Sunday, January 10, 2016
دين اسلام جي چوٿين اصل امامت
تحرير : راشد علي چانڊيو
امامت
دين
اسلام جي چوٿين اصل ۽ اعتقاد جي چوٿين بنياد امامت آهي ، لغت ۾ امام جي معني رهبر
۽ پيشوا جي آهي ۽ اصطلاح ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي وصايت ۽ خلافت
۽ آئمه معصومين عليهم السلام جي رهبري مراد آهي، اماميت شيعن جي نظر ۾ اصول دين
منجهان هڪ آهي، ۽ امام جو فريضو شعين جي نگاه ۾ پيغمبر اسلام جي فرائض جي انجام
دهي آهي.
يعني
پيغمبر اڪرم(صلي الله عليه وآله وسلم جو
مبعوث ٿيڻ ۽ آئمه عليهم السلام جي منصوب ٿيڻ جو هڪ ئي مقصد آهي، جيڪا شيء تقاضا
ڪري ٿي ته الله رسول کي مبعوث ڪيو آهي اها شيء ان ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿي ته امام کي
به معين ڪري ته جيئن رسول جي ذميدارين کي انجام ڏيئي سگهي، امام جي بنيادي شرائطن
منجهان هي آهي ته هو بي پناه(حد کان وڌيڪ) علم رکندو هجي ۽ صاحب عصمت هجي ۽ پڻ
ڪنهن به خطا ۽ غلطي کان پاڪ ۽ ان کان پري هجي، ۽ اهڙي مقام تائين پهچڻ وحي جي بغير
نا ممڪن آهي ان ڪري شيعه حضرات معتقد آهين ته منصب امامت به هڪ الهي منصب آهي ۽
امام کي خدا جي طرف کان معين هجڻ گهرجي،
ان ڪري امامت ۽ خلافت جي بحث هڪ تاريخي گفتگو نه آهي بلڪه حڪومت اسلامي جي حقيقت ۽
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ دنيا جي ختم ٿيڻ تائين حڪومت ڪرڻ ۽
اسان جي اچڻ واري زندگي سان ربط آهي، اهڙي طرح هي ڏسڻ ضروري آهي ته پيغمبر اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات کان پوءِ اتقادي ۽ فڪري مسائل ۾ ماڻهو ڪنهن جي
طرف رجوع ڪن؟
شيعن
جو چوڻ آهي ته پيغمبر اسلام کان پوءِ حضرت علي عليه السلام ۽ ان کان پوءِ ان جي
يارنهن فرزندن هڪ کان پوءِ هڪ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا حقيقي
جانشين آهن، شيعه ۽ سني جي درميان اهو ئي بنيادي اختلاف آهي.
اسان
جو اصل مقصد هن بحث ۾ هي آهي ته امامت تي عقلي، تاريخي، قرآني ۽ سنت نبوي سان دليل
پيش ڪيون، ڇو جو اسان ان ڳالھ جا معتقد آهيون ته اسلام جو حقيقي ۽ نوراني چهرو
مذهب شيعه ۾ ئي پاتو وڃي ٿو. ۽ فقط شيعه ئي آهن جيڪي حقيقي اسلام کي پنهنجي تمام
تر ڪمالات سان پوري دنيا تائين پهچاء سگهن ٿا،ان ڪري اسان هن جي حقانيت کي دليل ۽
منطق جي ذريعي سان حاصل ڪيون.
امامت جو هجڻ ضروري آهي
امامت عامه
دليل
لطف: شيعه معتقد آهين ته ماڻهن مٿان الله جو لطف آهي ۽ ان جي بي پناه محبت ۽ حڪمت
جي تقاضا هي آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ ماڻهو بغير رهبر
جي نه رهن يعني جيڪا دليل پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي مبعوث ٿيڻ لاءِ
آهي اها ئي دليل ان ڳالھ لاءِ به آهي ته امام جو هجڻ به ضروري آهي، ته جيئن پيغمبر
اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وانگر دنيا ۽ آخرت جي طرف ماڻهن جي رهبري ڪن ۽ ممڪن
نه آهي ته الله تعالي جيڪو تمام گهڻو مهربان آهي اهو بني نوع انسان کي پيغمبر اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ بغير ڪنهن هادي ۽ رهبر جي ڇڏي ڏي.
هشام بن حڪم جو مناظرو
هشام
جو شمار امام جعفر صادق عليه السلام جي وڏن شاگردن ۾ آهي: چو ٿو ته مان جمعه تي
بصره ويس اتي جي مسجد ۾ داخل ٿيس ته عمر بن عبيد معتزلي(عالم اهل سنت) ويٺا آهن ،
ماڻهو ان جي اطراف ۾ ويٺا آهن ۽ سوال ڪري رهيا آهن مان به هڪ پاسي کان ويهي رهيس ۽
چيم: مان هن شهر جو نه آهيان اجازت آهي ته مان سوال ڪيان ؟ چيائين جيڪو ڪجھ پڇڻ
چاهين ٿو پڇي سگهين ٿو: مون چيو تو وٽ اک آهي ؟ ان چيو ڏسين نٿو هي به ڪو سوال آهي
؟
مون
چيو ته منهنجا سوالات ڪجھ اهڙا ئي آهن ، ان چيو ٺيڪ آهي، اک آهي مون چيو اک کان
ڪهڙو ڪم وٺندو آهين؟ چيائين ڏسڻ وارين شين کي ڏسندو آهيان، اقسام ۽ رنگ کي مشخص
ڪندو آهيان، مون چيو زبان آهي؟ چيائين ها . مون چيو هن کان ڪهڙو ڪم ڪندو آهين ؟
جواب ۾ چيائين هن کان لذت واريون شيون محسوس ڪندو آهيان، مون چيو نڪ اٿئي، ان چيو
ها آهي، مون چيو ان سان ڇا ڪندو آهين؟ چيائين خوشبو سنگهندو آهيان ۽ ان سان خوشبو
۽ بدبوء جو فرق ڪندو آهيان، مون چيو ڪن اٿئي، ان چيو ها آهي ، مون چيو ان سان ڇا
ڪندو آهين؟ جواب ڏنائين ان سان مختلف آوازو ٻڌندو آهيان ۽ هڪ ٻي کي تشخيص ڪندو
آهيان، مون چيو ان کان علاوه قلب (عقل) به آهي؟ چيائين ها، مون چيو ان سان ڇا ڪندو
آهين؟ جواب ڏنائين جيڪڏهن اسان جا عضاء غ جواره مشڪوڪ ٿي وڃن ته انهن سان شڪ کي
دور ڪندو آهيان.
دل
۽ عقل جو ڪم اعظاء ۽ جوارح کي هدايت ڪرڻ آهي، هشام چيو: مون ان جي تائيد ڪئي ۽ چيو
بلڪل صحيح آهي، خدا عقل کي اعضاء ۽ جوارح جي هدايت جي لاءِ خلق ڪيو آهي، اي عالم!
ڇا هي چوڻ درست آهي ته خدا اک کن ۽ ٻين عضون کي بغير ڪنهن رهبر جي ناهي ڇڏيو ۽
مسلمانن کي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بغير ڪنهن هادي ۽ رهبر جي ڇڏي ويا
؟ ته جيئن ماڻهو شڪ، شبه ۽ اختلاف جي ڪري فنا ٿي وڃن ڇا ڪو عقل مند انسان ان ڳالھ
کي تسليم ڪندو؟
خلقت جو هدف
قرآن
مجيد ۾ تمام گهڻيون آيتون ان ڳالھ تي دلالت ڪن ٿيون ته ” ھَوَ الَّذِی خَلَق لَکُم مَافِی الاٴَرضِ جَمِیعاً“ اهو
خدا آهي جنهن زمين جي تمام ذخيرن کي توهان جي لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي.[1]
۽ انهي ئي توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي، سج ۽ چنڊ کي مسخر ڪيو آهي.
ڇو جو انسان جي خاطر هي دنيا خلق ٿي آهي ۽ انسان
عبادت ۽ خدا تائين پهچڻ لاءِ خلق ٿيو آهي، ته جيئن هو پنهنجي لياقت جي مطابق ڪمال
تائين پهچي سهگي، ان مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ رهبر جي ضرورت آهي ۽ نبي اڪرم صلي
الله عليه وآله وسلم کان پوءِ امام هن تڪالم جو رهبر ۽ هادي آهي .
مهربان، درد مند پيغمبر ۽ امامت جو مسئلو
”
لَقَد جَا ءَ کُم رَسُولُ مِن اٴَنفُسِکُم عَزیزُ عَلَیہ مَا عَنِتُم حَرِیصُ
عَلَیکُم بِالمُوٴمنینَ رَوٴُفُ رَحِیمُ“[3]
يقينا توهان وٽ اهو پيغمبر آيو آهي جيڪو توهان
منجهان آهي ۽ ان تي توهان جي هر مصيبت شاق هوندي آهي ، هو توهان جي هدايت جي باري
۾ حرص ڪندو آهي ۽ مومنين جي حال تي شفيق ۽ مهربان آهي.
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن به ڪنهن
ڪم جي ڪري مدينه کان ٻاهر تشريف کڻي ويندا هئا يا وري ڪنهن جنگ جي مقصد کان مدينه
کان ٻاهر ويندا هئا ته ماڻهن جي سرپرستي جي لاءِ ڪنهن کي معين ڪندا هئا، ته جيئن
انهن جي رهنمائي ٿي سگهي، پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم شهرن جي لاءِ حاڪم موڪليندا
هئا، اهو پيغمبر جيڪو ماڻهن مٿان اهڙو مهربان ۽ شفيق هجي اهو پنهنجي زندگي ۾ گهٽ
عرصي لاءِ به ماڻهن کي بغير ڪنهن هادي جي نٿو ڇڏي ته هي ڳالھ قبول ڪرڻ جهڙي ئي نه
آهي ته هو پنهنجي ماڻهن جي امامت ۽ جانشيني جي سلسلي ۾ تساهلي ۽ سهل انگاري کان ڪم
وٺندا، ۽ ماڻهن کي بغير ڪنهن ذميدار جي بغير مهار جي ڇڏي ڏيندا ، عقل ۽ فطرت چون
ٿيون ته هي ڪيئن ممڪن آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ماڻهن جي ننڊن
کان ننڊن مسائلن چاهي اهي مادي هجن يا معنوي بيان ڪيو آهي ۽ هن جيڪو اهم مسئلو هيو
”رهبري ۽ جانشيني“ ان کي غفلت کان ڪم وٺندي ماڻهن لاءِ واضح طور تي بيان نه ڪيو
هجي!!!
عصمت ۽ علم امامت(۽ امام جي مقرر ڪرڻ جو طريقو
عقل، سنت ۽ قرآن جي نظر ۾ عصمت امامت جي لاءِ بنيادي
شرط آهي ۽ غير معصوم ڪڏهن به ان عهدي جو مستحق نٿو ٿي سهگي ، نبوت جي عصمت جي لاءِ
جيڪي به دليلون آهن اهي سڀ آئمه جي عصمت تي دلالت ڪن ٿيون .
قرآن ۽ عصمت امام
وَاِذابتلیٰ اِبراھیمَ رَبُّہُ
بِکلماتٍ فَاٴَتَمَّھُنَّ قالَ اِنِّی جَاعِلُکَ للنَّاسِ اِمَاماً قَالَ وَمِن
ذُرِّیَّتِی قَالَ لَا یَنالُ عَھدیِ الظَّالَمِینَ“[4]
۽ ان وقت کي ياد ڪيو جڏهن خدا ڪجھ ڪلمات جي ذريعي
سان ابراهيم جو امتحان ورتو ۽ ان امتحان کي پوري ڪيو ته، ان چيو اسان توکي ماڻهن
جو امام ۽ قائد بڻائي رهيا آهيون ، هن عرض ڪئي ڇا هي عهدو منهنجي ذريعت کي به
ملندو؟ ارشاد ٿيو هي عهده امامت ظالمين تائين نٿو پهچي سگهي.
ظالم ۽ ستمڪار ڪير آهن
ان ڳالھ کي واضح ڪرڻ ته ان بلند مقام جو حقدار ڪير
آهي ۽ ڪير نه آهي هي ڏسڻو پوندو ته قرآن مجيد ڪنهن کي ظالم چيو آهي؟
ڇو جو خدان وند عالم فرمائن ٿا : منهنجي هي عهدو
ظالمن کي نٿو ملي سگهي، قرآن مجيد ٽن طرح جي ماڻهن کي ظالم چيو آهي
1:جيڪي ماڻهو خدا جو شريڪ بڻائيندا آهين” یَا بُنَيَّ لَاتُشرِک باللَّہِ اِنَّ الشِّرکَ لَظُلمُ
عَظِیمُ“[5]
لقمان پنهني پٽ کي چيو : پٽ ڪنهن کي به خدا جو شريڪ نه بڻائيجان ڇو جو شرڪ تمام
وڏو ظلم آهي.
2: هڪ انسان جو ٻي انسان تي
ظلم ڪرڻ ” اِنَّما السَّبیلُ عَلیٰ الَّذینَ
یَظلِمُونَ النَّاسَ وَیَبغُونَ فِی الاٴَرضِ بِغَیرِ الحَقِّ اٴُولئِک لَھُم
عَذَابُ اٴلِیمُ“[6]
الزام انهن ماڻهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽
زمين ۾ ناحق زيادتون پهلائن ٿا انهن مانهن جي لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
3: پنهنجي نفس تي ظلم ڪرڻ” فَمِنھُم ظَالمُ لِنَفسِہِ وَمِنھُم مُقتَصِدُ وَمِنھُم
سَابِقُ بِالخَیراتِ“[7]
انهن منجهان ڪجھ پنهنجي نفسن تي ظلم ڪرڻ وارا آهن ۽
ڪجھ اعتدال پسند آهن ۽ ڪجھ خدا جي اجازت سان نيڪين جي طرف سبقت ڪرڻ وارا آهن.
انسان جي ڪمال تائين پهچڻ ۽ سعادت مند هجڻ لاءِ پيدا
ڪيو ويو آهي، هاڻي جنهن به ان رستي کان منهن موڙيو ۽ خدائي حد کي پار ڪيو اهو ظالم
آهي، ” وَمَنْ یَتعَدَّ حُدُودَاللَّہِ
فَقَد ظَلَمَ نَفسَہُ“[8]
جنهن به الله جي حڪم کان منهن موڙيو ان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو .
قرآن مجيد ۾ انهن ٽنهي تي ظلم جو اطلاق ٿئي ٿو،
حيقيقت ۾ پهرين ۽ ٻين قسم جي ظلم جو اطلاق به پنهنجي نفس تي ٿيندو آهي.
نتجتن ماڻهن چئن قسم جا هوندا آهن
1: جيڪي زندگي جي شروعات کان وٺي آخر عمر تائين گناه
۽ معصيت جا مرتڪب ٿيندا آهن
2: جن پهريان گناه ڪيا پر آخري وقت ۾ توبه ڪيائون ۽
پوءِ گناه نه ڪيائون.
3: ڪجھ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪا پهرين گناه ناهن
ڪندا پر آخري عمر ۾ گناه ڪندا آهن.
4: اهي ماڻهو جن شروعات کان وٺي آخر تائين ڪو به
گناه نه ڪيو هجي.
قرآن مجيد جي مطابق پهريان ٽي قسم مقام امامت جا
ڪڏهن به حقدار نٿا ٿي سگهن ، ڇو جو ظالمين منجهان آهن ۽ خدا وند حضرت ابراهيم عليه
السلام کي فرمايو ته ظالم ان عهدي جا حقدار نه آهن، ان ڪري مذڪوره آيت مان هي
نتيجو نڪتو ته امام ۽ رهبر کي معصوم هجڻ گهرجي، ۽ هر قسم جي گناه ۽ خطا کان پاڪ
هجي، اگر انهن تمام واضح حديثن کي جيڪي رسول صلي الله عليه وآله وسلم کان امام علي
عليه السلام ۽ ٻين يارنهن امامن جي امامت جي سلسلي ۾ بيان ٿيون آهن، هڪ ئي مرتبه
انهن سڀني کي نظر انداز ڪيو وڃي تڏهن به قرآن مجيد جي روشني سان مسند خلافت جا
دعويدار پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشيني جا حقدار نه هئا، ڇو جو
تاريخ گواه آهي ته اهي ظالم جا حقيقي مصداق هئا، ۽ خدا وند عالم جو فرمان آهي ته
ظالمن کي هي عهدو نه ملندو هاڻي فيصلو توهان پاڻ ڪيو.
1: اهو ماڻهو جيڪي پهريان ئي ڪافر هئا.
2: اهي ماڻهو جن بشريت تي بالخصوص حضر علي عليه
السلام ۽ جناب سيده فاطمه سلام الله عليها تي ظلم ڪيو.
3: اهي ماڻهو جن پاڻ اعتراف ڪيو ته مون احڪام الهي جي
مخالف ڪئي، ۽ پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو، ڇا اهڙا ماڻهو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه
وآله وسلم جا خليفه ۽ جانشين ٿي سگهن ٿا؟
امام جو علم
امام کي گهرجي ته هو انهن تمام احڪامن ۽ قوانين کي
ڄاڻيندو هجي جيڪي ماڻهن جي دنيا ۽ آخرت جي سعادت جي لاءِ ضروري آهن يعني امام جو
علم اهل زمين جي تمام ماڻهن کان وڌيڪ هجي، ته جيئن هو رهبري جو حقدار بڻجي سگهي،
اهي تمام دليلون جيڪي اسان امام جي ضرورت جي لاءِ بيان ڪيون آهن اهي هتي به امام
جي افضل ۽ اعلم هجڻ تي دالت ڪن ٿيون، قرآن مجيد ان طرف اشارو ڪيو آهي” اٴَفَمَنْ یَھدِی اِلیٰ الحَقِّ اٴَحَقُ اٴنْ یُتَّبَعَ
اٴمَنَ لَایَھدِّیِ اِلَّا اٴنْ یُھدیٰ فَما لَکُمْ کَیفَ تَحکُمُونَ“[9]
۽ جيڪو حق جي هدايت ڪندو آهي اهو واقعا قابل اتباع
آهي يا جيڪو هدايت ڪرڻ جي قابل به نه آهي پر ان جي هدايت ڪئي وڃي ، آخر توهان کي
ڇا ٿي ويو آهي ۽ توهان ڪهڙا فيصلا ڪري رهيا آهيو؟
امام جي منتخب ڪرڻ جو طريقو
جڏهن اسان امام جي صفات ۽ ڪمالات کي سڃاڻي ورتو ته
هاڻي هي ڏسڻو آهي ته اهڙي امام کي ڪيئن منتخب ڪرڻ گهرجي
اڄڪلھ جي دنيا ۾ ذميدار ۽ عهديدارن جي چونڊڻ جوطريقو
آهي،(چناو جي ذريعه) البته هي چونڊڻ راه حل ته ٿي سگهي ٿو پر هميشه راه حق ناهي
هوندو ڇو جو چونڊڻ واقعيت کي تبديل ناهي ڪندو، ۽ نه ئي حق کي باطل ۽ باطل کي حق
ڪندو، اگر چه علمي ميدا ن ۾ اڪثريت کي مد نظر رکيو ويندو آهي پر هي هي چونڊيل فرد
جي نشاني نه آهي، تاريخ گواه آهي ته انتخاب ۾ ڪجھ ماڻهو اڪثريت جي ذريعي چونڊيا
ويا پوءِ ٿورن يا گهڻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته انتخاب ۽ چونڊيل شخص جو غلط
انتخاب هيو، حقيقت هي آهي ته اسان علم غيب يا آئنده جو ڳالهيون نٿا ڄاڻيون ته پوءِ
ماڻهن جي باطن جي سلسلي ۾ اسان ڪهڙي طرح حتمي فيصلو ڪري سگهون ٿا؟
ان ڪري ڪڏهن به اڪثريت حق جي دليل نه آهي ۽ اقليت
باطل جي دليل به نه آهي، ٻي طرف قرآن تقريبا انهي مقامات تي اڪثريت جي مذمت ڪئي
آهي ۽ سوره انعام جي آيت 116 ۾ ارشاد آهي:” وَاٴنْ تُطِع اٴَکثَرمَنْ فیِ الاٴرضِ یُضلُّوکَ عَن
سَبِیلِ اللَّہِ اِن یَتَّبِعُونَ اِلاَّالظَّنَّ وَاِن ھُم اِلَّایَخرصُوُنَ“[10]
اگر اوهان تمام زمين تي اڪثريت جي اتباع ڪندو ته هي
توهان کي خدا جي راه کان پري ڪري ڇڏيندا، هي فقط گمان جو اتباع ڪندا آهن ۽ فقط
اندازن کان ڪم وٺندا آهن.
ان کان هٽي ڪري امامت ۽ رهبري جو ڪم فقط ديني ۽
سماجي زندگي کي هلائڻ آهي، بلڪه امام دين جو محافظ ۽ دين ۽ دنيا ۾ ماڻهن جي حفاظت
ڪرڻ وارو آهي لهذا ضروري آهي ته هر گز گناه ۽ خطا کان معصوم هجي، تمام ماڻهن مان
افضل هجي علم وارو هجي، اهڙي ماڻهو کي انسان نٿا چونڊي سگهن ڇو جو ماڻهن کي ڪهڙي
خبر ته ڪهڙو شخص صاحب عصمت ۽ علوم الهي کي ڄاڻڻ واري آهي ۽ ٻين فضيلتن جو مالڪ آهي
ته جيئن ان کي چونڊيو وڃي، خداوند عالم ئي انسان جي باطن ۽ مستقبل کان با خبر آهي
ان ڪري خدا کي گهرجي ته هو بهترين شخص کي هن مقام جي لاءِ چونڊي ۽ ان کي شايان شان
ڪمال سان نوازي ماڻهن جي سامهون ان جي پهچان ڪرائي.
امام ڪيئن معين ٿيندو؟
رسول کان پوءِ امامت ۽ پيشوائي يعني ڪار رسالت کي
انجام ڏيڻ ، امام ۽ رسول ۾ بس هي فرق آهي ته رسول دين ۽ شريعت جو باني هجڻ سان
صاحب ڪتاب هوندو آهي ۽ امام ان جي جانشين جي حيثيت سان محافظ شريعت ۽ اصول دين ۽
فروع دين کي بيان ڪرڻ وارو ۽ نبوت جي تمام ذمه دارين کي نبهائڻ وارو هوندو اهي جهڙي
طرح نبي جو انتخاب خدا تعالي جي هٿ ۾ آهي اهڙي طرح امام جي انتخاب جو به الله
تعالي جي هٿ ۾ آهي ، سوره بقره جي آيت 124 ۾ ارشاد آهي ته امامت خداوندي عهدو آهي
۽ خدا جو عهدو انتخاب ۽ چونڊڻ سان معين نه آهي ڇو جو چونڊڻ ۽ شورا ماڻهن سان مربوط
آهي ۽ ماڻهون چونڊ ۾ غلطي ڪري سگهن ٿا.
جن آيتن ۾ مشورت جو ذڪر آيو آهي اتي لفظ ”امر “بيان
ٿيو آهي” وَاَٴمرُھُم شُوریٰ بَینَھم“ ”
وشَاورْھُم فیِ الاٴَمرِ“ انهن ٻنهي آيتن ۾ مشورت لاءِ چيو
ويو آهي اها معاشرتي امور ۾ ماڻهن جي لاءِ آهي ۽ هي خدا جي عهد ۽ پيمان ۾ شامل نه
ٿي سگهي، سوره قصص جي آيت 68 ۾ ارشاد ٿئي ٿو: و َرَبُّک یَخلُقُ مَا یَشاءُ وَ یَختَارُ مَا کَانَ لَھُمُ
الخِیَرةُ“ ۽ توهان جو پروردگار جنهن کي چاهيندو آهي پيندا
ڪندو آهي ۽ پسند ڪندو آهي.
انهن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي انتخاب جو ڪو به حق نه
آهي، مرحوم فيض ڪاشاني تفسير صافي ۾ هن آيت جي هيٺان حديثن نقل ڪن ٿا ته: جڏهن
الله تعالي ڪنهن کي امام منتخب ڪري ته ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي طرف نٿا وڃي سگهن
۽ ٻي حديث ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
چونڊڻ ۾ خطا جو امڪان آهي ان بنا تي ان جي اهميت
تمام گهٽ ٿي ويندي آهي، فقط الله جو چونڊيل ئي اهميت جو حامل ٿي سگهي ٿو ڇو جو فقط
هو اسان جي باطن ۽ مستقبل ۾ کي ڄاڻي ٿو ” لمّاکَانَ النبّیِّ یَعرضُ نَفسَہُ علیٰ القبائل جاءَ الیٰ
بنَی کلابِ فقالوا : نُبایعک علیٰ اٴَن یکون لنا الاٴمر بعَدک فقال: الاٴَمر للَّہ
فاِن شاَء کان فیکم اٴَوفیِ غیرکم“ جنهن وقت
پيغمبر اڪرم (صلي الله عليه وآله وسلم) قبيلن ۾ وڃي ڪري ماڻهن کي دعوت ڏيندا هئا
جڏهن قبيله بني ڪلاب ۾ ويا ته انهن ماڻهن چيو اسان ان شرط تي توهان جي بيعت
ڪنداسين ته توهان کان پوءِ امامت اسان جي قبيلي ۾ رهندي، ان وقت پاڻ صلي الله عليه
وآله وسلم فرمايو امامت جي ذميدار ته خدا جي آهي.
هڪ جهڙيون تحريرون:
امامت بابت مسلمانن جا عقيدا
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: