏهن به انهن خلفاء کي ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته ابن عباس سان مشاورت ڪندا هئا.(5) ايتري تائين ملي ٿو ته جڏهن حضرت عمر بدر وارن اصحابن کي گهرائي ڪنهن مسئلي تي مشورت ڪندا هئا ته انهن ۾ جناب ابن عباس کي به گهرائيندا هئا ۽ جڏهن ابن عباس جي واري ايندي هئي ته ابن عباس جي راء کي تمام بدرين جي راء تي اهميت ڏيندا هئا.

حضرت علي عليه السلام جي دور خلافت ۾ امام عليه السلام جا تمام ويجها ساٿي رهيا، جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾ حضرت علي عليه السلام سان گڏ مخالفن سان جنگ وڙهيا، (6) جنگ جمل لاءِ امام حسن مجتبي عليه السلام سان گڏ ڪوفي ويا ۽ اتان جي ماڻهن کي امام علي عليه السلام جي مدد جي لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ امام حسن مجتبي عليه السلام جي مدد ڪيائون، صفين جي جنگ کان بعد ۾ جڏهن حڪمين جي ڳالھ آئي ته ان وقت حضرت علي عليه السلام عبدالله ابن عباس کي حَڪَم مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر خوارج ان آڇ کي رد ڪيو (7) جنهن وقت کان جنگ صفين شروع ۽ جيسيتائين ختم ٿي عبدالله ابن عباس اتي موجود هئا (8)

جناب ابن عباس ڪجھ علائقن ۾ بطور والي به رهي چڪو آهي جڏهن حضرت علي عليه السلام جو دور خلافت آيو ته حضرت علي عليه السلام ابن عباس کي اهواز، فارس ۽ ڪرمان جو والي بڻايو هيو. (9)

جناب ابن عباس حضرت امام حسن مجتبي ۽ امام حسين عليهم السلام جي باوفا ساٿين منجهان هئا، امام علي عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ جڏهن امام حسن مجتبي عليه السلام ڪوفي ۾ پهريون خطبو ڏنو، ان کان بعد ۾ سڀ کان پهريان جناب ابن عباس اٿي بيٺا ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳا ته حسن ابن علي عليه السلام کان وڌيڪ ڪوبه منسب خلافت ۽ امامت لاءِ اهل نه آهي اوهان کي گهرجي ته حسن مجتبي عليه السلام کي پنهنجو امير ۽ امام تسليم ڪري بيعت ڪريو، ابن عباس پاڻ به بيعت ڪئي ۽ ٻين ماڻهن کي بيعت جي دعوت ڏيندا رهيا. (10)

جناب ابن عباس پنهنجي آخري عمر مڪه ۾ گذارڻ لڳا هئا ته عبدالله ابن زبير ۽ عبدالملڪ بن مروان سان اختلاف ٿي پيس، عبدالله ابن زبير بيعت طلب ڪيس جنهن تي عبدالله ابن عباس انڪار ڪيو ۽ ابن زبير جناب ابن عباس کي مڪه کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ان کان بعد پاڻ طائف جي طرف هليا ويا. (11)

ابن عباس پنهنجي آخري عمر ۾ اکين کان نابينا ٿي ويا هئا (12) ڪجھ مورخن جو چوڻ آهي ته حضرت علي عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ تمام گهڻو روئيندا هئا ۽ ان جي ڪري اکين کان نابينا بڻجي ويا. (13)

جناب ابن عباس جي سال وفات جي باري ۾ اختلاف آهي ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ 68 هجري ۾ وفات ڪري ويا ۽ ڪجھ جو چوڻ آهي ته 70، 71 ۽ 73 هجري ۾ وفات ڪري ويا پر انهن مان مشهور قول هي آهي ته پاڻ 68 هجري ۾ وفات ڪري ويا (14) هن جي وفات کان بعد ۾ ان جي جنازي نماز حضرت محمد حنفيه پڙهائي ۽ چيو ته ” اليوم مات رباني هذه الامة“ ان کان بعد طائف ۾ دفن ڪيو ويو.(15) ابن عباس لاءِ تمام گهڻيون روايتون ملن ٿيو ته پاڻ مذهب اماميه تي وفات ڪري ويا.(16)

ابن عباس پنهنجي زندگي ۾ حضرت عليه السلام جي حمايت ۾ ٻئين خليفه جي سامهون احتجاج ڪيو، (17) جڏهن حضرت عائشه حضرت علي عليه السلام جي مقابله ۾ جنگ جمل لاءِ آئي تڏهن به پاڻ حضرت عائشه کي راضي ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي (18)

سقيفه بني ساعده کان بعد ۾ جڏهن ماڻهو چوڻ لڳا ته نبوت ۽ خلافت هڪ ئي خاندان ۾ نه هجي ته انهن کي ان ريت جواب ڏيندا هئا ذلِكَ بِأَنَّهُمْ كَرِهُوا ما أَنْزَلَ اللَّهُ فَأَحْبَطَ أَعْمالَهُمْ»(سوره محمد٬آیه۹)

۽ جڏهن چوندا هئا ته قريش هاڻي هن طرح سان انتخاب ڪيو آهي ته ان جي جواب ۾ فرمائيندا هئا. وَ رَبُّكَ يَخْلُقُ ما يَشاءُ وَ يَخْتارُ ما كانَ لَهُمُ الْخِيَرَةُ»(سوره قصص٬آیه۶۸). توهان ڄاڻيو ٿا ته خداوند عالم ڪنهن جو انتخاب ڪيو آهي ۽ اهو روشن ۽ واضح آهي جڏهن ته قريش پنهنجي لاءِ پنهنجي راءِ قائم ڪئي هن ڳالھ کي سبحان، معجم طبقات المتڪلمين جي ج 1 ص 260 تي ۽ ان ساڳي ڳالھ کي ڪجھ فرق سان ابن ابي الحديد شرح نهج البلاغه جي ج3 ص 107 تي بيان ڪيو آهي.

 

ابن عباس جا استاد:

جناب ابن عباس رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام کان روايتون نقل ڪيون آهن ۽ ان کان علاوه معاذ بن جبل، ابوذر، ابي بن کعب، عمار بن ياسر، بريده بن حصيب اسلمي ۽ عمر ابن خطاب کان روايتون نقل ٿيل اٿس.(19)

 

شاگرد:

عبدالله ابن عباس جا شاگرد هن ريت آهن، عبدالله ابن عمر، انس بن مالک، ابوالطفيل، ابو امامة بن سهل بن حنيف، کثير بن عباس (ابن عباس جو ڀاءُ) علي بن عبدالله (ابن عباس جو پوٽو) عکرمه بن عطاء بن ابي رياح، عمرو بن دينار، عبيد بن عمير، سعيد بن مسيب، عروة بن زبير، وهب بن منبه، وغيره ابن عباس جي شاگردن منجهان آهن جن ابن عباس کان روايتون نقل ڪيون آهن (20)

 

آثار

ابن عباس مخلتف علمن منجمله، علم تفسير، نسب جو علم، عربن جي تاريخ ۽ شعر ۾ تمام گهڻي مهارت رکندو هيو(21) هي پهريون شخص هيو جنهن تفسير قرآن تي ڪتاب لکيو ۽ ٻين ان جي ڪتاب مان نقل ڪيو (22) ان جو مطلب ته جناب عبدالله ابن عباس تفسير قرآن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ هي پهريون امامي مورخ آهي جنهن تفسير تي ڪتاب لکيو.

ابن عباس جو چوڻ آهي ته مان حضرت علي عليه السلام جو تمام گهڻو مديون (قرضي) آهيان  هي جيڪو به مون وٽ علم آهي اهو سمنڊ مان هڪ قطره جي برابر آهي جيڪو مان علي عليه السلام کان حاصل ڪيو آهي.(23) صحابه جي درميان جڏهن به علم تفسير تي ڪا ڳالھ ٻولھ ٿيندي هئي ۽ اختلاف تمام وڌي وڃڻ جي صورت ۾ جيڪو ابن عباس چوندا هئا ان ڳالھ کي تمام صحابه ۽ تابعين صحيح قرار ڏيندا هئا.(24) جناب ابن عباس جون تفسير لاءِ تمام گهڻيو روايتون موجود آهن اڄ به ڪافي تفسيرن ۾ ابن عباس جون روايتون موجود آهن

ذهبي ۽ زرکلي جو چوڻ آهي ته ابن عباس کان 6660 روايتون نقل ٿيل آهن (25) جڏهن ته بخاري ۾ 120 ۽ مسلم ۾ 9 حديثون موجود آهن(26)، ڪجھ جو چوڻ آهي ته 2660 حديثون نقل ٿيل آهن ۽ سڀ کان گهٽ جيڪا تعداد لکي وئي آهي اها 1660 جي آهي .

 

ابن عباس جو علم

ابن عباس وٽ تمام گهڻو علم هيو، ان وقت موجود علمن ۾ پاڻ وڏي مهارت رکندا هئا، اڪثر ماڻهو هن کي مفسر قرآن جي عنوان سان ياد ڪندا آهن جڏهن ته هن وٽ حديث، فقه، ادب، شاعري وغيره ۾ تمام وڏي مهارت هئي.

اگر تفسير جي ڳالھ ڪجي ته هر خاص ۽ عام کي خبر هوندي هئي ته عبدالله ابن عباس کان وڌيڪ ڪو به تفسير ۾ علم نٿو رکي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنهن شخص کان جناب ابن عباس علم حاصل ڪيو ان کي ماڻهن نظر انداز ڪري ڇڏيو، عبدالله ابن عباس جي عمر رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت وقت 10 کان 15 سالن جي وچ ۾ بيان ڪئي وڃي ٿي هاڻي سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ايتري ننڍي عمر ۾ هن 6660 حديثون ڪيئن نقل ڪيون ؟ انهن کي ڪيئن ياد ڪيائين ؟ ان جو جواب واضح آهي در حقيقت هن اڪثر حديثون حضرت علي عليه السلام کان نقل ڪيون هيون پر ابن عباس ڄاڻين پيا ته اگر مان انهن حديثن جو بيان هن طرح سان ڪندس ته مون هي حديث علي ابن ابي طالب عليه السلام کان نقل ڪئي آهي ته ماڻهو مون کان حديثون نه وٺندا ۽  مولا علي عليه السلام طرفان جناب ابن عباس کي خصوصي طور تي اجازت هئي ته جيڪا به حديث تون بيان ڪرين ان جو مون وارو سلسلو حذف ڪري پوءِ بيان ڪندو ڪر، مطلب جيڪا حديث مان توسان رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جي بيان ڪريان ٿو تون ان کي ڊاريڪٽ بيان ڪر ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو هن باري ۾ هي ارشاد آهي ته جيئن سڀ ماڻهو توکان حديث ٻڌن ۽ ان تي عمل ڪن، ڇو ته ان زماني ۾ حضرت علي عليه السلام کان اڪثر ماڻهو پري ٿي چڪا هئا ۽ حضرت علي عليه السلام نه پيا چاهن ته ماڻهو اسلام کان پري هجن ان ڪري حضرت عليه السلام ابن عباس جهڙي شاگرد کي تيار ڪيو جيڪو هر علم ۾ سڀني کان اڳيان هوند هيو، ايستائين جو خيلفه دوم ۽ سوم به جنهن وقت ڪنهن مسئلي ۾ مونجهاري جو شڪار ٿيندا هئا ته ابن عباس جي راءِ کي اهميت ڏيندا هئا،

 

ابن عباس ۽ تفسير جو علم

جناب ابن عباس تفسير ۽ تاويل ۾ تمام گهڻي مهارت رکندا هئا، قرآن جي شان نزول، ناسخ ۽ منسوخ جي علم ۾ به بي بمثال هئا، ابن عباس جي زماني ۾ رهندڙ اصحابي به ابن عباس جي علم جي تمام گهڻ تعريف ڪندا هئا عبدالله ابن مسعود جيڪو پاڻ به سٺو علم رکندڙ ڪجھ جاين تي قاضي به رهي چڪو هيو فرمائي ٿو: عبدالله ابن عباس قرآن مجيد جا ترجمان آهن مون ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو اهڙو شخص ناهي ڏٺو جيڪو ابن عباس وانگر قرآن مجيد جي تفسير بيان ڪندو هجي.

هڪ راوي کان روايت آهي ته حج جي موسم ۾ عبدالله ابن عباس خطبو ڏنو ۽ ان خطبي ۾ سوره نور جي تفسير بيان ڪيائون، اها تفسير ايڏي ته پياري هئي جو جيڪڏهن فارس (ايران ) وارا ۽ روم وارا ٻڌن ها ته اهي بغير جنگ جي مسلمان ٿي پون ها، (26)

جنهن به محفل قرآن جي تفسير جي ڳالھ هلندي هئي ان محفل ۾ عبدالله ابن عباس جي ڪلام کان بعد ۾ ڪابه تفسير نه ڪئي ويندي هئي،

 

موسوعة عبدالله ابن عباس حَبرُ الامة و ترجمان القرآن

جناب عباس جي شخصتي سيد مهدي السيد حسن الموسوي الخرسان جناب ابن عباس جي باري ۾ لکيو آهي هي موسوعه 21 جلدن تي مشتمل آهي ان جي پهرين جلد 1427 هجري ۾ ۽ آخري جلد 1437 هجري ۾ چاپ ٿي.

هن ڪتاب ۾ اهم ترين ڳالھيون جيڪي آية الله الخرسان آنديون آهن اهي هن ريت آهن ته جناب ابن عباس جي شخصيت اهلسنت وٽ تمام معتبر سمجهي وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح اهل تشيع وٽ به ان جي شخصيت مدافع امامت طور ڄاتي وڃي ٿي، هن کان هزارن جي تعداد ۾ حديثون نقل ٿيل آهن هن هون ته ڪافي ڪتاب لکيل آهي پر اهڙو جامع ۽ مفصل ڪتاب ان کان پهريان ناهي لکيو ويو اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ ان کان وڌيڪ ڪتاب جناب ابن عباس جي شخصيت بابت لکيا ويندا .

مولف جو تعارف:

آية الله سيد محمد مهدي موسوي خرسان (تولد 1928ع) نجف جي مشهور عالمن منجهان هڪ عالم دين آهن جيڪي هن وقت به حال حيات آهن، هن جو قبيلو عراق ۾ مشهور ترين قبيلن مان هڪ آهي هي پهريان حجاز (اڄوڪو سعودي عرب) ۾ رهندا هئا سن 5 ۽ 6 هجري کان بعد ۾ هي عراق جي طرف هجرت ڪري آيا هن خاندان کي پهريان  آل معصوم  جي نالي سان سڏيو ويندو هيو پر ستين هجري ۾ هن خاندان کي اخرس جي نالي سان سڃاتو ويو ۽ هن وقت انهن جي سڃاڻپ آل خرسان سان ٿئي ٿي (27)

 هن ڪتاب لکڻ کان پهريان پاڻ علم رجال ، انساب، حديث، تاريخ ۽ علوم اسلامي وغيره ۾ تخصص رکن ٿا.

 

 

 

(1) ذهبي، سير اعلام النبلاء ج 3 ص 333.

(2) حسيني جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99: ذهبي سيراعلام النبلاء ج3 ص 332؛ ابن عبدالبر، الاستيعابم ج3 ص 933؛ صفدي، الوافي بالوفيات ج 17 ص 121.

(3) هي ڳالھ انهن ڪتابن ۾ ملي سگهي ٿي؛ حسيني جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99؛ ذهبي، سيره اعلام النبلاء، ج 3 ص 334، 337 ابن عبدالبر، الاستيعاب ج 3 ص 935؛ ابن حبان الثقات، ج 3 ص 207؛ صفدي، الوافي بالوفيات، ج 17 ص 121.

(4) ابن اثير، اسدالغابه ج3 ص 190( هن ابن عباس جي عمر 13 سال ذڪر ڪئي آهي ۽ 15 سالن واري روايات کي ضغيف قرار ڏنو آهي.) ابن عبدالبر،، الاستيعاب ج 3 ص 933_934 ( هن مخلتف اقوالن کي ذڪر ڪيو آهي پر هن جو عقيدو 13 سالن جي عمر جو آهي) ذهبي سيره اعلام النبلاء ج 3 ص 335_336؛ ابن حبان الثقات، ج 3 ص 207 (هن ابن عباس جي عمر 14 سال ذڪر ڪئي آهي.)

(5) ابن سعد، طبقات الکبري، ج 2 ص 366؛ ابن عبدالبر، الاستيعاب ج 3 ص 935.

(6) ابن عبدالبر، الاستيعاب، ج 3 ص 939؛ صفدي، الوافي بالوافيات، ج 17 ص 123.

(7) امين، اعيان الشيعه، ج1 ص 123و 512_513.

(8) امين، اعيان الشيعه، ج 1 ص 463؛ حسيني جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99؛ ابن قتيبه، اخبار الطوال ص 146 و 309.

(9) حسيني، جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99؛ ذهبي سير اعلام النبلاء، ج 3 ص 353

(10)فيض اسلام، ترجمه و شرح نهج البلاغه ج 5 ص 871.

(11) ابن اثير، الکامل في التاريخ ج 3 ص 404.

(12) ابن عبدالبر، الاستيعاب، ج 3 ص 934؛ ابن قتيبه اخبار الطوال، ص 264؛ صفدي الوافي بالوفيات، ج17 ص 122.

(13) ابن اثير اسد الغالبه، ج 3 ص 190؛ صفدي الوافي بالوفيات ج 17 ص 123.

(14) حسيني جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99؛ ابن اثير، اسد الغابه، ج 3 ص 190؛ ابن عبدالبر، الاستيعاب ج 3 ص 934؛ ذهبي، سير اعلام النبلاء ج 3 ص 359.

(15) ابن اثير، اسد الغابه ج 3 ص 190؛ ابن عبدالبر، الاستيعاب، ج 3 ص 934.

(16) شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمة، ج 1 ص 257، ح 2 خزار کفاية الاثر، ص 10_22؛ خزاز، کفاية الاثر ص 20

(17) صدر، تاسيس الشيعه، ص 323؛ حسيني جلالي، فهرس التراث، ج 1 ص 99.

(18) امين، اعيان الشيعه، ج 1 ص 123.

(19) ابن اثير، اسد الغابه، ج 3 ص 188؛ ذهبي، سيره اعلام النبلاءِ ج 3 ص 332؛ صفدي، الوافي بالوفيات، ج 17 ص 121.

(20) ابن اثير، اسدالغابه ج 3 ص 188؛ ذهبي سيره اعلام النبلاء ج 3 ص 332.

(21) امين اعيان الشيعه، ج 1 ص 125؛ ابن سعد، طبقات الکبري، ج 2 ص 367؛ ابن اثير، اسد الغابه ، ج 3 ص 190؛ ذهبي سيره اعلام النبلاء ج 3 ص 331.

(22) امين اعيان الشيعه، ج 1 ص 125.

(23) ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه، ج 1 ص 19

(24) زرکلي، الاعلام ج4 ص 95

(25) ذهبي، التفسير والمفسرون ج 1 ص 51.

(26) مستدرڪ حاڪم ج 3 ص 537.

(27) شيخ شير محمد همداني ، پاسدار ميراث اسلامي در نجف اشرف ، احمد علي مجيد حلي ؛ ترجمو و تلخيص زهرا اسحاقي،


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: