Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

شيعه ڪير آهن ؟


حضرت امير المومنين عليه السلام جن کان هڪ شخص عرض ڪيو مولا اوهان جي شيعن جون علامتون ڪهڙيون آهن.
مولاجن ارشاد فرمايو ته:
Image result for ‫شيعه کيست‬‎ اسان جا شيعه عارف باالله هوندا آهن، ۽ حڪم خدا جي مطابق عمل ڪندا آهن، اهي صاحب فضائل هوندا آهن، ۽ سچ چوندا آهن، انهن جي خوراڪ قوت لايموت هوندي آهي انهن جو لباس ٿلهو ۽ انهن جي چال متواضع هوندي آهي ڪڏهن ڪنهن حرام شي تي نظر ناهن وجهندا ڪن پنهنجي رب جي حڪم تي
استعمال ڪندا آهن اهي قضاءِ الاهي تي راضي رهندا آهن دردناڪ عذاب جي خوف کان اهي پنهنجي خالق کي وڏو ۽ هر شي کي ننڍو تصور ڪندا آهن جنت انهن جي نزيڪ ا.ئين آهي گويا ڄڻ انهن ان کي ڏٺو آهي ۽ دوزخ انهن جي لاءِ ائين آهي گويا انهن کي ان ۾ عذاب ڏنو ويو آهي دنيا انهن کي چاهيو مگر انهن دنيا کي نه چاهيو، اهي رات جي وقت صفون ٻڌي پنهنجي قدمن کي قائم رکندا آهن، ڪڏهن پنهنجي چهرن ي ۽ هٿن گوڏن ۽ قدمن کي زمين تي وڇائيندا آهن انهن جا ڳوڙها انهن جي چهرن تي جاري رهندا آهن اهي ٿوري عمل تي راضي ناهن ٿيندا ۽ وڏي عمل کي زياده وڌيڪ عمل ناهن خيال ڪندا اهي پنهنجي نفسن تي تهمتون لڳائيندا آهن اهي پنهنجي عملن کان ڊڄندا رهندا آهن اهي دين جي باري ۾ قوي ايمان ۾ صاحب يقين علم ۾ حريص فقه ۾ فهيم صبر ۾ عليم تنگ دستي ۾ صاحب تحمل تڪليف ۾ صابر عبادت ۾ متواضع ماڻهن تي رحم ڪرڻ وارا حقدار جو حق ادا ڪرڻ وارا حلال شي جا طالب هديو ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪرڻ وارا اهي ڪا نيڪي نه رياڪاري سان بجا آڻيندا آهن ۽ نه حيا جي وجهه ڇڏي ڏيندا آهن جڏهن اهي ماڻهو اسان جا شيعه اسان جا دوست ۽ اسان سان آهن ۽ اهي اسان سان گڏ رهندا، اسان کي انهن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق رهندو آهي،

” ڪتاب نهج الاسرار    صفه 58 59 جلد اول “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo