Ad 468 X 60

Sunday, January 10, 2016

حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي باري ۾ ابن ابي الحديد جو نظريو

تحرير: راشد علي چانڊيو


جيئن ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي عام دعائن جي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته هو الله جا ولي مطلق ، حضور ۽ شهود جي فضا ۾ زندگي بسر ڪندا هئا ڇو جو پاڻ عليه السلام خداوند عالم جي بارگاه ۾ هن طرح عرض ڪندا هئا:
”سُبْحانَک مَلاٴتَ کلّ شیءٍ و بایَنْتَ کلّ شیئٍ فاٴنت الّذی لا یفقدک شیئٍ واٴنت الفعّال لما تشاء“[1]

”پاڪ ۽ منزه آهين ته تو هر شيء بهر ڏنو آهي ۽ تون هر شيء کان الڳ آهين، بس تون اهڙي هستي آهين جنهن کان ڪا به شيء مخفي نه آهي ۽ تون جيڪو چاهيندو آهين ان کي انجام ڏيندو آهين“
ان طرح سان انهن جملن جو اطلاق ذاتي واجب ۽ ان جي هر طرح جي حلول، اتحاد، امتزاج، اختلاط، التقات ۽ ترڪيب(مرڪب)  هجڻ کان پاڪ هجڻ پيش نظر ۽ صاحب دعا جي شهود ۾ ان جو ظهور قابل انڪار نه آهي، ڇو جو حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جيڪو پنهنجي دعائن خداوند عالم کي دلن کي اطمنان ڏيڻ وارو ۽ دلن جي روئڻ کي ٻڌڻ وارو، صاحبان عقل جا مونس، عاملين عقلي جو خوف ۽ خطا ڪارن جي دلن کي پناه جي عنوان سان تعريف ڪندا آهن ۽ خداوند عالم کي عارفن جي اميد ۽ آرزو مندن جي آرزو جي عنوان سان ياد ڪندا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته امام عليه السلام جي ذات، علمي لحاظ سان عالم شهود کي ڏسندي هئي ۽ امام عليه السلام علمي لحاظ کان عيني طور تي ڏسڻ جي نعت سان سرفراز هئا، هي خاص نظر ۽ هي خاص نعمت حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي حايت عارفانه جي نشاندهي ڪري ٿي.

ان ڪري پاڻ عليه السلام نماز شب کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ فرمائيندا هئا:
”... اٴعوذ بک اٴن اٴشِیرَ بقلبٍ اٴو لسانٍ اٴو یدٍ إلی غیرک لا إلہ إلاّ اٴنت، واحداً اٴحداً، فرداً صمداً ونحن لک مسلمون“[2]
”...مان پناه گهران ٿو ان ڳاله کان ته دل، زبان يا هٿ سان تنهنجي علاوه ڪنهن ٻي جي طرف اشارو ڪيان،  توکان علاوه ٻيو ڪير بن خدا نه آهي، تو واحد به آهين ۽ احد به، هڪ اڪيلو ، بر حق ۽ بي نياز به ۽ اسان تنهنجي سامهون تسليم آهيون“

ڇو جو ان طرح سان دعا خداوند عالم جي جمال ۽ جلال جي شهود ۾ دعا ڪرڻ واري جي غرق هجڻ جي عڪاسي ڪندي آهي ته جيڪو لمحي ڀر جي لاءِ غير خدا تي توجه ناهي ڪندو، ان ڪري ابن ابي الحديد حضرت علي عليه السلام جي باري ۾ ڪجه مطالب بيان ڪيا آهن جن مان اسان ڪجه جي طرف اشارو ڪيون ٿا:

1: حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام دنيا پرست نه هئا ” وإنّما کان رجلاً متاٴلّہاً صاحب حقٍّ“[3]
متاله انسان، خدائي انسان کان علاوه آهي جيڪو شخص مرفت الهي سان بهر مند هجي اهو متاله آهي.
2: واعلم اٴنّ التوحید والعدل والمباحث الشریفة الإلہیة ما عُرِفَت إلاّ من کلام ہذا الرجل واٴنّ کلام غیرہ من اٴکابر الصحابة لم یتضمّن شیئاً من ذلک اٴصلاً ولا کانوا یتصوّرونہ ولو تصوّروہ لذکروہ، وہذہ الفضیلة عندی اٴعظم فضائلہ (علیہ السلام)

” توحيد خدا ، عدل خدا ۽ خدا جي متعلق ٻين مطالب جي بلند ۽ بالا معارف فقط ۽ فقط حضرت علي عليه السلام جي ڪلام مان حاصل آهن، ۽ انهي جي ذريعي سان سڃاتا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ماڻهن ۽ حصرت رسول اڪرم(صلي الله عليه وآله وسلم) جا بزرگ اصحابن جي ڪلام ۾ اعتقادي اصول جي متعلق مسائل بيان ناهن ٿيا، ۽ اهي حضرات يعني ٻيا اصحاب رسول ان طرح بلند ۽ بالا ۽ عالي مطالب جو تصور به نه ڪندا هئا، (ته انهن مطالبن جي تصديق ۽ وضاحت ته پري جي ڳالهه آهي!) ڇو جو انهن عميق ۽ گهرن معارف جي تصوري اصول واضح ۽ روشن هجن ها ۽ هو انهن مطالبن جي تصديقي بنيادن کي درڪ ڪن ها ته انهن کي بيان به ڪن ها، پر انهن جي ڪلام مان ان طرح جا مفاهيم موجود نه آهي اهي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪندو آهي ته هي ماڻهو ان معارف کان نا آشنا هئا، فقط حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام هئا جيڪي ان ميدان جا فاتح ، ان عالم جا ڪاشف(ڪشف ڪرڻ وارا) ۽ اهڙي معرفت جا موجد(ايجاد ڪرڻ وارا) هئا ، منهنجي نزديڪ حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام هي علمي فضيلت تمام وڏي آهي.[4]

ابن ابي الحديد جو قول ابن سينا(رحمة الله عليه) جي بلند گفتار جي نزديڪ آهي ڇو جو بو علي سينا جي جملي جي مطابق حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام، اصحاب رسول جي درميان محسوس جي درميان معقول وانگر آهي، ۽ ابن ابي الحديد جي جملي جي مطابق جنهن شيء جي حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام صديق ڪئي ۽ تعليم ڏني ان کان ٻيا افراد بلڪل سمجهي نٿا سگهن ، ابن ابي الحديد چوي ٿو:

واٴمّا الحکمة والبحث فی الاٴمور الإلہیّة فلم یکن من فنّ اٴحدٍ من العرب ولا نُقل فی جہاد اٴکابرہم و اٴصاغرہم شیءٍ من ذلک اٴصلاً وہذا فنّ کانت الیونان واٴوائل الحکماء واٴساطین الحکمة ینفردون بہ واٴول من خاض فیہ من العرب علیّ (علیہ السلام) ولہذا تجد المباحث الدقیقة فی التوحید والعدل مبثوثةً عنہ فی فرش کلامہ وخُطَبِہ ولا تجد فی کلام اٴحدٍ من الصحابة والتابعین کلمةً واحدةً من ذلک ولا یتصورونہ ولو فُہِمّوہ لم یَفْہَموہ. اٴنّی للعرب ذلک؛

”حڪمت، استدلالي بحث ۽ معارف الهي جي سلسلي ۾ گفتگو ڪرڻ جو فن ڪنهن بي عرب وٽ نه هيو ۽ نه ڪنهن عرب کان ان طرح جون وڏيون ننڊيون شيون نقل نه ٿيون آهن، فقط يوناني دانشور ۽ فلاسفه معرفت الهي جي فن ۾ مشغول هئا سڀ کان پهريان عرب منجهان حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام ان طرح جي معارف کي بيان ڪيو ، ان ڪري توحيد خدا ۽ عدل الهي جون دقيق(گهريون ) بحثون حضرت علي عليه السلام جي خطبن ۽ ڪلام ۾ تمام گهڻو نظر اينديون آهن ۽ ڪنهن به صحابي يا اصحاب رسول جي تابعين مان ڪنهن به ان طرح جا بلند معارف بيان ناهن ڪيا، هي ٻه نسلون ان طرح جي مطالب جو تصور به نه ڪنديو هيون ۽ جيڪڏهن ڪو به ان طرح جي مطالب جي تدريس ۽ تفهيم ڪري ب ها ته هو سمجهڻ کان عاجز هئا، ڇو جو عرب جي قوم ۾ (وحي الهي ۽ الهام نبوي پڻ الهام علوي جي بغير) ان طرح جا بلند مطالبن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي.[5]

موضوع جي گذشته ڪلام کان استفادو ٿيڻ وارن مطالبن کان علاوه ان ڪلام مان معلوم ٿيڻ وارا مطالب هي آهن ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام امت اسلاميه ۾ معارف الهي جا مبتڪر هئا، ۽ اصحاب ۽ طابعين منجهان ڪو به هن طرح سان مطالب کي بيان ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هو، وڏي ڳالهه ته هي آهي جو انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به ان کي سکڻ جي صلاحيت ئي نه هئي، هي جملو به ابن سينا جي جملي سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڇو جو جيڪو حس جي مرتبه ۾ هجي هو نه صرف ادراڪ معقول جو مبتڪر نٿو ٿي سگهي بلڪه هو مڪتب عقل جو شاگر به نٿو ٿي سگهي، ان طرح ته جيڪڏهن ڪو صاحب عقل ڪنهن حس رکڻ واري موجود کي ڪا شيء سمجائڻ چاهي ته هو ان کي نه سمجهائي سگهندو.

بس ابن ابي الحديد جو چوڻ آهي ته:
4: تمام اسلامي متڪلمين جيڪي عقولات جي دريا جا غواص آهن، انهن پنهنجو علم حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام کان ورتو آهي ۽ هي ماڻهو امام عليه السلام جي طرفان منسوب آهن ۽ هو انهن کي پنهنجو استاد ۽ سرپرست ۽ بزرگ ڄاڻيندا آهن.

اصحاب معتزله، واصل بن عطا کان انتساب رکهن ٿا: ابو هاشم بن محمد بن حنفيه جا شاگرد آهن ۽ ابو هاشم پنهنجي والد محمد جا شاگرد هئا، ۽ محمد بن حنفيه پنهنجي والد حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جا شاگرد هئا،  شيعن جو انتساب چاهي اهو اماميه هجن يا زيديه يا کيسانيه حضرت علي عليه السلام جي طرف واضح آهي .

اشاعره جو حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي طرف انتساب ان ڪري آهي ته هو ابو الحسن اشعري جي طرف نسبت رکهن ٿا ۽ هو ابو علي جا شاگرد آهن ۽ ابو علي، ابو يعقوب شحام جا شاگرد آهن، ابو يعقوب، ابوالهذيل جا شاگرد هئا، ابو الهذيل، ابو عثمان طويل جا شاگرد هئا، ابو عثمان طويل ، واصل بن عطا جا شاگرد هئا، لهذا آخر ڪار فرقه اشعري به حضرت علي عليه السلام جي طرف منسوب آهن.
اهڙي طرح اميه جو حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي طرف منسوب ٿيڻ ان ڪري آهي ته انهن جي عقائدن ۽ طريقا حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام تي وڃي ختم ٿين ٿا جيئن ابن هيصم پنهنجي ڪتاب ”المقالات“ ۾ بيان ڪيو آهي.

خوارج جو ڪلامي انتساب حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي طرف روشن آهي پر هو ماڻهو حضرت علي عليه السلام جا اصحابن منجهان هئا ۽ انهن ئي پاڻ تي خروج ڪيو .[6]

اهڙي طرح موصوف وڌيڪ لکن ٿا:
5: حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام اولياء الهي منجهان آهن جن ڪڏهن هٿن سان ته ڪڏهن شمشير سان، ڪڏهن زبان ۽ بيان سان ۽ ڪڏهن فڪر ۽ قلب سان اسلام جي مدد ڪئي. جيڪڏهن جهاد ۽ جنگ جي ڳالهه اچي ٿي ته پاڻ عليه السلام سيد المجاهدين آهن، اگر وعظ ۽ نصيحت جو نالو ايندو آهي ته پاڻ ابلغ الواعظين آهن ۽ اگر  فقه ۽ تفسير جو ذڪر هوندا آهي ته پاڻ رئيس الفقهاء ۽  رئيس المفسرين آهن ۽ اگر عدل ۽ توحيد جي ڳاله ٿيندي آهي ته پاڻ اهل عدل ۽  اهل توحيد جا امام آهن ” لیس علی اللّٰہ بمستنکر، اٴن یجمع العالم فی واحدٍ“[7]
”يعني الله جي لاءِ هي ڪو مشڪل ڪم نه آهي ته ڪائنات کي هڪ شخص ۾ جمع ڪري“

6: بيت المال جي مال ۽ پيسي جي سلسلي ۾ حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي سيرت هي هئي ته هو هر جمعه تي بيت المال کي ٻهاري ڏيندا هئا ۽ ان کان پوءِ اتي ٻه رڪعتون نماز پڙهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته هي جاءِ قيامت جي ڏينهن منهنجي لاءِ گواهي ڏيندي.[8] يعني ناجائز تصرف، ناروا امتياز ۽ نا عادلانه تبعيض نه هجڻ جي شهادت.

7: ڇو جو طوفان نوح عليه السلام کان پهريان واري تاريخ معلوم نه آهي ۽ مجهول آهي لهذا ان حوالي سان گفتگو نه ڪئي ويندي، پر طوفان نوح عليه السلام کان پوءِ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي چيو ويندو ته پوري دنيا ۾ تمام قومون ۽ ملتون چاهي اهي ترڪ هجن يا فارس، عرب هجن يا رومي، (هندي هجن يا پاڪستاني) يا ٻيون قومون انهن ۾ ڪو به اهڙو شخص نٿو ملي سگهي جنهن جي شجاعت حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي شجاعت وانگر هجي ته جنهن جي نزديڪ تلوار سان قتل ٿيڻ زندگي کان بهتر هجي .[9]

ان ڳالهه تي توجه ڪرڻ ضروري آهي ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي تعارف جي سلسلي ۾ ابن ابي الحديد جو بيان ، عمل جي ميدان ۾ عبادت، زهد، شجاعت ۽ سخاوت کان اڳيان نه آهي ۽ علم جي لحاظ کان به فلسفه ۽ ڪلام جي حد ۾ آهي .

ان بنا تي ان معتزلي شارح جي ڪلام مان حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي عارفانه حيات کي ثابت ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، البته موصوف جي ڪلام جي هڪ ٻين حصي ۾ حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي حيات شاهدانه کي ثابت ڪرڻ جو مقعو فراهم وڃي سگهي ٿو، جيئن موصوف ان خطبه جي شرح ۾ بيان ڪيو آهي ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام هن آيت شريفه جي ” اٴلٰہیکم التکاثر حتّی زُرتم المقابر>[10]تلاوت ڪرڻ کان پوءِ فرمايو.[11]

ابن ابي الحديد چوي ٿو:
1: جيڪو شخص هن فصل ۾ غور ۽ فڪر ڪري ته اهو شخص معاويه جي ان ڪلام جي سچائي کي سمجهي سگهي ٿو جنهن ۾ هن (معاويه) چيو: خدا جي قسم! علي (علي عليه السلام) کان علاوه ڪنهن به قريش لاءِ فصاحت ۽ بلاغت جو تحفو ناهي ڏنو.
2: ضروري آهي ته جيڪڏهن عرب جا تمام فصحيح هڪ جاءِ تي جمع ٿين ۽ ان خطبه جي تلاوت ڪن ته انهن کي ان ڪلام جي اڳيان سجدو ڪرڻ پوندو ، ڇو جو ادبي شاعر چون ٿا ته اسان اشعار ۾ سجده جي جاءِ کي ڄاڻيون ٿا، جهڙي طرح توهان قرآن ۾ سجده وارين جاين کي ڄاڻيندا آهيو.
3: مون کي ان شخص تي تعجب ٿيندو آهي جنهن جو ڪلام جنگ ۾ ان ڳالهه جي عڪاسي( دلالت ) ڪندو آهي ته جنهن جي عادت شير ۽ چيتي واري هجي پر ان جاءِ تي پند ۽ نصيحت تي مشتمل ڪلام ڪندو نظر اچي، جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ان جي عادت هڪ راهب ۽ تارڪ دنيا واري  آهي جنهن اڄ تائين ڪوبه قتل نه ڪيو آهي ، ۽ اهو به بسطام بن قيس شيباني ۽ عتيبه ابن حارث يربوعي ۽ عامر بن طفيل جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن سقراط حِبر يوناني ۽ يوحنا معمدان ۽ مسيح بن مريم جي شڪل ۾ آهن.

4: مان ان جي قسم کڻان ٿو جنهن جي قسم تمام امتن کاڌي ته مون ان خطبي ۾ پنجاه سال جي مدت ۾ ان کي هزار مرتبه کان وڌيڪ پڙهي چڪو آهيان، مون ان کي ناهي پڙهيو سواءِ ان جي جو هن خطبي جو اثر منهنجي دل، دماغ ۽ ٻين عضون تي ٿيو هجي، مون ان ۾ غور ۽ فڪر نه ڪيو آهي سواءِ ان جي جو پنهنجي مردن کي ياد ڪيو آهي ۽ پاڻ کي مولا جي ان ڪلام جو مصداق سمجهو جيڪو حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام مردن جي باري ۾ فرمايو: واعظين ، خطباء ۽ فصحاء ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ مون ان کي ڪيئي مرتبه پڙهيو آهي پر انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به اها تاثير ناهي ڏٺي،  ڇا هي تاثير ان ڪر آهي ته مان حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام تي خاص عقيدت رکندو آهيان يا هي ته هن ڪلام جي متڪلم(چوڻ واري) جي نيت صالح، يقين ثابت ۽ اخلاص جي ڪري آهي .[12]

هڪ يادگار واقعو:
جڏهن اسان پنهنجي استاد سيد محمد حسين طباطبائي تبريزي جيڪو علامه طباطبائي(قدس الله نفسه الزڪيه) جي نالي سان مشهور هئا، کان سوال ڪيو ويو ته توهان ذڪر ٿيل خطبي جي باري ۾ ابن ابي الحديد جي ان ڪلام جي باري ۾ ڇا ٿا چئو؟ جنهن ۾ هن چيو: سزاوار (ضروري ) آهي ته عرب جا فصيح ان ڪلام جي اڳيان سجدو ڪن ، ته مرحوم علامه فرمايو:
”ان ڪلام نه نه افراط(ڪمي) آهي ۽ نه مبالغو(واڌارو) آهي، ڇو جو معارف قرآن ۽ تجلي ڪلام خدا حضرت اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي خطبي ۾ جلوه(روشن) گر ٿيو آهي. در حقيقت عرب جي فصيحن جو هي سجدو، قرآن جي عظمت جو سجدو آهي اگر چه (قرآن) خطبه علوي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي “
جنهن شيء جي طرف پهريان اشارو ٿيو اهي ته شارح نهج البلاغه جي ڪجه جملا حضر علي عليه السلام جي حيات عارفانه جو زمينهو فراهم ڪن ٿا، ان قوم مان معلوم ٿئي ٿو ، ڇو جو حضرت علي عليه السلام اهل برزخ جي احوالن کي مڪمل طور تي مشاهدو ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي جزئيات کان به مڪمل طور تي آگاه هئا، جيئن حبه عرني[13] جو واقعو ان ڳاله تي شاهد آهي .




[1] . اثبات الوصية، صفحہ ۱۳۷۔
[2] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، جلد۲۰، صفحہ ۲۵۵، حديث ۱۔
[3] . شرح نہج البلاغہ، ابن  ابي الحديد، ج۲، ص۲۰۳۔
[4] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، ج۶، ص۳۴۶۔
[5] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، جلد۶، صفحہ ۳۷۰ تا ۳۷۱۔
[6] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، ج۶، صفحہ ۳۷۱ تا ۳۷۲۔
[7] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، ج۷، صفحہ ۲۰۳۔
[8] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد، جلد۲، ص۱۹۹۔
[9] . شرح نہج البلاغہ، ابن ابي الحديد،جلد۷، ص۳۰۱۔
[10] . سوره تڪاثر ، آيت نمبر 1، 2
[11] . نہج البلاغہ، خطبہ ۲۲۱۔
[12] . شرح ابن ابي الحديد، جلد۱۱، صفحہ ۱۵۲ تا ۱۵۳۔
[13] . بحار الانوار، ج۶، ص۲۶۷۔

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo