Ad 468 X 60

Sunday, January 10, 2016

حضرت علي عليه السلام جي عدالت

تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:
عدالت اها حقيت آهي جنهن تي دنيا جو نظام قائم آهي، وڏن وڏن آسماني سيارن کان وٺي ڪري ننڊن ننڊن ذرت تائين هر شيء ۾ عدالت جو نظام موجود آهي، جيڪڏهن ان پوري نظام ۾ عدالت جو توازن ٿورو به هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي ته هي نظام هستي درهم برهم ٿي ويندو، خود انسان جو وجود ۽ ان جي بدن جو سسٽم، خدا جي نظام ۽ ان نظام جي توازن ۽ تعادل جو بهترين مظهر آهي.

انساني بدن جي انهي متوازن نظام ۾ خلل پيدا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ مختلف امراض وجود ۾ اچي ويندا آهن، جڏهن ڪائنات جو نظام شمسي، نظام قمري ۽ انسان جو جسماني نظام بغير توازن ۽ عدالت جي نٿو هلي سگهي، ته پوءِ ايترو وڏو انساني سماج ۽ پورو انساني حيات جو نظام، عدالت ۽ توازن جي بغير ڪيئن منزل مقصود تائين پهچي سگهي ٿو ؟
ان ڪري پر سڪون ۽ بي خوف ۽ خطر زندگي گذارڻ ۽ ڪمال جي منزلن کي پار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انساني سماج ۽ نظام حيات به عدالت ۽ توازن جي مستحڪم ستونن تي بيٺل هجي، ته جيئن تباهي ۽ بربادي کان محفوظ رهي سگهي. اسلامي معاشري کي ان ضرورت جي پيش نظر ، الله تعالي انبياء ۽ مرسلين کي پنهنجو نمائندو بڻائي نوع انسان جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو علمبردار بڻائي موڪليو، ان ڪري خداوند عالم قرآن مجيد ۾ انبياء ۽ مرسلين جي بعثت جو فلسفو هنن الفاظن سان بيان ڪيو آهي
’’ولقد ارسلنا رسلنابالبینات ليقوم الناس با لقسط‘‘
يعني: اسان واضح دليلن سان پنهنجي رسولن کي موڪليو سين ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ ميزان کي نازل ڪيو سين ته جيئن انساني سماج ۾ عدالت قائم ٿئي.[1]
اسلام جي نظر ۾ عدالت جو تعلق بين الاقوامي حقوق سان آهي ، يعني اسلام عدالت ڪرڻ ۾ مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي درميان فرق جو قائل نه آهي، خداوند عالم جو فرمان آهي:
’’يا ايّھاالذين آمنوا کونوا قوامين للّہ شھدئ بالقسط ...‘‘
اي ايمان وارو! هميشه الله لاءِ قيام ڪيو ......[2]

عدالت جو مفهوم:
لفظ عدالت ظلم جي مقابلي ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ لغت ۾ برابري، سچائي، استقامت ۽ حد وسط جي معني ۾ آيو آهي.[3]
قرآن مجيد جي عظيم الشان مفسر ، علامه محمد حسين طباطبائي عدالت جي باري ۾ عمده ۽ مفيد وضاحت ڪندي هن طرح لکن ٿا:
”عدالت زندگيءَ جي ڪنهن هڪ پهلوءَ تائين محدود نه آهي بلڪه انساني زندگي جي تمام انفرادي ۽ اجتماعي پهلوئن تي مستقل آهي، عدالت جو مطلب هيءُ آهي ته ان جي تمام اشياء ۽ اشخاص مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو حق ڏنو وڃي.[4]
اسلامي تعليمات ۾ لفظ عدالت جو استعمال ٽن جاين تي ٿيندو آهي:
1: عدالت الهي.
2: عدالت ذاتي، جيڪا قضاوت، نماز جمع ۽ جماعت جي امامت وغير ۾ شرط آهي.
3: عدالت اجتماعي، جيڪا سماج ۽ معاشري جي تمام شعبن کي پنهنجي اندر شامل ڪندي آهي.
اسان هن مختصر تحرير  ۾ پهرين ٻن قسمن جي عدالت کان نظر انداز ڪندي فقط ٽين قسم يعني عدالت اجتماعي جي باري ۾ حضرت علي عليه السلام جي اقوال ۽ ارشادات ۽ امام عليه السلام جي پاڪيزه سيرت جو اجتماعي جائزو وٺون ٿا:

حضرت علي عليه السلام جي نظر ۾ عدالت جي اهميت:
جيئن ته مٿين لائنن مان واضح ٿي چڪو آهي ته عدالت هڪ عظيم حقيقت آهي جنهن کي نافذ ڪرڻ جي لاءِ الله تعالي انبياء ۽ مرسلين کي موڪليو، ڇو جو حضرت علي عليه السلام به قرآني ارشادات ۽ نص رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي مطابق خدا جي طرفان هادي بر حق امام آهن ان ڪري حضرت علي عليه السلام عدالت کي هر شيء تي ترجيح ڏيندا هئا، هڪ شخص پاڻ عليه السلام کان سوال ڪيو ته عدالت افضل آهي يا جود ۽ سخاوت؟ پاڻ عليه السلام فرمايو : عدالت افضل آهي.
جڏهن ته هڪ سادي انساني جي نظر ۾ جود ۽ سخاوت عدالت کان بهتر ۽ بالاتر آهي.
ان کان پوءِ حضرت علي عليه السلام دليل پيش ڪئي ته عدل ان ڪري افضل آهي ته زندگي جي تمام امورن ۽ مسئلن کي پنهنجي جاءِ تي برقرار  رکندو آهي ، جڏهن ته سخاوت انهن تمام امورن کي پنهنجي جڳهن کان هٽائي ڇڏيندي آهي.[5]
ڇو جو عدالت جو مطلب هيءُ آهي ته معاشرو پنهنجي طبعي مزاج تي هلي ۽ هر شيء پنهنجي اصلي جڳھ تي باقي رهي ڪم ڪري پر جود ۽ سخاوت جو مطلب هي آهي ته معاشرو پنهنجي طبعي مزاج کان هٽي ڪري ڪم ڪري ، جنهن جي ڪري هي ضرورت پيش آئي جو معاشري جي ڪنهن هڪ فرد کي ان حق کان وڌيڪ ڏيئي ڪري ان جي ضرورت کي پوري ڪيو وڃي.
امام عليه السلام عدل جي برتري ۽ افضليت جي باري ۾ ٻين دليل هي ڏني.
’’:العدل سائس عام والجود عارض خاص‘‘
يعني: ”عدالت هڪ عام قانون آهي ۽ عمومي مدير(مسئول) آهي جيڪو  پوري معاشري جي مٿان محيط هوندو آهي؛ جڏهن ته سخاوت هڪ استثنائي صورت حال آهي “ نتيجو هيءُ آهي ته عدل برتر ۽ افضل آهي .[6]
امام عليه السلام هميشه عدالت کي فوقيت ڏيندي فرمائن ٿا:
”فان في العدل سعة.....“ يعني عدل ۾ وسعت ۽ لامحدو گنجائش آهي ۽ جيڪو شخص عدالت جي وسيع فضا ۾ به تنگي محسوس ٿو ڪري ته اهو ظلم ۽ نا انصافي جي تنگ ۽ سوڙهي فضا ۾ ان کان وڌيڪ تنگي ۽ سوڙه محسوس ڪندو.[7]
حضرت علي عليه السلام عدالت کي الله جو فريضو بلڪه ان کي ناموس الهي سمجهندا ۽ ان ڳالهه جي هرگز اجازت نٿا ڏين ته انسان جي سامهون ظلم ۽ ستم ٿئي ۽ هو خاموش ٿي ڪري تماشو ڏسندو رهي، بلڪه ان جو فرض آهي ته هو حتي الامڪان ظلم ۽ ستم کي ختم ڪرڻ ۽ عدل ۽ انصاف کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، امام عليه السلام خطبه شقشقيه ۾ فرمائن ٿا:
” اما والذي فلق....“: يعني آگاه ٿي وڃو، قسم آهي ان خدا جو جنهن داڻي کي شگافته ڪيو ۽ صاحبان روح کي پيدا ڪيو، جيڪڏهن حاضرين جي موجودگي ۽ مدد ڪرڻ وارن جي ڪري مون تي حجت قائم نه ٿئي ۽ الله علماء کان هي عهد ۽ پيمان نه ورتو هجي ها ته هو ظالم جي ظلم ۽ مظلوم جي مظلوميت تي خاموش نه رهي ته مان خلافت جي رسي کي ان جي گردن ۾ وجهي ڪري اڄ به هڪلي ڇڏيان ها.[8]
عام ماڻهن جي نظر ۾ حڪومت جو مقصد اقتدار ، عيش و عشرت ۽ لذت طلبي هوندي آهي پر الله جي نمائندن جي نظر ۾ حڪومت جو مقصد معاشري ۾ عدل ۽ انصاف جو قيام ، ظلم و جور جو خاتمو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ نوع انساني کي ڪاميابي ۽ ڪامراني سان همڪنار ڪرڻ هوندو آهي.
هڪ دفعو ابن عباس، حضرت علي عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ان وقت امام عليه السلام پنهنجو ڦاٽل پراڻو جوتو سبي رهيا هئا، امام عليه السلام ابن عباس کان پڇيو:
”هن جوتي جي ڪيتري قيمت آهي؟“ ابن عباس جواب ڏنو: ڪجھ به نه ! امام عليه السلام فرمايو: منهنجي نظر ۾ موجوده حڪومت ۽ رياست جي قدر ۽ قميت ان جوتي کان به گهٽ آهي، سواءِ ان جي جو حڪومت جي ذريعي عدالت کي نافذ، حق کي قائم ڪرڻ ۽ باطل کي مٽائي سگهان.[9]
حضرت علي عليه السلام عدالت کي ايتري اهميت ڏني ۽ اهڙي طرح عدالت کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪيو جيڪا امام عليه السلام جي شخصيت جو حصو بڻجي وئي، جڏهن به امام عليه السلام جو ذڪر ٿيندو هو ته فورن ذهن عدالت جي طرف هليو ويندو هو ۽ اهڙي طرح جڏهن به عدالت جو ذڪر ٿيندو آهي ته عادل امام اسان سڀني کي ياد اچي ويندو آهي، جنهن اعلان به ڪيو هو ۽ پنهنجي عمل سان ثابت به ڪيو هو ته:
والله! جيڪڏهن مون کي ست (قليم) ان شرط تي ڏنا وڃن ته مان هڪ ڪيليءَ جي منهن مان جؤ جو هڪ ڇلڪو کسي وٺان ته مان انهي(اقليم) کي ٽوڪر هڻي سگهان ٿو پر ان حد تائين بي عدالتي ۽ ظلم نٿو ڪري سگهان.[10]
امام عليه السلام جي عدالت ايتري ته مشهور هئي جو دين ۽ مذهب جي حدن کان گذري ڪري عمومي شڪل اختيار ڪري وئي ۽ اڄ به دنيا جو هر مفڪر ۽ دانشور، چاهي اهو ڪنهن به ملت ۽ مذهب سان تعلق رکندو هجي، امام عليه السلام جي عدالت جي سامهون پنهنجو سر تسليم خم ڪرڻ کي شرف سمجهندو آهي.
جارج جرداق نالي هڪ مسيحي دانشور امام علي عليه السلام جي عدالت جي موضوع تي 5جلدن تي مشتمل ”صوت العدالة الانسانيه“ نالي سان هڪ ڪتاب لکي جيڪا دنيا جي مختلف مشهور زباننن ۾ ترجمو به ٿي چڪي آهي.
امام علي عليه السلام پنهنجي ذاتي زندگي کان وٺي اجتماعي ، سماجي ۽ حڪومتي زندگي جي هر پهلو ۾ مڪمل طور تي عدالت کي نافذ ڪيو ، هي ڳالھ روشن آهي ته اسان انهن سڀني مواردن کي هن تحرير ۾ جمع نٿا ڪري سگهون ، پر اسان حڪومتي ۽ اجتماعي مسائلن مان ڪجھ کي عنوان جي طور تي امام عليه السلام جي عدالت جا ڪجھ پهلو نموني جي طور تي نهج البلاغه مان پيش ڪيون ٿا:

قانون سازي ۽ قانون جي نفاذ ۾ عدالت:
حضرت علي عليه السلام پنهنجي حڪومت لاءِ جيڪي قوانين مرتب ڪيا هئا اهي من وعن اهي ئي قوانين هئا جيڪي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم اسلامي حڪومت جي لاءِ معين ڪيا هئا، حضرت علي عليه السلام جي عدالت جي باري ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي:
’’کفّي و کفّ علي في العدل سواء ‘‘
يعني: عدالت ۾ منهنجو ۽ علي جو هٿ بلڪل برابر آهي .[11]
اِن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسلام مالي ۽ مادي ايستائين جو معنوي مسائلن ۾ به سڀني انسانن کي هڪ ئي خاني ۾ جڳھ نٿو ڏي ۽ اسلام مارڪسز جو تمام گهڻو مخالف آهي، پر جتي قانون جو مسئلو هوندو آهي اتي اسلام ، عالم ۽ جاهل، غريب ۽ امير، دوست ۽ دشمن سڀ کي هڪ ئي نظر سان ڏسندو آهي، حضرت علي عليه السلام ان سلسلي ۾ فرمائن ٿا:
’’عليک بالعدل في الصديق والعدو‘‘
دوست ۽ دشمن ٻنهي سان عدالت سان پيش اچو.[12]
امام عليه السلام هڪ نافرمان عامل کي تنبيھ ڪندي خط ۾ فرمايو:
’’واللّہ لو ان الحسن والحسين...‘‘يعني الله جو قسم جيڪڏهن حسن (عليه السلام) ۽ حسين(عليه السلام) به اهو ڪم ڪن ها ته انهن جي لاءِ به مون وٽ نرمي جو امڪان نه هيو ۽ نه اهي منهنجي ارادي مٿان تسلط ڪري پي سگهيا، جيستائين مان انهن کان حق حاصل نه ڪيان هان ۽ انهن کان ظلم جا آثار نه مٽايان ها.[13]
امام عليه السلام قانون جي نفاذ ۾ ڪنهن به صورت ۾ خاندان پرستي ۽ تعلقات جا قائل نه هئا، جناب عقيل عليه السلام جيڪي امام عليه السلام جا سڳا ڀاءُ هئا، جڏهن ان قرض جي ادائگي لاءِ بيت المال مان ڪجھ اضافي رقم جو مطالبو ڪيو ته امام عليه السلام سختي سان انڪار ڪيو.[14]
اڄ جي حڪومتن کي حضرت علي عليه السلام جي سيرت کي ڏسندي اهڙا قانون بڻائڻ گهرجن جن ۾ فقط حڪمرانن جو نه بلڪه پوري قوم جو فائدو هجي ۽ دنيا کي گهرجي ته ملڪي ۽ عدالتي قوانين جي نفاذ ۾ تفريق جا قائل نه ٿين.

گورنر جي انتخاب ۾ عدالت:
اڄ جي دنيا ۾ حڪومت جي نمائندن ۽ اراڪين جي انتخاب ، عهدن ۽ منصوبن جي تقسيم ۾ مڪر ۽ فريب، رشوت ، مال ۽ دولت جي مستيءَ، تعلقات ۽ سڀ کان وڌي ڪري پنهنجي ذاتي منافع کي پيش نظر رکيو ويندو آهي، پر جنهن شيء تي بلڪل توجھ نه ڏني ويندي آهي اها انسان جي معنويت، صداقت، عدالت، لياقت ۽ صلاحيت آهي ، پر علوي حڪومت ۾ معاملو بلڪل بر عڪس هيو، اتي ڪنهن به شيء تي توجھ نه ڏني ويندي هئي، سواءِ عدالت ، معنويت، لياقت ۽ صلاحيت جي، حضرت علي عليه السلام پنهنجائپ ۽ پرائپ جي امتياز کي ختم ڪندي جيڪو شخص جنهن عهدي جي صلاحيت رکندو هو اهو عهدو ان جي حوالي ڪيو ويندو هو.
امام عليه السلام جي 51 گورنرن جي فهرست تي جڏهن نظر وڌي ويندي آهي ته ان ۾ مهاجر ، انصار، يمني ، نزاري، هاشمي، غير هاشمي، عراقي، حجازي ۽ پوڙها ۽ جوان سڀ نظر ايندا آهن جنهن جو مثال امام عليه السلام جي حڪومت کان پهريان ملڻ نا ممڪن آهي.
ان جي بر عڪس امام عليه السلام جي نگاه وليد، مروان، عمروعاص، طلحه ۽ زبير جهڙن مشهور ۽ سرڪرده افراد تي نٿي پوي، ڇو جو انهن جي اندر تقوي ۽ صلاحيت موجود نه هئي جيڪا هڪ اسلامي مملڪت جي حاڪم ۽ عامل ۾ هجڻ گهرجي، جيتوڻيڪ طلحه ۽ زبير کي انهن جي خواهش جي مطابق بصره ۽ ڪوفي جو حاڪم نه بڻائڻ جي ڪري امام عليه السلام کي طرح طرح جون مشڪلاتون برداشت ڪرڻيون پيون جن منجهان جنگ جمل، جنگ بصره (جمل صغرا) وڙهڻي پئي.
امام عليه السلام دنياوي سياست دانن جي برعڪس، ڪنهن به حال ۾ وڏي کان وڏي مادي منفعت ۽ سياست جي بدلي ۾ عدالت جو سودو نه ڪيو ۽ خلافت ملندي ئي تمام ظالم ۽ نا اهل گورنرن کي معزول ڪيو.
جڏهن ته امام عليه السلام کي ڪافي ماڻهن چيو ته في الحال نا اهل گورنرن کي معزول نه ڪيو ، ان وقت اوهان جي حڪومت مستحڪم ناهي ٿي ۽ هو بغاوت ڪري توهان جي حڪومت لاءِ خطرو پيدا ڪري سگهن ٿا، جڏهن توهان جي حڪم جا ستون مستحڪم ٿي وڃن ته توهان آساني سان ان کي معزول ڪجو پر امام عليه السلام هي چئي ڪري ماڻهن کي خاموش ڪيو ” مان هڪ لمحي جي لاءِ به ظلم ۽ ستم کي برداشت نه ڪندس“
۽ ان گفتگو جي مثل امام عليه السلام ڪنهن ٻي موقعي تي ارشاد فرمايو:
اتامروني ان اطلب النصر بالجور...‘‘ ڇا توهان مونکي مشورو ڏيئي رهيا آهيو ته مان ظلم ۽ جور جي مدد سان فتح ۽ ڪاميابي حاصل ڪيان؟[15]
ان جملي جي ذريعي امام عليه السلام هن نظرئي کي باطل قرار ڏنو جيڪو اِهو چوي ٿو ته نيڪ مقاصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺن ۽ برن وسائلن جو سهارو وٺجي.

بيت المال ۽ مالي وسائل جي تقسيم ۾ عدالت:
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم عرب ۽ عجم، سياه ۽ سفيد جي فرق جي بغير سڀني مسلمانن کي بيت المان مان برابر جو حق ڏيندا هئا، پر رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ وارين حڪومتن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت جي بر خلاف بيت المال ۽ مال غنيمت جي تقسيم ۾ رنگ ، نسل ۽ ذات پات کي معيار قرار ڏنو
پر حضرت علي عليه السلام کي جيئن حڪومت ملي ته ان غلط ۽ غير اسلامي سيرت جي مخالفت ڪندي ۽ وري سيرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي زنده ڪيو ۽ عرب و عجم، سياه و سفيد، مهاجر ۽ انصار جو فرق ختم ڪيائون، جنهن جي نتيجي ۾ اهل باطل جي هڪ وڏي جماعت امام عليه السلام جي مخالف ٿي وئي.[16]
جڏهن پاڻ عليه السلام سابقه حڪمرن جي بد عنوانين جي مخالفت ڪئي ته ڪجھ ماڻهن چيو جيڪو ٿيو سو ٿيو، امام عليه السلام فرمايو:
’’واللہ لو وجد تہ قد تزوج بہ النساء ...‘‘ خدا جو قسم! جيڪڏهن مان مسلمانن جي عمومي مال ان حالت ۾ ڏسان ته هو عورتن جو مهر بڻجي ويو هجي يا ڪنيز جي قيمت جي طور تي ڏنو ويو هجي ته به مان ان کي به واپس ڪرايان ها....“[17]
امام عليه السلام بيت المال کي خدا جو مال ۽ مسلمانن جو حق سمجهندا هئا، امام عليه  السلام ڪڏهن به بيت المال کي پنهنجي ذاتي منافع جي لاءِ استعمال نه ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي ڪنهن عامل جي طرف کان بيت المال ۾ خيانت ۽ اسراف کي برداشت ڪيو.
نهج البلاغه جا مختلف خطبات ۽ مڪتوبات ان ڳالهه تي گواه آهن ته اميرالمومنين علي عليه السلام بيت المال ۾ معمولي خيانت ڪرڻ وارن کي تمام گهڻي تنبيھ ۽ سرزنش ڪئي آهي ۽ تمام گهڻ گورنرن کي ان خطا جي ڪري معزول به ڪيو.

قضاوت ۾ عدالت:
امام عليه السلام جي عدالت ان سلسلي ۾ مشهور آهي، ۽ ان موضوع تي تمام گهڻيون ڪتابون لکيون ويون آهن ، اسان هتي فقط نموني جي طور تي ڪجھ شين کي ذڪر ڪرڻ تي اڪتفا ڪيون ٿا.
الف:هڪ دفعي هڪ شخص خليفه دوم جي زماني ۾ حضرت علي عليه السلام جي خلاف شڪايت ڪئي، حضرت علي عليه السلام ان شخص سان گڏ خليفه دوم جي دربار ۾ پهتا ته خليفه دوم چيو: اي ابوالحسن! توهان پنهنجي مدعي سان گڏجي ويهو ، جڏهن فيصلو ٿي ويو ته خليفه دوم حضرت علي عليه السلام جي چهري تي ناراضگي جا آثار ڏٺا ۽ ان جو سبب امام عليه السلام کان پڇائين، امام عليه السلام فرمايو:
تو گفتگو جي دوران منهنجي مدعي کي نالو وٺي ڪري سڏ ڪيو هُئي پر مون کي ڪنيت سان سڏئي، حالاڪه عدل ۽ انصاف جي تقاضا آهي ته تون مونکي به نالي سان پڪارين ها.[18]
ب: حضرت علي عليه السلام پنهنجي مشهور صحابي ابوالاسود دوئلي کي هڪ جڳھ جو قاضي مقرر ڪيو ۽ پوءِ ڪجھ عرصي کان پوءِ ان کي معزول ڪيو ته ان پڇيو ؛ يا اميرالمومنين ! مون نه ته ڪا خيانت ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنهن قسم جي نا انصافي ۽ ظلم ته پوءِ توهان مونکي ڇا جي ڪري معزول ڪيو آهي؟ امام عليه السلام فرمايو:
”مون ڏٺو ته تنهنجي آواز مدعي جي آواز کان بلند ٿي ويندي آهي ، ان ڪري توکي معزول ڪيم.[19]
حضرت علي عليه السلام فيصلي ، قضاوت ۽ حدود الهي جي نفاذ ۾ پنهنجي پرائي، دوست ۽ دشمن، غلام ۽ آقا، عرب ۽ عجم سڀ کي هڪ نگاه سان ڏٺو، تاريخ ۾ اهڙا تمام گهڻا شواهد ملن ٿا جن مان معلوم ٿئي ٿو ته امام عليه السلام  حڪم الهي جي مخالفت ۽ جرم ۾ مرتڪب ٿيڻ وارن پنهنجي قريبي چاهڻ وارن تي به حدود الهي کي جاري ڪيو،
جناشي نالي امام عليه السلام جو مريد ۽ چاهڻ وارو هو ۽ پنهنجي زماني جو وڏو شاعر هيو ۽ هميشه امام عليه السلام جي حمايت ۾ اشعار چوندو هو ،هڪ مرتبو شراب پيتائين، ته امام عليه السلام ان تي شراب پيئڻ جي ڪري حد جاري ڪئي، جڏهن ان جي قبيلي وارن حد تي اعتراض ڪيو ته پاڻ عليه السلام فرمايو:
”اي بني نهد جا ڀائرو! نجاشي به امت مسلمه جو هڪ فرد آهي ، ان ڪري اسان ڪفاري جي طور تي ان تي به شريعت جي حد جاري ڪئي آهي.[20]

اسيرن ۽ مجرمن سان عدالت:
اڄ جي عدالت جا علمبردار ۽ حقوق انساني جي لاءِ ڊهنڊورو پٽڻ وارا ڪهڙي طرح عدالت ۽ حقوق انساني کي پامال ڪري رهيا آهن ، هي ڪنهن به صاحب عقل ۽ شعور کان لکيل ڇپيل نه آهي ، اڄ آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ اسير ۽ مجرمن سان جيڪو برتاءُ ڪيو وڃي ٿو ان جون معمولي مثالون گوانٽا نامو ۽ عراق ۾ ابو غريب ۽ ٻين آمريڪي جيلن مان ملڻ واريون ڪجھ اهم خبرون آهن جن کي ٻڌي ڪري هر انسان جو بدن ڏڪي ويندو آهي ۽ دل ڌڙڪڻ شروع ڪندو آهي، هڪ طرف قيدن سان هي سلوڪ ٿي رهيو آهي ۽ ٻي طرف حضرت علي عليه السلام پنهنجي قاتل جي سامهون کير جو پيالو پيش ڪري رهيو آهي، سچ هيءُ آهي ته عدالت جي پياسي انسان کي فقط اسلام جي بي نياز چشمي کان سيراب ٿيڻ حاصل ٿي سگهي ٿو.
حضرت علي عليه السلام پنهنجي قاتل جي باري ۾ جيڪا وصيت ڪئي هئي اها در حقيقت انسانيت جو منشور آهي، امام عليه السلام فرمائن ٿا:
”ڏسو جيڪڏهن مان ان ضربت مان ڇٽڪارو حاصل نه ڪري سگهان ته منهنجي قاتل کي فقط هڪ ئي ضرب هڻجو، ان ڪري جو هڪ ضرب جي سزا ۽ قصاص هڪ ئي ضرب آهي ۽ منهنجي قاتل جي جسم جا ٽڪڙا ٽڪڙا نه ڪجو ڇو جو مون ٻنهي جهانن جي سردار کان ٻڌو هو: پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو هو:خبردار! ڪٽڻ واري ڪُتي کي به مثله نه ڪجو( ان جي بدن جي اعضاء کي ٽڪڙا ٽڪڙا نه ڪجو)“[21]

مذهبي اقليتن سان عدالت جو برتاء:
تاريخ شاهد آهي ته اقليتن ، مثال طور اسلامي مملڪت ۾ رهڻ وارن عسائين ۽ يهودين وغيره جي لاءِ حضرت علي عليه السلام جي حڪومت جو زمانو ان جي مڪمل تاريخ جو سڀ کان سهڻو ۽ پر امن دور آهي ۽ انهن جا علماء ۽ مفڪر به ان حقيقت جو اعتراف ڪن ٿا:
حضر علي عليه السلام پنهنجي گورنرن کي غير مسلمن جي حقوق ۽ ان جي احترام جي باري ۾ خصوصي تاڪيد ڪندا هئا، جنهن جي هڪ مثال مالڪ اشتر جو عهد نامو آهي ، مثال جي طور تي امام عليه السلام فرمائن ٿا: اي مالڪ!
”سڀ ماڻهو تنهنجا ڀائر آهن، ڪجھ ديني ۽ ڪجھ انساني اعتبار سان، لهذا توکي سڀني جي حقن جو خيال رکڻو آهي.[22]
تاريخ ۾ هي واقعو تمام گهڻو مشهور آهي ته امام عليه السلام هڪ پوڙهي عيسائي عورت کي تمام گهڻي پريشاني واري حالت ۾ ڏٺو ته مسلمانن کي تمام گهڻي ملامت ڪيائون ۽ پوءِ بيت المال مان ان جي لاءِ ماهوار وظيفو معين ڪيائون، امير شام جي لشڪر جڏهن ”انبار“ تي حملو ڪيو ته اتان هڪ سپاهي ڪافر ذمي عورت جو پازيب ۽ گوشوارو کسيو ته امام عليه السلام مسلمانن کي جمع ڪري هڪ خطبو ارشاد فرمايو:
”ان دردناڪ ۽ شرمناڪ واقعي تي اگر ڪوبه مسلمان افسوس ڪندي مري وڃي ته اهو قابل ملامت نه هوندو“[23]
ڇا اڄ جي دنيا ۾ عدالت جو نعرو بلند ڪرڻ وارين حڪومتن ۾ مسلم اقليتون به پر امن ۽ محفوظ آهن؟؟؟؟
اسان هن گفتگو کي شاعر جي هن شعر تي ختم ڪيون ٿا:
صلّي الالہ علي جسم تضمنہ قبر
فاصبح فيہ العدل مدفوناً
”خدا جو درود ۽ سلام هجي ان جسم اطهر تي جنهن جي دفن ٿيڻ سان عدالت به دفن ٿي وئي“
خدا تعالي اسان سڀني کي مولاء متقيان جي پاڪيزه سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ، آمين.




[1] . قرآن مجيد ،سورہ حديد 25
[2] . قرآن مجيد ،سورہ مائدہ8
[3] . لسان العرب ج9، ص83
[4] . علامہ طباطبائي ،تفسير الميزان ،ج12،ص454
[5] . نہج البلاغہ ،حکمت 437.
[6] . نہج البلاغہ حکمت 437
[7] . نہج البلاغہ خطبہ 15
[8] . نہج البلاغہ خطبہ 3
[9] . نہج البلاغہ خطبہ 33
[10] . نہج البلاغہ خطبہ 234
[11] . ابن المغازلي مناقب علي ابن ابي طالب ص129.
[12] . غرر الحکم ،ج3،ص294.
[13] . نہج البلاغہ مکتوب 41.
[14] . نہج البلاغہ خطبہ 222
[15] . نہج البلاغہ خطبہ 124.
[16] . ابن ابي الحديد ،شرح نہج البلاغہ ،ج7 ،ص36.
[17] . نہج البلاغہ خطبہ 15.
[18] . ابن ابي الحديد ، شرح نہج البلاغہ ،ج17،ص65.
[19] . نوري ، مستدرک الوسائل ،ج3،ص197
[20] . مناقب ابن شہر آشوب ،ج2،ص 147.
[21] . نہج البلاغہ ،وصيت 47
[22] . نہج البلاغہ ،عہد نامہ مالک اشتر.
[23] . نہج البلاغہ خطبہ 27.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: