Ad 468 X 60

Sunday, January 10, 2016

اسان جو غم ۽ حسين جو غم


 تحرير : راشد علي چانڊيو

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي
اِنَّ لِقَتْلِ الْحُسَیْنِ حَرَارَة فِی قُلُوبِ المُؤْمِنِینَ لَاتَبْرُدُ اَبَداً“
رسول خدا جو فرمان آهي شهادت حسين(عليه السلام) قتل حسين ، خون حسين ۾ اهڙي تڙپ ۽ حرارت موجود آهي جيڪا هميشه مومنن جي دلن کي گرم ڪندي رهندي ۽ڪڏهن بي هي تڙپ ۽ حرارت ٿڌي نه ٿيندي، صديون گذري ويون پر هي عشق، هي جوش، هي تڙپ ۽ هي حرارت مسلسل وڌي رهي آهي ۽ انشاء الله وڌندي رهندي، اگر چه ڪجھ نادان ۽ احمق ماڻهو پنهنجي خام خيالي جي بنياد تي ڪڏهن
ڪڏهن هي ڪوشش ڪندا آهن ته حرارت، تڙپ ۽ شعله عشق کي گهٽ ڪن ، مومنين جي دلن کي ٿڌو ڪن ۽ امام حسين عليه السلام کان پر ان جو روز افزون هجڻ قانون الهي آهي.

زنده دل ، حرم خدا آهي
خداون عالم انسان جي دل کي بڻايو ، ان دل ۾ پنهنجي محبت وڌي ۽ ان دل کي پنهنجو حرم بڻايو، ان ڪري جيستائين هي انسان زنده آهي ان ۾ ياد خدا ضرور رهندي، اگر ياد خدا، ذڪر خدا، محبت خدا ۽ خوف خدا نه هجي ها ته هي دل نه رهي ها ۽ جڏهن انسان جو دل نه رهي ته اسان به نه رهي سگهندو، انسان جي انسانيت ان جي دل جي ڪري آهي، ان جي جسم جي ڪري نه آهي، ۽ دل ان وقت انساني هوندو آهي جي اندر ياد خدا ۽ خوف خدا موجود هجي، خوصوصا روايت ۾ آهي ته جڏهن خوف خدا جواني ۾ انسان جي دل ۾ اچي وڃي ، جڏهن خدا ڪنهن خوان کي پنهنجي محبت جي لاءِ منتخب ڪري ته ان جي دل ۾ پنهنجي محبت وجهي ۽ ان جي دل ۾ پنهنجي محبت وجي، ان جوان جي اندر پنهنجي ذات جو عشق وجهي، ۽ ان جوان جي ادر پنهنجي ذات جو خوف به وجهي ته هن جوان جو دل خداوند تبارڪ وتعالي سڀ کان اعلي حرم آهي، اگر چه دل جنهن به عمر ۾ خدا جي لاءِ تيار ٿئي اهو حرم خدا آهي ، پر جڏهن هن جوان جي دل ۾ عشق خدا اچي وڃي ته وڏو پاڪ ۽ پاڪيزه دل آهي ۽ جڏهن دل ۾ خوف اچي وڃي ، الله جي محبت اچي وڃي، اولياء جي محبت اچي وڃي ڇو جو حب خدا پنهنجي مظاهر کان پري نه آهي.
قُلْ اِنْ کُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰہَ فَاتَّبِعُوْنِیْ یُحْبِبْکُمُ اللّٰہُ[1]
جيڪڏهن توهان الله کي پسند ڪندا آهيو ته رسول الله جي پيروي ڪيو ، رسول الله جي پيروي جي نتيجو هي هوندو ته الله توهان کي پسند ڪندو.
۽ خدا جنهن دل جو انتخاب ڪندو آهي ان دلم ۾ پنهنجي اولياء جي محبت وجهي ڇڏيندو آهي ۽ سڀ کان وڌي ڪري محبت علي (عليه السلام) ۽ اولاد علي عليه السلام جي محبت وجهندو آهي.
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کان روايت نقل ٿيل آهي ته اي علي! ڪڏهن به مومن اگر چه ان کي زنجيرن ۾ جڪيڙيو وڃي يا ان کي سخت جاءِ تي گهليو وڃي يا ان کي تمام گهڻو عذاب ۽ تڪليف ڏني وڃي پوءِ به مومن توسان ڪڏهن به نفرت نه ڪندو ۽ جيڪڏهن سڃي دنيا جي لالچ ڪنهن منافق کي ڏني ۽ تڏهن به هو توسان محبت نه ڪندو.

عشق حسين ۽ انسانيت جو معيار
ڪجھ شين کي خداون عالم معيار قرار ڏنو آهي، حبِ حسين ، عشق بذات حسين ۽ تڙپ جيڪا عاشوره ۽ ڪربلا انسان جي دل ۾ ايجاد ڪئي آهي هي خداوند عالم جي طرفان بڻايل معيار آهي، جنهن دل کي غم حسين جي نعمت جي لاءِ منتخب ڪيو ان دن جي اندر حسين عليه السلام جي ڪشش وجهي ڇڏي، يعني اصل ۾ خداون عالم ان دل ۾ اهڙي تي حرارت وجهي ڇڏي آهي جيڪا ڪڏهن به ان کي ٿڌي نه ڪري سگهندي. انسان جو معيار ۽ علامت محبتون ۽ غم آهن، محبت جي ڳالھ ته اسان ٻڌندا آهيون، محبت ايندي آهي ان دل ۾ جنهن دل کي محبوب سان ڪا مناسبت حاصل هوندي آهي پر الله جو هڪ قانون آهي ته خدا غم جي لاءِ به دل کي منتخب ڪند وآهي، الله هر غم هر دل ۾ ناهي وجهندو . اسان فخر ڪيو ۽ دعائون ڏيون انهن ماڻهن کي جن اسان کي غم حسين عليه السلام کان آشناء ڪيو ۽ اهي ماڻهو اسان جي دلن ۾ غم حسين کي زنده رکندا آهن ۽ ان کي ٿڌو ٿيڻ ناهن ڏيندا، البته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي فرمان مطابق هي اهتمام خدا جي طرفان آهي.

وسيلو بڻائڻ، الله جي سنت آهي
الله وسيلو فراهم ڪندو آهي ۽ بغير ڪنهن سبب يا وسيلي جي ڪجھ ڪرڻ الله جي سنت نه آهي، ڪڏهن به الله ڪنهن ڪم کي بغير ڪنهن وسيلي جي انجام ناهي ڏنو، الله جي ذات هر ڪم کي ڪنهن سبب جي ذريعي سان انجام ڏيندي آهي، هو اگر انسان کي حرارت ڏيندو آهي ته سج کي وسيلو بڻائيندو آهي، جيڪڏهن توهان جي پياس ختم ڪرڻي هوندي اٿس ته پاڻي کي وسليو بڻائيندو آهي، انسان جي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ کاڌي جو وسليو بڻايو اٿس، انسان کي آرام ڏيڻ لاءِ ننڊ کي وسيلو بڻايو اٿس، انسان کي رزق ڏيڻ لاءِ ڏينهن کي وسيلو بڻايو اٿس، مطلب ته هر شيء جو هڪ وسليو بڻائي ڪري انسان کي پنهنجي مقرر ڪيل وسيلي جي ذريعي سان پنهنجن نعتن تائين پهچائيندو آهي.

ڪهڙو غم نعمت آهي
خدا جي طرفان مقرر ڪيل وسيلا جيڪي اسان جي دلن کي غم حسين ۽ ياد حسين کي زنده ڪندا آهن اهي حقيقت ۾ اسان جي مٿان هڪ وڏو احسان آهي، الله انهن وسلين جي ذريعي سان غم کي زنده رکندو آهي پر ڪهڙو غم ؟ اهو غم جيڪو انسان جي دل ۾ تڙپ ۽ بيڪراري پيدا ڪري، اهو غم جيڪو انسان جي دل ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري، رسول الله صلي اله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي:
”اِنَّ لِقَتْلِ الْحُسَیْنِ حَرَارَةًفِی قُلُوبِ المُؤْمِنِینَ“
مومنن جي دلن ۾ شهادت حسين، غم حسين، ذڪر حسين، ۽ خون حسين هڪ حرارت ۽ بيڪراري کي پيدا ڪندو آهي اها تڙپ ۽ بيڪراري الله تعالي جي طرفان هڪ وڏي نعمت آهي جنهن لاءِ خدا ڪنهن دل کي منتخب ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ وجهندو آهي.
اگر چه اسان اڄ ڏسندا آهيون ته ماڻهون ڪيترن ئي غمن ۾ مبتلا هوندا آهن، ڪنهن جي دل ۾ دنيا جو غم هوندو آهي، ڪنهن جي دل ۾ مال جو غم هوندو آهي ڪنهن جي دل ۾ ڪنهن ٻي انسان جو غم هوندو آهي مطلب ته هر انسان جي دل ۾ ڪنهن نه ڪنهن شيء جو غم ضرور هوندو آهي، جهڙي طرح انسان پنهنجي پاڻ سان سڃاتو ويندو آهي اهڙي طرح غم سان به سڃاتو ويندو آهي.

هم”لفظ جو مفهوم“
هم عربي زبان جو لفظ آهي ، عربي زبان ۾ هم ”همت“ کي چوندا آهن، جڏهن اسان هم چونداآهيون ته تنهنجو هم ۽ غم ڇا آهي، يعني همت ڪيتري آهي، تنهنجو اراديو ڇا آهي، تنهنجي مراد ڪهڙي آهي، تنهنجو ڪوششڪ ڪهڙي آهي، تنهنجو مقصد ڪهڙو آهي، تنهنجو هدف ڪهڙو آهي، جيڪا شيء انسان جو مقصد هوندي آهي ، انسان جي اندر انهي شيء جي دوري جو غم پيدا ٿيندو آهي، پهريان هي ڏسڻو پوندو ته توهان جو هم (مقصد) ڪهڙو آهي، توهان جو هم اهو ئي توهان جو غم آهي، اگر انسان جو هم دنيا آهي ، اگر انسان جو هم اولاد آهي ، اگر انسان جو هم انسان جي شخصيت آهي ته غم انسان به شخصيت آهي، پنهنجا غم ڏسو ۽ پنهنجي آسپاس وارن ماڻهن جا غم ڏسو، ڪڏهن ڪو ڪپڙن لاءِ غمگين آهي، ڪڏهن ڪو موبائل لاءِ غمگين آهي، ڪڏهن ڪو موٽر سائيڪل لاءِ غمگين آهي ته وري ڪڏهن بيروزگاري جي لاءِ غمگين آهي، هر شخص ان شيء جي غم ۾ مبتلا هوندو آهي جنهن کي ان پنهنجو ”هم“ يا پنهنجو مقصد بڻايو هجي، غم انسان جي دل ۾ انهي وقت پيدا ٿيندو آهي جڏهن انسان پنهنجي هم”مقصد“ کان پري هوندو آهي.

انسان جي قيمت
حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي” اي انسان تنهنجي قيمت اها آهي جيڪا تنهنجي ”هم“ مقصد آهي“
قَدْرُ الرَّجُلِ عَلَی قَدْرِ ہِمَّتِہِ“
هر انسان جي قيمت اها ئي آهي جيڪا ان جي همت آهي
ڪڏهن ڪڏهن اسان چوندا آهيون ته تمام قيمي شيء هلي وئي، ڪڏهن اسان جي ڪا موبائل غم ٿي ويندي آهي ته اسان چوندا آهيون ته وڏي قميتي موبائيل هوئي، موبائيل سستي به هوندي آهي ۽ قيمتي به، اهڙي طرح انسان به قيمتي ۽ گهٽ قيمتي هوندو آهي، گهٽ قيمتي يا بي قيمتي انسان ڪهڙو آهي؟ حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا: جڏهن انسان جي قيمت لڳايو ته ان انسان جو وزن نه ڪيو ته هو ڪيترا ڪلو آهي، جڏهن به ان جي قيمت ڪيو ته ان جون ڊگريون نه توليو ته ان وٽ ڪيترون ڊگريون آهن، جڏهن به انسان جي قيمت لڳائي ويندي آهي ته ان جي مال کي ناهي توريو ويندو، جڏهن به انسان جي قيمت لڳايو ته ان انسان جي همت کي ڏسو ته ان جو زندگي ۾ ڪهڙو مقصد آهي، انسان جي قيمت انسان جي مقصد مان پيدا ٿيندي آهي، اها ئي جيڪا تنهنجي همت ۽ مقصود آهي اها ئي تنهنجي قيمت آهي، جيڪڏهن تون دنيا تائين پهچڻ چاهين ٿو ته پهريان هي ڏس ته دنيا جي قيمت ڪيتري آهي، قيمتي جان ڪنهن کي چوندا آهين ؟؟

قميتي نفسن جو خريدا خداون عالم آهن
خداون عالم فرمايو آهي ته مون جيڪي جانيون توهان کي ڏنيو آهن اهي سڀ توهان جي اختيار ۾ آهن، هي جانيون توهان جون گروي آهن، پنهنجي نفسن کي آزاد ڪيو، آزاد ڪري انهن جي قيمت ڪيو، ايتري قميت لڳايو جو توهان جي جان کي سڃي دنيا ۾ خريدار نه ملي سگهي، ان ڪري جو ان جان جي ڪو به قيمت ادا ئي نه ڪري سگهي، جڏهن انسان پنهنجي جان کي ان نقطي تي پهچائيندو ته الله چوندو آهي ان جان جو خريدار مان آهيان، جان سڀني کي الله ڏني آهي، پر ڪجھ انسان ان جا کي ايترو ته بي قيمت بڻايو آهي جو ان کي ڪنهن ڪچري جي ڍير تي اڇلايو پوءِ به ان کي ڪير کڻڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ جنهن ان جان کي قيمت بڻايو ان جان جو خريدا الله آهي .
”اِنَّ اللّٰہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اَنْفُسَہُمْ“[2]
خدا مومنن جي نفسن کي خريد ڪيو آهي.
''وَمِنَ النَّاسِ مَنْ یَّشْرِیْ نَفْسَہُ ابْتِغَآئَ مَرْضَاتِ اللّٰہَ''[3]
ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن جن پنهنجي نفسن کي رضاء الهي ۾ ڏيئي ڇڏيو، ان جي نفس کي الله خريد ڪيو ته خدا کان علاوه ڪنهن ٻي وٽ ايترو سرمايو نه آهي، ان ڪري جان کي قيمتي بڻايو.

بي قيمت انسان جو خريدار
اڄڪلھ ڪاٻاڙ جو ڪاروبار آهي، ڪاٻاڙ يعني ردي شيون، جيڪي شيون استعمال ٿي چڪيون آهن، خراب گاڏيون، مشينون، ۽ ٻيا مختلف سامان جن کي ماڻهو استعمال ڪري چڪا آهن، جڏهن هي شيون استعمال جي قابل ناهن رهنديون ته انهن کي ڪاٻاڙ چوندا آهن، توهان گاڏي کي لکن روپين ۾ خريد ڪندا آهيو جڏهن ان جو ايڪسيڊنٽ ٿيندو آهي ته ان کي تور تي وڪڻڻو پوندو آهي، ڇو جو هي هاڻي ڪاٻاڙ بڻجي وئي آهي، ڪاباڙ کي ماڻهون ٽڪن تي خريد ڪندا آهن،
توهان ڀلي چوندا رهو ته منهنجي هي گاڏي 50 لک روپين جي هئي، ڪاٻاڙي چوندو هاڻي هي پنج سئو کان وڌيڪ جي ناهي، ان ڪري يا هن کي وڪڻو يا وري پنهنجو رستو وٺو، هي گاڏي ان وقت پنجاه لک جي هئي جنهن وقت هن ۾ صلاحيت ۽ خصوصيتون هيون، هاڻي تو ان جي سنڀال ناهي ڪئي هي هاڻي ڪاٻاڙ بڻجي چڪي آهي .
اهڙي طرح خداون عالم به اسان کي جان ڏني اٿس، هي جانيون توهان وٽ آهن، چاهيو ته انهن کي ڪاٻاڙ بڻايو ، چاهيو ته انهن کي قيمتي بڻايو، جيڪڏهن قيمتي بڻائيندو ته الله تعالي خريدار هوندو جيڪڏهن ڪاٻاڙ بڻايو اٿو ته خريدار به ڪاٻاڙ  هوندو.
اڄ توهان ڏسو ته ڪافي ماڻهو آهن جن کي ڪاٻاڙين خريد ڪيو آهي، ڪافي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کي ڪاٻاڙ لاءِ تيار ڪن ٿا، اسان کي ڪا چين جي ڪمپني خريد ڪري، ڪا بينڪ خريد ڪري، جيڪڏهن ڪمپني انهن کي خريد ڪري ته انهن انسان خريد ناهي ڪيو بلڪه ڪاٻاڙ خريد ڪيو آهي، تو پنهنجي پاڻ کي ڪاٻاڙ بڻائي ڇڏيو آهي، ان ڪر ڪاٻاڙي خريد ڪيو، جيڪڏهن تون پنهنجي پاڻ کي قيمتي بڻائين ها ته تنهنجو خريدار الله هجي ها.

انسان جي قيمت ، ان جو ارادو آهي
انسان جي اندر قيمت ”همت “ سان ايندي آهي، هميت يعني مقصد يا اراده، پڪي ارادي کي همت چوندا آهن، جيئن چوندا آهن ڪيترو هميت وارو هي انسان آهي، يعني ان ارادو ڪيو ۽ هو سخيتن جي سامهون تسليم نه ٿيو، سختيون انسان کي ناهن ٽوڙينديون بلڪه انسان ارادن کي ٽوڙيندا آهن ، مصائب انسان کي ٽوڙڻ لاءِ ناهن ايندا بلڪه انسان جي ارادن کي ٽورڻ ايندا آهن، مشڪلات انسانن کي ناهي ٽوڙيندي بلڪه انسانن جي ارادن کي ٽوڙيندي آهي، محروميون انسان کي ناهن ٽوڙينديو بلڪه انسان جي ارادن کي ٽوڙينديو آهن،جڏهن به انسان ارادو ڪري ان کي ٽوڙيندو آهي ته هو پنهنجي مراد کان پري هٽي ويندو آهي ۽ جيترو مراد کان مري ٿي ويندو آهي ايتري پنهنجي قيمت گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ آهسته آهسته پاڻ کي ڪاٻاڙ بڻائيندو آهي،

ڪربلا بزدلن لاءِ نه آهي
ڪربلا بزدلن لاءِ نه هئي، عاشوره بزدلن لاءِ نه هئي، عاشوره جو ڪهڙو ربط آهي بزدل سان ! ڪربلا رسم نه آهي ، ڪربلا بزم به نه آهي، هي گمان ذهن کان ڪڍي ڇڏو ته اسان بزم عزا منعقد ڪري ڪربلائي ٿي ويندا آهيون، ۽ اسان رسم ڪربلا انجام ڏيئي ڪربلائي ٿي ويندا سين، ڪربلا دليرن جي رزم آهي شجاعن جي رزم آهي، اگر اتي ڪو ٻار به هيو تڏهن به مرداڻي وار سان وڙهيون، اگر پوڙهو هيو تڏهن به مرداڻي وار سان وڙهيو، اگر عورتون هيون تڏهن به مرداڻي وار سان وڙهيون، ڇا جي ڪري ڇاڻجي ڪري فقط ٻاهتر بچا؟ ٻاهتر لک مان ٻاهتر پهتا، باقي ڪٿي رهجي ويا؟ ڪربلا ۾ فقط بهادر ۽ شجا آيا، بس توهان بهادرانه ۽ مردانه همت پيدا ڪيو .

بنت علي جي شجاعت
توهان کڻي ڪنهن وڏي کان وڏي پهلوان کي وٺي اچو، ان جا هٿ ان جي گردن جي پويان ٻڌو، ان جي پٺي تي تازيانه هڻو، ان کي اٺ تي ويهاريو، ان جي ڀيڻن ۽ ان جي گهروارين جون چادرون لاهيو، انهن کي بازارن ۾ پيرايو، انهن جي ٻارن تي ظلم ۽ ستم ڪيو، پوءِ ان کي چئو ته تون پنهنجي ڀيڻ جي پرواه به نه ڪر، تون پنهنجي شهيد ڀاءُ جي پرواه نه ڪر، جيڪو تنهنجي پٺي تي تازيانو هڻي ان جي پرواه به نه ڪر ، پنهنجي ناموس جي پرواه به نه ڪر، ان بازار ۾ بيهي ڪري 10 منٽن جو خطبو ڏي، ڪير آهي دنيا جو شجاع انسان جيڪو اهڙي عالم ۾ جڏهن ان جو سر نوڪ نيزا تي هجي ،ان جي پٺن جا سر نوڪ نيزا تي هجن، ان جو خاندان اسير هجي ان جي پٺي تي بار بار تازيانه لڳندا رهن ۽ بهترين جنازي کي ڇڏي بازار ڪوفه ۾ بيهي دليراڻو خطبو ڏي؟ علي (عليه السلام) کان علاوه ڪنهن ٻي جو ڪم ئي نٿو ٿي سگهي.

غم حسين جو مفهوم
غم حسين مان هي مراد نه آهي ته حسين عليه السلام جي قتل ٿيڻ تي غم ۽ افسوس ٿي رهيو آهي، هي احساساتي غم آهي، غم حسين مان مراد هي آهي ته ”همت“ جيڪا حسين جي هئي، حسين جو پيروڪار ٿي وڃي، ۽ جيڪو غم حسين جو هيو اهو حسين جي پيروڪار ۾ اچي وڃي، حسين جو ”هم“(همت) به هيو ۽ حسين جو غم به هيو، عزادار حسين ڪنهن کي چوندا آهن ؟ حسين جو عزادار اهو آهي جنهن جو هم (همت) ۽ غم حسين جو هم ۽ غم هو ان وانگر هجي، حسين عليه السلام کي هي غم نه هيو ته منهنجي پٽ مارجي ويو آهي ، يا منهنجو خاندان پياسو شهيد ڪيو ويو آهي، يا منهنجي خاندان کي بي گناه اسير ڪيو ويو آهي، حسين عليه السلام کي غم هي هيو ته مان صاحب عزت حسين، مان امام امت حسين، مان رهبر الهي حسين ۽ مان ان زماني ۾ رهان جنهن زماني ۾ يزيد جو سايو هجي، يزيد جي سايي ۾ رهڻ حسين عليه السلام جو سڀ کان وڏو غم هيو، ”يزيد جي سايه ۾ رهڻ غم حسين آهي“
اهل بيت عليهم السلام جا غم ۽ اسان جا غم
خدا غم حسين ان دل ۾ وجهندو آهي جنهن ۾ هم(همت) حسين وجهندو آهي، هي توفيق الهي آهي، امام محمد باقر عليه السلام جو فرمان آهي: جڏهن عيد الفطر ۽ عيدالاضحي جو ڏينهن ايندو آهي ته اسان آل محمد جو غم تازو ٿي ويندو آهي، امام باقر عليه السلام ڪربلا جا عيني گواه هئا، روايات ۾ آهي ته ان وقت امام عليه السلام جي عمر ٽي سال هئي يا پنج سال، ان ننڊ پڻ ۾ امام ڪربلا ۾ موجود هئا، ۽ امام هي فرمائي رهيا آهن ته اسان آل محمد لاءِ عيد جو ڏينهن غم کي تازو ڪندو آهي، راوي عرض ڪئي ، ڇا ڪربلا جا شهيد ياد اچي ويندا آهن؟ امام فرمايو: اسان ته انهن کي ڪڏهن به ناهي وساريو،اهو غم نه آهي، هي نه آهي ته مونکي منهنجا عزيز يا ڏاڏي جي ياد ايندي آهي، اهي هميشه اسان جي دلن ۾ آهن، عيد جي ڏينهن اسان جو غم تازو ٿي ويندو آهي جڏهن اسان هي ڏسندا آهيون ته روز عد، روز امام المسلمين، روز رهبر مسلمين، يوم امام مسلمين، ان ڏينهن جو جيڪا مسند خدا اسان جي لاءِ ٺاهي آهي ان تي طاغوت کي ويٺل ڏسندا آهيون، اسان جو غم تازو ٿي ويندو آهي.
امام باقر عليه السلام جو غم اهو ناهي جيڪو اسان ۽ تنهنجو آهي، معمولي انسان ۽ امام ۾ اهيو فرق آهي، هڪ طرف اسان چوندا آهيون ته هو معصوم آهن ۽ ٻي طرف چوندا آهيون اهي اسان جهڙا آهن، اگر تو هي چيو ته امام باقر عليه السلام جو غم اهو ئي آهي جيڪو تنهنجو غم آهي ته امام عليه السلام تو وانگر ٿي ويندا .

غم حسين عليه السلام جي معرفت
غم حسين عليه السلام جي لاءِ الله تعالي اوهان انسانن کي منتخب ڪيو آهي، پر پهريان هي سمجهو ته غم حسين ڪهڙي شيء آهي، غم حسين جي معرفت پيدا ڪيو، غم حسين احساسات نه آهي، جذبات نه آهي، غم حسين تمام وڏو گهرو آهي، غم حسين جي لاءِ خدا جنهن دل کي منتخب ڪيو آهي اهو دل الهي ٿي ويندو آهي، جنهن طرح حسين کان غم حسين گهر ڇڏرايو اڄ به جنهن انسان جي دل ۾ غم حسين عليه السلام هوندو اهو حسين عليه السلام جي غم ۾ گهر ڇڏي ڏيندو،اڄ به غم حسين ان کي زندگي ڇڏرائيندو، اڄ به غم حسين عليه السلام ان کي چين ڇڏرائيندو.

رسمي غم ۽ حقيقي غم حسين
اڄ اسان رسمي غم ملهائيندا آهيون، فقط اسان کي موت جي خبر غمگين ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ته اسان کي ان شيء تي سوڳوار هجڻ گهرجي جنهن تي حسين عليه السلام سوڳوار هئا، جنهن جو غم حسين عليه السلام پاڻ ملهايو ، پر اسان فقط رسم انجام ڏيندا آهيون، پهرين محرم کان غم جو آغاز ڪندا آهيون ۽ ڏهين محرم تي حسين ميدان ڪربلا ۾ بيٺا آهن مدد جي لاءِ پڪاري رهيا آهن اڪيلا رهجي ويا آهني ۽ فرمائي رهيا آهن، منهنجا بهادر ڪٿي آهن؟ منهجو عباس ڪٿي آهي؟ منهنجو اڪبر ڪٿي آهي؟ منهنجو حبيب ڪٿي آهي، مسلم ابن عجوسجه ڪٿي آهن جڏهن حسين طلب ڪري رهيا آهن پنهنجي شيرن ، دليرن کي ته اسان انهي وقت ويهي ڪري الوداع جو ماتم ڪري سلام پڙهي گهر هليا ويندا آهيون ڪهڙي نازڪ موقعي تي الوداع چوندا آهيون؟ ڏه محرم تي اسان پنهنجي عزا کي ويهڙي ڇڏيندا آهيون حسين جو غم پورو ڪندا آهيون پنهنجن عزا خانن کي بند ڪندا آهيون، ڏه محرم کان پوءِ بند ٿي ويندا، اگر اسان کي عزادري جي اندر غم وٺي اچي ها جيڪو حسين کي مدينه کان ڪربلا وٺي آيو ته اسان ڪڏهن به آرام سان نه ويهون ها ۽ هي نه چئون ها حسين هن سال ايترو ماتم ڪافي آهي وري ٻي سال زندگي رهي ته انهن ڏينهن ۾ تنهنجي غم کي زنده ڪندا سين ، هي آهي رسمي غم .




[1] .سوره آل عمران 31
[2] . سوره توبه آيت 111.
[3] . سوره بقره آيت207

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo